; سنڌي شخصيتون: استاد محمد ابراهيم

08 May, 2016

استاد محمد ابراهيم


ماسٽر محمد ابراهيم
ڪڇي لب ۽ لهجي وارو منفرد سنڌي ڪلاڪار
ناصر مقصود گل
سنڌي لغت موجب ’ڪڇ‘ لفظ جي معنى ’ماٿري‘، ’وادي‘ يا ’هيٺاهين زمين‘ آهي، ان ئي نالي سان ننڍي کنڊ ۾ سنڌ جي پاڙي ۾ عربي سمنڊ جي ڪناري تي هندوستان جو هڪ علائقو ’ڪڇ‘ پڻ موجود آهي، جنهن جون سرحدون سنڌ جي ڏکڻ-اوڀر سان لڳن ٿيون، محققن جو اهو خيال آهي ته اهو علائقو عربي سمنڊ جي ڪناري تي هڪ ماٿري هجڻ ڪري قديم زماني کان ’ڪڇ‘ جي نالي سان سڏجي ٿو. تاريخ جا ورق ان ڳالهه جا شاهد آهن ته سنڌ جا مارو ماڻهو، خاص ڪري لاڙي، ٿري، ڪاڇائي ۽ ڪڇي اڪثر ڏڪر وارين حالتن سان منهن ڏيندا رهيا آهن ۽ هر حالت ۾ محنت سندن شان ۽ مان رهندي آئي آهي. صدين کان ڪڇ جا ملاح، جهازرانن طور مشهور هئا. تاريخ ۾ ڪن هنڌن تي اهي به شاهديون ملن ٿيون ته ڪڇ جا محنت ڪش ڪڇي ايترا ته هوشيار ۽ جفاڪش هوندا هئا، جو سن ۱۷۰۲ع ڌاري ڪڇي ملاحن هڪ سامونڊي ٻيڙو بنا ڪنهن ٻاهرين مدد جي جوڙي تيار ڪيو، جيڪو ننڍي کنڊ کان ڪاميابيءَ سان انگلينڊ روانو ڪيو ويو.


هي ته هيو ڪڇ سان وابسته محنتي ملاحن توڙي جان فشان جهاز رانن جو ذڪر، پر جيڪڏهن ڪڇ واري علائقي سان واڳيل سر جي سفر بابت کوجنا ڪبي ته ڪيترائي سريلا آواز هن خطي مان گونجندي ٻڌي سگھبا، انهن آوازن مان هڪ اهڙو آواز به آهي، جنهن پنهنجي منفرد انداز ۾ جڏهن ڀٽائي توڙي ٻين شاعرن جا ٻول ڳايا، ته هر ٻڌڻ واري پنهنجي من ۾ راحت محسوس ڪئي، اهو مٺڙو ۽ سدا حيات آواز ماسٽر محمد ابراهيم جو آهي.
سنڌ جي سدا حيات ڪلاڪار ماسٽر محمد ابراهيم جا وڏا به اصل ڪڇ واري علائقي جا رهواسي هئا، پر ماسٽر محمد ابراهيم پاران ڏنل هڪ انٽرويو ۾ ان ڳالهه جو به پتو پوي ٿو ته سندس وڏا اصل عبرستان جا رهاڪو هئا، جيڪي بعد ۾ هجرت ڪري ’ڪڇ‘ ۾ اچي آباد ٿيا هئا. ماسٽر محمد ابراهيم جو جنم ڪڇ  کان ۳۶ ميل ڏکڻ ۾ واقع ’سلايا‘ نالي ڳوٺ ۾ ۳۱ جون ۱۹۲۰ع تي ٿيو. سندس مادري زبان ڪڇي هئي. محمد ابراهيم جو جنم اهڙي خاندان ۾ ٿيو، جنهن خاندان ۾ تعليم جي وڏي اهميت هئي ۽ موسيقيءَ جو تصور ئي نه ڪيو ويندو هو. محمد ابراهيم جو والد احمد ڪڇي هڪ پڙهيل لکيل ڪامورو هو، جيڪو ريلوي کاتي ۾ اسٽيشن ماستر جي حيثيت سان ڪم ڪندو هو. ساڳئيءَ طرح محمد ابراهيم جو هڪ چاچو پوليس کاتي ۾ ايس. پي هو. سندس ٻيا چاچا ۽ مائٽ به چڱن عهدن تي فائز هئا، جنهنڪري محمد ابراهيم جي والد جي پڻ اها خواهش هئي ته سندس پٽ لکي پڙهي ڪو وڏو آفيسر ٿئي.
محمد ابراهيم کي بنيادي تعليم لاءِ جڏهن اسڪول ۾ داخل ڪرايو ويو، تڏهن کان ئي سندس دل تعليم سان ڪانه ٿي لڳي، ڇاڪاڻ جو ننڍپڻ ۾ ئي سندس روح ۾ راڳ طرف رغبت پيوست ٿيل هئي، تنهنڪري هو اسڪول توڙي گھر ۾ اڪثر ويٺو جھونگاريندو رهندو هو. سندس استادن انهيءَ سموري حقيقت کان محمد ابراهيم جي والد کي شڪايتي نموني آگاهه ڪيو، جنهن تي سندس والد کي مٺيان لڳي ۽ محمد ابراهيم کي سختيءَ سان تعليم طرف توجهه ڏيڻ جي هدايت ڪئي.
جڏهن ماسٽر محمد ابراهيم ڪجھه درجا پڙهي ورتا ۽ سندس والد ڏٺو ته سندس دل پڙهائيءَ سان ڪانه ٿي لڳي ته پوءِ مجبور ۽ مايوس ٿي، هنر جي سکيا ڏيارڻ لاءِ محمد ابراهيم کي پنهنجي هڪ واسطيدار سيٺ رگھومل ڏانهن بمبئي (هاڻوڪي ممبئي) طرف اماڻيائين، سيٺ رگھومل بمبئي توڙي ڀرپاسي ۾ قائم ڪيترين ئي ملن ۽ ڪارخانن جو مالڪ هو. ان زماني ۾ بمبئي سنڌ جو حصو هوندي هئي ۽ اتي ڪيتريون ئي ملون ۽ تربيت گاهون هيون، جتان تيار ڪيل مال اولهه جي ملڪن ڏانهن اماڻيو ويندو هو.
محمد ابراهيم کي سيٺ رگهو مل پنهنجي گھر ۾ رهايو ۽ هڪ تربيت گاهه ’ڀاڪا ٽيڪنيڪل‘ ۾ داخل پڻ ڪرايو، جتي محمد ابراهيم ٽيڪنيڪل تربيت حاصل ڪندو رهيو. پر عجيب اتفاق اهو ٿيو، جو اهي ڏينهن ماسٽر محمد ابراهيم جي موسيقيءَ جي بنيادي تربيت لاءِ تمام ڪارائتا ثابت ٿيا، ڇاڪاڻ جو سيٺ رگھومل جي ڌيءَ ’سوشيلڊ ٺاڪر‘ کي راڳ سکڻ جو ڏاڍو شوق هو، تنهنڪري هڪ استاد ’نارائڻ رائو وياس‘ کيس راڳ جي تربيت ڏيڻ لاءِ سندن گھر ۾ ايندو هو. هيءُ اهو استاد هو، جيڪو ان وقت هند جي مشهور موسيقيءَ جي درسگاهه ’گانڌرو سنگيت مهاوديالا‘ ۾ شاگردن کي راڳ جي سکيا ڏيندو هو. محمد ابراهيم به موقعي جو فائدو وٺندي کانئس راڳ جي سکيا وٺڻ شروع ڪئي. پر ٿوري ئي عرصي ۾ اها خبر محمد ابراهيم جي پيءُ کي پئي، جنهن پنهنجي دوست سيٺ کي چوائي موڪليو ته سندس پٽ کي بمبئيءَ کان احمد آباد ڏانهن موڪليو وڃي. نتيجي ۾ ماسٽر محمد ابراهيم وڃي احمد آباد پهتو.
احمدآباد کي هندن وٽ هڪ مذهبي حيثيت حاصل هئي، جيڪا هينئر به آهي، ڇاڪاڻ جو سومنات مندر احمدآباد جي ڀر ۾ ئي آهي. هي اهو زمانو هو، جڏهن هندو ڳائڻن جو تمام گھڻو عروج هوندو هو،  سندن ڳائڻ جو انداز به منفرد هو، جنهن کي هو ’ڀڳتي‘ ڪوٺيندا هئا. انهن ڏينهن ۾ احمدآباد ۾ موسيقيءَ جو هڪ وڏو استاد رهندو هو، جنهن کي وقت جي سنگيتڪارن پاران ’پنڊت‘ جو لقب مليل هو، جيڪو اتفاق سان محمد ابراهيم جي بمبئيءَ واري استاد ’نارائڻ رائو وياس‘ جو ڀاءُ هو. تنهنڪري ماسٽر محمد ابراهيم قسمت آزمائيندي پنهنجي پهرين استاد ’نارائڻ رائو وياس‘ جي معرفت پنهنجي ٻئي استاد سان وڃي مليو، جنهن پنهنجي ڀاءُ جو نالو ۽ حوالو ٻڌي مٿس شفقت جو هٿ رکيو، اهڙي نموني ماسٽر محمد ابراهيم کي راڳ جي سکيا جو سلسلو جاري رکڻ ۾ ڪنهن به قسم جي رنڊڪ ڪانه ٿي ۽ هتي به کيس موسيقيءَ جي اهڙي ئي سکيا ملندي رهي، جهڙي هو ان کان اڳ بمبئيءَ ۾ وٺي چڪو هو. ٻئي طرف احمد آباد ۾ به ساڳئي قسم جي تربيت گاهه ۾ ٽيڪنيڪل تربيت جي سکيا لاءِ داخلا ورتائين، اهڙيءَ ريت جيترو عرصو ٽيڪنيڪل تربيت حاصل ڪيائين، اوترو ئي عرصو راڳ ڳائڻ جي تربيت پڻ حاصل ڪندو رهيو.
ماسٽر محمد ابراهيم احمدآباد مان موٽي وڃي پنهنجن مائٽن وٽ پهتو، پر ستت ئي ۱۹۴۶ع ڌاري سندس والد وفات ڪري ويو ۽ هو پنهنجي پيءُ جي رحلت کانپوءِ ڪڇ کان ڪراچيءَ لڏي آيو، جتي کيس بحريه جي هڪ ڪمپني ’محمد الاحمدي‘ ۾ پاڻيءَ وارن جهازن جي ميڪينڪل انجنيئر طور ملازمت ملي، جتان کيس ساڍا ڇهه سو روپيا ماهوار پگھار ملڻ لڳي، جيڪا هڪ ڪٽنب جي ڪفالت جي لاءِ ان وقت ۾ ڪافي هوندي هئي. اڳتي هلي ورهاڱي کان بعد ۱۹۴۸ع ۾ جڏهن ريڊيو ڪراچيءَ جو قيام عمل ۾ آيو، تڏهن ريڊيو تي محمد ابراهيم پنهنجي قسمت آزمائڻ جي خاطر آڊيشن ڏيڻ آيو، جنهن آڊيشن ۾ ننڍي کنڊ جي معتبر ۽ سگھاري براڊڪاسٽر زيڊ اي بخاريءَ (ذوالفقار علي بخاري) کيس ڪامياب قرار ڏنو، جنهن سوڀ ماڻڻ بعد محمد ابراهيم نه فقط ريڊيو تي هڪ ايپرووڊ آرٽسٽ طور ڪامياب ٿيو، پر ريڊيو ڪراچيءَ تي کيس موسيقيءَ جي شعبي ۾ مستقل ملازم طور پڻ مقرر ڪيو ويو، جنهنڪري هن سامونڊي جهازن جي ميڪينڪل انجنيئر جهڙي نوڪري به ڇڏي ڏني.
ماسٽر محمد ابراهيم جيئن ته فطري طور تي راڳ جو عاشق هو، جنهن جي هن تربيت به حاصل ڪئي هئي، تنهنڪري ڪراچيءَ ۾ ملازمت دوران هو انهيءَ تلاش ۾ هو ته کيس ڪا اهڙي سنگت ملي، جنهن سان سندس موسيقيءَ واري شوق جو پورائو به ٿي سگھي. انهن ڏينهن ۾ سندس ملاقات محمد جمن هالي سان ٿي، جيڪو هڪ نامياري شاعر هجڻ سان گڏ راڳ ٻڌڻ جو شوقين پڻ هو، سندس گھر جي هيٺان هڪ اوطاق هوندي هئي، جتي راڳ جون محفلون ٿينديون رهنديون هيون. اتي ساز به رکيل هوندا هئا ۽ وڏا وڏا فنڪار ايندا ويندا هئا. پنهنجي روح کي ريجھائڻ لاءِ محمد ابراهيم به اتي ايندو رهندو هو. ۱۹۵۵ع ۾ جڏهن  ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جو افتتاح ٿيو، تڏهن کيس حيدرآباد ريڊئي تي ميوزڪ ڪمپوزر جي حيثيت سان مقرر ڪيو ويو.
اها هڪ لڪل حقيقت آهي ته ماسٽر محمد ابراهيم پنهنجي موسيقيءَ واري ڪيريئر جي شروعات ۾  اردو، گجراتي ۽ ڪڇيءَ ۾ ڳائيندو هو، ڇاڪاڻ جو سندس مادري ٻولي ڪڇي هئي، ان ڪري شروعات ۾ کيس سنڌي تمام گھٽ ايندي هئي. پوءِ پنهنجي جهازن واري ڪمپنيءَ ۾ ملازمت دؤران ڪراچيءَ ۾ ڪياماڙيءَ جي آس پاس سنڌي وسندين ۾ سنڌين سان ملڻ جلڻ سبب ڀرپور محنت ڪري سنڌي سکيو ۽ سنڌي ٻوليءَ ۾ ڳائڻ شروع ڪيائين ۽ پنهنجي منفرد انداز سبب جلد ٻڌندڙن ۾ پسنديدگي حاصل ڪري ورتائين. محمد ابراهيم سنڌيءَ سان گڏ اردو ۽ فارسي ٻولين ۾ به ڪلام چوندو هو. سندس گائيڪيءَ جو اهو اصول هوندو هو، ته پاڻ جنهن به شاعر جو ڪلام چوندو هو ته موضوع جي مناسبت سان ان ڪلام جي شروع توڙي وچ ۾ بيت به انهيءَ شاعر جا چوندو هو. سندس حافظو انتهائي سٺو هوندو هو، جو سڄي سڄي رات محفل ۾ بنا ڪنهن لکيل تحرير يا بنا ڪنهن ڊائري وغيره جي ياد ڳائيندو هو. شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي شاعريءَ جو هڪ وڏو تعداد کيس ياد هوندو هو، اهو ئي سبب آهي جو هن  شاهه سائين جي ڪلام کي گھڻو ڳايو. پوءِ سچل، سامي، حمل، بيدل، علامه اقبال، وارث شاهه، بابا بلي شاهه، خواجه غلام فريد، حافظ جامي، سعدي، غالب، ميران ٻائي، مصري شاهه، طالب المولى ۽ محمد جمن هالي جي بيتن، واين، ڪافين، گيتن ۽ غزلن کي جڏهن به ڳايو ته ٻڌندڙن جي من کي موهي وڌائين.
محمد ابراهيم سنڌي فلمن ۾ پسِ پرده ڳائيندڙ مقبول ڪلاڪار پڻ رهيو هن جن فلمن جا گيت ڳايا، انهن مان ڪجھه مشهور فلمن ۾ عمر مارئي، سسئي پنهون، پرديسي، مارو، پرائي زمين ۽ تنهنجون ڳالهيون سڄڻ ۽ ٻيون ڪيتريون ئي مشهور فلمون شامل آهن. آگسٽ ۱۹۵۱ع ۾ موسيقار احمد علي چاگلا پاڪستان جي قومي تراني جي ڌن ٺاهي ۽ تراني جي ريڪارڊنگ جي ڪورس جي لاءِ جن آوازن جي چونڊ ڪئي ته انهن آوازن ۾ محمد ابراهيم جو آواز  پڻ شامل هو، اهڙي طرح محمد ابراهيم اهو واحد سنڌي ڪلاڪار هو، جنهن جو آواز پاڪستان جي قومي تراني جي پهرين سرڪاري ريڪارڊنگ لاءِ چونڊيو ويو، اهو ترانو ريڊيو پاڪستان ڪراچيءَ ۾ ريڪارڊ ٿيو ۽ اها قديم ريڪارڊنگ اڄ تائين پاڪستان ٽيلي ويزن ۽ ريڊيو پاڪستان جي هر اسٽيشن تان روزاني نشريات جي آخر ۾ نشر ٿيندي آهي. محمد ابراهيم پنهنجو فن پنهنجي ڪيترن ئي شاگردن تائين منتقل پڻ ڪيو، سندس شاگردن ۾ روبينا قريشي، سشيلا مهتاڻي، عبدالله پنهور، عبدالله ڪڇي، فقير امير بخش، جيجي زرينه بلوچ ۽ احمد ابراهيم قابلِ ذڪر آهن. ماسٽر محمد ابراهيم انتهائي سادو گذاريندو هو ۽ سادو هنڊائيندو هو. اخلاقي طور تي ايتريقدر مضبوط هوندو هو، جو اڄ سوڌو ڪنهنجي واتان سندس ڪا گلا يا غيبت ٻڌڻ ۾ نه آئي آهي. ڪڏهن ڪڏهن ائين به ٿيندو هو، جو راڳ جي محفل کان علاوه دوستن جي نجي ڪچهريءَ ۾ سنگت پاران کيس ڪلام ٻڌائڻ لاءِ چيو ويندو هو ۽ جيڪڏهن اتي ساز وغيره موجود ڪونه هوندا هئا ته ماچيس جي دٻيءَ تي آڱرين کي حرڪت ڏئي، ان مان ڦٽندڙ رڌم تي ئي ٻه ڪلام جھونگاري به ٻڌندڙن جي دل رکندو هو. محمد ابراهيم سنڌ جي راڳ کي دنيا ٻين ملڪن ۾ به روشناس ڪرايو، پاڪستان کان سواءِ هندستان، بنگلاديش ۽ ٻين ملڪن ۾ به فن جو مظاهرو ڪيائين.
ماسٽر محمد ابراهيم ۳ مئي ۱۹۷۷ع تي هيءُ فاني جهان ڇڏي، وڃي پنهنجي مالڪ حقيقيءَ سان مليو، سندس وفات سان هڪ عظيم فنڪار کان سنڌ واسي محروم ٿي ويا. سندس اهو خال سالن گذرڻ بعد به اڄ تائين محسوس ڪيو پيو وڃي. سندس پڄاڻان سندس هڪ پٽ احمد ابراهيم پنهنجي پيءُ جي ورثي کي عملي طور اڳتي وڌائڻ جي ڪوشش ڪئي، مگر موت کيس اجازت نه ڏني. سندس ٻيو پٽ نور محمد بالا آهي، جيڪو راڳ طرف مائل نه آهي، البته ٿوري گھڻي شاعري يا نثر لکندو آهي. محمد ابراهيم جي گائيڪيءَ جو انداز سنڌي موسيقيءَ جي هڪ اهم ۽ منفرد ’مڪتبه فڪر‘ جي حيثيت سان سڃاتو وڃي ٿو، خدا پنهنجي رحمت ۾محمد ابراهيم کي جاءِ ڏي.
(اڄ ماسٽر محمد ابراهيم جي ۳۸هين ورسي آهي)


استاد محمد ابراهيم
سُر ۽ سنگيت جو بادشاهه
محمد سليمان وساڻ
اڄوڪي ڏينهن ۳ مئي تي سنڌ جي ڪلاسيڪل ڳائڻي استاد محمد ابراهيم جي ورسي آهي۔ موسيقي جي دنيا جي سريلي ڳائڻي استاد محمد ابراهيم جي پيدائش احمد ڪڇي جي گهر ۾ ۱۹۲۰ع ۾ ٿي. سندس پيدائش جي جڳهه هندستان جي علائقي ڪڇ جي راڄڌاني ڀُڄ کان ڇٽيهه ميل ڏکڻ توناهاربر پورٽ ويجهو ڳوٺ سيلايا آهي. ننڍپڻ کان ئي ڳائڻ جو شوق رکندڙ استاد محمد ابراهيم اسڪول جي زماني ۾ اسيمبلي ۾ پڙجهندڙ پرارٿا (دعا) جي اڳواڻي ڪندو هو ۽ هن جي راڳ سان دل لڳي وئي ۽ پڙهڻ تان شوق کڄي ويو. سندس ڳائڻ تي گهر وارن کي اعتراض هوندو هو. موسيقي جي شوق ۾ کيس گهر ڇڏڻو پيو ۽ ڳائڻ جي چڪر ۾ هن جو مڱڻو به ٽٽي ويو. پاڻ هندستان ۾ ناليوارن راڳين کان راڳ جي سکيا ورتي. ۱۹۴۶ع ۾ والد جي وفات کانپوءِ هو هندستان کان ڪراچي آيو ۽ هتي به ڳائڻ وڄائڻ جو سلسلو جاري رکيو. ڪراچي ۾ نيوي جهازن ۾ مڪينڪ جي نوڪري ملي پر اها به ڳائڻ جي ڪري وڃائي ويٺو. ڇو جو هي اڪثر ڪري ڳائڻ ۾ مگن رهندو هو. آخرڪار ڳائڻ جي ڪري برادري وارن به هن کي الڳ ڪري ڇڏيو. پر هن پنهنجو شوق نه ڇڏيو ۽ آخر تائين شوق سان سلهاڙيل رهيو.
ڪراچي ۾ هو پهريان ڪڇي ۾ ڳائيندو هو پر پوءِ هن سنڌي سکي ورتي ۽ هو سنڌي، اردو. ڪڇي ۽ گجراتي ۾ ڳائڻ لڳو. ۱۹۴۸ع ۾ ريڊيو ڪراچي جو بنياد پيو ته هي به اتان جي بنيادي ڳائڻن ۾ شامل ٿيو. ۱۹۵۵ع ۾ جڏهن ريڊيو حيدرآباد جي شروعات ٿي ته استاد محمد ابراهيم کي به اوڏانهن ڪمپوزر طور بدلي ڪيو ويو ۽ ريڊيو حيدرآباد تان پهرين فنڪار جو آواز سندس ئي هيو.
سنڌي سنگيت يونيورسٽي جو خطاب ماڻيندڙ ۽ ننڍي کنڊ جو سدا حيات فنڪار ۽ امر موسيقار ماسٽر محمد ابراهيم سنگيت سان لاڳاپيل فنڪارن، توڙي سنڌي شاعرن ۽ شاهه عبداللطيف جي شاعري کي جهر جهنگ تائين پهچائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. هن هزارين ڪلامن جون ڌنون ڪمپوز ڪيون، نه صرف اهو پر پاڻ سنڌي فلمن ۾ ڳائيندڙ پهريون سنڌي فنڪار پڻ هيو. سندن مشهور فلمن ۾ عمر مارئي، سسئي پنهون، پرديسي، مارو، پرائي زمين ۽ تنهنجون ڳالهيون سڄڻ شامل آهن. محمد ابراهيم واحد راڳي هو جيڪو شاهه جو ڪلام ڳائڻ کان اڳ ۽ پوءِ ڏوهيڙا چوندو هو. پاڻ ڪورس، دوگانا ۽ سولو گيت ڳائڻ ۾وڏي مهارت رکندڙ هو. استاد محمد ابراهيم پهريون سنڌي راڳي هو جنهن جو آواز پاڪستان جي قومي تراني ۾ شامل آهي، شاهه عبداللطيف، سچل، سامي، بابا فريد، غالب، ڪبير، حمل فقير، رکيل شاهه، طالب المولا ۽ ٻين ڪيترن ئي شاعرن کي ڳايو. سندس ۱۶ آڊيو ڪيسٽ اڄ به مارڪيٽ ۾ موجود آهن. پاڻ اسٽيج، ريڊيو، ٽي وي، فلم ۽ گرافون تي آخري وقت تائين ڳائيندو رهيو. سنڌي راڳين ۾ استاد محمد ابراهيم واحد راڳي هو جنهن وڌ کان وڌ شاهه عبداللطيف ڀٽائي کي ڳايو آهي.
موسيقي جو هي سدا بهار آواز ۳ مئي ۱۹۷۲ع تي اسان کان هميشه لاءِ موڪلائي ويو. پاڻ پاڪستان کان سواءِ هندستان، بنگلاديش ۽ ٻين ملڪن ۾ فن جو مظاهرو ڪيو، محمد ابراهيم اردو، سنڌي، گجراتي، ڪڇي، پنجابي، بلوچي، پشتو ۽ سرائيڪي ۾ ڳايو جڏهن ته حمد، نعت، مرثيو، ڪافي، وائي، گيت، غزل ۽ نظم وغيره پڻ ڳايا آهن. شاهه سائين جي رسالي ۾ پيش ڪيل لوڪ قصن کي خوبصورتي سان ڳائي خاص مقبوليت حاصل ڪين. استاد محمد ابراهيم شاگردي ۾ سڀ کان وڌيڪ عورتن کي راڳ جي دنيا ۾ متعارف ڪرايو، انهن ۾ ڪيترن ئي عورتن کي هن راڳ جي سکيا ڏني. جنهن ۾ روبينه قريشي، زرينه بلوچ، سوشيلا مهتاڻي، امينه، شيلا مهتلاڻي، نور بانو، طاهرا شيخ، رقيه خانم، غزاله بلقيس، فرح جوڻيجو، شهنيلا قريشي، زيب النساءَ، حميده جوڻيجو جڏهن ته مردن ۾ عبدالله ڪڇي، فقير عبدالغفور، عبدالله پنهور، سيد لطيف شاهه، احمد ابراهيم، مولا بخش لاسي، ابراهيم رايو، احمد علي، ماسٽر جان عبدالرشيد ۽ ٻيا شامل آهن.


ماسٽر محمد ابراهيم
سنڌ جو نه وسرندڙ راڳي
حميد ڀٽو
سنڌ ۾ هزارين راڳ جي راڻن توڙي راڻين سنڌ جي راڳ کي هميشه زندهه رکيو آهي، اهڙن ئي راڳ جي راڻن ۾ استاد محمد ابراهيم پڻ هڪ آهي، جنهن سنڌ جي راڳ کي پنهنجي منفرد ڳائڪي سبب سموري دنيا ۾ راڳ وسيلي سنڌ جو ڳاٽ اوچو رکيو آهي، هو ڪو خانداني ميراثي يا گويو نه هيو، جنهن پنهنجي خاندان سان راڳ جي ڪري ڪيتريون ئي بغاوتون ڪري سنڌ جو اهو گويو ثابت ٿيو جيڪو سنڌ جي وڏن وڏن گوين کان به وڏو گويو بڻجندي سنڌ کي سوين ٻيا اهڙا فنڪار به ڏنا جن جو ميراثي خاندانن سان ڪوبه تعلق نه هيو. اهڙو ئي امر راڳي استاد محمد ابراهيم ۳۱ جون ۱۹۲۰ع ۾ مانڊوي جي ڳوٺ سلايا ڪڇ  ۾ احمد ڪڇي جي گهر ۾ پيدا ٿيو. سندس والد احمد ڪڇي ٽونا هاربر ريلوي اسٽيشن تي اسٽيشن ماسٽرطور پنهنجون خدمتون سر انجام ڏئي رهيو هو.  احمد ڪڇي جي وڏڙن جو اصل تعلق عربستان سان هو، جيڪي  عربستان کان هجرت ڪري ’ڪڇ‘ جي علائقي ۾ اچي آباد ٿيا هئا. ماسٽر محمد ابراهيم جي مادري ٻولي ڪڇي هئي. محمد ابراهيم جو خاندان تعليم جي اهميت کان بخوبي واقف هو ۽ ان خاندان ۾ گائڪي جو ڪوبه تصور نه هو. اهڙيءَ طرح سان محمد ابراهيم جو چاچو  پوليس کاتي ۾ ملازم هو، ان ڪري  محمد ابراهيم جي والد جي خواهش هئي ته سندس پٽ لکي پڙهي وڏو آفيسر بڻجي، اهڙي خيال تحت محمد ابراهيم کي بنيادي تعليم لاءِ اسڪول ۾ داخل ڪيو ويو  پر تعليم سان دل نه لڳس، کيس ننڍپڻ ۾ ئي راڳ سان عشق ظاهر ٿي رهيو هو جنهن ڪري هو اسڪول توڙي گھر ۾ اڪثر جھونگاريندو رهندو هو. محمد ابراهيم جي اهڙي صورتحال بابت سندس استادن محمد ابراهيم جي والد کي آگاهه ڪيو، جنهن تي سندس والد پريشان ٿيو ۽ کيس تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ سخت هدايت ڪئي ، جنهن جي نتيجي ۾ هن ابتدائي تعليم حاصل ڪئي. محمد ابراهيم جي والد جڏهن ڏٺو ته سندس پٽ جي تعليم سان دل ئي نه ٿي لڳي ته هن کيس هنر سيکارڻ لاءِ ممبئي، هندستان ۾ موجود پنهنجي صنعتڪار دوست رگهو ناٿ ڏانهن موڪلي ڏنو ته جيئن هو مڪينڪ جو ڪم سکي سگهي جڏهن ته ممبئي ۾ سيٺ رگهو مل استاد ابراهيم کي پنهنجي گھر ۾ رهايو ۽ هڪ تربيت گاهه ’ڀاڪا ٽيڪنيڪل‘ ۾ داخلا وٺي ڏني جتي محمد ابراهيم فني سکيا وٺڻ لڳو . انهن ڏينهن ۾ سيٺ رگھومل جي ڌيءَ ’سوشيلا ٺاڪر‘ کي راڳ سکڻ جو ڏاڍو شوق هو، تنهنڪري هڪ استاد ’نارائڻ رائو وياس‘ کيس راڳ جي تربيت ڏيڻ لاءِ سندن گھر ايندو هو جنهن مان فائدو حاصل ڪندي محمد ابراهيم کانئس راڳ جي سکيا حاصل ڪرڻ لڳو، اهڙي صورتحال جي کڙڪ پوڻ بعد محمد ابراهيم جي والد پنهنجي دوست کي نياپو ڪيو ته سندس پٽ کي بمبئيءَ کان احمد آباد موڪليو وڃي، اهڙي طرح سان محمد ابراهيم احمد آباد پهتو، جتي موسيقيءَ جو هڪ وڏو استاد رهندو هوجنهن کي راڳ جو پنڊت سڏيو ويندو هو جيڪو ’نارائڻ رائو وياس‘ جو ڀاءُ هو، جنهن سبب  ماسٽر محمد ابراهيم پنهنجي پهرين استاد ’نارائڻ رائو وياس‘ جي معرفت سان ملاقات ڪئي، جنهن پنهنجي ڀاءُ جو شاگرد هجڻ سبب کيس پنهنجي شاگرديءَ ۾ ورتو. جتي هن راڳ جي سکيا وٺڻ شروع ڪئي جنهن بابت سندس والد کي خبر پئي ته هو صدمي ۾ بيمار ٿي پيو. ماسٽر محمد ابراهيم پنهنجي والد جي بيماريءَ جو ٻڌي احمدآباد پهتو تنهن کان اڳ  ۱۹۴۶ع ڌاري  گذاري ويو.اهڙي صدمي سهڻ کان پوءِ محمد ابراهيم پنهنجي ڪٽنب سميت ڪڇ مان لڏي ڪراچيءَ پهتو، جتي پيٽ جي گذر سفر لاءِ بحريه جي هڪ ڪمپني ’محمد الاحمدي‘ ۾ پاڻيءَجي جهازن تي ملازمت ڪئي. برصغير جي ورهاڱي بعد ۱۹۴۸ع ۾ ريڊيو ڪراچيءَ جو بنياد وجهڻ بعد محمد ابراهيم پنهنجي قسمت آزمائي ڪندي آڊيشن ڏنو جنهن ۾ ننڍي کنڊ جي معتبر ۽ سگھاري براڊڪاسٽر زيڊ . اي بخاريءَ (ذوالفقار علي بخاري) کيس ڪامياب قرار ڏيندي نوڪري ڏني. ڪراچي ريڊيو تي ملازمت دوران سندس ملاقات  شاعر محمد جمن هالي سان ٿي، ان جي گھر جي هيٺان اوطاق ۾ راڳ جون محفلون ٿينديون هيون  جتي ان وقت جا وڏا وڏا فنڪار محفلون مچائيندا هئا اتي محمد ابراهيم به انهن فنڪارن سان گڏجي محفلن ۾ ڳائيندو وڄائيندو رهيو. اهڙي طرح سان ۱۹۵۵ع ۾ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جو افتتاح ٿيو ته سندس ميوزڪ ڪمپوزر طور مقرري ڪئي وئي ۽ ڪراچي کي خيرآباد ڪندي ڪافي عرصو حيدر آباد ۾ سڪونت پذير ٿيو. محمد ابراهيم پنهنجي ڳائڻ جي شروعات ۾  اردو، گجراتي ۽ ڪڇي  ٻولين  سان ڪئي. ان ڪري جو سندس مادري ٻولي ڪڇي هئي، جنهن بعد ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ رهڻ کان پوءِ سنڌي ڳائڻ سميت سنڌي ٻولي پڻ سکندو رهيو، پنهنجي جهازن واري نوڪري دوران ڪراچيءَ جي ڪياماڙيءَ واري علائقي ۾ رهائش سبب هن اتي رهندڙ سنڌين توڙي بلوچن سان دوستين سبب سنڌي ٻولي کي سمجهڻ ۽ ڳالهائڻ جي شروعات ڪئي. ريڊيو حيدرآباد تي جڏهن سنڌيءَ ۾ ڪلام ڳائڻ شروع ڪيا ۽ پذيرائي ملڻ بعد سنڌي ڳائڻ واري فن ۾ مهارت حاصل ڪندو رهيو سندس گائيڪيءَ جو اهو اصول هوندو هو ته هو جنهن به شاعر جو ڪلام ڳائيندو هو ته ان جي شروعات توڙي وچ ۾ بيت به انهيءَ شاعر جا اچاريندو هو، سندس حافظو تمام گهڻو بهتر هوندو هو جنهن ڪري هو محفلن ۾ بنا ڪنهن لکيل تحرير جي  ڪلام کي ياد ڳائيندو هو، کيس شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي شاعريءَ جو تمام وڏو حصو ياد هوندو هو، اهڙي طرح سان هن حضرت سچل سرمست، سامي، حمل، بيدل، علامه اقبال، وارث شاهه، بابا بلي شاهه، خواجه غلام فريد، حافظ، جامي، سعدي، غالب، ميران ٻائي، مصري شاهه، طالب المولى ۽ محمد جمن هالي جي بيتن، واين، ڪافين، گيتن ۽ غزلن کي جڏهن به ڳايو ته ٻڌندڙن کي پنهنجي ڳائڪي ۾ جڪڙي ڇڏيندو هو. اهڙي طرح محمد ابراهيم سنڌي فلمن جي بيڪ گرائونڊ موسيقي ڏني. هن جي مشهور فلمن ۾ عمر مارئي، سسئي پنهون، پرديسي، مارو، پرائي زمين ۽ تنهنجون ڳالهيون سڄڻ ۽ ٻيون ڪيتريون ئي فلمون شامل آهن جن ۾ فن موسيقي کي ترتيب ڏنو ۽ فلمي گيت ڳايا.  ان زماني ۾ آگسٽ ۱۹۵۱ع ۾ موسيقار احمد علي چاگلا پاڪستان جي قومي تراني جي ڌن ٺاهي ۽ تراني جي ريڪارڊنگ جي ڪورس جي لاءِ جن آوازن جي چونڊ ڪئي ته انهن آوازن ۾ محمد ابراهيم جو آواز  پڻ شامل آهي، اهڙي طرح محمد ابراهيم اهو واحد سنڌي راڳي هو، جنهن جي آواز کي پاڪستان جي قومي تراني جي پهرين سرڪاري ريڪارڊنگ لاءِ چونڊيو ويو، جيڪو ريڊيو پاڪستان ڪراچيءَ ۾ ريڪارڊ ڪيو ويو هو، محمد ابراهيم انهيءَ دوران سنڌ جي ڪيترن ئي ان وقت جي راڳ جي شوقينن کي پنهنجي شاگرديءَ ۾ ورتو انهن ۾ روبينا قريشي، سوشيلا مهتاڻي، استاد عبدالله پنهور، عبدالله ڪڇي، فقير امير بخش، جيجي زرينه بلوچ ۽ احمد ابراهيم، امينه، شيلا مهتلاڻي، نوربانو، طاهرا شيخ، رقيا خانم، غزالا بلقيس، فرح جوڻيجو، شهنيلا قريشي، زيب النساءَ، حميدا جوڻيجو، سيد لطيف شاهه، مولا بخش لاسي، ابراهيم رايو، احمد علي، ماسٽر جان عبدالرشيد ۽ ٻيا سوين فنڪار شامل آهن جن راڳ جي سکيا وٺي سنڌي فن جي تمام گهڻي خدمت ڪئي.
محمد ابراهيم پاڪستان کان علاوه انڊيا ۽ بنگلاديش سميت ٻين ملڪن ۾ فن جو مظاهرو ڪيو. کيس قدرت فن سان مالا مال ڪيو هو، جنهن ڪري فني دنيا ۾ تمام گهڻي پذرائي ملندي رهي. ماسٽر محمد ابراهيم هزارن جي تعداد ۾ نغما ڳايا ۽ ڪمپوز ڪيا. هن شاعريءَ جي هر صنف جهڙوڪ، حمد، نعت، منقبت، مرثيو، ڪافي وائي، گيت، غزل ۽ نظم وغيره ڳايا آهن. وطن جا نغما، ٻارڙن لاءِ گيت، لوڪ گيت، لوڪ داستان ۽ فلمي نغما به ڳايا جڏهن ته صوفي شاعرن کان وٺي جديد شاعرن تائين جي شاعري ڳائي. هن جن سنڌي فلمن جا نغما ڳايا هُن ريڊيي، ٽي ويءَ، گرامو فون ۽ ڪيسٽ جي دنيا ۾ به پاڻ مڃايو ۽ ٽي ويءَ تي ڪمپوزر جي حيثيت سان ڪم ڪيو. هن ڀٽائي رح جي بيتن کي اصلي شڪل ۾ ڳائي لطيف سرڪار جي پيغام کي گهر گهر پهچايو جڏهن ته ان کان اڳ جا فنڪار شاهه سائين جي ڪلام کي صحيح نموني سان نه ڳائي سگهندا هئا. محمد ابراهيم پنهنجي رنگ سان ڪافي يا نغمي جي ابتدا ۽ وچ  ۾ بيتن (ڏوهيڙن) چوڻ جو رواج عام جام ڪيو. ماسٽر محمد ابراهيم سڀ کان گهڻو لطيف سرڪار جي ڪلام کي ڳايو آهي، هن جي شهرت ۽ سڃاڻپ جو ڪلام بڻيو سو هو (ايندو سڄڻ سائين الا منهنجو ايندو ڍولڻ سائين) جنهن جو شاعر پڻ شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح آهي،
محمد ابراهيم جي آواز ۾ درد ۽ سوز سمايل هوندو هو. محمد ابراهيم جو پهريون مقبول ڪلام “ايندو سڄڻ سائين، الا منهنجو ايندو ڍولڻ سائين” آهي. محمد ابراهيم جي گهر واري جو نالو خديجا هو، جنهن مان کيس ۴ نياڻيون ۽ ۲ پٽ آهن، سندس هڪ پٽ نور محمد بالا شاعر ۽ استاد آهي ۽ ٻيو پٽ محمد صديق احمد جيڪو احمد ابراهيم جي نالي سان راڳي طور پنهنجي سڃاڻپ ڪرائي چڪو آهي. محمد ابراهيم جي ڳائڻ سان تمام گهڻي دلچسپي هئي جنهن ڪري ئي پوليس کاتي ۾ ڪم ڪندڙ سندس چاچي پنهنجي نياڻيءَ جو محمد ابراهيم سان ٿيل مڻو اهو چئي ٽوڙي ڇڏيو ته آءَ پنهنجي نياڻي ڳائڻي کي نه ڏيندس، تنهن هوندي به محمد ابراهيم ڳائڻ واري شوق کي نه ڇڏيو. جڏهن ته سندس خاندان ۾ راڳ ڳائڻ کي عيب سمجهو ويندو هو. محمد جمن پنهنجي زندگيءَ ۾ ئي اها وصيعت ڪئي هئي ته هو جڏهن گذاري وڃي ته سندس قبر تي حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح جو هي بيت لکرائجو، اهڙي سندس وصيت تي خاندان پاران عمل ڪندي ڀٽائي سائين جو هيٺيون بيت لکرايو ويو.
جا ڀونءِ پيرن مون، سا ڀونءِ مٿي سڄڻين،
ڌگ لٽبا ڌوڙ ۾، اڀي ڏٺاسون،
ڏينهن مڙوئي ڏون، اٿي لوچ لطيف چئي.
زندگي جي آخر تائين هو فن جي خدمت ڪندو رهيو، وفات کان اڳ ڊگهو عرصو بيمار ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ ماسٽر محمد ابراهيم ۳ مئي ۱۹۷۷ع تي هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪيو، سندس آخري آرام گاهه ميوي شاهه قبرستان ۾ آهي. اڄ  سنڌ جي ڪلاسيڪل ڳائڻي استاد محمد ابراهيم جي ورسي آهي. سموري سنڌ کيس عقيدت ڀريو سلام پيش ڪري ٿي.

استاد محمد ابراهيم
استاد محمد ابراهيم جي پيدائش، احمد ڪڇي جي گهر ۾ ۱۹۲۰ع ڌاران گڏيل هندستان جي علائقي ڪڇ ڀُڄ کان ڇٽيهه ميل ڏکڻ، توناهاربر پورٽ ويجهو ڳوٺ سيلايا ۾ ٿي. ٻاروتڻ کان ئي ڳائڻ جو شوق رکندڙ استاد محمد ابراهيم اسڪولي زماني ۾ اسيمبليءَ دوران شاگردن پاران پڙهي ويندڙ ”دعا“ ۾ ٻارن جي اڳواڻي ڪندو هو. سندس ڳائڻ تي گهر وارن کي اعتراض هوندو هو. موسيقي جي شوق ۾ کيس گهر ڇڏڻو پيو ۽ ڳائڻ جي چڪر ۾ هن جو مڱڻو به ٽٽو، پر هُن هندستان ۾ ناليوارن راڳين کان راڳ جي سکيا وٺندو رهيو. ۱۹۴۶ع ۾ والد جي وفات کانپوءِ هُو هندستان کان ڪراچي آيو ۽ هتي به ڳائڻ وڄائڻ جو سلسلو جاري رکيائين. ڪراچيءَ ۾ نيوي جهازن ۾ مڪينڪ جي نوڪري مليس پر اها به ڳائڻ جي ڪري وڃائي ويٺو. هُو اڪثر ڳائڻ ۾ مگن رهندو هو.. آخرڪار ڳائڻ جي ڪري برادري وارن به هن کي الڳ ڪري ڇڏيو.. پر هن پنهنجو شوق نه ڇڏيو ۽ آخر تائين شوق سان سلهاڙيل رهيو.
ڪراچي ۾ هُو پهريان ڪڇي زبان ۾ ڳائيندو هو پر پوء هن سنڌي سکي ورتي ۽ هو سنڌي، اردو، ڪڇي ۽ گجراتي زبانن ۾ ڳائڻ لڳو. ۱۹۴۸ع ۾ ريڊيو ڪراچي جو بنياد پيو ته هي به اتان جي بنيادي ڳائڻن ۾ شامل ٿيو. ۱۹۵۵ع ۾ جڏهن ريڊيو حيدرآباد جي شروعات ٿي ته استاد محمد ابراهيم کي به اوڏانهن ڪمپوزر طور بدلي ڪيو ويو ۽ ريڊيو حيدرآباد تان پهرين فنڪار جو آواز سندس ئي هيو.
”سنڌي سنگيت جي يونيورسٽيءَ“ جو خطاب ماڻيندڙ، برصغير جو سداحيات فنڪار، موسيقار ماسٽر محمد ابراهيم سنگيت سان لاڳاپيل فنڪارن، توڙي سنڌ جي شاعرن ۽ خاص ڪري حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي ڪلام کي جهر جهنگ تائين پهچائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو رهيو. هن هزارين ڪلامن جون ڌنون ڪمپوز ڪيون، نه صرف ايترو پر پاڻ سنڌي فلمن ۾ پلي بيڪ طور ڳائيندڙ پهريون ڪلاڪار پڻ هيو. جن فلمن لاءِ هن ڳايو تن ۾ عمر مارئي، سسئي پنهون، پرديسي، مارو، پرائي زمين ۽ تنهنجون ڳالهيون سڄڻ شامل آهن. محمد ابراهيم ڪورس، دوگانا ۽ سولو گيت ڳائڻ ۾وڏي مهارت رکندڙ راڳي هو.
استاد محمد ابراهيم پهريون سنڌي راڳي هو، جنهن جو آواز پاڪستان جي قومي تراني ۾ شامل آهي، هُن شاهه عبداللطيف ڀٽائي، سچل سرمست، سامي، بابا فريد، غالب، ڪبير، حمل فقير، رکيل شاهه، طالب الموليٰ ۽ ٻين ڪيترن ئي شاعرن کي ڳايو. هُو واحد راڳي هو، جنهن وڌ کان وڌ شاهه عبداللطيف ڀٽائي کي ڳايو آهي، رسالي ۾ پيش ڪيل لوڪ قصن کي خوبصورتي سان ڳائي خاص مقبوليت حاصل ڪيائين.
استاد محمد ابراهيم اردو، سنڌي، گجراتي، ڪڇي، پنجابي، بلوچي، پشتو ۽ سرائيڪي زبانن ۾ ڳايو، هُن پاڪستان سميت هندستان، بنگلاديش ۽ ٻين ملڪن ۾ پڻ پنهنجي فن جو مظاهرو ڪيو.
استاد محمد ابراهيم کان سکيا وٺندڙ گلوڪارن ۽ گلوڪارائن ۾ روبينه قريشي، زرينه بلوچ، سوشيلا مهتاڻي، شيلا مهتلاڻي، امينه، نور بانو، طاهرا شيخ، رقيه خانم، غزاله بلقيس، فرح جوڻيجو، شهنيلا قريشي، زيب النساءَ، حميده جوڻيجو، عبدالله ڪڇي، فقير عبدالغفور، عبدالله پنهور، سيد لطيف شاهه، سندس فرزند احمد ابراهيم، مولا بخش لاسي، ابراهيم رايو، احمد علي، ماسٽر جان عبدالرشيد ۽ ٻيا شامل آهن.
ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي سندس ڳايل ڪلام، توڙي ترتيب ڏنل ڌنن جو بي بها خزانو موجود آهي، سندس آواز، انداز ۽ موسيقيءَ جا عاشق اڄ به ساڳي طرح ساڻس پيار ڪن ٿا.
سنڌي موسيقيءَ جو سدا بهار آواز، سنڌ جي ڪيترن ئي راڳين جي سکيا ڪندڙ عظيم موسيقار استاد محمد ابراهيم ۳ مئي ۱۹۷۲ع تي هن عارضي دنيا کي هميشه لاءِ ڇڏي دارالبقا ڏانهن روانو ٿيو.
سنڌي سنگيت جي تاريخ موسيقيءَ جي هن مهان شخصيت جي خدمتن کي ڪڏهن به فراموش نٿي ڪري سگهي. سندس سُر ۽ آلاپ رهندي دنيا تائين کيس زنده ۽ جاويد رکندا.

No comments:

راءِ ڏيندا