; سنڌي شخصيتون: حاجي سر عبدالله حسين هارون - آفتاب قادري

08 May, 2016

حاجي سر عبدالله حسين هارون - آفتاب قادري

حاجي سر عبدالله حسين هارون
آزادي جي تحريڪ جو سچو ليڊر
آفتاب قادري
حاجي سر عبدالله هارون ارادي جو پڪو، جرئتمند ۽ صابر ماڻهو هجڻ جي حيثيت سان مقبول اڳواڻ هو، جيڪو هميشه ان ڳالهه جو فڪرمند هوندو ته ڪهڙي طرح مسلمانن وچ ۾ ڀائيچارو پيدا ٿئي ۽ انهن جي عزت ۽ مرتبي ۾ اضافو ٿئي. جڏهن اسان سندس شخصيت جي باري ۾ حقيقتون ڄاڻينداسين ته پتو پوي ٿو ته حاجي سر عبدالله هارون آزادي جي تحريڪ ۾ ڀرپور نموني نمايان ٿيو، مسلمانن جي آزادي جي تحريڪ سان سندس گهڻو چاهه هو، هي جڏهن عالمي سطح تائين آزادي جي جدوجهد ۾ اڀري آيو ته هر شخص سندس عظمت کان واقف ٿي ويو. ڪراچي پاڪستان جو سڀ کان وڏو شهر آهي، جيڪو ٻين سببن جي ڪري به تمام گهڻو مشهور آهي.جڏهن سنڌ ممبئي جو حصو هئي، تڏهن اهو فيصلو ڪيو ويو ته ان کي ڌار صوبي جي حيثيت ڏياري وڃي ۽ مسلمانن جو مرڪز بڻايو وڃي. ڪراچي کي پاڪستان جي گادي جو هنڌ هجڻ جي حيثيت ملي، جتي حاجي عبدالله هارون جي آخري آرام گاهه به آهي. آزادي جي تحريڪ جو عظيم ليڊر عبدالله هارون پهرين جنوري 1872ع تي ڪراچي ۾ ڄائو، هو آزادي جي تحريڪ جو ليڊر ۽ قائد اعظم محمد علي جناح جو ساٿي هو. هن پنهنجي زندگي ڀلائين جي ڪمن ۽ سياست ۾ گذاري ۽ 27 اپريل 1942ع تي هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو.


نوجوان، ليکڪ، دانشور، شاعر ۽ هر مڪتب فڪر سان تعلق رکندڙ ماڻهو حاجي سر عبدالله هارون کي خراج عقيدت پيش ڪن ٿا، جيڪو تاريخ ساز ۽ آزادي جي تحريڪ جو عظيم اڳواڻ هو. هن ننڍي کنڊ ۾ سنڌ لاءِ تمام گهڻي جاکوڙ ڪئي ۽ پوءِ پاڪستان جي قيام لاءِ پنهنجي جدوجهد جاري رکندو آيو. سنڌ ممبئي جو حصو هئي، ان وقت مسلمان ٿورا ميمبر هجڻ ڪري هڪ سازش رچائي وئي، ان وقت آزادي جي تحريڪ جو اڳواڻ حاجي سر عبدالله هارون سرگرم ٿيو، هن جو مقصد هو ته سنڌ کي ممبئي کان ڌار ڪرايو وڃي ۽ 1926ع ۾ هن مطالبو ڪيو ته سنڌ کي ممبئي کان ڌار ڪري ان کي الڳ صوبي جي حيثيت ڏني وڃي. 1928ع ۾ ٻه لک رپيا هن وقت جي ٻن ڪروڙ رپين جي برابر هئا، ان وقت هن لياري خريد ڪري ورتو ۽ برطانوي حڪومت آڏو مسلمانن جي اڪثريت ڏيکاري، انهن جي رجسٽريشن اڄ به ڏسي سگهجي ٿي، جتي قومي اسيمبلي جون ٻه سيٽون آهن، حاجي سر عبدالله هارون بلوچن ۽ ڪڇين کي بلوچستان مان آڻي لياري ۾ آباد ڪرايو ۽ انهن کي بنا ڪنهن فرق جي بنيادي حق ڏياريا، ان مقصد لاءِ حاجي عبدالله هارون تمام گهڻي جدوجهد ڪئي ۽ ان حوالي سان بلوچستان جي نوابن ۽ سردارن جي خان آف قلات سان هن ڪيتريون ئي ملاقاتون ڪيون ۽ انهن کي ڪراچي آڻڻ جو قائل ڪيو. اهڙي طريقي سان اتي مسلمانن جي اڪثريت قائم ٿي وئي، نتيجي ۾ ڪراچي پاڪستان جو حصو بڻجي ويو. حاجي سر عبدالله هارون تعليمي نظام ۾ امتيازي سلوڪ ٿيڻ تي سخت قدم کنيا، شروعاتي عرصي دوران عبدالله ڪاليج قائم ڪيو ويو، برطانوي حڪومت 1932ع ۾ سکر بئراج جي تعمير شروع ڪرائي ته ان وقت انهن ضمانت لاءِ پڇيو ته حاجي سر عبدالله هارون اها ڳالهه قبولي ۽ انهن کي ضمانت به ڏني.
ڪراچي ۾ 2 آڪٽوبر کان 8 آڪٽوبر 1938ع تائين مسلم ليگ سنڌ جي انتظامن هيٺ هڪ ڪانفرنس سڏائي وئي، جنهن ۾ حاجي عبدالله هارون اهم شخصيت طور شريڪ ٿيو، ان وقت هو قومي استقبالي ڪميٽي جو چيئرمين هو. حاجي عبدالله هارون الوحيد جي نالي سان سنڌ مان هڪ اخبار به شايع ڪرائي، جيڪا سندس تمام وڏي ڪاميابي هئي، ان اخبار مسلمانن کي گڏ ڪرڻ ۽ انهن ۾ اتحاد پيدا ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، قائد اعظم محمد علي جناح ۽ آغا خان سميت سوين اهم شخصيتون تاريخي عمارت سي فيلڊ ۾ ترسيون. ان گهر مان پاڪستان جي قيام جي حوالي سان درجنين اهم سياسي فيصلا ڪيا ويا، ورهاڱي کان اڳ هي اهو گهر هو، جتي ڪراچي اچڻ بعد قائد اعظم محمد علي جناح ترسيو هو، مختلف موقعن تي ڪيترائي مهينا هن اتي گذاريا. 1938ع ۾ علامه اقبال، نواب محمد اسماعيل خان ۽ حاجي سر عبدالله هارون مسلمانن جي ڌار ملڪ لاءِ ڏينهن رات ڪم ڪندا رهيا، ان وقت قائد اعظم محمد علي جناح حاجي سر عبدالله هارون کي فزيبلڪٽي رپورٽ ڏيڻ لاءِ چيو. جيڪا هن هڪ سال کان به گهٽ عرصي ۾ جوڙي ۽ 1939ع ۾ مدارس ۾ هڪ گڏجاڻي ۾ پيش ڪئي هئي. اها رپورٽ ان گڏجاڻي ۾ قبول ڪئي وئي، ان کان ايندڙ سال 23 مارچ 1940ع تي لاهور ۾ مسلم ليگ جي اجلاس ۾ قرارداد پاڪستان منظور ڪرائي وئي، ان موقعي تي حاجي عبدالله هارون به خطاب ڪيو هو.
حاجي سر عبدالله هارون جون ننڍي کنڊ جي مسلمانن ۽ سنڌ لاءِ تمام وڏيون خدمتون آهن، اهو ئي سبب آهي جو کيس آزادي جي تحريڪ جو عظيم اڳواڻ سڏيو وڃي ٿو. هن ڪانگريس جي پليٽ فارم تان آزادي جي تحريڪ ۾ حصو ورتو، خلافت تحريڪ ۽ پوءِ مسلم ليگ جو حصو بڻيو. قائد اعظم محمد علي جناح حاجي سر عبدالله هارون تي ڀرپور اعتماد ڪيو ۽ کيس اهم معاملن کي سنڀالڻ جون ذميواريون ڏنيون، جنهن سبب هو ڏينهن رات قائد اعظم سان ڪم ڪندو رهيو. حاجي سر عبدالله هارون ڪاروباري ماڻهو هو، جنهن واپار ۽ صنعت ۾ به تمام گهڻيون ڪاميابيون حاصل ڪيون. هن سياست، طبي ۽ تعليمي شعبي ۾ به قوم لاءِ خدمتون سرانجام ڏنيون. هن پنهنجي دولت قومي مقصد ۽ سماجي ڀلائين لاءِ وقف ڪري ڇڏي، هو هزارين يتيمن، اسڪولن، ڪاليجن جو سهارو بڻيو. حاجي سر عبدالله هارون مسلم ليگ جو اهم ٿنڀ هو، هن نه رڳو سنڌ جي مسلمانن پر ننڍي کنڊ جي مسلمانن جي خدمت ڪئي، ڪاروباري لحاظ کان به هن سينٽريل ايگزيڪٽو ڪميٽي جي مدد ڪئي، سمنڊ ڀرسان تاريخي عمارت عبدالله ڪورٽ به هوندي هئي، جتي هاڻي هڪ بئنڪ آهي، مسلمان عبدالله ڪورٽ ۾ پڻ ترسيا هئا، جڏهن مادر ملت فاطمه جناح قائد اعظم سان گڏ آئي هئي، هوءَ پڻ اتي ترسي هئي. ان گهر ۾ قائد اعظم محمد علي جناح ڪيترائي فيصلا ڪيا، لياقت علي خان ان وسيع ڪمري ۾ قومي جهنڊي جي به منظوري ڏني هئي. راجا محمود آباد، نواب اسماعيل خان، مولانا حسرت موهاني ۽ ٻيا ليڊر اتي ترسيا هئا. ڪراچي ۾ ڪلفٽن برج ميرٽ هوٽل جي سامهون واقع وڪٽوريا روڊ کي هاڻي عبدالله هارون روڊ سڏيو وڃي ٿو، شاهه آف ايران، ثريا راڻي، علامه اقبال، افغان صدر سردار دائود، نواب آف ڀوپال حميد الله خان، انڊونيشيا جي صدر سوئڪرنو، سندس زال افشان ديوي اتي مهمان طور رهي چڪا آهن.

هر شخص پاڻ لاءِ ته زنده رهي ٿو، پر زندگي جو اصل مقصد اهو ئي هجڻ گهرجي ته انسان ٻين لاءِ جيئي، ٻين کي خوشيون ڏئي، حاجي سر عبدالله به اها ئي شخصيت هئي، جنهن ۾ ان سميت ٻيون به خوبيون هيون. هن هميشه ٻين لاءِ پنهنجي زندگي گذاري، ٻين جي خدمت ڪئي، سندس خدمتون هميشه ياد رکيون وينديون. وزيراعظم نوازشريف کي حاجي سر عبدالله هارون جي خدمتن بابت تعليمي نصاب ۾ ڄاڻ شامل ڪرائڻ گهرجي ته جيئن ٻار به حاجي سر عبدالله هارون کي ڄاڻي سگهن.

No comments:

راءِ ڏيندا