; سنڌي شخصيتون: پير عبدالغفار المعروف پير مٺا سائين

20 May, 2016

پير عبدالغفار المعروف پير مٺا سائين

پير مٺا سائين

قلب جي شمع روشن ڪندڙ صوفي بزرگ

۵۲ هين سالياني عرس جي مناسبت سان

عبدالفتاح عباسي



سنڌ جي سونهاري سرزمين هر دور ۾ عظيم هستين کي جنم ڏنو آهي ۽ سنڌ پنهنجي خطي جي اندر بزرگان دين اولياءَ الله، ڪامل هستين، درويشن، صوفي بزرگن خلق خدا جي حوالي سان شاندار ڪردار ادا ڪيو آهي، لازوال خوبين جي مالڪ اوليا الله بزرگن سنڌ جي سرزمين جي اندر ڀٽائي سرڪار جي شعر جي تشريح جيان پوري عالم جي لاءِ دعاگو بڻجي جيڪو بي مثال ۽ شاندار تاريخي ڪردار ادا ڪيو آهي، اهو جنگين جي فاتحن کان به ڏٺو وڃي ته ان حوالي سان منفرد ۽ انوکو آهي، ڇو ته هڪڙا ماڻهو جنگ جي ميدان ۾ تلوار ۽ تير سان جنگيون فتح ڪن ٿا، پر اهي شخص جن جي شخصيت جي سحر سان انسانيت جي اندر واري قلب جي اندر جيڪا روحانيت جي شمع روشن ٿئي ٿي ۽ اسم اعظم الله جون برڪتون ڇائنجن ٿيون، ان جو ڪو مثال نٿو ٿي سگهي، قلبي ذڪر جي تنوار عاشقن جي عظيم خوراڪ آهي ۽ هي جيڪي ذڪر ۾ فنا في الله، فنا في الرسول ﷺ، فنا في الشيخ ۾ گم ٿي وڃن ٿا، انهن جا درجا، انهن جون محنتون، انهن جون ڪاوشون ۽ انهن جو مقام اعليٰ درجي تي رهي ٿو، ڇاڪاڻ ته اهي پنهنجي نفس کي مارين ٿا ۽ زندگي جي عيش و عشرت زندگي جي رونقن بجاءِ پنهنجي رب ڪريم جي رضامندي لاءِ جهر جهنگ وستي واهڻ نگر نگر ۾ انسانيت جي خيرخواهي ۽ ڀلائي جي پرچار ۾ نيڪي جي دعوت عام ڪرڻ ۾ نڪري پون ٿا ۽ اهي صوفي ازم جي حقيقي فلسفي تي عمل ڪندي جيڪو دڳ وٺن ٿا، اهو نهايت ئي انسانيت امن، پيار، محبت، اخوت، ڀائيچارو ۽ پريت جو پيغام آهي ۽ ان ۾ ئي انسانيت جي بقا ۽ سلامتي آهي، اوليا الله، درويشن، بزرگن ۽ صوفين رب تعاليٰ جي رضامندي لاءِ ۽ پنهنجي محبوب حضرت محمد مصطفيٰ ﷺ جن جي خوشنودي لاءِ جيڪي ڪشالا ڪاٽين ٿا ۽ منزلون طئي ڪن ٿا، اهي بظاهر ڪن ماڻهن لاءِ ڀل جو ڏکيون هجن ۽ سفر اڻانگو هجي، پر انهن اولياءَ الله ڪامل هستين، صوفي بزرگن لاءِ ڏينهن توڙي رات عشق الاهي ۾ جيڪا زندگي بسر ٿئي ٿي، اها هڪ کليل ڪتاب جيان رهي ٿي، سماج جي اندر هي تڏي تي ويهندڙ ۽ راتين جو رب پاڪ تعاليٰ جي عاجزي انڪساري نياز نوڙت ۽ نه صرف پنج وقت نماز بلڪه انهن جون راتين جون راتيون تهجد کانپوءِ سڏڪن جا آواز لازمي طرح پنهنجي لاءِ نه ٿا ٿين. بلڪه اهي پنهنجي حلقاءِ احباب، امت جي خيرخواهي ۾ جاري ٿين ٿا ۽ انهن جو روئڻ ٻاڏائڻ ۽ رب جي خوشنودي حاصل ڪرڻ هڪ مثالي محنت آهي، ڀٽائي سرڪار فرمايو آهي ته:


طالب ڪثر سونهن اي رومي جي رهاڻ،

پهرين وڃائي پاڻ، پسڻ پوءِ پرين جو.

(شاھ لطيف)

يعنيٰ سڀ کان پهرين پاڻ کي وڃائڻو آهي معنيٰ دنيا جي بي رنگيءَ مان پاڻ کي آزاد ڪرائيندي صرف ۽ صرف رب العالمين جي رضا تي راضي ٿيڻ کي پنهنجو مقصد حيات بڻائڻو آهي ۽ پوءِ جيڪو رب تعاليٰ جو پسڻ ٿئي ٿو، اهو نهايت رحمت، بخشش ۽ عنايتن جو کليل ثمر ٿئي ٿو. سنڌ جي اندر جيڪڏهن ڏسجي ته پير جو ڳوٺ حضرت سورهيه بادشاھ رحه، هالا وارا بزرگ مخدوم محمد سرور نوح رحه ۽ حضرت محمد عبدالغفار المعروف پير مٺا سائين نقشبندي فضلي رحمت الله عليہ (لاڙڪاڻو رحمت پور) سنڌ جون اهي گاديون آهن، جيڪي سڀ کان وڌيڪ هزارين لکين مريدن، عقيدتمندن، زائرين جو مرڪز ۽ محور آهن، انهن بزرگن جا مريد نه صرف سنڌ، پنجاب، بلوچستان، خيبرپختونخوا، آزاد ڪشمير ۾ آهن، پر جاپان، آمريڪا، برطانيه، ايران، عراق، شام، جرمني، ڪوريا، ڀارت، بنگلاديش توڙي ٻين ملڪن ۾ بيشمار تبليغي سفر جاري رکندا پيا اچن.

حضرت پير مٺا سائينؒ جي والد گراميءَ جو اسم مبارڪ يار محمد نقشبندي رحه هيو، جيڪي شريعت ۽ طريقت ۾ جامع علم و عمل جا مجمع البحر هئا، سندن جي مادري زبان سرائيڪي هئي ۽ پاڻ اصل پراڻي سنڌ جي ملتان جي ڀرسان ڳوٺ جلکال پور پير والا ضلع ملتان جا رهواسي هئا. سندن جي ادبي روحاني شاعري جي ڪهڙي ڳالھ ڪجي ۽ پاڻ حمد، نعت، منقبت سميت مختلف صنفن تي لازوال شاعري ڪئي آهي، سندن اکر موتين جا داڻا هئا. حضرت پير مٺا سائين رحمت الله عليه تصوف جي واٽ وٺندي ۽ انهي سنڌ کانسواءِ هند ۾ به اجمير، دهلي، بمبئي، احمد آباد ۽ ٻين شهرن ۾ جيڪي اسلام جي پرچار ڪئي ۽ لکن جي تعداد ۾ عقيدتمند مريدن خدمت ۾ رهيا، اهي اسم اعظم جي نعمت سان مالا مال ٿيا، الله تعاليٰ جي رضا جي انهي دڳ ۾ هن ڪامل هستي ڪيترائي مريد بڻايا ۽ پاڻ سلسله عاليه نقشبنديه ۽ قادريه ۾ پڻ سبق درس ڏيندا رهيا، زندگي جي معاملات ۾ هر وک تي شريعت ۽ طريقت جي معرفت سان مالا مال زندگي گذري، پاڻ سچا پڪا عاشق رسول ﷺ هئا ۽ سندن جي سموري زندگي عشق رسول ﷺ سان ڀرپورگذري. حضرت محمد عبدالغفار المعروف پير مٺا سائين رح ۸ شعبان المعظم ۱۳۸۴هجري بمطابق ۱۲ ڊسمبر ۱۹۶۴ع تي هن فاني دنيا مان حقيقي مالڪ ڏانهن راهي ٿيا. سندن اولاد ۾ حضرت خواجه خليل الرحمان نقشبندي غفاري رحمت الله عليه هئا، جيڪي به وقت جا عظيم ديني عالم ٿي گذريا ۽ سندن جو وصال ۷ ذوالقعد ۱۳۹۶ هجري بمطابق ۲۱ آڪٽوبر ۱۹۷۶ع تي ٿيو، جنهن کانپوءِ صاحبزاده سائين محمد مظهر جان جانان رحمت الله عليه گادي نشين جون خدمتون ڏيندا رهيا ۽ انهن جي وصال کانپوءِ سندن صاحبزادو سائين محمد عبدالغفار ثاني درگاھ سان وابسته رهن ٿا.


 

مولانا مولوي قطب عالم پير عبدالغفار المعروف پير مٺا سائين

ڊاڪٽر علي اڪبر اسير قريشي 

قطب عالم پير مٺا سائينءَ جو تعلق برصغير جي معزز گهراڻي چنڙ قبيلي سان آهي. سندس نسب جو سلسلو سورنهين پيڙهي ۾ وڃي قطب العالم حضرت مخدوم عمادالدين عرف چنن پير يا چنڙ پير رحمت عليه جي ڀاءُ محمد اويس رحمت عليه سان ملي ٿو. هن جي مزار صوبي پنجاب جي شهر بهاولپور جي ڏکڻ ۽ اوڀر ۾ چاليھ ڪلوميٽرن جي فاصلي تي ريگستاني علائقي ۾ هڪ ڀٽ تي واقع آهي، جنهن ڪري کيس پنجاب جو ڀٽائي سڏيو وڃي ٿو. پير مٺا سائين جي والد گرامي جو نالو ابوالعلماء حضرت مولانا يار محمد رحمت عليه آهي. هيءُ حضرت چنن پير جي پندرهين پُشت مان آهي. رب قدير کيس علمي ۽ روحاني دولت سان مالا مال ڪيو. پاڻ ڪيترن ئي ڪتابن جو مصنف ۽ مؤلف آهي، جهڙوڪ :معراجِ نامه، رساله نصيحت، چهل حدیث ۽ قصص الانبیاء وغيره سندس قلمي محنت جو نتيجو آهن.

مولانا يار محمد کي چار فرزند مولانا محمد اشرف، ۲،مولانا عبد الرحمن ۳،مولانا پير عبد الغفار المعروف پير مٺا سائين ۴ مولانا عبد الستار. چارئي ڀائر عالم ۽ فاضل ٿي گذريا آهن.

 پير مٺا سائينءَ جي ولادت جي تاريخ معلوم نه آهي. باقي ديوان غفاريه ۾ آهي ته هڪ سئو ويھ سال اڳ ڳوٺ لنگر شرف ۾ سندس ولادت ٿي. هيءُ ڳوٺ ملتان جي تحصيل جلال پور پير والا جي قريب آهي. هيءُ علائقو ٻن دريائن چناب ۽ ستلج جي درميان هئڻ ڪري دهلي ۽ ايران جو آبي گذرگاھ هيو. هيءُ علائقو پنهنجي تهذيب ۽ تمدن جي اعتبار کان تمام قديم تهذيبن ۾ شمار ٿئي ٿو. هن علائقي کي سرائيڪي ڳسيب ڀي چيو وڃي ٿو.

پير مٺا سائين ابتدائي تعليم پنهنجي والد صاحب کان حاصل ڪئي جو پنهنجي وقت جو وڏو عالم خوشخو، خوشخط ۽ خوش مزاج هيو. ڪجھ تعليم پنهنجي وڏي ڀاءُ مولانا اشرف کان پرايائين. حديث جو علم شيخ الاسلام مفتيئے ھند علامه عاقل محمد رح (ولادت ۱۸۱۳ع وفات ۱۹۳ع) کان مڪمل ڪيائين. هن جو سلسله نسب ايڪويهين پيڙهيءَ ۾ حضرت غوث بهاوالحق سان وڃي ملي ٿو،جو عرب جي مشهور عالم حضرت شيخ احمد زيني دهلان جو شاگرد هيو. علامه دهلان جي شاگردن ۾ حضرت مولانا احمد رضا خان فاضل بريلوي ۽ خواجه محمد حسن جان سرهندي رح جا نالا ڳڻائي سگهجن ٿا. ان نسبت سان اعلي حضرت ۽ پير مٺا هڪ ئي استاد جي علم مان فيضياب ٿيا. ڇو ته علامه دهلان جي شاگرد جو شاگرد هيو.

پير مٺا رح ظاهري علمن کان واندو ٿي حضرت حافظ فتح محمد قادري رح( ولادت ۱۸۳۵ع ۽ وفات ۱۹۱۷ع) جي صحبتن ۾ ويندو رهندو هو جو سندس خاندان جو پير و مرشد هيو. حافظ صاحب مستجاب دعوت ۽ عالم با عمل متقي متوڪل بزرگ هيو.

پير مٺا سائين علم جي اڃ اجهائي رهيو هو ته حافظ صاحب جو انتقال ٿي ويو. ان کان پوءِ پير فضل علي قريشيءِ (ولادت ۱۲۷۰ھ وفات ۱۳۵۴ھ)جي تعريف ٻُڌي ۽ روحاني تصرفات جون ڳالھيون ٻڌيون جو هرهنڌ مشهور هيون. اهڙيءَ طرح سندس خدمت ۾ حاضر ٿيو. هتي اچي کيس قلبي ذڪر حاصل ٿيو ۽ سندس دل ۾ ذڪرالاهي پڻ جاري ٿي ويو. پاڪ جي ذڪر ۽ ذات ۾ ننڊ حرام ٿي وئي ۽ عشق ۽ مستيءَ جي ڪيفيت هروقت مٿس طاري رهڻ لڳي. اهڙيءَ ريت لڳاتار ٽي سال عشق و محبت جي ڪيفيت ۾ رهيو. پير فضل علي قريشيءِ کي مرشد ڪري ورتائين. مرشد جي محبت ۾ پڻ گرفتار رهيو. پير فضل علي کيس خلافت جي پوشاڪ پهرائي. پير فضل علي جا خليفا ته گهڻائي هيا پر جيڪو درجو پير مٺا سائينءَ کي حاصل ٿيو اهڙو ڪنهن ٻئي جي نصيب ۾ نه آيو. پاڻ هڪ جاءِ تي نه ويٺو، پنهنجو مسڪن مٽائيندو اچي لاڙڪاڻي پهتو ۽ لاڙڪاڻي جي محلي رحمت پور کي پنهنجو هميشه لاءِ مسڪن بڻايائون. جتي پنهنجي فيض کي عام ڪيائون. ڪيترن ئي جاهلن کي پنهنجي نيڪ نظر سان نوازيائون. جمعي نماز وقت ڪيترائي ڪلاڪ بيهي خطاب ڪندا هئا. پاڻ توڪل، تقویٰ، صبر ۽ شڪر کي ڪڏهن به هٿان نه ڇڏيائون. خلق جي خدمت ۽ ٻيا اهڙا کوڙ سارا ڪم سندس اوصاف حميده ۾ شامل هئا. عام بازاري شين گهڻي پرهيز ڪندا هئا. پاڻ عاشق رسول پڻ هئا. حضور اڪرم صلي عليه وآله وسلم جن جي شان ۾ ڪافي ڪلام چيائون.

پير مٺا سائينءَ حمديه، نعتیه، منقبت، مرثیه ۽ ٻيو ڪافي ڪلام چيو آهي سندس ڪلام جي مجموعي جو نالو ديوان غفاريه آهي. پر هيءُ ديوان نه آهي. هيءُ صرف حمديه، نعتیه، مرثیه ۽ منقبت وغيره تي مشتمل آهي. جنهن ڪري کيس ديوان غفاريه نه ٿو سڏي سگهجي.

علم و عمل جو هيءُ روشن چراغ شعبان المعظم ۱۳۸۴ھ رات جو ساڍي يارهين بَجه دوستن احبابن، عالمن، همعصرن، عزيزن قريبـن کي مفارقت جو داغ ڏيئي، وڃي حقيقي مالڪ سان مليو. سندس وفات جي تاريخ مولانا نورالدين انور فضل آبادي هن طرح لکي آهي :

“فياض ، عارف، طبيب احسن،”عجيب عامل قرآن تها، ۱۳۸۴ھ

“غفار، عاشق؛ امين، سالڪ،” خطيب ڪامل بيان تها. ۱۹۶۴ع

 پاڻ ڪرامت جو صاحب ٿي گذريو آهي. سندس هيءُ ديوان پڙهڻ سان پير مٺا جي قول و فعل کي سمجهي سگھجي ٿو.

سندس ڪلام جو نمونو هيٺ ڏجي ٿو :

جو دم نکلے صلے علی' کهتے کهتے

حبیبِ خدا کی ثنا کهتے کهتے

نکل جاوے پرواز کر روح میرا

محمد نبی مصطفیٰ کهتے کهتے

جب دوزخ کی پل پر گذر هوگا میرا

گزر جاؤں گی یا اله کهتے کهتے

ثنا خواں “عبدالغفار” یے نبی کا

مروں گی شفیع الوری' کهتے کهتے....

 

(ڊاڪٽر علي اڪبر اسير قريشي جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۱۷ اپريل ۲۰۲۲ع تي کنيل)

 

No comments:

راءِ ڏيندا