قمبر شهباز
چنڊ رهين ٿو دور!
رکيل مورائي
قمر شهباز
جي ادبي سڃاڻپ هڪ ڪهاڻيڪار کان وڌيڪ هڪ وڏي شاعر واري آهي. جيتوڻيڪ هن شاعري توڻي نثر
۾ ايترو لکيو آهي، جيترو هڪ عمر ۾ ڪنهن به اعليٰ تخليقڪار کي لکڻ گهرجي.
سنڌي شاعريءَ
۾ هڪ خاص مقما رکندڙ قمر شهباز نثر ۾ ڪهاڻيون به لکيون ته ڪالم به لکيا، ريڊيو ناٽڪ
به لکيا ته ٽي وي ناٽڪ به لکيا، فلمي گانا به لکيا ته فلمي ڪهاڻيون به لکيون، ساڳئي
وقت هن ريڊيو پاڪستان تي هڪ وڏي صداڪار طور به پنهنجون خدمتون سرانجام ڏنيون، هن لڳ
ڀڳ وڏين سڀني اخبارن ۾ ڳڻپ کان گهڻا ڪالم لکيا، جن ۾ جيتري سنجيدگي آهي، اوتري ئي طنز
۽ مزاح به سندس لکڻيءَ ۾ موجود آهي، هن جا ناٽڪ جن به ڏٺا ۽ ٻڌا اهي اهڙي شاهدي ڏيندا
ته هو هڪ اعليٰ ناٽڪ نويس پڻ هئو، سندس ناٽڪن جو مجموعو ”واچوڙن ۾ لاٽ“ جي نالي سان
ڇپيل پڻ آهي ۽ ڪيترائي ناٽڪ هو عمر جي آخري حصي ۾ گڏ ڪري رهيو ته جيئن اهي ڇپجي سگهن
پر عزرائيل کيس ايتري مهلت نه ڏني.
سنڌي ڪهاڻيءَ
۾ قمر شهباز جو پنهنجو حصو آهي، جيڪو سنڌي افسانوي ادب جي تاريخ ۾ سدائين ياد ڪيو ويندو.
سنڌي ڪهاڻيءَ ۾ هن جو پنهنجو اسٽائيل آهي، جڏهن هو باقائدي تخليقي طور ڪهاڻي لکڻ کان
پري هليو ويو ته، هن ڪالم لکڻ شروع ڪيا ۽ انهن ۾ به ڪهاڻي جي گهڻن ئي عنصرن کي شامل
ڪيو. جنهن ڪري سندس ڪالم نهايت تخليقي بڻجي ويا جن کي اڳتي هلي ڪالم ڪهاڻي ڪوٺيو ويو
۽ سندس ڪهاڻين جيتري ئي پذيرائي ماڻيائون. سندس ڪيترائي تخليق ڪيل ڪردار سندس پڙهندڙن
جي دلين ۾ اڄ به جيئرا جاڳندا موجود آهن.
ڪالمن کان
الڳ قمر شهباز ڪيترن اديبن ۽ عالمن بابت ڪيترائي اهم مضمون، مقالا ۽ خاڪا لکيا آهن،
ساڳئي وقت هن ڪيترن ئي ڪتابن جا مهاڳ پڻ لکيا آهن. جن کي به سهيڙڻ جي گهرج آهي، ايئن
ڪري اسان سنڌي ادب کي وڌيڪ شاهوڪار ڪنداسين.
هي ته سندس
اهو ادبي پورهيو آهي، جيڪو هو لڳاتار ڪندو رهيو. پر سچ اهو آهي ته سنڌ ۾ سندس اهم
۽ اصلي سڃاڻپ هڪ شاعر واري آهي. سندس شاعريءَ جا ڇپيل ٻه ڪتاب ئي سنڌي شاعراڻي ادب
۾ سندس سڃاڻپ بڻيل آهن. جن جا نالا آهن.
1: چنڊ رهين ٿو
ڏور
2: بهارن کي چئجو
قمر شهباز
شاعريءَ ۾ جيڪو مرتبو رکندڙ آهي ان جو ذڪر اسان جي ادبي تاريخ ۾ محفوظ آهي. هڪ ئي وقت
هو جهڙو حسين شعر لکي سگهندو هئو، اهڙو ئي نثر به لکي سگهندو هئو، جيئن ته هو هڪ صداڪار
به هئو، ان ڪري اهو شعر توڻي نثر، اسٽيج تي پڙهڻ جو به هڪ اعليٰ فن رکندو هئو. سندس
شعر پڙهڻ جو هڪ باڪمال نمونو هئو، جن کيس ٻڌو هوندو، اهي اهڙي شاهدي ڏئي سگهندا.
سندس فلمن
لاءِ لکيل گيت به ٻڌڻ جهڙا آهن ته ڪتابن ۾ ڇپيل شعر به پڙهڻ جهڙا آهن، جن ۾ هو خاص
سڃاڻپ رکي ٿو. هاڻ کيس فقط ٻڌي نٿو سگهجي. ڇاڪاڻ ته هُو هاڻ اسان وٽ جسماني طور موجود
نه آهي، اڄ اسان لاءِ کيس ياد ڪرڻ جي صورت فقط هيءَ آهي ته!
هاءِ! اسان
جا نيڻ نماڻا
اڄ به تنهنجي
لاءِ ويڳاڻا
سچ پچ اڄ
هو اسان وٽ نه آهي پر سندس ڪوبه شعر پڙهجي ٿو، سندس ڪا به ڪهاڻي پڙهجي ٿي، سندس ڪو
به ڪالم پڙهجي ٿو ته اکين اڳيان سندس باوقار شخصيت اچي وڃي ٿي ۽ اسان جا نماڻا نيڻ
کيس ڏسڻ لاءِ واجهائين ٿا. ها! اسين کيس ڏسي نٿا سگهون پر کيس ياد ته ڪري سگهون ٿا.
کيس ياد ڪرڻ ڄڻ سنڌي ادب جي تاريخ کي ياد ڪرڻ آهي، ڄڻ پنهنجو پاڻ کي ياد ڪرڻ آهي. ڄڻ
سنڌ کي ياد ڪرڻ آهي.
No comments:
راءِ ڏيندا