;
سنڌي شخصيتون: قمبر شهباز چنڊ رهين ٿو دور! رکيل مورائي
Showing posts with label
قمبر شهباز چنڊ رهين ٿو دور! رکيل مورائي.
Show all posts
Showing posts with label
قمبر شهباز چنڊ رهين ٿو دور! رکيل مورائي.
Show all posts
قمبر شهباز
چنڊ رهين ٿو دور!
رکيل مورائي
پنج مارچ
سنڌي ٻوليءَ جي هڪ قدآور شخص ۽ شاعر قمر شهباز جي وفات جو ڏينهن آهي، قمر شهباز ساهتي
پرڳڻي جي اهم شهر نواب شاهه ۾ تيرهين اپريل اوڻويهه سئو اٺٽيهن ۾ جنم ورتو. هو قمرالدين
ٻگهئي مان قمبر شهباز بڻيو، اعليٰ تعليم پرايائين ۽ ڪيترن ئي اعليٰ ادارن جي سربراهي
ڪيائين، سنڌ ۽ ان کان ٻاهر ادب جي نمائندگي ڪيائين. ادبي وفدن جي اڳواڻي ڪيائين. سنڌي
ادب ۾ هڪ آبرو دار سڃاڻ ماڻيائين، هڪ درجن کان وڌيڪ ڪتابن جيترو مراد سنڌي ادب جي جهول
۾ وجهي، سنڌي ادب کي شاهوڪار ڪيائين. سنڌي رسالن ۽ اخبارن جي مختلف ادارن ۾ ويهي سهائتا
ڪيائين. ڪيترن ڪتابن جيترو مواد اڻ ڇپيل صورت ۾ ڇڏي، پاڻ هيءُ جهان ڇڏيائين ۽ سنڌ جي
راڄڌاني واري حسين شهر ڪراچيءَ ۾ مٽيءَ ماءُ جي حوالي ٿيو ۽ پويان ڇڏي ويو. پنهنجي
ادب معرفت ۽ شخصي سڀاءَ معرفت ڪيتريون ئي سهمتيون ۽ اڻ سهمتيون.