رجب علي
مون ته هر موڙ تان پُڪاريو هو...
اربع 27 اپريل 2016ع
نصير مرزا
چنڊ جو مهينو رجب ۽ عيسوي سال
1952ع ته بس هي جيڪو اسان جو مشهور گائڪ رجب علي آهي ... خير سان اهو هاڻي هن مهيني
چوهٺ سالن جو ٿي چڪو. اصل ۾ استاد منظور علي خان جي وڏوڙ ڀيڻ ۽ رجب علي جي والده ماجده
ڪنهن وقت مون کي ٻُڌايو پئي بابا هي سال 1952ع هو ۽ اسين ان وقت ٽنڊي آدم ۾ رهندا هئاسين.
انگريزي مهينو ان وقت الائي ڪهڙو هو، باقي آسمان تي رجب جو چنڊ چڙهيو بيٺو هو، جو هي
ڇوڪرو مون کي ڄائو. هاڻي گهر ۾ چؤپچو ٿي ته ڪنهن گُني گائڪ جو ٿا مٿس نالو رکون. تڏهن
هو سڀ ڪنهن اهڙي نالي جي ڳول ڳولا ۾ رڌل هئا ته صلاح ڏنيمان ته هي رجب مهينو آهي. سو
ٻار تي رجب علي نالو ڇو نه ٿا رکو!؟ ته بس ايئن ٻانگ ڏئي مٿس نالو رکي ڇڏيائونس: ”رجب
علي!“ هاڻي هتي منهنجا ڀاڳ ڏسو ... مون گلوڪار رجب علي، وحيد عليءَ جي والده امان هدايت
به ڏٺي، پوءِ ذوالفقار علي مظهر حسين جي والده ماجده امان بچان سان به مليس ته عظيم
گائڪ استاد محمد يوسف ۽ سجاد يوسف جي والده ماجده امان جنت سان به منهنجو مکا ميلو
ٿيو هو. رجب عليءَ جو ننڍو ڀاءُ پيارو خان منهنجو ۽ نامياري چترڪار خدا بخش ابڙي جو
ته گهاٽو گهرو دوست هو، ان ڪري هي اجهو رجب علي ۽ پياري خان جو گهر جهڙو اسان جو پنهنجو
ئي ته گهر هو ۽ يا الله! هاڻي ڇا عرض ڪريان، ان گهر جا هي سڀ گائڪ ... استاد حميد علي
خان، فتح علي خان، وحيد علي، اسد علي خان ... جيترا سريلا ۽ سهڻا جوان، اوترا ئي وات
جا کليل ۽ ڇُوٽ! نه پُڇو ... اصل ۾ چٽن اچارن سان کليل لفظن واري ڊڪشنري ڪنهن محقق
کي ٺاهڻي هجي ته استاد فتح علي خان کان وٺي اسد علي خان تائين کانئس واهه جون مددون
هو حاصل ڪري سگهي ٿو. ايئن رجب عليءَ جو والد گرامي استاد غلام رسول به بهترين گويو
هو، پر کيس ڏاڙهي مُڇ جا وار نه آيا، سو نه آيا. ساري حياتي شڪارپور، ٽنڊي آدم ۽ حيدرآباد
۾ رهيو...
معافيءَ جو طلبگار آهيان، هتي هي
آئون چيپٽر ئي ٻيو کولي ويهي رهيو آهيان، جو اصل ذڪر ته مون کي پنهنجي ۽ پنهنجي وڏن
ڀائرن جي هم ڪلاسي دوست ۽ مشهور گلوڪار رجب عليءَ جو ئي ڪرڻو آهي، پر ڇاڪاڻ ته آئون
رجب عليءَ جي گهر جو ڀيڍي... ان ڪري ڄاڻي ورتم ته رجب عليءَ وارا پاڻ ۾ ست ڀائر، جن
۾ رجب عليءَ جو نمبر بنهه وچ ۾، کانئس ٽي وڏا ڀائر اڄ به حاضر دور جا نامي گرامي گائڪ
سڏبا آهن. استاد حميد علي خان، استاد فتح علي خان، استاد وحيد علي خان ۽ ٻئي پاسي رجب
عليءَ کان ٽئي ننڍا ڀائر اعليٰ تعليم يافته...هڪڙو پروفيسر اسد علي خان، ٻيو ايس ڊي
ايم مرحوم پيارو خان ۽ سڀ کان ننڍو پروفيسر سينڌو خان، پر گهر ۾ ڀيڻ اڻلڀ! ڀلاري رب
جي رضا...مهربانيءَ ۽ محنت سبب ماضيءَ کان حال تائين هي سارو ڪٽنب مڇي مانيءَ ۽ ڏُڌ
مکڻ وارو رهيو آهي ۽ هاڻي به بي حد خوش ... خوشحال ۽ ڪجهه نه ڪجهه مال متاع وارو. شايد
اهو ئي سبب آهي، جو استاد فتح علي خان چار گهر وارين وارو ... رجب علي ٻه شاديون ...
پيارو خان ٻه شاديون ... اسد خان چار شاديون ۽ ماشاءَ الله هي سڀ ڀائر ڪثير اولاد به
۽ وڏي آل ايال وارا آهن. خير... ڳالهه وري به رجب عليءَ جي، جيڪو قاضي عبدالقيوم پرائمري
اسڪول ۾ پڙهندو هو، جتي پنهنجي ڪلاس ۾ گهٽ ۽ هيڊ ماستر سائين حاجي احمد ميمڻ جي آفيس
۾ هر آئي وئي مهمان آڏو تفريحن ڳائيندو گهڻو نظر ايندو هو. ريڊيو حيدرآباد جي موسيقار
استاد نياز حسين...رجب عليءَ کي ان ئي آفيس ۾ ٻُڌو ۽ ريڊيو حيدرآباد تان هن کي متعارف
ڪرايائين. هي بنهه ننڍڙو رجب علي هو، پر سُريلو ۽ سهڻو ... سدا ملوڪ ٻار. سنڌيءَ ۾
عام پهاڪو آهي، ”سلو اهو سٺو، جو انگورين ڀلو...“ ته بس، استاد نياز حسين جي معرفت
رجب علي، ريڊيو حيدرآباد جي ٻارڙن واري پروگرام ”ٻارڙن جي ٻاريءَ“ جو دلپسند راڳي بڻجي
اڀريو ... ۽ ياالله! هي ننڍڙي رجب عليءَ ٻارڙن لاءِ پوءِ ڪهڙا ڪهڙا نه سهڻا سهڻا گيت
رڪارڊ ڪرايا. ”سي سي سي سي، آيو سيارو ... چڱي ڳالهه ٻارو هي مون کان ٻُڌو“... ”اجها
ريل آئي، اجها ريل آئي“ ... ”الاهي وطن منهنجو آباد رک ...“ ۽ واهه وا سرڪس، آئي سرڪس
وغيره... ۽ بس ايئن ڏسندي ئي ڏسندي، ٻالڪپڻ جا ڏاڪي چڙهي، رجب علي هاڻي گلاب جو گل
ٿي ويو، پر بدن ۾ پوءِ به صفا سنهڙو سيپڪڙو، قد جو به هلڪو، چهرو سنهو، جنهن ۾ صرف
نڪ نمايان ۽ اڪثر اڇي شلوار تي ڊبل گهوڙا چائنا بوسڪي پائيندڙ، جنهن جي ٻانهن ۾ ڪفلنگس
واري قميص...۽ هي ڦوهه جوان سهڻو سيبتو رجب علي، هاڻي نور محمد هاءِ اسڪول ۾ پڙهندو
هو ۽ منهنجي وڏن ڀائرن ۽ سئوٽن جو هم ڪلاسي ... اجهو هو اڃا هاڻي مسلم ڪاليج جو شاگرد
ئي هو، جو ريڊيو تان هن جو شيخ اياز وارو مشهور غزل استاد نياز حسين جي موسيقيءَ ۾
اسان ٻُڌو، جنهن جا ٻول هئا... ”دور ٿيندا وڃن، روز جوڳيئڙا“ هاڻي هي رجب علي ڪاليج
جو هيرو بڻجي ويو، جنهن جا هڪ ٻئي پويان جيڪي اردو سنڌي گيت غزل نشر ٿيڻ شروع ٿيا...
اهي هئا... ”بڙا ڪٺن هئه راسته، جو آ سڪو تو ساٿ دو...“ ميري گهر ڪي راستي ۾ ڪو ئي
ڪهڪشان نهين هئه، انهين پٿرون په چل ڪر، اگر آ سڪو تو آئو...“ پريت بڙي انمول هئه ساجن“
پوءِ بلاول پرديسيءَ جو لکيل هي غزل...”ستم ستم جو وفا سان جواب ڏينداسين...“ ۽ ان
کان، امداد حسينيءَ جا لکيل هي زبردست گيت، ريڊيو تان نشر ٿيڻ شروع ٿي ويا. ”منهنجي
دل تي ستم ڪرڻ وارا خوش رهين شال غم ڏيڻ وارا...“ ”خدارا ماٺ جو شيشو، کڻي پٿر تي اڇلايو...“
”ڪاش مان چنڊ هجان، تنهنجي اڱڻ تي اُڀران...“ ۽ گڏوگڏ سحر امداد جو لکيل عابده پروين
سان گڏ ڳايل هي دو گانو ”ويل ۾ ويئل جي واڳ ورائي آڻيون اهڙي ماڳ...“ تڏهن هڪڙي ڏينهن
رجب علي جو اهڙو انٽرويو، مون ريڊيو تان ٻُڌو .... کِلي کِلي ٻُڌائي رهيو هو .... 74-1972ع
ڌاري عبدالڪريم بلوچ صاحب مون کي ٽي ويءَ تي ڳائڻ لاءِ گهرايو. آئون ان وقت به اهڙو
ئي سنهڙو سيپڪڙو ... ۽ شڪل شبيهه ۾ به تقريبن ڪمسن ڪمسن نظر ايندڙ. ريهرسل بعد، ڪئميرا
آڏو آيس ته ڪئميرامين چيو ... آواز ته مردانه ... پر شڪل ٻاراڻي ... سو معاملو مئچ
ئي ڪو نه پيو لڳي. هاڻي ڇا ڪجي؟ تڏهن صلاح بيٺي ته مون کي نقلي مڇون هنيون وڃن. جهٽ
ميڪ اپ مئن اچي ويو ۽ مڇون لڳي ويون ... تڏهن ڪئميرامين هاڻي ڪئميرا ۾ منهنجو چهرو
ڏسي، خوشي مان رڙ ڪئي...اوڪي اوڪي!! ۽ ان کان پوءِ ئي مون فتاح ملڪ جو هي غزل ڳائڻ
شروع ڪيو...”گهڻا ڏينهن گذريا، وري ياد آيا...“ ۽ اڙي بابا!! هيڏانهن جڏهن مون ناچيز
نصير جي مُنهن تي به اڃا مڇن جي ساوڪ ڪا نه آئي هئي جو، رجب علي، عشرت جهان سان گڏجي
منهنجو به ته لکيل هڪڙو دوگانو ڳايو هو...”آءُ سانورا...آءُ سانورا...“ پر هي حيدرآباد
مان لاهور روانگي ۽ اردو پنجابي فلمن ۾ پلي بئڪ سنگنگ ۽ اهو حادثو...يا اهو معجزو ڪيئن
رونما ٿيو؟ ۽ اهو رجب علي ڪنهن گذريل ملاقات ۾ پاڻ ئي مون کي ٻُڌايو هو ۽ گڏوگڏ هڪڙو
عجيب و غريب واقعو به! پر پهرئين رجب علي جي پلي بئڪ سنگر بنجڻ جي ڪهاڻي ٻڌائڻ لڳو،
استاد اميد علي خان منهنجو سڳو چاچو...لاهور مان حيدرآباد مهمان ٿي آيو. مون هن کي
ڪي فلمي ۽ هلڪا ڦلڪا گيت غزل ٻڌايا ته مون کي پاڻ سان گڏ لاهور وٺي آيو. ان وقت آئون
مسلم ڪاليج ۾ انٽر جو شاگرد هوس. لاهور ۾ فلمي موسيقار ايم اشرف، استاد اميد علي خان
جو شاگرد هو. پاڻ مون کي...ان کي ٻُڌرايائين ۽ بس ڪم ٿي ويو خود بخود.
ايم اشرف... ملڪه ترنم نورجهان سان
مون کي ملرايو... ايئن زبردست ريهرسل بعد، فلم ”يادين“ جي مهورت وقت مون پُرهجوم اسٽوڊيو
۾ اعتماد سان، ساڻس هي دوگانو ڳايو، جنهن جا ٻول هئا...”مجهه سا تجهه ڪو، چاهني والا
اس دنيا ۾ ڪوئي اور هو، الله نا ڪري...“۽ بس بيٺي بيٺي، موسيقار نثار بزمي، ناشاد
۽ وزير عليءَ پاران ڇهه گانا مون کي ملي ويا، انهن مان جيڪي گهڻا هٽ ٿيا، اهي هئا...”اسين
آن قلندري ديواني، لڄپال دي“... ”انا ڦل ڪليان ٿي محفل وچ...“ پوءِ نور جهان سان گڏ،
هي دوگانا...”اب تيرا نام ڀي آئيگا، ميري نام ڪي ساٿ...”جب ڀي سنون گي تيري بانسريا...ميرا
دڙڪن لاگاجي“ وچ ۾ مون هڪڙي سنڌي فلم، مومل راڻو لاءِ به غلام نبي عبداللطيف جي موسيقي
۾ هڪ گيت ڳايو هو...”اُڏر پکيئڙا، پنهنجي ديس ڏانهن...“ ڀانئيان ٿو، ان گيت سميت مون
سئو کن اردو پنجابي فلمن لاءِ گيت ڳايا، جن ۾ منور ظريف سان گڏجي هڪڙو مزاحيه گيت به
مون ڳاتو هو...”مين منجي ڪٿي ڍاوان“ ان گيت جي فلم جو به اهو ئي نالو هو...”منجي ڪٿي
ڍاوان! پر هو، رجب علي جو ٻُڌايل واقعو ڀلا ڇا!؟ ته اهو ٻڌايائين پئي ته هڪڙي ڀيري،
ريل جي فرسٽ ڪلاس ايئرڪنڊيشنڊ دٻي ۾ لاهور پئي ويس. آئون ان وقت به اهو ئي رف ٽف وار
وکريل سنهڙو سيپڪڙو هوس، تڏهن حيدرآباد مان ئي سوار ٿيل، هڪ سيٺ سفر دوران پڇو...تون
ڪير مڙس؟ ٻڌايومانس ”فلم پلي بئڪ سنگر رجب علي“ چيائين نه ڪو! پڇيومانس ڇا تون رجب
علي کي ڪڏهن ڏٺو آهي؟ وراڻيائين هو منهنجي شهر حيدرآباد جو ئي ڇوڪرو آهي. سو منهنجو
ڏٺل به آهي. تون ته شڪل شبيهه ۾ مون کي ڪو ٺڳ ۽ فراڊي ٿو لڳين. هاڻي مون پنهنجي تصوير
سان هن کي پنهنجو لانگ پلي به ڏيکاريو ته چيائين اهو ته ڪو به خريد ڪري سگهي ٿو، پوءِ
مجبورن ڳائي ٻڌايومانس... ”مجهه سا تجهه ڪو، چاهني والا، اس دنيا ۾ ڪوئي اور هو...
الله نا ڪري...“ تڏهن مس مس وڃي مون کي رجب علي گلوڪار مڃيائين... ته بس رجب مهيني
جي نسبت سان رجب علي جو نالو ماڻيندڙ اسان جي رجب علي جي هن ئي مهيني رجب ۾ 64 هين
سالگرهه آهي، جيڪا هو هن سال لنڊن ۾ پيو ملهائي.
No comments:
راءِ ڏيندا