; سنڌي شخصيتون: نور احمد جنجهي - ڊاڪٽر شير مهراڻي

08 May, 2016

نور احمد جنجهي - ڊاڪٽر شير مهراڻي

نور احمد جنجهي
شالا! جُنگَ جِيَنِ...
ڊاڪٽر شير مهراڻي
صبح جو سوير جيئن ئي ليپ ٽاپ کولي سامهون رکيم ته روميءَ جون هي سٽون آجيان ڪري رهيون هيون.
Everyone sees the unseen in proportion to the clarity of his heart, and that depends upon how much he has polished it. Whoever has polished it more sees more - more unseen forms become manifest to him. “
يعني هر ڪو ماڻهو دل جي سچائي ۽ روشني آهر اڻڏٺل شيون ڏسي ٿو ۽ پوءِ اهو مٿس ئي انحصار ڪري ٿو ته هو ڏٺل شين کي ڪيئن ٿو سنواري، ۽ جيڪو سنواري ٿو اهو وڌيڪ اڻڏٺل شيون ڏسي ٿو ۽ پوءِ مٿس شيون وڌيڪ واضح ٿين ٿيون.


اهڙا ڏاهپ جا انمول هيرا روزانو شيئر ڪندڙ اسان جو پيارو پروفيسر نور احمد جنجهي آهي. جنجهي صاحب سان منهنجون ڪيتريون ئي ملاقاتون آهن. مونکي سندس جن ڳالهين متاثر ڪيو آهي؛ اهي آهن سندس مڪمل متحرڪ رهڻ ۽ ڪجهه ڪري ڏيکارڻ جو شوق ۽ عملي ڪوششون. هو جتي به رهيو آهي، اتي ڪو نه ڪو ميلو مچائي ئي رکندو آهي. بلڪل اياز جي هنن سٽن وانگر ته،
ڪي ماڻهو تاريخ ٿين ٿا
گهايل ڌرتيءَ جي سيني جي
اهڙي گهري چيخ ٿين ٿا،
جا هر ڪنهن کي جاڳائي ٿي،
جا دنيا کي بدلائي ٿي.
ته جنجهي صاحب جي ذات به هڪ تاريخ آهي، جيئري جاڳندي تاريخ، جنهن ۾ ٿر ته ڇا پر سموري سنڌ سمايل آهي، هن جي شعرن مان ٿر سان گڏ سموري سنڌ بلڪه ڪائنات جو اڀياس ڪري سگهجي ٿو، ڇاڪاڻ ته هو انسانيت جو شاعر آهي، انسان جو شاعر آهي.
ڪراچيءَ ۾ اڪيڊمي آف ليٽرس جو ريزيڊنٽ ڊائريڪٽر ٿي آيو ته اداري ۾ جهڙوڪر نئون روح ڦوڪي ڇڏيائين. هر وقت ڪو نه ڪو پروگرام، ڪانه ڪا ڊسڪشن، ڪا نه ڪا رٿ، ڪا رٿا، ڪو ڪم، ڪو پروجيڪٽ يعني ڪجهه نه ڪجهه ڪندي نظر آيو. اردوءَ وارن کي پنهنجي محبتي انداز سان جيترو ويجهو جنجهي صاحب آندو شايد ئي ڪنهن آندو هجي. سندس ٻي خوبي اها به هئي ته هو پروگرام ۾ پاڻ تمام گهٽ انوالو ٿيندو آهي، ڄڻ ته هو فاصلي تي بيهي ٻين جي صلاحيتن کي آزمائيندو هجي، پوءِ جي ڪٿي ڪا اڻبڻت ٿيندي محسوس ڪندو هو ته پاڻ اچي ان جو حل ڪڍي وٺندو هو.
سندس ڪمن جي طويل فهرست هميشه سندس ٽيبل تي ڏسي سگهبي هئي. ٿر ۾ هر هفتي ڀٽائيءَ جي فڪر کي اجاگر ڪرڻ لاءِ هڙان وڙان پاڻ خرچ پکا ڪيون پاڻ ئي ليڪچر ڏيندو نظر پيو ايندو. سندس اهو ڪم پڻ تمام گهڻو اهم آهي ته هو ڀٽائي جي فڪر کي جديد انداز ۾ پيش ڪري رهيو آهي. توڙي جو هو هن وقت ڪنهن تعارف جو محتاج ناهي، پر ممڪن آهي منهنجي هيءَ تحرير ڪنهن اهڙي هنڌ پهچي جتي جا ماڻهو جنجهي صاحب جي ذات کان گهڻا واقف نه هجن انهن لاءِ هي چند سٽون ڪا نئين شئي هجن، ڇاڪاڻ ته ڪجهه سال اڳ آئون پڻ سندس ڪم کان ته گهڻو واقف هئس پر سندس ذات کان گهڻو واقف نه هئس، سندس زندگيءَ جي خاڪي جو مختصر تعارف ڪجهه هن طرح آهي ته، ٿر سا تعلق رکندڙ هي ناليوارو محقق، اديب ۽ استاد  جنهن کي پروفيسر نور احمد جنجهي جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو سو اصل ۾ مٺيءَ جي ڳوٺ وڪڙيي ۾، 30 نومبر 1968ع تي ٿر جي هڪ بهترين لوڪ شاعر، ڏاهي، ماهر بشريات ۽ حڪيم، مرحوم غلام محمد جنجهيءَ جي گهر ۾ جنم ورتو. هن ابتدائي تعليم پنهنجي اباڻي ڳوٺ مان پرائي. ۽ ثانوي تعليم گورنمينٽ هاءِ اسڪول مٺيءَ مان حاصل ڪيائين. 1996 ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان سنڌي ادب ۾ فرسٽ ڪـلاس، سـيـڪـنـڊ پـوزيـشـن سـان ايم. اي پاس ڪري، 1997ع  ۾ ليڪچرار ڀرتي ٿيو. هن سنڌي ادب ۾ ماسٽرس سان گڏ سنڌ يونيورسٽيءَ مان فرسٽ ڊويزن ۾ ايم. ايڊ ۽ ايل. ايل. بي جو امتحان به پاس ڪيو. مٺي ۽ گورنمينٽ ڪاليج ڪاري موري، حيدرآباد سميت سنڌ جي مختلف ڪاليجن ۾ خدمتون سرانجام ڏيڻ سان گڏوگڏ، نئين ضلعي حڪومتي سرشتي هيٺ ضلعي ٿرپارڪر جي پهرئين ائڊمنسٽريٽوِ آفيسر طور به ذميـواري نڀائي. ان کانـسـواءِ مشهور غيـر سرڪاري تنظيم سان گڏ باراني ڳوٺاڻن علائقن جي ترقيءَ توڙي سماجي جاڳرتا جي ڪافي پراجيڪٽن تي ڪم ڪيو ۽ ڳوٺاڻيون ترقياتي تنظيمون ٺاهڻ ۾ ڳوٺاڻن جي رهنمائي ۽ مدد ڪئي.
پنهنجي تحقيقي مزاج سبب هن آڪسفرڊ يونيورسٽي پريس جي تيار ڪري ڇپايل ٻه ٻوليائي لغت جي ڪم ۾ به حصو ورتو آهي. مختلف رسالن ۽ اخبارن ۾ سندس پر مغز مضمون ۽ مقالا ڇپجندا رهيا آهن. جن ۾ هو هڪ خبردار ۽ ڏاهي ماڻهوءَ وانگر نه صرف صورتحال ٻڌائيندي نظر اچي ٿو، پر هو پنهنجن مضمونن ۾ معاملن جو حل پڻ پيش ڪري ٿو، سندس اهائي اهم خوبي آهي،  سندس ڇپيل ڪتاب پڻ ان جي شاهدي ڏين ٿا، جن ۾  هي ڪتاب شامل آهن.
(1) سماجي جاڳرتا بابت مددي ڪتاب،
(2) ڳوٺاڻن جي سيڙپڪاري فنڊ بابت مددي ڪتاب،
(3) يونين ڪائونسل غربت گهٽايو رٿا بابت مددي ڪتاب،
(4) مقامي سهڪاري تنظيم جي تنظيمي اوسر
ان کان علاوه پروفيسر نور احمد جنجهي صاحب پنهنجي والد جو شعري مجموعو ’ويجها ٿيا وصال کي‘ (2010ع) پڻ سهيڙي ڇپايو آهي ۽ هن ڊاڪٽر ڪشني ڦلواڻيءَ جي لوڪ داستانن بابت هندي ڪتاب جو سنڌي ترجمو پڻ ڪيو آهي.
مونکي ذاتي طور تي جنجهي صاحب جي ذات هڪ ادارو لڳندي آهي، جنهن وٽ ڪيتريون ئي رٿائون آهن، جن ۾ عام ماڻهن جو ڀلو شامل آهي، آئون کيس ڀٽائيءَ جو هيءُ بيت نذراني طور پيش ڪيان ٿو،
الا! جُنگَ جِيَنِ، جِنين اَجهي گهارِيان،
شالَ مَ سُڪي وِيرَي، جِئان پِيّ پِيَنِ،
مَرڪَڻ اَکڙينِ، تو ڏِٺي مُن سُکُ ٿِيو.
(شاھ)


No comments:

راءِ ڏيندا