شهيد الهه بخش سومرو
انسان دوستي جو درس
ڏيندڙ
گل مورو
ڪي ماڻهو تاريخ جوڙيندا آهن پر
ڪي ماڻهو وري خود تاريخ هوندا آهن اهي مهان ماڻهو زندگيءَ جا سمورا ڏهاڙا، سال،
مهينا توڙي پهر پنهنجي وطن پنهنجي ڌرتي، تهذيب ۽ تمدن جي آجپي واري جدوجهد ۾ ئي
وقف ڪري ڇڏيندا آهن انهن ماڻهن کي ئي تاريخ هميشهه ياد رکندي آهي سو ويهين صدي جي
سياسي ميدان ۾ سنڌ جو سپوت الهه بخش سومري جنهن زندگي جا لڳاتار ۲۰ سال ۽ ۴ مهينا ان مختصر عرصي ۾ ٻه ڀيرا
سنڌ جو وزيراعظم ۽ برصغير جي حريت پسند ليڊرن جي صف ۾ شامل رهيو. هي پهريون سنڌ جو
محب وطن اڳواڻ هو جنهن وزارت عظميٰ جهڙي عهدن تي هوندي انهيءَ سرڪار جي دشمن ۽
آزادي جي اڳواڻ امام انقلاب عبيدالله سنڌي تان نه صرف جلاوطني ختم ڪرائي پر کيس
وطن ورڻ جي اجازت ڏني ۽ پاڻ وڃي مولانا سنڌي جو ڪراچي بندرگاهه تي استقبال ڪيائين.
ان مان اهو ثابت ٿي رهيو هو ته الهه بخش سومرو امام سنڌي جي فڪر ۽ فلسفي جو پرچارڪ
هو جنهن جي سوچ اها هئي ته سنڌ سنڌين جي آهي سنڌ هڪ وطن آهي. جڏهن ٻي مهاڀاري جنگ
وقت وزيراعظم هوندي الهه بخش سومري برطانوي سامراج جي جابرانه ۽ بربريت کي نظر ۾ رکندي
سرڪار کان مليل سمورا لقب ۽ تحفا واپس ڪندي ٺڪرائي ڇڏيا ته ان وقت هن سنڌ جي سپوت
وائسراءِ هند کي خط لکيو ته غلامانه سوچ ڪڏهن به قبول نه ڪئي ويندي قومون ۽ ڌرتيون
ڪنهن مذهب جي بنياد تي نه پر ٻولي ۽ تهذيب جي بنياد تي فطري طور هونديون آهن انهن
کي قبول نه ڪرڻ تي هن سخت احتجاج به ڪيو. هڪڙي ننڍڙي واپاري جي گهرڙي ۾ جنم وٺندڙ
الهه بخش سومرو بنيادي طور ڏٺو وڃي ته مذهبي بنياد پرستي جاگيرداراڻي سوچ، بيٺڪتي
غلامانه راڄ فرسوده ريتن رسمن جو ڪٽر مخالف هو هي روشن خيال ترقي پسند وطن پرست
خيال جو مالڪ هو هن جي اها ئي سوچ هئي ته سنڌ کي مخصوص جاگيرداراڻي ۽ مذهبي ڪٽرپڻي
واري ماحول مان ڪڍي سنڌ کي سيڪيولر ۽ خودمختيار رياست وارو درجو حاصل هجي ۽ هتان
جو ماڻهو غلامانه زندگي کان آجو ۽ پنهنجي وسيلن جو مالڪ پنهنجي ڌرتي جو ڌڻي هجي
اهو ئي سنڌ جي خوشحالي وارو تصور کڻي سنڌ جو هي سپوت ميدان عمل ۾ نڪتو هو. ان وقت
جڏهن ليگ مذهب جي بنياد تي برطانوي سامراج جي اسڪيم جو هٿيار بڻجي برصغير جي آزادي
واري تحريڪ ۾ رنڊڪون وجهي رهي هئي ته ان وقت هن ان جي سخت مخالفت ڪندي چيو هو ته
“قومن جا قومي حق ۽ تاريخي تصور کي محدود ۽ محڪوم ڪرڻ وارو عمل مذهب جي بنياد تي
قومن جي تهذيب ۽ تاريخ سان هٿ چراند ۽ ڌاڙي برابر آهي مذهب جي تبديل ٿيڻ سان ڪنهن
به قوم جي قوميت تبديل نه ٿي ٿي سگهي”.
الهه بخش سومرو ورهاڱي واري
اسڪيم مان ئي سمجهي ويو هو ته هن اسڪيم ۾ پنجاب جو ئي مفاد آهي سنڌين، بنگالين،
بلوچن، پختونن توڙي ٻين فطري قومن کي ڪجهه به حاصل نه ٿيندو ان جي خلاف نه رڳو
پوري برصغير ۾ پر سنڌ ۾ به ڀرپور آواز اٿاريو.انهن ئي ڏينهن ۾ جڏهن ۳ مارچ ۱۹۴۳ع تي سنڌ اسيمبلي مان پاڪستان
جي حمايت ۾ ٺهراءُ پاس ڪرايو پئي ويو ته انهن ئي ڏينهن ۾ الهه بخش سومري خدشن جو
اظهار ڪندي سائين جي ايم سيد کي هينئن چيو هو ته “ تون (جي ايم سيد) هينئر سمجهين
ٿو ته پاڪستان قائم ٿيڻ سان سنڌ جي سڀني مشڪلاتن، مصيبتن ۽ خرابين جو حل حاصل ٿيندو
اهو تنهنجو خيال غلط ۽ ملڪي حقيقتن کان پري آهي اڳتي هلي توکي معلوم ٿيندو ته اسان
جي مصيبتن ۽ مشڪلاتن جي شروعات پاڪستان ئي قائم ٿيڻ کان پوءِ ٿيندي. ڊاڪٽر شِيخ
محمد اقبال جي ۱۹۳۰ع واري آل انڊيا مسلم ليگ جي
الله آبادي خطبه صدارت کي غور سان پڙهندي ته توکي معلوم ٿيندو ته ان موجب سنڌ جي
آزادي ختم ڪري ان کي پنجاب جي تابع بڻائڻو هو هن وقت توکي هندو عامل جي دماغ ۽ هندو
سيٺئي جي ڦرلٽ حيران ۽ پريشان ڪري ڇڏيو آهي پر اڳتي هلي توکي پنجاب سول سرونٽ، سولجر
۽ يو پي جي دماغ جو مقابلو ڪرڻو پوندو ۽ پوءِ توکي پتو پوندو ته هي ورهاڱو مفيد
هيو يا نقصاندهه.” (حوالو: ڪتاب سنڌي سرويچ، آزاد قاضي صفحه ۱۴).
حقيقت ۾ جيڪڏهن هن وقت سنڌ جون
اڄوڪيون حالتون ڏسجن ٿيون ته الهه بخش سومري جي اها دورانديشي واري نظر بلڪل درست
هئي جيڪي هن پنهنجي وطن لاءِ حڪمت عمليون ترتيب ڏنيون پئي ان تي عمل ڪيو وڃي ها ته
اڄ سنڌ جي موجودهه صورتحال نه هجي ها جو سنڌ هن وقت به ٻٽي عذاب مان غلامانه دور
مان گذري رهي آهي. سنڌ جو ناڻو هجي يا سنڌ جا معدني وسيلا جيڪا به سنڌ جي ڦرلٽ
انتهاپسندي جي آڙ ۾ ٿي رهي آهي اها انتهاپسندي ۽ اها ڦرلٽ شايد نه هجي ها. پر
افسوس جو انهن حقيقتن کي عملي جامو نصيب نه ٿي سگهيو. الهه بخش نه رڳي مدبر ۽ وڏي
گهري سوچ وارو وطن پرست اڳواڻ هو پر هو ان وقت جو تمام وڏو ڏاهو ۽ عالمي اڳواڻ هو جنهن
مان برطانوي سرڪار ۽ ان جا الاڪار خطرو محسوس ڪري رهيا هئا جنهن بابت سنڌ جو ڏاهو
محمد ابراهيم جويو لکي ٿو ته “ هن وٽ خودمختيار جو تصور نه هو..... آخري وقت تائين
انهيءَ ڪوشش ۾ لڳيو رهيو ته سنڌ جي حقن جي حاصلات لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪجي سندن سياسي
بصيرت جي ڪري انهيءَ وقت جي سنڌ لاءِ هو هڪ بهترين منتظم طور سامهون آيو.” حقيقت ۾
ڏٺو وڃي ته الهه بخش سومري انتهاپسندي کي سنڌ ۽ سموري برصغير ۽ سموري دنيا لاءِ
خطرناڪ سمجهيو ٿي هي ته سنڌ جي آزادي جو امام هو هن کي غلامي کان نفرت هئي جيڪي ان
وقت مذهبي ٺيڪيدار هندو مسلم قوم لاءِ هنبوڇيون هڻي رهيا هئا انهن کي چوندو هو ته
جنونيت توهان جي جيون کي ساڙي ڇڏيندي اها حقيقت به آهي جو اڄ انتهاپسندي نه رڳي
سنڌ پر پاڪستان جي ڪنڊ ڪڙڇ سميت دنيا جي هر شهر وستي واهڻ ۾ موت جي راڪاس جيان ڪاهي
پئي آهي جنهن سڄي دنيا کي دوزخ بڻائي ڇڏيو آهي. الهه بخش ته اصل ۾ برطانوي سامراج
جي ان ڪري به خلاف هو ته هو وڃڻ کان پوءِ پوري برصغير ۾ مذهبي متڀيد ۽ انتهاپسندي
واري اهڙي ته باهه ڀڙڪائڻ چاهي ٿو جنهن سان هي پورو خطو هميشهه لاءِ تباهي ۽ بربادي
جي وڪڙ ۾ اچي ويندو ۽ هتان جون سموريون فطري قومون جيڪي ماضي ۾ سک ۽ شانتي سان
مذهبي متڀيد کان سواءِ زندگي بصر ڪنديون هيون اهي نفرتن جي آڙاهه ۾ اچي ڪري هڪ ٻئي
جون ازلي دشمن بڻجي وينديون اها حقيقت به آهي جو هن وقت سموريون فطري قومون هڪ ٻئي
جو منهن ڏسڻ لاءِ تيار ناهن ۽ بنگال جو ورهاڱو به انهيءَ سلسلي جي ڪڙي آهي. الهه
بخش سومري مصلحت پسند ۽ موقعي پرست ليڊرن وانگر نه پر باضمير سياستدان جيان ڌارين
حاڪمن سان مهاڏو اٽڪايو ته ڌارين قوتن جي اکين ۾ ڪنڊي جيان چڀندو رهيو ورهاڱي کي
قانوني شڪل ڏيڻ لاءِ جڏهن عملي جامو پارايو پئي ويو ۽ مذهبي انتهاپسندي جو ٻج
بنياد وجهڻ لاءِ مسجد منزل گاهه وارو واقعو ورجايوويو ته ان وقت پوري برصغير ۾
هندو مسلم فساد ڪرايا ويا ۽ مسجد منزل گاهه وارو واقعو اصل ۾ الهه بخش سومري کي
منظر عام تان هٽائڻ جي ڪڙي هو. اهو ئي سبب هو جو کيس ۱۴ مئي ۱۹۴۳ع تي سنڌ جي هن سپوت کي شهيد
ڪرايو ويو جنهن کي اڄ به سيڪيولر ۽ انسان دوست سوچ سلام ڪري ٿي جو هن هميشهه انسان
دوستي ۽ ديس جو درس ڏنو.
شهيد الهه بخش سومرو
حسيب ناياب منگي
سنڌ جو اڳوڻو
وزيراعليٰ الهه بخش سومرو پنهنجي ٻي وزارت عظميٰ جي خاتمي کانپوءِ شڪارپور ۾ سماجي
خدمتن ۽ عوام سان لهه وچڙ ڪري رهيو هو. ڪن ماڻهن وٽس اچي دانهيو هو ته سنڌ واهه وٽ
ڪو فقير اچي ويٺو آهي، سو عورتن ۽ مردن کي تعويذ ڏئي شرعي رستي تان ڦيرڻ جي ڪوشش ڪري
رهيو آهي. سو ارادو ڪيائين ته پنهنجن دوستن کي ساڻ ڪري ڏانهس ويندو. مئي جي چوڏهين
۽ جمادي الاول جي يارهين تاريخ هئي. جمعي جي نماز جو خيال به هئس، مٿان وري گرميءَ
جي موسم ۾ ڀينڊيون کائڻ جو شوق به هو. سو ساجهري گهران نڪتو ۽ ڀينڊيون وٺي گهر آيو
۽ نيرن ڪري ٽانگي تي اڳيان ويٺو ۽ شڪارپور مان شايع ٿيندڙ هڪ اخبار پڙهي رهيو هو.
سندس ساڻ وڏيرو نبي بخش ڦلپوٽو ۽ غلام رسول جهلڻ هئا، سي پٺيان ويٺا هئا. اُن فقير
سان ملي کيس ڪجهه رپيا ڏئي اتان اٿي وڃڻ جو چوڻ لاءِ وڃي رهيو هو، ٽانگو نيو فوجداري
وٽان جيئن ئي گذر ڪرڻ لڳو ته لڪل قاتل ظاهر ٿي پيا ۽ پستولن جا وار ڪري ڀڄي ويا.
الهه بخش سومري کي سيني ۾ گوليون لڳيون هيون ۽ سندس واتان “الله اڪبر” جو آواز بلند
ٿيو هو، سندس ساٿين مان نبي بخش ڦلپوٽي کي به ڄنگهه ۾ هڪ گولي لڳي هئي، پوليس
جيترو جلد پهچڻ جي ڪوشش ڪئي، اوتري دير ٿي چُڪي هئي، زخمين کي شڪارپور جي وڏي راءُ
بهادر اوڌو داس تاراچند اسپتال نيو ويو، جتي سنڌ جو اڳوڻو وزيراعليٰ الهه بخش
سومرو شهيد ٿي ويو. شڪارپور ۾ سندس شهادت جي خبر تيزيءَ سان عام ٿي وئي، سمورو ڪاروبار
بند ٿي ويو. سرڪاري آفيسن، اسڪولن توڙي ڪاليجن کي موڪل ڏني وئي. شڪارپور جو ناليوارو
صحافي مسٽر رامچند ويرومل ڀوراڻي پيرين اگهاڙو روئيندو پاڻ پٽيندو شڪارپور جي گهٽي
گهٽي ۾ ڊوڙندو نظر آيو. سندس وات تي اِها وائي هئي ته “سومرو نه ويو، سنڌ هٿن مان
وئي.” الهه بخش سومري جي شهادت جي خبر ٻُڌي هر هنڌ روڄ راڙو شروع ٿي ويو، سوين ماڻهو
سول اسپتال پهچي ويا. ريڊيو تان خبر نشر ٿي ته سَموري سنڌ ۾ غم جي لهر ڇائنجي وئي،
سول اسپتال شڪارپور مان سندس جسد کي هاٿيدر پهچايو ويو. شهيد جا ٻارڙا، گهر جا ڀاتي،
خاندان وارا ۽ دوست، ان کان علاوه بي پناهه محبت ڪندڙ هندو مسلم عوام جي اکين ۾ ڳوڙها
هئا، لاش شاهي باغ نيو ويو، جتي جنازي نماز ادا ڪئي وئي. سندس لاش مٿان شڪارپورين
مولود پڙهيا، جنازي کي وري واپس هاٿيدر آڻي پنج پير مقام ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو
ويو. ٻئي ڏينهن سنڌي، اردو ۽ انگريزي اخبارن ۾ خبرن ۽ مضمونن سان گڏ ايڊيٽوريل شايع
ٿيا، وارثن سان تعزيت جو سلسلو شروع ٿيو.
شڪارپور مان شايع ٿيندڙ
هڪ اخبار ٻئي ڏينهن ۱۵ مئي ۱۹۴۳ع تي هِن ريت خبر شايع ڪئي: “اڄ صبح جو ساڍي اٺين وڳي ڌاري جيئن ئي فخر سنڌ
مسٽر الهه بخش ٽانگي ۾ چڙهي بيگاري واهه طرف وڏيري نبي بخش ۽ مسٽر غلام رسول جهلڻ ساڻ
وٺي وڃي رهيو هو، ٽانگو جڏهن نئين فوجداري وٽان اڳتي وڌيو ته پاسي ۾ لڪي بيٺل پنجن
بدمعاش پستولن سان مٿس خوني حملو ڪيو، کيس ۳ گوليون لڳيون، جن مان هڪ ڇاتيءَ ۾ لڳس ۽ جوان ڪري پيو،
هاءِ گهوڙا شروع ٿي وئي ۽ بدمعاش پنهنجو ڪم پورو ڪري هڪدم رفوچڪر ٿي ويا، بروقت مسٽر
الهه بخش کي سول اسپتال ڏانهن کڻايو ويو، جتي پهچڻ سان سندس پروان پکيئڙو پرواز ڪري
ويو، بروقت سٽي مئجسٽريٽ اسپتال ۾ اچي پهتو، جنهن سول سرجن کان اچي اظهار ورتو، عام
ماڻهو، هندو ۽ مسلمان هزارن جي انداز ۾ خانبهادر جي خون جي خبر ٻڌي اسپتال ۾ اچي
حاضر ٿيا آهن، ايتري رش لڳي پئي آهي جو پير پائڻ جي جاءِ ڪانهي. خانبهادر جا ٻار ۽
عزيز اهڙي شير ۽ دلبر جي جدائي ۾ زارو قطار روئي رهيا آهن. سڄي شهر ۾ حيراني،
پريشاني ۽ بي آرامي ڦهليل آهي، سلامتي سنڌ اندر ختم ٿي چڪي آهي، جيڪڏهن ڏينهن ڏٺي
جو فوجداري جي سامهون سنڌ جي اڳوڻي وزيراعظم جو خون ٿي سگهي ٿو ته باقي ڪير پاڻ کي
سلامت سمجهندو؟ اڄ سَڄي شهر ۾ مسٽر الهه بخش جي خون تي روڊن ۾ ماتم متل آهي. سڀ اسڪول،
ميونسپل ۽ ٻيون آفيسون بند ڪيون ويون آهن، مرحوم جي پوسٽ مارٽم ڪرڻ بعد لاش سندس
مائٽن حوالي ڪيو ويندو. مسٽر الهه بخش جي قاتلن تي هندو ۽ مسلمان ملامت ڪري رهيا
آهن.” شهيد الهه بخش سومري جي شخصيت تي انگريزي ۾ پهريون ڪتاب لکندڙ مسٽر جڳت سنگهه
برائيٽ پنهنجي ڪتاب “انڊياز نيشنلسٽ نمبر ون مسٽر الهه بخش” ۾ لکي ٿو ته “فائر ٿيڻ
کانپوءِ الهه بخش جو ساهه جو سڳو ٽُٽي پيو، ٻيو حملي آور به فائر ڪرڻ وارو هو، پر
الهه بخش جي ساٿين مان هڪ ٽپو ڏئي لٿو ۽ کيس پڪڙڻ جي ڪوشش ڪيائين، قاتل هڪ اوچي
ديوار ٽپي ڀڄي ويا ۽ گم ٿي ويا، ڄڻ ته اُهي هوا ۾ تحليل ٿي ويا. پوليس ڀرسان موجود
هئي، پر اها ڪجهه به نه ڪري سگهي، صرف انهن جا پيرا کنيا، جيڪي رُڪ جي ڳوٺ ڏانهن
ويا ۽ اهڙي ريت هڪ عظيم انسان جي زندگيءَ جي پڄاڻي ٿي.
اهڙي هيبتناڪ خبر جهنگ
جي باهه وانگر ڦهلجي وئي، سڄو ملڪ حيرت زده ٿي ويو، کيس سول اسپتال نيو ويو، پر ڪنهن
به قسم جي ڊاڪٽري مدد پهچڻ کان اڳ هو فوت ٿي چڪو هو. هن ڪوبه آخري بيان نه ڏنو، ڪو
ڏوهاري نه پڪڙيو ويو، ڪابه گرفتاري نه ٿي. سڄي دنيا حيران هئي، مائرن جي جهولين ۾
ستل ٻار به ڇرڪي پيا، هڪ عظيم قومپرست هڪ ڀاڙي جي بگيءَ اڳيان ڊهي پيو.” مولانا ظفر
علي جي اخبار ۾ سادن لفظن سان تمام وڏي ڳالهه ڇپي وئي، لکيل هو ته “هي هڪ ويڙهه
هئي، دليل ۽ گولي جي وچ ۾.” ٽربيون لاهور جي ايڊيٽوريل ۾ لکيل آهي ته “هي حادثو هڪ
وڏي ذهن جو خاتمو هو، الهه بخش جو قتل هڪ قومي حادثو آهي، اُهو سنڌ لاءِ ڪو سٺو شگون
ناهي.” شهيد الهه بخش جي سياسي مخالف ۽ اُن وقت جي وزيراعليٰ سنڌ سر غلام حسين هدايت
الله پنهنجي تعزيتي بيان ۾ چيو ته “مون کي پنهنجي دوست ۽ ساٿي جناب الهه بخش جي
اوچتي ۽ دکدائڪ موت جو ٻڌي صدمو رسيو آهي. جڏهن هو پهريون دفعو بمبئي ليجسليٽو ڪائونسل
۾ چونڊجي آيو ته مون تڏهن ئي سمجهي ورتو هو ته هي سنڌ جي ذهين ترين ماڻهن منجهان هڪ
آهي ۽ مون ڏٺو پئي ته مستقبل ۾ هي شخص هِن صوبي جي قسمت بدلائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو.
مون کي هن جي مستقبل سان گهري دلچسپي هئي، ٿي سگهي ٿو اسان ۾ ڪي اختلاف هجن، پر
مون وٽ هِن لاءِ تمام گهڻي عزت ۽ احترام هو. مون کي پڪ آهي ته هر ماڻهو مون وانگر هِن
انتهائي ظالماڻي عمل جي مذمت ڪندو.” هندستان جي هڪ سياسي اڳواڻ راج گوپال آچاريه
پنهنجي بيان ۾ چيو ته “اسان کي ياد رکڻ گهرجي ته ڪڏهن ڪڏهن عوامي خدمت جو سلو اهڙي
صورت ۾ به ملندو آهي.” الهه بخش سومري جي شهادت کانپوءِ سندس سياسي مخالف محمد ايوب
کهڙو پنهنجي ڀاءُ سميت اول گرفتار پوءِ آزاد ٿيو، لڳ ڀڳ ٻه سال ڪيس هليو، ستن ڄڻن
کي سزا ملي، پر شهيد الهه بخش سومري کانپوءِ سنڌ جن مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهي آهي،
تنهن جو ازالو ڪڏهن به نه ٿي سگهيو. ستمگر وقت سنڌ کان هڪ اهڙو انمول هيرو کسي
ورتو، جيڪو سراپا سنڌ جي خوشحالي ۽ سنڌين جي ترقيءَ لاءِ پاڻ پتوڙي رهيو هو.
(روزاني ڪوشش
۾ ۱۳ مئي ۲۰۲۱ع تي شهادت جي ڏينهن تي ڇپيل. حسيب ناياب منگي جي فيسبڪ ٽائيم وال
تان ۱۴ مئي ۲۰۲۱ع تي کنيل)
شهيد الله بخش سومرو
سنڌ جو سرويچ سياستدان -
ورسيءَ جي مناسبت سان
حسيب ناياب منگي
شهيد الله بخش سومرو
سنڌ جي سياست جو اهو اهم ڪردار ٿي گذريو آهي. جنهن پنهنجي حياتيءَ جي ڏهاڙن ۾ چئني
طرفن کان اٿندڙ معاملن کي پنهنجي سياسي بصيرت سان منهن ڏئي ايندڙ وقت لاءِ مختلف
پهلوئن کي اجاگر به ڪيو ۽ ان دور جي ماڻهن کي سجاڳ ڪرڻ جي ڪوشش به ڪئي. هڪ طرف سياسي
طور تي انگريزن کان بيزاري عام ٿي چُڪي هئي ته ٻي طرف هڪ اهڙي تحريڪ جنم وٺي رهي
هئي، جنهن سان ورهاڱو هر حال ۾ ممڪن هو. الله بخش سومري کي به انگريزن جي هتان جي
ماڻهن سان هلت ڏسي نفرت ٿي چڪي هئي، پر هن هندو - مسلم اتحاد جو درس ڏيڻ ڇڏي نه ڏنو.
گهڻن طرفن کان سنڌ ۾ هندن کان نفرت ڪرڻ واري هوا لڳي رهي هئي. الله بخش سومري گهڻو
ئي چاهيو ته ان نفرت جي هوا جو رخ بدلائجي پر اهو ممڪن نه ٿي سگهيو. جيڪا سنڌ ۾
نفرت جي هوا لڳي چُڪي هئي، تنهن جي رخن کي پنهنجي سوچ سان بدلائيندي بدلائيندي
الله بخش سومري کي پنهنجي جان جي قرباني ڏيڻي پئي. هن سنڌ ۾ رواداري ۽ محبت کي
قائم رکڻ لاءِ شهادت جو جام پيتو.
سنڌ جو ماڻهو، الله
بخش سومري جي ڏينهن ۾ گهڻو خوشحال کڻي نه به هو پر خوش ضرور هو. کين هڪ اهڙو عوامي
اڳواڻ ملي چڪو هو، جنهن جا عملي قدم ۽ ڏاهپ ڀريا فيصلا سنڌ جي مفاد ۾ هئا. هن جيتوڻيڪ
ڌارين جو سنڌ ۾ ڪم ڪار سانگي اچڻ بند ته نه ڪيو، پر ها الله بخش مرحوم ان ڳالهه تي
ضرور زور ڏنو ته روزگار ۾ سنڌ جي ماڻهن کي ترجيح ڏني وڃي. مقامي ماڻهن جي مدد لاءِ
هن ڏينهن رات محنت ڪئي. کيس سنڌ جي ماڻهن جون بنيادي سهولتون پوريون ڪرڻ جو گهڻو
خيال هو. خاص ڪري تعليم کي عام ڪرڻ لاءِ هن تمام گهڻو زور ڏنو. هڪ طرف سياسي مسئلن
کي منهن ڏيڻ لاءِ هن کي سخت محنت ڪرڻي ٿي پئي ته ٻي طرف پنهنجي سياسي مخالفن جي
چالاڪيءَ کي مات ڏيڻ لاءِ هو گهڻو اڳتي اچي رهيو هو. الائجي ڪنهن نه ٿي چاهيو ته
سنڌ جي خوشحالي جو ضامن پنهنجا قدم اڳتي کڻي ۽ سنڌ کي ترقي وٺرائڻ ۾ پنهنجو اهم ڪردار
ادا ڪري؟ الله بخش سومري سنڌ کي خوشحال ڪرڻ ٿي چاهيو، پر سندس سياسي مخالفن هن جي ڳالهه
کي نه سمجهي کيس ايذاءُ رسايو.
الله بخش سومري جي
سياسي زندگي سنڌ جي ماڻهن لاءِ اونداهيءَ ۾ لاٽ آهي. هن جون همدرديون مڪمل طور سنڌ
۽ سنڌي ماڻهن سان هيون. هو جهڙي طرح پنهنجي ديس جي بهتريءَ لاءِ ڪم ڪري رهيو هو، تهڙيءَ
طرح سندس فڪر اڄ جي دور ۾ سنڌي ماڻهن جي لاءِ هڪ راهه آهي. اهڙي سياسي راهه جنهن
جو مرڪز ۽ محور پنهنجي ڌرتيءَ جي حفاظت ڪرڻ آهي ۽ پنهنجي ديس کي ترقي وٺرائڻ آهي. الله
بخش سومري کي سنڌ سان گهڻو چاهه هو. سندس شهادت کانپوءِ مٿس پهريون انگريزي ڪتاب
لکندڙ جڳت سنگهه برائيٽ پنهنجي ڪتاب “انڊياز نيشنلسٽ نمبر ون” ۾ لکي ٿو ته “جيڪڏهن
هن وٽ سؤ زندگيون به هجن ها ته هو انهن کي ملڪ خاطر ائين ئي داءُ تي لڳائي ڇڏي ها.
هو مڪمل ۽ ڀرپور نيشنلسٽ هو. هڪ باوقار، حقيقت پسند، سچ خاطر موت سان مهاڏو اٽڪائيندڙ،
لڳاتار ۽ اڻکٽ جدوجهد به هن جي رت ۾ موجود قوت کي گهٽائي نه سگهي.”
وقت اهو به ثابت ڪيو
ته جهڙيءَ ريت سندس شهادت کانپوءِ ان وقت جي اخبارن اهو کلي عام لکيو ته “الله بخش
سومري جي شهادت سنڌ جي لاءِ سٺو سنوڻ نه آهي” ائين ئي ٿيو، سنڌ پنهنجي بهادر پٽ
کان محروم ڇا ٿي سياسي طور تي ئي نه پر ٻين معاملن ۾ به پٺتي پوندي رهي. سندس
سياسي بصيرت جو نه ته نعم البدل ڪڏهن ڪنهن دور ۾ ظاهر ٿي سگهيو آهي نه ڪنهن همت ڪري
الله بخش سومرو ٿيڻ جي ڪوشش ئي ڪئي آهي. هو سچ پچ ته انمول هيرو هو ۽ ڪجهه وقت جي
لاءِ چمڪي ظاهري طور تي هميشه جي لاءِ وسامجي ويو.
سنڌ جو ڏاهو محمد
ابراهيم جويو هڪ هنڌ لکي ويو آهي ته “اڄ شهيد الله بخش اسان جي وچ ۾ نه آهي پر
سندس ڪيل سياسي پورهيو اسان کي سدائين اهو احساس ڏياريندو رهندو آهي ته هن سنڌ
لاءِ سچيءَ دل سان ڪم ڪيو ۽ جيڪو ڪجهه به سندس وس ۾ هو، اهو ڪرڻ لاءِ هو سدائين
عملي ميدان ۾ رهيو. سندس اوچتي موت سنڌ کان هڪ سياسي ڏاهو کسي ورتو ۽ اڄ به سنڌ اهڙن
ئي سياسي ڪردارن لاءِ واجهائي رهي آهي.”
سنڌ پنهنجي عملي
جدوجهد ڪرڻ وارن هيرن کي وڃائيندي رهي ۽ ڪنهن به ڪا خبر لهڻ جي ڪوشش به نه ڪئي. بي
رحم وقت آخرڪار اهڙو اچي بيٺو جو سنڌ جو هڪ جاکوڙي ڪرادر سنڌ کان کسي نفرت جي اهڙي
راند کيڏي وئي جنهن ۾ سنڌ کي نقصان کانسواءِ ٻيو ڪجهه به پلئه نه پيو. سنڌ خوشحالي
۽ ترقيءَ جي لاءِ اڄ به شهيد الله بخش سومري کي ڳولي رهي آهي. پر شايد اهڙو سياسي
دماغ هڪ ئي هو ۽ ٻيهر ڪو الله بخش ٿيڻو ئي نه آهي.
(ڏھاڙي عبرت حيدرآباد
۾ ۱۴ مئي ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)
شهيد الهه بخش سومرو
سنڌ جو فڪري سپهه سالار
زبير سومرو
چوڏهن مئي ۱۹۴۳ع ۾ اڄوڪي ڏينهن تي، ماضيءَ واري سنڌ جي
پيرس شڪارپور ۾ هڪ سياسي قتل ٿيو هو. شڪارپور فوجداريءَ روڊ تي، الله بخش سومرو، تعويذ
ڪندڙ هڪ ٺڳ مرشد کي روڪڻ لاءِ ٽانگي ۾ پنهنجن پراڻي دوست الاهي بخش جھلڻ سان وڃي
رهيو هو ته اوچتو ڪٿان گولي آئي ۽ سنڌ جي الله بخش جي سيني ۾ وڃي لڳي ۽ هو ماريو ويو!
اِها گولي دراصل سنڌ جي تاريخ جي سيني ۾ گولي هئي. هُن کي ڇو ماريو ويو؟ انهيءَ
سوال جي تلاش ۾ سنڌ گذريل اٺ ڏهاڪا پريشان آهي ته ههڙي صوفي مرد، اعلى درجي جي سياستدان،
۽ غريب جي هڏ ڏوکي انسان جو قتل آخر ڪنهن جي فائدي ۾ ٿي سگهيو پئي! شهيد الله بخش
تي اهڙو حملو زندگيءَ ۾ اڳ ۾ به ٿيو هو، هڪ دفعي ريل رستي شڪارپور وڃي رهيو هو ۽
قاتلن ريل ڪيرائڻ جي سازش رٿي هئي، پر کيس هڪ ٻه اسٽيشن پهريون لاٿو ويو هو. شهيد
الله بخش جي قتل کان ۳ مهينا پوءِ ئي هڪ انگريز جيڪو الله بخش جي شخصيت ۽ سياست سان عشق جي حد تائين
متاثر هو، سخت صدمي ۾ اچي ويو هو. J. S Bright، پنهنجي ڪتاب جيڪو آگسٽ ۱۹۴۳ع ۾ ڇپيو، “India’s Nationalist No. ۱. Mr. Allah
Bux” ۾ مهاڳ ۾ لکي ٿو:
He was a first rate champion on the field of India Politics, the teaming
masses of National India wetted and cheered him, his score stands the highest”
هتي اها ڳالهه
ويچار جوڳي آهي ته آخر سنڌ جي هن سياستدن ۾ اهڙي ڪهڙي ڳالهه هئي، جو سامراج لڏي جي
مخصوص (J. S Bright)
کي هن لاءِ مٿيان لفظ لکڻا پيا. ۶۳ صفحن جي هن ننڍڙي ڪتاب ۾ مان سمجهان ٿو، انگريز ليکڪ
الهه بخش جي سموري سياسي زندگيءَ تي پهنجن ذاتي جذبن ۽ احساسن سان لکيو آهي. اوڻوهين
صديءَ ۽ ويهين صديءَ جو شروعاتي دؤر خطابن ۽ لقبن جو دور هو. انگريز پنهنجي هر وفادار
کي مال ملڪيت ۽ جاگير سان ته نوازيو پر، هنن کي عهدا، لقب ۽ خطاب به ڏنا. الهه بخش
کي به “خانبهادر” ۽ O. B. E (Order of British
Emperor) جا به خطاب ڏنا هئا. انگريزن
اهڙا خطاب ۽ القاب ڪيترن ئي پنهنجن وفادارن کي ڏنا هئا، پر انهن سڀني Sirs، خانبهادرن،
۽ ٻين ڪيترن نوازيلن مان هڪڙو الهه بخش مڙس ماڻهو هو، جنهن کي سمجهه ۾ اچي ويو ته،
اهي، سر ۽ خانبهادر، سڀاڻي جي تاريخ ۾ غدار ليکيا ويندا ۽ پوءِ هن اهي سمورا القاب
انگريز سرڪار کي پنهنجي استعيفا سميت واپس ڪري ڇڏيا ۽ غدارن جي طويل لسٽ مان
پنهنجو نالو ڪٽرائي ڇڏيو. سکر بئراج جي نظام کي بهتر ڪرڻ، سرڪاري خرچن ۾ خاطر
خواهه گھٽتائي ڪرڻ، اعزازي مئجسٽري ختم ڪرڻ، استادن جون پگهارون وڌائڻ، مولانا
عبيدالله سنڌي جي جلاوطني ختم ڪري واپس گھرائڻ، سنڌ فرنٽيئر ريگوليشن کي ختم ڪرڻ
اهم ڪارناما آهن.
J. S Bright جو اهو رايو آهي ته الهه بخش جو اهو قدم، انگلينڊ
جي وزيراعظم ونسٽن چرچل جي ۱۱ سيپٽمبر ۱۹۴۲ع واري انهيءَ تقرير جو نتيجو هو، جنهن ۾ هُن، ڪانگريس سميت
هندستان تي سخت لفظن جو زهر اوڳاڇيو هو. هن سلسلي ۾ آريسر صاحب چئي ٿو، “رٺل اڳي
ئي هئي، ويتر پيڪن جو نياپو.” يعني الهه بخش انگريز پاليسيءَ مان هونئن ئي بيزار ٿي
پيو هو، ۽ پاڪستان جي تحريڪ کي انگريز جي هئي، وڌندي پئي وئي، مٿان وري چرچل جو اهڙو
سخت خطاب.. . الهه بخش کي مليل لقب واپس ڪرڻ جي فيصلي ۾ دير نه لڳي. شهيد الهه بخش
سومرو هڪ مڊل ڪلاس خاندان جو فرد، جيڪو نه انگلينڊ ۽ آمريڪا جي وڏين يونيورسٽين
مان ڪا ڊگري وٺي آيو هو ۽ نه ڪنهن وڏيري، جاگيردار يا صنعتڪار جو پٽ هو، هو ته شڪارپور
جي عام اسڪول مان تعليم يافته هو، ان لاءِ به تحقيق جي ضرورت آهي ته هو ڪيترو پڙهيل
هو، ڪيترن اديبن لکيو آهي ته هو ميٽرڪ پاس هو، پر مرحوم نياز همايوني چوندو هو ته
ميٽرڪ پڙهيو ضرور هو، پر امتحان نه ڏنو هيائين. بهرحال! ميٽرڪ کان مٿي پڙهيل نه هو.
پوءِ هُن جو اعلى سياسي فڪر، ايڏو اوچو تدبُر، پاڪستان جي مذهبي ڪٽر تحريڪ دوران، ههڙي
قومپرست سوچ، هُن ڪٿان حاصل ڪئي هئي.. . .؟
انهي ڏِس ۾ عبدالواحد
آريسر راءِ ڏئي ٿو ته: هڪ ته الهه بخش سومري جو دوستن جو حلقو، اعلى انساني قدر
رکندڙ فرد، زبردست سياسي، سماجي، ديني ۽ ادبي دانش رکندڙ عالمن، اديبن ۽ شاعرن تي
مشتمل هو. جنهن ۾ محمد امين کوسو، ابوالڪلام، مولانا عبدالڪريم چشتي، مولانا عبيدالله
سنڌي، برڪت علي آزاد، دين محمد وفائي، ايني بيسنت، گانڌي ۽ ڄيٺي سپاهيملاڻي وغيره آهن.
هي اهي ماڻهو هئا. جن جو هٿ ان وقت جي سياست جي نبض تي هو، هو ننڍي کنڊ جي ماضي، حال
۽ مستقبل مان واقف هئا.
۽ ٻيو سبب، الهه
بخش جي قومپرست ذهنيت ۽ اعلى فڪر جو هو، انهيءَ دور جي شڪارپور! ورهاڱي اڳ واري شڪارپور
جي تهذيب تي ڪتابن جا ڪتاب لکي سگهن ٿا. نهروءَ پنهنجي مشهور ڪتاب Discovery of India ۾ لکيو آهي
ته، “ننڍي کنڊ ۾ بينڪنگ کي متعارف ڪرائڻ وارا شڪارپوري هئا”. انهيءَ دور واري شڪارپور
۾ سياسي، سماجي، تعليمي، ادبي ۽ تجارتي معيار ايترا ته اعلى هئا جو، الهه بخش سميت
ڪيترن ماڻهن لاءِ بهتر ڪم ڪرڻ سازگار هو.
سائين جي. ايم سيد
پنهنجي ڪتاب ۾ “پاڪستان جي ماضي ـ حال ۽ مستقبل تي طائرانه نظم” (جيڪو هُن شهيد
الهه بخش سومري سان منسوب ڪيو آهي) ۾ پنهنجي وڏي سياسي غلطيءَ جو اعتراف ڪندي لکي ٿو:
“اسان (يعني مسلم ليگي) جون غلطيون هي هيون ته ڪانگريس جي غلطين جي جوش ۾ اچي، ردِ
عمل طور وڃي آل انڊيا جماعت ٺاهي ۽ مذهبي نفرت جي باهه ۾ وڪوڙجي هندو مسلم فساد ۽
نفاق جا ڪارڻ بڻياسون ۽ صوفيانه اسلامي تعليم وساري، مذهبي ڪٽرپڻي جي سيلاب ۾ لڙهي
وياسون.”
اهو ايڏو وڏو اعتراف،
سائين سيد جي عظمت ته اهائي آهي پر، هُن شهيد الهه بخش لاءِ جيڪو ڪجهه لکيو آهي، اهو
پڻ الهه بخش جي سياسي تدبر ۽ دور انديشي جي ڪٿ لاءِ ڪافي آهي، سائين وڌيڪ لکي ٿو: “مون
جڏهن شهيد الهه بخش کان مسلم ليگ ۽ پاڪستان ۽ پاڪستان جي مخالفت جا سبب پڇيا، ته
هن (الهه بخش) چيو ته مسلم ليگ جو مذهبي بنياد تي جداگانه قوم جو نظريو ئي غير اسلامي
۽ موجوده دنيا جي تسليم ڪيل نظرين جي موجب نه آهي. مون (جي. ايم سيد) چيو: تازو ۱۹۴۰ع ۾ پاڪستان جي قرارداد جو ٺهراءُ پاس ڪيو
ويو آهي، ان لاءِ توهان جو ڪهڙو خيال آهي؟ ته چيائين: تون خيالي دنيا ۾ رهين ٿو ۽
عملي سياست ۾ ٺهرائن ۽ اصولن کي ڪو به پڇي ئي ڪونه! ”
سائين جي. ايم سيد
۽ شهيد الهه بخش جي وچ ۾ مٿين مڪالمي مان چٽو آهي ته الهه بخش سومرو اڌ صدي اڳ سنڌ
جي جداگانه حيثيت جو قائل هو، هن کي ڪنهن به صورت ۾ سنڌ جي ڪنهن به خطي ۽ ملڪ جي
تعبيداري نامنظور هئي نه صرف ايترو بلڪ هو سنڌ جي سياستدانن کي وقت به وقت ايندڙ خطرناڪ
مستبقل (جيڪو هاڻي حال آهي) بابت آگاهه ڪندو رهيو، سندس چوڻ هو ته سنڌ، مس مس
بمبئي پريزيڊينسيءَ کان جان ڇڏائي آهي، ائين نه ٿئي جو هاڻي مذهبي جنون ۾ اچي يا ڪا
ٻي سياسي غلطي سبب هڪ دفعي وري غلام قوم بڻجي وڃون.
ويهين صديءَ جي سنڌ
۾ ٽي تمام وڏا ماڻهو پيدا ٿيا، جن کي تاريخ ابد تائين امر رکندي، هڪ سورهيه
بادشاده (شهيد صبغت الله شاهه)، ٻيو سائين جي. ايم سيد ۽ ٽيون شهيد الهه بخش سومرو.
سنڌ جي ڏاهي سياسي اڳواڻ عبدالواحد آريسر جي راءِ سان ڪير ڪيترو متفق ٿو ٿئي ته “ايڪويهين
صديءَ جي سنڌ انهن ٽنهي عظيم انسانن جي اولاد مان سخت مايوس آهي ۽ اسان کي هاڻي سن
جي سيدن، شڪارپور جي سومرن ۽ ڪنگريءَ وارن مان سنڌ لاءِ ڪجهه ڪرڻ جي توقع رکڻ ئي
بي معنى آهي”. بهرحال! اڄ سنڌ جو عظيم سياسي ۽ فڪري سپهه سالار شڪارپور ۾ پنجن
پيرن جي مقام ۾ ابدي آرام ۾ آهي، خدا ڄاڻي ته هن جو روح، اڄ جي سنڌين لاءِ ڇا
سوچيندو هوندو.
(ڏھاڙي
پنھنجي اخبار ڪراچيءَ ۾ ۱۴ مئي ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)
شهيد الله بخش سومرو
سنڌ جو محسن
حسن ناز سومرو
سنڌ ڌرتي هميشه ولين،
درويشن ۽ بزرگن جي مسڪن رهي آهي ۽ اهوئي سبب آهي جو سنڌ جا ماڻهو سچا ۽ سٻاجھڙا
رهيا آهن. سنڌ ڌرتي جي ڪک مان جنم وٺندڙ لکين نيڪ مردن ۾ ڪيترائي اهڙا انسان پيدا ٿيا
جن پنهنجي ذاتي مفادن کي هڪ پاسي رکي ملڪي مفادن کي ترجيح ڏني اهڙن بي باڪ انسانن
مان شهيد الله بخش سومرو پڻ هڪ هو. شهيد الله بخش سومرو سنڌ جي انهن سپوتن ۾ شامل
آهي جنهن هميشه سنڌ جي مسئلن کي ترجيح ڏني ۽ پاڻ هميشه انگريزن کي ان ڳالھه تي
آماده ڪيو ته سنڌ ۾ تمام گھڻا مسئلا آهن جن کي حل ڪرڻ ضروري هو سو شهيد الله بخش
سومرو هميشه سنڌ جو ۽ سنڌي ماڻهن جو هڏ ڏوکي هئو.
شهيد الله بخش
سومرو ۳۱ آگسٽ ۱۹۰۰ع ڌاري شڪارپور ۾ محمد عمر سومري جي گھر ۾ جنم ورتو، هُن شروعاتي تعليم شڪارپور
۾ ئي حاصل ڪئي، جڏهن ته ثانوي تعليم ۱۹۱۲ع ۾ هوپ فل اڪيڊمي شڪارپور ۾ ورتائين، تعليم پوري ڪرڻ
کان پوءِ هو پنهنجي والد محمد عمر سومري سان گڏ ٺيڪيداري وارن ڪمن ۾ لڳي ويو هو، ۱۹۲۳ع ۾ ۾ ضلعي جيڪب آباد جي ميونسپالٽي ۽ ضلعي
سکر جي ضلعي بورڊ جو ميمبر چونڊيو ويو جتان هن سياست جي شروعات ڪئي، ۱۹۲۶ع ۾ اليڪشن دوران سلطان ڪوٽ جي هڪ بااثر
ذميندار خان بهادر يار محمد خان پٺاڻ جي مقابلي ۾ بمبئي ڪائونسل تي ميمبر چونڊجي آيو،
ان کان پوءِ ۱۹۲۸ع ۾ سکر لوڪل بورڊ جو صدر چونڊجي ويو.
اتر سنڌ جو هي واحد
شخص هو جيڪو ۱۹۲۶ع کان ۱۹۳۶ع تائين جيسين سنڌ بمبئي سان جڙيل هئي بمبئي ڪائونسل جو ميمبر رهندو آيو.
شهيد الله بخش سومري
وٽ جڏهن به سنڌ جي حوالي سان مختلف مسئلا ايندا هئا ته انهن کي حل ڪرڻ جي پوري
پوري ڪوشش ڪندو هئو، شهيد الله بخش سومرو پاڻي جي اهميت لاءِ هڪ جملو چوندو هئو ته
پاڻي هڪ خزانو آهي سو ان ڳالهه کي اڄ به ياد ڪيو ويندو آهي ته پاڻي اسان لاءِ ڪيتري
اهميت رکي ٿو،
۱۹۳۶ع ۾ سر شاهنواز ڀٽي جي سربراهي ۾ سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي ٺاهي ويئي جنهن ۾
حاجي عبدالله هارون، سائين جي ايم سيد سان گڏ الله بخش سومرو به شامل هو، ۱۹۳۷ع جي چونڊن ۾ سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي مک ليڊرن
سر شاهنواز ڀٽو ۽ حاجي عبدالله هارون اليڪشن هارائي ويا ته ٻنهي اڳواڻن جي شڪست جي
نتيجي ۾ ٻنهي اڳواڻن جو پيدا ٿيل خال شهيد الله بخش سومري اچي ڀريو، جنهن کان پوءِ
شهيد الله بخش سومري کي سنڌ جو وزيراعظم مقرر ڪيو ويو.
شهيد الله بخش
سومرو هڪ گهري سوچ رکندڙ شخصيت هئو، پاڻ هميشه سنڌ جي ڀلائي لاءِ پتوڙيندو رهندو
هئو. شهيد الله بخش سومري ۲۱ صدي واري سنڌ کي ۱۹۴۰ع واري ڏهاڪي ۾ ڏٺو هو کيس سنڌ سان ٿيندڙ
ويساهه گھاتين، وسيلن جي ڦرلٽ ۽ سنڌي ماڻهن خلاف ٿيندڙ سازشن جي خبر اڄ کان مني
صدي اڳ ۾ خبر پئجي چڪي هئي، پاڻ انسان دوست شخص هو، هن جي دور ۾ ريشمي رومال تحريڪ
تمام گھڻي زورن تي هئي جنهن جو باني مولانا عبيدالله سنڌي هو هن تحريڪ ۾ اهو مطالبو
ڪيو ويو هو ته مولانا عبيدالله سنڌي کي سنڌ اچڻ جي اجازت ڏني وڃي، سو شهيد الله
بخش سومري انگريز سرڪار کي ان ڳاله تي مجبور ڪيو ته مولاناعبيدالله سنڌي کي وطن اچڻ
ڏنو وڃي، انگريز سرڪار مجبور ٿي پئي ۽ مولانا عبيدالله سنڌي کي سنڌ اچڻ جي اجازت ڏئي
ڇڏي، جڏهن مولانا عبيدالله سنڌي جلاوطني ختم ڪري سي پورٽ ڪراچي پهتو ته پاڻ سندس
استقبال ڪرڻ لاءِ پهچي ويو، سندس اهڙي قسم جا فيصلا انگريز سرڪار کي تمام ڏکيا لڳندا
هئا،
شهيد الله بخش
سومري سنڌ اندر آبپاشي جو نئون نظام متعارف ڪرايو ۽ ۱۹۳۲ع ۾ سکر بئراج جو ڪم مڪمل ڪرايو جنهن جي
نتيجي ۾ سنڌ اندر آبپاشي نظام ۾ تمام گھڻي بهتري اچي ويئي ۽ ائين ئي سنڌ جديد
آبپاشي نظام ۾ شامل ٿي ويئي ۽ سنڌ جي لکين ايڪڙ زمين آباد ٿي ويئي.
۱۹۳۴ع ۾ سائين جي ايم سيد جي گھر حيدر منزل ۾ سنڌ جي پهرين سياسي جماعت پيپلز
پارٽيءَ جو بنياد وڌو ويو ان پارٽي کي جوڙڻ ۾ سائين جي ايم سيد، شهيد الله بخش
سومري ۽ سر شاهنواز ڀٽي جو مک ڪردار هو ان پارٽي جو اڳواڻ سر شاهنواز ڀٽو کي ڪيو
ويو اها پارٽي گھڻو وقت هلي ته نه سگھي پر پارٽيءَ جي پليٽ فارم شهيد الله بخش
سومري جي ڪوششن سان نواب نبي بخش خان ڀٽو هندوستان ليجسليٽو ڪائونسل جو ميمبر چونڊجي
ويو.
اهڙي طرح شهيد الله
بخش سومري هميشه سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن جي حقن کي اوليت ڏني. پر وقت جي اٿل پٿل جي ڪري
۽ شهيد الله بخش جا ڪيل ڪم سندن مخالفن کي ايذاءُ ڏيڻ لڳا جنهن جي نتيجي ۾ مسجد منزل
گاهه جا فساد ڪرايا ويا ۽ انهيءَ نتيجي ۾ شهيد الله بخش جي حڪومت کي ڪيرايو ويو، جنهن
کان پوءِ جلد ئي شهيد الله بخش سومرو شڪارپور هليو آيو، حڪومت ختم ٿيڻ کان پوءِ به
شهيد الله بخش سومرو سماجي ڪمن ۾ مصروف رهندو هو، ۱۴ مئي ۱۹۴۳ع تي صبح جو ۹ وڳي پنهنجن دوستن وڏيري نبي بخش ۽ غلام رسول جھلڻ سان گڏ ٽانگي تي چڙهي وڃي
رهيو هئو ته موجوده ڊي پي او آفيس آڏو چئن دشمنن سندس رستو روڪي کيس گولين جو
نشانو بڻايو، شهيد الله بخش سومري جي شهيد ٿيڻ جي خبر باهه وانگر سڄي سنڌ ۾ پکڙجي
وئي ۽ ڏک ۾ سڄي سنڌ ۾ سوڳ ڇانئجي ويو، سرڪاري آفيسون، اسڪول ۽ بازارون مڪمل طور پاڻ
مرادو بند ڪيون ويون ۽ برطانوي جھنڊو يونين جيڪ سوڳ طور جھڪي ويو سندس جنازي نماز
۾ سنڌ مان هزارين ماڻهن شرڪت ڪئي، سو شهيد الله بخش سومري جهڙا جوڌا جوان ورلي
پيدا ٿيندا آهن ۽ اڄ سومرا برادري ته ڇا پر پوري پاڪستان جي عوام سندس نالو وڏي
فخر سان وٺندي آهي، شهيد الله بخش سومري جو نالو صدين تائين ياد رکيو ويندو.
(ڏھاڙي عوامي
آواز ڪراچيءَ ۾ ۱۴ مئي ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)
سنڌ جو سڄڻ شھيد الله
بخش سومرو
صوفي واحد
شهيد الله بخش
سومرو ۱۹۰۰ع ڌاري شڪارپور ۾ ڄائو ۽ ۱۴ مئي ۱۹۴۳ع تي انتها پسندن هٿان شهيد ٿي ويو. هُو ۱۹۳۸ع کان ۱۹۴۰ع تائين سنڌ جو وزير اعظم رهيو.
ابتدائي تعليم مڪاني
اسڪول ۾ ورتي. ثانوي تعليم ۱۹۱۲ع ڌاري هوپ فل اڪيڊمي، شڪارپور ۾ وٺڻ شروع ڪيائين. اسڪول
جي ڏينهن ۾ هو ذهين ۽ تيز فهم شاگرد هو. راندين ۾ گهڻو بهرو وٺندو هو. ڪرڪيٽ سان
کيس خاص دلچسپي هوندي هئي. ڪيترا دفعا پنهنجي اسڪول پاران هو سکر، جيڪب آباد اسڪولن
جي شاگردن سان راندين کيڏڻ لاءِ چونڊيو ويو. هو مئٽرڪ تائين پڙهڻ کانپوءِ، تعليم ڇڏي،
والد سان گڏ سرڪاري ٺيڪن ۽ زمينداريءَ جي سنڀال جو ڪم ڪرڻ لڳو. هوشيار ۽ باوسيله
هئڻ ڪري، سگهوئي هو انگريز انجنيئرن سان سٺا تعلقات پيدا ڪري ويو، جن جي مهربانيءَ
سان هن ٺيڪن مان گهڻو ڪمايو. هي جيترو ڪمائيندو هو، اوترو ڪشاده دليءَ سان خرچ به ڪري
ڄاڻندو هو.
هن ۱۹۲۳ع ڌاري سياست ۾ قدم رکيو. ۱۹۲۳ع ڌاري، هيءُ جيڪب آباد ميونسپالٽيءَ ۽ ضلعي
لوڪل بورڊ سکر جو ميمبر چونڊيو. ۱۹۲۶ع ۾ خانبهادر جان محمد پٺاڻ جهڙي سلطان ڪوٽ ۽ سکر ضلعي
جي بااثر ۽ اهم زميندار جي مقابلي ۾ بمبئي ڪائونسل جو ميمبر چونڊجي ويو. هن جا ڀُٽي
خاندان سان، پنهنجي والد جي زماني کان سٺا تعلقات هئا، انڪري هن ’بمبئي‘ ڪائونسل ۾
سر شاهنواز ڀُٽي جو ساڄو هٿ ٿي ڪم ڪيو، جيڪو ان زماني ۾ بمبئي ڪائونسل ۾ سنڌ جي
مسلمان ميمبرن جو ليڊر هو. ذهين ۽ باصلاحيت هئڻ ڪري، الهه بخش سومرو بمبئي ڪائونسل
جي ميمبريءَ دوران ڪائونسل سان واسطو رکندڙ سرڪاري ڪميٽين تي چونڊيو ويو. اهڙيءَ
طرح هي ۱۹۲۶ع کان ۱۹۳۶ع تائين، جيسين سنڌ بمبئيءَ سان شامل هئي، بمبئي ڪائونسل جو ميمبر رهندو
آيو. ان کان اڳ ۱۹۲۸ع ۾ هي ضلعي لوڪل بورڊ سکر جو پريزيڊنٽ چونڊيو. جنوري ۱۹۳۱ع ۾ جيڪب آباد ۾ گهوڙن جي سالياني نمائش جي
موقعي تي سنڌ جي لوڪل بورڊن جي صدرن ۽ چيف آفيسرن جي ڪانفرنس ڪوٺائي، هن لوڪل بورڊن
جي تنظيم، اختيارن ۽ سڌارن بابت ڪيترا ئي ٺهراءَ پاس ڪرايا ۽ سنڌ جي لوڪل بورڊن جي
ائسوسئيشن قائم ڪرايائين. ان موقعي تي هن سنڌ جي مسلمان سياستدانن جي ڪانفرنس سيٺ
حاجي عبدالله هارون جي صدارت ۾ ڪوٺائي. سنڌ جي بمبئيءَ کان آزاديءَ ۽ آل انڊيا
مسلم ڪانفرنس جي ٺهرائن جي تائيد ۾ ٺهراءَ پاس ڪرايا. ۱۹۳۴ع ۾ جڏهن جي ايم سيد جي بنگلي (ڪراچيءَ) ۾
’پيپلز پارٽي‘ ٺاهي وئي ته اُن جو ليڊر شاهنواز ڀٽي کي ۽ ڊپٽي ليڊر الهه بخش سومري
کي چونڊيو ويو. ۱۹۳۶ع ۾ ’اتحاد پارٽي‘ قائم ٿيڻ تي هيءُ اُن ۾ شامل ٿيو. سنڌ جي بمبئيءَ کان
آزاديءَ بعد ۱۹۳۷ع جي چونڊن ۾ اتحاد پارٽيءَ جا ۲۴ ميمبر چونڊجي آيا، پر اُن جو ليڊر سر شاهنواز ڀٽو ۽ ڊپٽي
ليڊر حاجي عبدالله هارون هارائي ويا. ان تي گورنر سر لئنسليٽ گرهام، سر غلام حسين
کي وزارت لاءِ گهرايو، جنهن جي پارٽيءَ جا صرف ۵ ميمبر چونڊجي آيا هئا. هن مير گروپ کي
وزارت ڏئي، اتحاد پارٽيءَ جي ميمبرن ۾ ڦوٽ وڌي ۽ هندو انڊپينڊنٽ پارٽيءَ جي مدد
حاصل ڪري وزارت ٺاهي. ميران محمد شاهه به اتحاد پارٽي ڇڏي وڃي وزارت ۾ شامل ٿيو.
انڪري اتحاد پارٽيءَ جي مڃيل ميمبرن الهه بخش سومري کي ليڊر ۽ مسٽر هاشم گزدر کي ڊپٽي
ليڊر چونڊي، مخالفت ۾ ويهڻ شروع ڪيو. سال ۱۹۳۷ع جي آخر ۾ ’اتحاد‘ پارٽيءَ جي سر غلام حسين جي وزارت
سان هڪ پروگرام جي بنياد تي ’اتحاد‘ ٿيو ۽ ’ان‘ پروگرام کي عمل ۾ آڻڻ لاءِ هڪ ورڪنگ
ڪاميٽي ٺاهي وئي، جنهن تي الهه بخش، هاشم گزدر ۽ جي ايم سيد ميمبر هئا؛ پر ان
پروگرام تي عملدارن جي غلط روش، وزارت ۾ غيرتجربيڪار ۽ نااهل وزيرن جي موجودگيءَ ۽
’اتحاد‘ پارٽيءَ جي وزارت ۾ نمائندگيءَ کان سواءِ وزارت جي مدد سبب عملدرآمد نه ٿي
سگهيو. نتيجي طور مير غلام حسين کي تجويز ڏني وئي ته الهه بخش، خانبهادر کهڙي ۽
نهچلداس کي وزير ڪري کڻي، پر اها تجويز به عمل هيٺ نه آئي. نتيجي طور مارچ ۱۹۳۸ع جي بجيٽ وقت ”هڪ رپويو ڪٽ“ جي ٺهراءُ پاس ڪرڻ
سان غلام حسين جي وزارت کي شڪست آئي ۽ نئين وزارت الهه بخش سومري جي هٿ هيٺ ٺاهي
وئي. هيءَ وزارت ڪانگريس ۽ هندو انڊپينڊنٽ پارٽيءَ جي مدد سان ٺهي، ان ۾ الهه بخش
سومرو وزيراعظم ۽ پير الاهي بخش ۽ نهچلداس ٻه وزير ٿيا. جنهن صورت ۾ وزارت ٺاهڻ ۾
صرف ستن مسلمانن ووٽ ڪيو هو ۽ باقي سڀ ميمبر هندو هئا. انڪري مسلمانن جي تعليم
يافته طبقي طرفان احتجاج ٿيو. نڪتل وزيرن صورتحال کي وڌيڪ مشتعل ڪيو، جنهن تي
وزيراعظم الهه بخش سومري ۲۹ مارچ ۱۹۳۸ع تي وزارت جي پاليسيءَ بابت هڪ بيان جاري ڪيو ته (۱) ملڪي انتظام کي قومپرست بنيادن تي هلايو
ويندو؛ (۲) سکر بئراج سبب سنڌ جي ڪن حصن کي زراعت ۾ نقصان پهتو آهي، ان ڪري لوئر سنڌ
بئراج جي اسڪيم تيار ڪئي ويندي ته جيئن عوامي مفاد پورا ٿين: (۳) اتر سنڌ (روهڙي ڊويزن) جا واهه سڌاريا
ويندا: (۴) ڪانگريس وزارت وانگر وزير گهٽ پگهار کڻندا: (۵) آنرري مئجسٽريٽيون ختم ڪيو وينديون: (۶) آزمائشي طور ضروري رستن جو ڪم لوڪل بورڊن
کي ڏنو ويندو؛ (۷) پرائمري ماسترن جي پگهار ۾ ۵ روپين جو اضافو ڪيو ويندو، (۸) مولانا عبيدالله سنڌي واپس آيو ته سندس
آجيان ڪنداسون؛ (۹) سنڌ فرنٽيئر ريگيوليشن ختم ڪرڻ لاءِ ڪميٽي مقرر ڪئي ويندي وغيره، ۱۹۳۸ع ۾ الهه بخش وزارت ڍلون وڌايون، جنهن تي
اتحاد پارٽيءَ جا ميمبر ٻن حصن ۾ ورهائجي ويا. حاجي عبدالله هارون مسلم ليگ ۾ شامل
ٿي چڪو هو. ۱۱ آڪٽوبر ۱۹۳۸ع تي جناح صاحب جي صدارت ۾ هندستان جا مسلم ليگي اڳواڻ ڪراچيءَ ۾ گڏ ٿيا.
اجلاس ۾ الهه بخش ۽ جي ايم سيد به شريڪ ٿيا، سڀني مسلم ليڊرن الهه بخش کي مسلم ليگ
سان الحاق ڪرڻ جي گذارش ڪئي، جا هن قبول ڪئي ۽ ٺاهه تي صحيحون ڪيون ويون.
سال ۱۹۳۷ع ۾ سنڌ جو جدا صوبو قائم ٿيو ته پاڻ به وري
نئينءَ سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو. ۱۹۳۸ع جي مارچ مهيني، سر غلام حسين هدايت الله جي وزارت ڪِري،
ته الله بخش مرحوم چيف منسٽر بڻيو. منزلگاهه وارن فسادن کان پوءِ، سال کن لاءِ
وزارت کان ٻاهر رهيو، پر ۱۹۴۱ع ۾ ٻيهر وزارت عظميٰ مليس. ۱۹۳۹ع کان ٻي عالمگير جنگ شروع ٿي چڪي هئي. ۱۹۴۲ع ۾ ڪانگريس فيصلو ڪيو ته ماڻهو انگريزن وٽان
مليل لقب واپس ڪن. مرحوم الله بخش به خانبهادريءَ جي لقب تان استعيفا ڏني. سنڌ جي
انگريز گورنر، سر هيوڊو، ان قدم کي حلف وفاداريءَ جي ڀڃڪڙي ٺهرائي، آڪٽوبر ۱۹۴۲ع ۾ کيس وزارت مان ڊسمس ڪيو، ۽ سندس جاءِ تي
سر غلام حسين کي (جو خود الله بخش وزارت ۾ هوم منسٽر هو) وزيراعظم مقرر ڪيو. آڪٽوبر
۱۹۴۲ع کان مئي ۱۹۴۳ع تائين، مرحوم سياسي ۽ فلسفيانه ڪتابن جو مطالعو ڪندو رهيو.
ڪيترين ٻين ڳالهين
۾ به الله بخش، پنهنجن همعصرن ۽ رفيقن کان بلڪل مختلف هو. مثلاً، هن صاحب وزارت جي
سطحي اعزازن ۽ نمائشي پهلوئن کي ڪڏهن به استعمال نه ڪيو. نه سندس موٽر تي جهنڊي
جهُلي، نه سندس سواريءَ وقت رستا بند ٿيا يا رستن تي باوردي پوليس بيٺي، نه پوليس
جو گارڊ آف آنر ورتائين، ۽ نه اڳواٽ حڪم ڪري يا پروگرام ڪڍي استقبال لاءِ مجمعا ئي
ڪٺا ڪرايائين. سندس اعزاز ۾ نه ڊنر ٿيندي، نه پارٽي، ۽ نه وري لوڪلبورڊ يا ميونسپل
طرفان ڪا ايڊريس ئي پيش ٿيندي، جا چانديءَ جي قلمدان ۾ مڙهجي اچي سندس بنگلي جي
سينگار جو سبب بڻجي. پير جو تمام هلڪو ڪم پيو يا ضرورت پيش آئي ته دوست ڇا، زيردست
وٽ به لنگهي ويندو. ڪپڙا تمام سادا پائيندو، پڇاڙيءَ ۾ ته جوڙي پهرڻ لڳو. ڪڏهن ڪڏهن
معمولي سوٽ، نه ته عام طرح سان سادو سنڌي وڳو. پير ۾ پهرين بخمل جو نرم سليفر، ۽ پڇاڙيءَ
واري زماني ۾ پشاوري چپل. خاص موقعو هوندو ته شيرواني به ڍڪيندو. مٿي تي ٽوپي ته
ترڪي، نرم، نه گانڌي ٽوپيءَ جي ويجهو، نه جناح ڪئپ جي قريب. موٽر ۾ چڙهندو ته پاڻ ڊرائيور
جي ڀر ۾ ويهندو. ۽ پويان اعزازي جاين تي سنگتين کي ويهاريندو. ريل جو سفر ڪندو ته
ساٿي هيٺين سيٽن تي سمهندا ۽ پاڻ مٿئين تختي تي پئجي رهندو. ڪم جي پٺيان پوندو ته ڪيترو
وقت به، بغير ننڊ يا آرام جي پيو هلندو، پر جي ننڊ جو خيال ڪيائين ته فقط اکين ٻوٽڻ
جي دير هوندي، پوءِ ڪرسيءَ تي ويٺل هجي يا ٽانگي تي چڙهيل. پڄي سگهندس ته نيڪي ڪندو،
هٿ وٺي نقصان دشمن کي به نه رسائيندو. ڪاوڙ ڪيتري به هجيس، پر تِکو يا اُگرو اکر
سندس وات تي هرگز نه ايندو. ڏکويل هوندو، ته به سندس چهرو ان ڪيفيت جي غمازي ڪرڻ
کان عاجز پيو نظر ايندو. ٻيا وزير، وقت جو فائدو وٺي، ڀل پيا ڀڀ ڀرين، پر الله بخش
لاءِ ”بالائي آمدني“ حرام هوندي. پڇاڙيءَ ۾ انتقال ٿيس ته مقروض حالت ۾، حالانڪ
پنهنجي اباڻيءَ جائداد مان آمدني ڪافي هوندي هيس. مهمان نواز هو، ۽ هٿ جو ڇوٽ،
جنهن کي ڏنائين، وري نه پچاريائين. خيرات سڄي هٿ سان ٿي، ته کٻي هٿ کي ڪا خبر ڪانه
پيئي. پويان ڏينهن قرآن مجيد جو مطالعو ڪندو رهيو، ۽ سوشلزم ۽ اقتصادي مسئلن جو اڀياس
ابتدائي دؤر ۾، سندس وزارت هٿان ڪيترا چڱا ڪم ٿيا. مثلاً، درٻارين جو پراڻو رواج
ختم ڪيو ويو، ڪمشنرن ۽ ڪليڪٽرن جي ڪرسين جا پروانا پورا ٿي ويا. لوڪلبورڊن ۽
ميونسپالٽين مان سرڪاري ٿاڦيل ميمبرن کي نيڪالي ملي، ور نه اڳ انهن ٿاڦيل ميمبرن
جي ذريعي ڪامورا شاهي لوڪل باڊيز جي ڪاروبار ۾ گهڻي دست اندازي ڪندي هئي، سياسي
قيدي آزاد ڪيا ويا ۽ مولانا عبيدالله سنڌيءَ کي به اجازت ملي ته جلاوطني ختم ڪري ڀل
واپس اچي.
سنڌ جو هيءَ محب
وطن سياستدان شڪارپور ۾ هڪ ٽانگي ۾ سوار ٿي وڃي رهيو هو ته ڪن ماڻهن مٿس فائر ڪري
کيس شهيد ڪري ڇڏيو. سندس قتل جو الزام خانبهادر ايوب کهڙي تي لڳايو ويو. الهه بخش
سومري جو ذڪر ننڍي کنڊ ۽ سنڌ جي قومي سياست ۾ وڏي احترام ۽ عزت سان ٿئي ٿو. سنڌ جي
بزرگ سياستدان سائين جي ايم سيد پنهنجي ڪتاب ’جنب گذاريم جن سين‘ ۾ کيس ’سنڌ جو
دودو ثاني‘ سڏيو آهي. سندس مزار شڪارپور شهر ۾ آهي.
(ڏھاڙي عبرت
حيدرآباد ۾ ۲۷ جون ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)
شھيد الله بخش سومرو
ھڪ تاريخ ساز شخصيت
حسن جان سومرو
الله بخش سومرو ۳۱ آگسٽ ۱۹۰۰ ۾ شڪارپور ۾ محمد عمر سومرو جي گھر جنم
ورتو. ھن پرائمري تعليم شڪارپور مان حاصل ڪئي. الله بخش سومرو ننڍپڻ کان ذھين
ھو،کيس سياست ۾ گھري دلچسپي ھئي. الله بخش سومرو سن ۱۹۲۳ ۾ جيڪب آباد ميونسپل ڪاميٽي ۽ سکر لوڪل بورڊ
جو پڻ ميمبر ٿيو. جنھن کان پوءِ قابليت جي بنياد تي سن ۱۹۲۸ ۾ لوڪل بورڊ جو صدر چونڊجي ويو. الله بخش
سومرو بمبئي ليجسليٽو ڪائونسل جو ۹ سالن تائين ميبر به رھيو.سن ۱۹۳۶ع ۾ سر حاجي عبدالله ھارون ۽ سر شاھنواز ڀٽو
جي قيادت ۾ سنڌ يونائٽيڊ پارٽي جو قيام ٿيو. سنڌ بمبئي پريزيڊنسي کان ۱۹۳۶ع ۾ گورنمينٽ آف انڊيا ايڪٽ ۱۹۳۵ تحت الڳ ٿي.جنھن کان پوءِ الله بخش سومرو
سن ۱۹۳۷ ۾ سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي پليٽ فارم تان پارليامينٽري اليڪشن ۾ حصو
ورتو.سندس پارٽي۶۰ سيٽن مان ۲۲ سيٽون حاصل ڪيون.
اڪثريت ھجڻ باوجود،
انگريز سرڪار پاران مقرر ڪيل سنڌ جي گورنر سر لانسلاٽ گراھم پنھنجن آئيني اختيارن
جو غلط استعمال ڪندي سر غلام حسين ھدايت الله کي ۶۰ سيٽن مان رڳو ٽن ميمبرن جي حمايت حاصل ھجڻ
تي کيس حڪومت ٺاھڻ جي دعوت ڏني، جنھن ان دعوت کي قبول ڪندي ٽن سيٽن سان گڏ ڪجهھ
آزاد ميمبر ملائي حڪومت ٺاھي. سندس حڪومتي ڪارڪردگي بھتر نه ھجڻ ڪري سندس حڪومت
خلاف عدم اعتماد جي تحريڪ ذريعي کيس حڪومت تان ھٽايو ويو. جنھن کان پوءِ الله بخش
سومرو کي حڪومت ٺاھڻ جي دعوت ڏني وئي. (الله بخش سومرو ۲۳ مارچ سن ۱۹۳۸ع ۾ سنڌ جي پھرئين جھموري وزيراعظم جي حيثيت
۾ حلف کنيو.(حوالو خادم حسين سومرو)
الله بخش سومرو کي
تعليم سان تمام گھڻو چاھ ھو،سندس عظيم انسان ھجڻ جي ناتي ھڪ خواب ھو ته سنڌ جي ھر
شھر ۾ لائبريريون قائم ٿيڻ گھرجن ته جيئن ھڪ صحتمند معاشرو جوڙي سگھجي. شھيد الله
بخش سومرو تعليم جي ميدان ۾ پڻ سڌارا آندا. سن ۱۹۴۰ ۾ سنڌ وليج تنظيم جو قيام عمل ۾ آندو،جنھن
جو مقصد ٻھراڙين ۾ رھندڙ ماڻھن کي شھرن ۾ آباد ڪرڻ ھو.ڇاڪاڻ ته شھرن ۾ ڪم ڪرڻ سان
غريب مسڪين ماڻھن جون مالي حالتون وڌيڪ بھتر ٿين ھان.
لياقت راڄپر صاحب
پنھنجي تحقيق مقالي ۾ لکيو آھي ته ”الله بخش سومرو ھمشه پنھنجن اصولن تي قائم
رھيو، ھن ڪڏھن به اصولن تي سوديبازي نه ڪئي.نه ئي ڪڏھن انگريز سرڪار کان ڪي
مراعتون ورتيون. ھو ننڍي کنڊ جو ھڪ جھموريت پسند اڳواڻ ھو. ھن ھميشه انگريز سرڪار
سان سنڌ جي حقن خاطر اکيون اکين ۾ ملائي ڳالھايو. “ ننڍي کنڊ جي تاريخ ۾ هڪ طرف
مذھبي جنونيت عوامي سياسي شعور کي تباھ ڪري رھي ھئي. ٻئي طرف سنڌ ۾ الله بخش سومرو
سيڪيولر شخصيت جو مالڪ ھو.ھن انتھاپسندي جي سخت مخالفت ڪئي. ھن ھميشه اھا ڪوشش ڪئي
ته سياست کي مذھب کان الڳ رکيو وڃي. پير علي محمد راشدي الله بخش سومرو کي ھڪ ثابت
قدم ۽ بھادر اڳواڻ سڏيو آھي.
الله بخش سومرو
سياسي ۽ سماجي سطح تي تمام وڏا ڪم ڪيا. معشيت کي بھتر بڻائڻ لاءِ ھن زرعي سڌارا
آندا. الله بخش جي سياسي حڪمت عملي اھا ھئي ته سکر بئراج ٺھرائڻ لاءِ ھن انگريز سرڪار
کان جيڪو قرض ورتو ھو، اھو ستر سالن جي عرصي ۾ واپس ڏيڻو ھو. پر انگريز سرڪار ھڪ
شرط اھو به رکيو ھو ته جيڪڏھن اھا رقم جلد از جلد واپس ڪئي ويندي ته ڏنل رقم مان
گھڻو حصو معاف ڪيو ويندو.جنھن جي ڪري ڍل ٽيڪس لاڳو ڪئي ته جيئن انگريز سرڪار کان
ورتل قرض جلد واپس ڪيو وڃي.
سن ۱۹۴۲ع ۾ مھا ٻوڏ آئي ته ھن شڪارپور شھر جو رخ ڪيو.
جنھن سبب عام ماڻھن ۾ خوف ۽ حراس وارو ماحول پيدا ٿيو. پر هن تاريخ جي عظيم ماڻھوءَ
ھڪ تاريخ ساز ڪم اھو ڪيو ته ھن ٻوڏ جي پاڻي جو رخ موڙڻ لاءِ پنھنجين زمينن طرف ڪٽ ڏياريو
ته جيئن شھر کي تباھي کان بچائي سگھجي.
”ھندستان
خالي ڪريو تحريڪ“ دوران الله بخش سومرو انگريز سرڪار پاران ڏنل اعزازي لقب
(خانبھادر ۽ آرڊر آف برٽش امپائر) انگريز سرڪار کي واپس ڪيا. ان کان سواءِ ھن
وائسراءِ کي ھڪ خط ۾ لکيو جنهن ۾ هن ننڍي کنڊ جي ماڻھن سان ٿيل ظلم تي افسوس جو
اظھار ڪيو، جيڪا ڳالھه انگريز سرڪار کي خراب لڳي. جنھن کان پوءِ برطانيه سرڪار
پاران غير آئيني عمل سان ۱۰ آڪٽوبر سن ۱۹۴۲ ع ۾ الله بخش سومرو کي سنڌ جي وزيراعظم جي عھدي تان ھٽايو
ويو. تاريخ ان ڳالھه جي گواھ آھي ته ھو ھڪ مقبول ترين اڳواڻ ھو. اسمبلي ۾ کيس اڪثريت
حاصل ھئي. ھو مذھبي روارداري جو وڏو قائل ھو. سيڪيولر پسندي سبب سنڌ جي سمورين
مذھبي جماعتن جو پسنديده اڳواڻ ھو.
الله بخش سومرو
فرقيوارڻي سياست جو سخت مخالف ھو، ھن جون تقريرون عالمي پائي جي سياستدان جون
ھيون. ھن عالمي سياست جو ڇيد ڪندي سن ۱۹۴۰ع ۾ دھلي ۾ ڪيل تقري ۾ قابض عالمي قوتن جي سخت مخالف ڪندي
چيو ته ٻي عظيم جنگ سامراجي قوتن طرفان ھڪ نئين نظام نيو ورلڊ آرڊر لاڳو ڪرڻ جي
لاءِ آھي ته جيئن غلام قومن کي وڌيڪ غلام رکي سگھجي ۽ معيشتن تي گھڻو وقت قبضو
قائم رکي سگھجي.
تاريخ جي ھن عظيم اڳواڻ
۽ تاريخ ساز شخصيت تي جيتري روشني وجھبي اھا گھٽ آھي ڇاڪاڻ ته الله بخش سومرو ھڪ
تاريخ ھو. ننڍي کنڊ جي سيڪيولر اڳواڻ کي سندس شھر شڪاپور ۾ بيگاري ڪئنال وٽ ظالمن
گوليون ھڻي قتل ڪيو. اھو قتل رڳو شھيد الله بخش سومرو جو قتل نه ھو پر ننڍي کنڊ جي
سيڪيولر روايتن جو قتل ھو، ھڪ تاريخ ساز شخصيت جو قتل ھو، ھو ھڪ وطن پرست ھو، اھو
قتل ھڪ وطن پرست جو قتل ھو. ظالمن تاريخ جي سيني ۾ خنجر ھڻي سنڌ کي اونداھي ۾ موڪلي
ڇڏيو. شھيد الله بخش سومرو جو قتل ھڪ سيڪيولر صفت انسان رحمدل انسان عوامي اڳوڻ
جھموريت پسند ۽ ھڪ عالمي اڳواڻ جو قتل ھو. سنڌ جي پھرين عالمي سياسي اڳواڻ کي قتل ڪري
سنڌ جي روشن باب کي ھميشه لاءِ ختم ڪيو ويو. جنھن کان پوءِ غير فرقيوارانه سياست
سنڌ جو مقدر ٿي. اڄ به سنڌ شھيد الله بخش سومرو کي ھڪ عظيم رھنما عظيم انسان جي
حيثيت ۾ ياد رکي ٿي.
(ڏھاڙي عوامي
آواز ڪراچيءَ ۾ ۱۰ ڊسمبر ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)
ڇا شهيد الهه بخش سومري
کي حرن قتل ڪيو هو؟
مشڪور ڦلڪارو
عام طور اها ڳالهه
انهي وقت جي اخبارن کي نظر ۾ رکندي ڪتابن جي زينت بڻيل آهي، ته حرن شهيد الهه بخش
سومري (جيڪو انهي وقت سنڌ جو وزير اعظم هو.) کي قتل ڪرڻ لاءِ اڏيري لال ۽ ٽنڊي آدم
جي وچ ۾ تاريخي ڳوٺ ڇراهو هنڱورا يا موجوده وهاب شاهه اسٽيشن جي ڀرسان ۱۷ مئي ۱۹۴۲ع وارو ريل ڪيرائڻ جو واقعو ڪيو. پر انهي
ريل گاڏي ۾ چڙهيل شهيد الهه بخش سومرو اوچتو حيدر آباد ۾ لهي پيو، ۽ بچي ويو. انهي
حملي مان اتفاقي طور بچي وڃڻ بعد به حرن ئي کيس اڳتي هلي شڪارپور ۾ شهيد ڪيو. انهي
ڳالهه جي هن کان اڳ ۾ ڪنهن به محقق ڇنڊڇاڻ نه ڪئي. سڀني انهي ئي ڳالهه کي مڃيو ۽
سچ سمجهي لکيو. حالانڪ انهي وقت جون اخبارون انگريزن جي سنسر شپ جي سخت قانونن تحت
نڪرنديون هيون. جيڪا به اخبار سرڪاري موقف سان ٽڪر کائيندي هئي. انهي جي ايڊيٽر يا
اخبار جي مالڪ کي جيل جي هوا کارائي ويندي هئي. انهي وقت جي صحافتي تاريخ مان اهڙا
ڪيترائي مثال ملي سگهن ٿا. مثال طور انهي دور جي هڪ بيباڪ صحافي محمد هاشم مخلص کي
بيباڪي جي اها سزا ملي، جو هو ڪيترائي سال روپوشي جي حالت ۾نالو بدلائي دربدرٿي ڀٽڪندو
رهيو. انهي دور ۾ ڪجهه به ٿورو سچ لکندڙ اخبارون به بند ڪيون وينديون هيون. جيئن
مثالطور اخبار“ ڳوٺ سڌار” کي بند ڪرايو ويو. انهي ڪري هن دور جي محققن لاءِ اهو
ضروري آهي، ته هو صرف انهي دور جي حڪومتي موقف تي اعتبار ڪرڻ بجاءِ، انگريزن جي
مخالف قوتن، سنڌ جي عام ماڻهن ۽ حر ويڙهاڪن جو به موقف اڳيان آڻين، جيئن اصل
حقيقتون سامهون اچي سگهن. ٻئي طرف اها ڳالهه به سوچڻ جهڙي آهي، ته آخر شهيد الهه
بخش سومري سان حرن جي اها ڪهڙي دشمني هئي، جنهن بنياد تي حر جماعت طرفان کيس قتل ڪرڻ
ضروري سمجهيو ويو. انهي ڳالهه جي تصديق لاءِ اسان کي شهيد الهه بخش جي دور جو
سرسري جائزو وٺڻو پوندو. آل انڊيا ايڪٽ ۱۹۳۵ع موجب سال ۱۹۳۶ع ۾ سنڌ کي بمبئي کان الڳ ڪيو ويو. ۽ سنڌ جو پهريون
گورنر مسٽر لينسيلاٽ گراهام کي مقرر ڪيو ويو ۽ سنڌ کي بمبئي پرڳڻي کان الڳ ڪري
خودمختياري ڏني وئي. ۱۹۳۷ع ۾ سنڌ ۾ پهرين عام چونڊ ٿي. پهريون وزيراعظم سر غلام حسين هدايت الله
مقرر ٿيو ۽ سال اندر ئي هن جي حڪومت ختم ٿي. ۱۹۳۸ع ۾ الله بخش سومرو سنڌ جو واڳ ڌڻي بڻيو. ۱۹۳۹ع ۾ سکر ۾ هندو ــ مسلم فساد ٿيا، مسجد منزل
گاه جو سڀ کان وڏو واقعو پيش آيو. ان جي نتيجي ۾ تحريڪ هلي ۽ الله بخش جي حڪومت ۱۹۴۰ع ۾ ختم ڪئي وئي. ان بعد مير بنده علي خان
اقتدار جي ڪرسي تي ويٺو.
اپريل ۱۹۴۰ع ۾ شهيد الهه بخش جي صدارت ۾ دهلي ۾ آزاد مسلم ڪانفرنس ٿي،
جنهن ۾ ٻه قومي نظريي موجب ورهاڱي جي مخالفت ڪئي ويئي. ۽ ۱۹۴۱ع ۾ وري ٻيهر الله بخش سنڌ جو وزيراعظم ٿيو.
الهه بخش سومري ۱۹۴۲ع ۾ سنڌ جي جلاوطن ٿيل اڳواڻ مولانا عبيد الله سنڌي کي سنڌ ۾ آندو ۽ ڪراچي
بندرگاهه تي سندس خود وڃي استقبال ڪيو. الله بخش جي وزارت جي عرصي دوران ئي گورنر
هيوج دائو جي حڪم تي سورهيه بادشاهه پير صاحب پاڳاري کي ۱۴ آڪٽوبر ۱۹۴۱ع ۾ گرفتار ڪيو ويو. انهي وقت الهه بخش
سومرو سنڌ ۾ نه هو. ۲۰ مارچ ۱۹۴۲ع تي انگريز سرڪار حر تحريڪ کي ڪچلڻ لاءِ سنڌ جي ليجسليٽو اسيمبلي مان حر
ايڪٽ منظور ڪرايو. ۲۶ مئي ۱۹۴۲ع تي سنڌ جي گورنر جي حڪم تي گڙنگ بنگلو تباهه ڪيو ويو. وري ۲۲ آگسٽ ۱۹۴۲ع تي پير صاحب جي حويلي ۽ ڪوٽ بارود سان
مسمار ڪيو ويو. جن قدمن خلاف ۲۶ سيپٽمبر ۱۹۴۲ع تي شهيد الهه بخش سومري وائسراءِ هند کي احتجاجي خط
لکيو ۽ انگريزن کان کيس مليل سمورا القاب واپس ڪري ڇڏيا. جنهن جي نتيجي ۾ کيس ڊسمس
ڪيو ويو. ۲۰ مارچ ۱۹۴۳ع ۾ سورهيه بادشاهه پير پاڳاري کي شهيد ڪيو ويو. انهي وقت شهيد الهه بخش
سومري جو انگريز حڪومت سان ڪو تعلق نه هو. ۱۴ مئي ۱۹۴۳ع ۾ الله بخش سومري کي به شهيد ڪيو ويو. جنهن قتل ڪيس ۾ ۲۶ سيپٽمبر ۱۹۴۴ع تي خانبهادر محمد ايوب کهڙي کي گرفتار ڪيو
ويو. انهي ڪيس ۾ حر جماعت جي محبت فقير کي به ملوث ڪيو ويو هو، جيڪو الزام ثابت نه
ٿيڻ سبب عدالت مان انهي ڪيس ۾بري ڪيو ويو، کهڙي کي آزاد ڪرڻ لاءِ ڪجهه سندس ڪجهه
هاري حرن کي شهيد الهه بخش جي ڪيس ۾ چالان ڪيو ويو. ڇو ته انهي وقت هر ڪيس ۾ حرن
کي ڄاڻائڻ جو رواج هو. اهي هئا اهي واقعا جيڪي هن ڳالهه جي جانچ لاءِ غور طلب آهن.
ٻئي طرف سياسي طور الهه بخش پنهنجي سياسي پاليسين موجب هڪ قومپرست اڳواڻ طور سڃاتو
ويندو هو. ٻه قومي نظريي خلاف سرگرم هو. ايتري قدر جوهن اپريل ۱۹۴۰ع ۾ ورهاڱي خلاف آزاد مسلم ڪانفرنس به دهلي
۾ ڪوٺائي ان جي صدارت ڪئي. جنهن ڪانفرنس ۾ برصغير جي ٻه قومي نظريي تحت ورهاڱي جي
سخت مخالفت ڪئي ويئي. ورهاڱي خلاف قرارداد به پاس ڪئي ويئي. جڏهن ۳ مارچ ۱۹۴۳ع ۾ سنڌ اسيمبلي پاڪستان جي حق ۾ قرارداد
پاس ڪئي. ته شهيد الهه بخش سومري، سائين جي ايم سيد کي چيو ته: ته ”تون! (جي ايم
سيد) هينئر سمجهين ٿو ته پاڪستان قائم ٿيڻ سان سنڌ جي سڀني مشڪلاتن، مصيبتن ۽
خرابين جو حل حاصل ٿيندو. اهو تنهنجو خيال غلط ۽ ملڪي حقيقتن کان پري آهي. اڳتي
هلي توکي معلوم ٿيندو، ته اسان جي مصيبتن ۽ مشڪلاتن جي شروعات ئي پاڪستان قائم ٿيڻ
کان پوءِ ٿيندي. شهيد الهه بخش هڪ آزاد خيال ۽ قومپرست هو. هو انهي وقت جي سياسي
مانڊاڻ ۾ بلڪل الڳ طور بيٺل هو. ورهاڱي جي سخت خلاف هو. هن جا خيال مولانا عبيد
الله سنڌي ۽ شهيد سورهيه بادشاهه سان ملندڙ هئا. اهو ئي سبب هو جو پير صاحب سندس
اليڪشن يا مسجد منزلگاهه واري سانحي ۾ سندس مددگار هو. ٻي خاص ڳالهه جيڪا غور طلب
آهي ته انهي وقت جي ظالم گورنر مسٽر هيوج ڊائو جي حڪم سان پير صاحب خلاف سڀ ڪاراويون
به الهه بخش سومري جي ايامڪاري ۾ٿيون. جيئن الهه بخش سومري ۽ پير صاحب جي وچ ۾
اختلاف پيدا ٿين، يا حر جماعت الهه بخش سومري جي خلاف ڪوسخت قدم کڻي. نتيجي ۾ الهه
بخش جي شهادت بعد پير علي محمد راشدي وڌ کان وڌ انهي ڏوهه ۾ حر جماعت کي ملوث ڄاڻائڻ
جي ڪوشش ڪئي. کهڙي به پنهنجي جان آجي ڪرائڻ لاءِ حرن خلاف موقف ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي.
پر عدالت محبت فقير کي ڪيس مان بري ڪري ڇڏيو. اڳتي هلي کهڙو به آزاد ٿي ويو. انهي
سموري واقعي ۾ انگريز سرڪار ملوث نظر اچي ٿي. شهيد الهه بخش جا اصل قاتل لڪايا ويا
۽ حرن کي ملوث ڄاڻائڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي. وڌيڪ ٻئي پاسي ڏسجي، ته برصغير جي سياسي
مانڊاڻ ۾ پير صاحب سورهيه بادشاهه ڪنهن به سياسي پارٽي يا شخصيت سان ٽڪراءَ واري
پاليسي نه رکندو هو، ۽ نه ئي حرن ڪنهن سياسي اڳواڻ جو قتل ڪيو. حالانڪ حر تحريڪ
سان اختلاف رکندڙ ۽ انگريزن سان سهڪار ڪندڙ ساڻن گڏ گول ميز ڪانفرنسن ۾ ويهندڙ
انهي وقت جون سڀ سياسي پارٽيون ۽ انهن جا اڳواڻ هئا. حر جدوجهد کي برصغير جي سياسي
جدوجهد ۾ بلڪل اڪيلو ڪيو ويو هو. پر حر تحريڪ ڪنهن به سياسي اڳواڻ يا پارٽي جي
خلاف نه ڪو ٽڪراءُ کاڌو ۽ نه ئي ڪنهن جي خلاف ڪو سياسي موقف رکيو. ڇو ته حر تحريڪ
جو مقابلو دنيا جي هڪ انهي سامراجي قوت سان هو. جنهن جي بادشاهي تان انهي وقت سج
ئي نه ٿي لٿو. انهي لاءِ سائين سورهيه بادشاهه جي اها پاليسي هئي، ته صرف انگريز حڪومت
سان ٽڪراءَ کائڻو آهي. باقي انهي وقت جي انگريزن جي سياسي حمايتين سان ٽڪراءُ ناهي
کائڻو. انهي ڳالهه جو ثبوت اهو به آهي، ته سورهيه بادشاهه انهي وقت جي انگريزن جي
سياسي مددگارن يا مخالفن سان هڪجهڙا تعلقات رکيا، پير صاحب قيد ٿيڻ کان پهريائين،
قيد جي دوران يا سندس خلاف هلندڙ ڪيس جي دوران قاعد اعظم محمد علي جناح، ايوب کهڙي،
سائين جي ايم سيد، سرغلام حسين هدايت الله، سر شاهنواز ڀٽي، مولانا عبيد الله سنڌي،
شيخ عبدالمجيد سنڌي ۽ هندو اڳواڻن ڊاڪٽر چوئٿرام، سندس ڀاءُ شامداس، پروفيسر
گهنشام، مسٽر سڌوا ۽ ٻين سان سٺا لاڳاپا قائم رکيا ۽ انهن مان چڱيون اميدون به
رکندو آيو هو. ڪو هڪ به اهڙو مثال نه ٿو ملي، جنهن ۾ سورهيه بادشاهه ڪنهن سياسي
شخصيت خلاف سخت رويو رکيو هجي، يا ساڻس ملڻ کان انڪار ڪيو هجي. شهيد الهه بخش
سومرو سنڌ جو وزير اعظم ضرور ٿيو. پر هن جا پير صاحب سان ڪي ٽڪراءُ وارا رويا نه
هئا. اهوئي سبب هو، جو مسجد منزلگاهه واري هندو مسلم فسادن دوران پير صاحب حرن کي
هندن جي حفاظت ڪرڻ جو حڪم فرمايو. ڇاڪاڻ ته پير صاحب شهيد الهه بخش سومري جي حڪومت
جو حامي پڻ هو. ڇاڪاڻ ته سومرو صاحب ۽ شهيد سورهيه بادشاهه ڪيترين ڳالهين ۾ سنڌ جي
مفاد تحت هم خيال هئا. مثالطور پاڪستان جي ٻه قومي نطريي خلاف ٻنهي جو موقف ساڳيو
هو. شهيد الهه بخش سومرو حرن جي معاملي ۾ڪافي محتاط رهيو هو. شهيد الهه بخش سومري
جي دور ۾ حر ايڪٽ پاس ته ٿيو، پر حر ايڪٽ تحت ٿيل ڪارواين مان انگريز مطمئن نه
هئا. انهي جو ثبوت اهو آهي، ته حر ايڪٽ هوندي به انگريزن فوجي ڪاروائي ڪري ۲۶ مئي ۱۹۴۲ع تي گڙنگ بنگلو تباهه ڪيو. ۱۷ مئي ۱۹۴۲ع تي ٿيل ريل گاڏي ڪيرائڻ واري واقعي کي ڊرامائي
انداز ۾ ۽ الهه بخش سومري تي حملو قرار ڏنو ويو. ۽ انهي واقعي کي جواز بنائي رد
عمل واري ماحول جو فائدو وٺندي، پهرين جون ۱۹۴۲ع تي حرن خلاف مارشل لا نافذ ڪرڻ ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي.
جنهن تي به شهيد الهه بخش سومرو خوش نه هو. انهي جو ثبوت سندس اهو وائسراءِ هند کي
لکيل خط آهي. جنهن ۾ هن آزادي پسندن خلاف وحشيانه ڪارواين تي افسوس جو اظهار ڪندي
مليل القاب واپس ڪيا هئا. جنهن تي کيس وزارت تان ڊس مس ڪيو ويو. شهيد سورهيه
بادشاهه خلاف فوجي عدالت ۾ هلندڙ ڪيس دوران يا شهادت وقت شهيد الهه بخش سومري جو
انگريز حڪومت سان ڪو به تعلق نه هو.
شهيد سورهيه
بادشاهه کي ۲۰ مارچ ۱۹۴۳ع تي ڦاسي ڏيئي شهيد ڪيو ويو. پوءِ آخرڪار شهيد الهه بخش جو ڪهڙو ڏوهه هو.
جنهن تي حرن کيس قتل ڪيوهوندو. انهي سمورين حقيقتن جي پوتاميل بعد اهو سوال ٿو
پيدا ٿئي، ته شهيد الهه بخش جو ڪو اهڙو وڏو ڏوهه به نه هو جو حر کيس قومي غدار
سمجهي قتل ڪن. شهيد الهه بخش سومري جي قتل بعد ڪيس ۾ گرفتار به خانبهادرمحمد ايوب
کهڙو ٿيو، ته پوءِ حرن کي اڳتي هلي تاريخ جي رڪارڊ ۾ شهيد الهه بخش سومري جو قاتل ڄاڻائڻ
لاءِ ريل حادثي جي واقعي کي شهيد الهه بخش سومري کي مارڻ جي سازش جو رنگ ڇو ڏنو
ويو. آخر ائين ڇو ٿيو؟ انهي سوال جي جواب لاءِ اصل حقيقتن کي ڳولڻ تمام گهڻو ضروري
آهي. انهي سوال جي جواب ۾ انهي ريل ڪيرائڻ واري واقعي بابت حر جدوجهد تي گهري نظر
رکندڙ ۽ پوري سنڌ مان حر ويڙهاڪن کان انٽرويو وٺي گڏ ڪرڻ کان سواءِ انهي وقت جي
انگريز سرڪار جي ريڪارڊ مان حقيقتون گڏ ڪندڙ فقير مير محمد نظاماڻي، هن واقعي جي
اصل حقيقتن تان پردو کڻندي ٻڌائي ٿو، ( ياد رهي ته هن واقعي بابت ڪجهه ڳالهيون ڊاڪٽر
حميده کهڙو جي مضمون، ( جيڪو منصور قادر جوڻيجو طرفان ترتيب ڏنل ڪتاب شهيد سورهيه
بادشاهه ۾ موجود آهن) سان ملندڙ آهن. فقير مير محمد نظاماڻي جو چوڻ آهي، ته حر
جماعت جو هڪ فقير اسماعيل حجام جيڪو شهيد سورهيه بادشاهه جو نظربندي دوران بورچي
هو. انهي کي ۽ ٻين فقيرن کي جيڪي سورهيه بادشاهه جي خدمت ۾ نظربندي دوران ڪراچي ۾
رهندا هئا. تن کي جڏهن انگريز آفيسرن سورهيه بادشاهه جي باقاعدي گرفتاري بعد تڙي ڪڍيو،
ته هو ڪراچي کان ڳوٺ اچڻ لاءِ جڏهن صبح جو سوير ڪراچي جي سٽي ريلوي اسٽيشن تي
پهتو، ته هن کي ريلوي اسٽيشن تي تمام وڏي تعداد ۾ فوج نظر آئي. هن انهي بابت پڇا ڪئي
ته کيس معلوم ٿيو، ته هي فوج سانگهڙ ۽ سکر ڏانهن حرن خلاف آپريشن ڪرڻ وڃي رهي آهي.
اها خبر ٻڌندي ئي هو تڪڙو ڪراچي کان لاهور ويندڙ مسافر ٽرين ۾ چڙهي ٽنڊو آدم پهتو
۽ گهر وڃڻ بجاءِ سڌو حر ويڙهاڪ اڳواڻ پنهون هنڱوري سان فوج جي ريل گاڏي اچڻ جي ڳالهه
ڪئي.
پنهون هنڱوري اها ڳالهه
ٻڌي، جلد ٻين حر ٽولن جي اڳواڻن ميرو فقير نظاماڻي، مَٽُوءَ خاصخيلي، الهه بچايو
خاصخيلي سان جلدي ميٽنگ ڪئي. ۽ ريل گاڏي تي حملو ڪرڻ جو پروگرام ٺاهيو. انهي ريل
تي حملي ڪرڻ جي پروگرام جي خبر ڪنهن ماڻهو ذريعي انهي علائقي جي بااثر وڏيري ڄام
جان محمد جوڻيجي کي پئي. جنهن جي انگريز آفيسرن سان دوستي هئي. هو جيپ ۾ چڙهي
حيدرآباد پهتو ۽ انگريز آفيسرن کي حملي جو اطلاع ڏنو. جنهن اطلاع ملڻ شرط فوج جي ڀريل
ريل گاڏي کي حيدرآباد ريلوي اسٽيشن تي روڪيو ويو. پويان لاهور ميل اچي رهيو هو.
انهي ريل گاڏي ۾ شهيد الهه بخش سومرو به سوار هو. جيڪو سکر وڃي رهيو هو. جنهن کي
حيدر آباد ريلوي اسٽيشن تي ريل مان لاٿو ويو. لاهور ميل کي اڳتي روانو ڪيو ويو.
جنهن ۾ ٻين مسافرن سان گڏ سر غلام حسين هدايت الله جو پٽ منور حسين به چڙهيل هو.
جنهن ريل گاڏي کي ئي حرن ڳوٺ ڇوراهو هنڱورا يا موجوده وهاب شاهه ريلوي اسٽيشن لڳ پٽڙي
اکيڙي ڪيرايو هو. سر غلام حسين هدايت الله جي پٽ کي انگريزي سوٽ پاتل هو. جنهن کي
حرن ڀُل ۾ فوجي سمجهي قتل ڪري ڇڏيو. جڏهن حرن ڏٺو ته ريل ۾ عام ماڻهو سوار آهن، ته
هنن وڌيڪ قتل عام نه ڪيو. نه ئي ڪا ڦر لٽ ڪئي. سندس چوڻ آهي، ته انهي حملي ۾ شامل
ويڙهاڪن کي غلطي مان قتل ڪيل منور حسين جو به ڏک هو. ڇو ته حرن جو مقصد صرف فوج کي
مارڻ هو. هنن جي حملي جو مقصد شهيد الهه بخش سومري کي يا ٻين سول ماڻهن کي قتل ڪرڻ
جو بلڪل نه هو. پر انگريز آفيسرن انهي حملي کي شهيد الهه بخش سومري تي حملو ڄاڻائي،
سنڌ جي سياسي اڳواڻن جون همدرديون حاصل ڪيون. انهي حملي کي جواز بنائي. حرن خلاف
سياسي اڳواڻن کي آماده ڪري، سندن حمايت سان حرن خلاف مارشل لا لڳائي ويئي. حرن ۽
عام ماڻهن جو قتل عام ڪيو. جڏهن ته حرن خلاف سخت آپريشن ڪرڻ لاءِ وڏي تعداد ۾ فوج
اڳواٽ گهرائي ويئي هئي. چالاڪ انگريزن حر جدوجهد کي ظالمانه انداز ۾ ختم ڪرڻ ٿي
چاهيو. ڇو ته پير صاحب سورهيه بادشاهه کي گرفتار ڪرڻ بعد انگريزن سمجهيو ٿي، ته
تحريڪ ختم ٿي ويندي. پر سندن سوچن جي برعڪس حرن وڌيڪ منظم ٿي ڪاروايون جاري رکيون
هيون. انهي وقت سورهيه بادشاهه جي گرفتاري بعد ملڪي سياست جو ماحول گرم ٿي چڪو هو.
جنهن ماحول مان انگريزن کي سندن برصغير جي ورهاڱي واري سازش جي ناڪامي نظر ٿي آئي.
انهي ڪري سياسي ماحول کي حر جدوجهد خلاف ڪرڻ سان سندن من جي مراد پوري ٿي ويئي.
انهي بعد انگريز سرڪار
مارشل لا جي ڪورٽ ۾ جڙتو ڪيس هلائڻ جو ڊرامو ڪري شهيد سورهيه بادشاهه کي ڦاسي ڏيئي
شهيد ڪيو. بعد ۾ الهه بخش سومري کي به پير صاحب جي شهادت تي رد عمل پيدا ڪرڻ جي ڊپ
کان شڪارپور ۾ شهيد ڪرايو ويو. جن ٻنهي سانحن تي سندن انهي اڳواٽ رٿابندي سان ڪيل
پروپئگنڊه سبب سياسي جماعتن طرفان به ڪو خاص ردعمل نه ٿيو. نتيجي ۾ انگريز جڏهن
پنهنجي مرضي موجب ورهاڱو ڪري هليا ويا، پاڪستان ۱۹۴۷ع ۾ قائم ٿيو. پر حرن کي ۱۹۵۲ع تائين دهشتگرد ۽ باغي سمجهي لوڙهن ۾ قيد
رکيو ويو. اڃان تائين سنڌ جي سماجي ۽ سياسي مانڊاڻ ۾ حرن کي پنهنجي وجود جو حصو نه
ٿو سمجهيو وڃي. حر جماعت ۽ سنڌ جي ماڻهن ۾ هڪ بي اعتمادي جي وڏي خليج موجود آهي.
جيڪا ريل جي واقعي کان پوءِ انگريزن طرفان پيدا ڪئي ويئي هئي. اتي هڪڙو سوال ٻيو
به پيدا ٿو ٿئي، ته آخرڪار انگريز پير صبغت الله شاهه عرف سورهيه بادشاهه کي غير
منصفانه انداز ۾ شهيد ڪرڻ ۽ حر جدوجهد کي بلڪل نيست و نابود ڪرڻ ڇو ٿي چاهيو. يا ٻئي
طرف شهيد الهه بخش سومري کي ڊرامائي انداز ۾ قتل ڪرايو. جڏهن ته سندن مرضي موجب
برصغير جي ٻه قومي نظريي موجب، هو هندستان ۽ پاڪستان ٺاهڻ بعد وڃڻ وارا هئا. پوءِ
هنن ڇو اهڙي ظالمانا روش رکي ۽ تاريخ جي عدالت ۾ ڏوهاري بڻيا؟ انهي سوال جي جواب
کي ڳولڻ لاءِ اسانکي انگريزن جي انهي مجبوري کي ڏسڻ لاءِ ڪجهه انهي دور ۾ انگريزن
جي حالتن کي عالمي تناظر ۾ ڏسڻو پوندو، ۱۹۱۴ع جي پهرين مهاڀاري جنگ کان پوءِ مارڪيٽن جي قبضي جي ڇڪتاڻ
۾ انگريزن نه ٿي چاهيو، ته برصغير جي ساحلي بندرگاهن تي روس جو قبضو ٿئي. انهي ڪري
هنن برصغير کي ٻن حصن ۾ ورهائڻ جو فيصلو ڪيو. جنهن فيصلي موجب هنن ۱۹۲۰ع ۾ ئي برصغير مان نڪرڻ جي فيصلي سان گڏ
برصغير کي ٻن حصن ۾ ورهائڻ ۽ هتي سندن مرضي موجب قائم ڪيل حڪومتن تي هٿ رکي روس کي
روڪڻ ٿي چاهيو. انهي ڪري هنن برصغير جي ماڻهن جي مذهبي عقيدن کي نظر ۾ رکي ٻه قومي
نظريي تي هتان جي سياسي قوتن کي گڏ ڪيو. هڪ طرف هندو ته ٻئي طرف مسلمان رياستن جي
سوچ کي پکيڙيو.
ساڳئي وقت هنن انهي
نظريي جي خلاف اصل فتح ڪيل ملڪن جي ساڳي حالت ۾ آزادي چاهيندڙ جدوجهدن کي ختم ڪرڻ ٿي
چاهيو. ڇاڪاڻ ته انهي سان سندن منصوبي کي ڇيهو ٿي پهتو. انهي ڪري هنن برصغير ۾ ٻه
قومي نظريي جي بنياد تي ڪم ڪندڙ سياسي قوتن تي نرم هٿ رکيو ۽ نج آزادي جي جدوجهدن
کي سختي سان ختم ڪرڻ جي منصوبه بندي ڪئي. پوري برصغير ۾ هو آزادي جي هٿياربند سڀني
ويڙهن کي تباهه ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيا. پر سنڌ جي حر جدوجهد جهڙي مضبوط ويڙهه انگريزن
لاءِ وڏو مٿي جو سور بڻجي ويئي. انهي ڪري هنن سورهيه بادشاهه جي پاليسي ۾ لچڪ آڻڻ
جي ڪوشش ڪئي. هنن اڻ سڌيون ڳالهيون ڪرڻ جي به ڪوشش ڪئي. پر جڏهن هنن ڏٺو ته شهيد
سورهيه بادشاهه ٻه قومي نظريي جي خلاف آهي. هو انگريزن جي وڃڻ بعد سنڌ جي آزادي
واري موقف تي بضد آهي، جيڪا ڳالهه سندن برصغير جي ٻه قومي نظريي موجب ورهاست ۾ وڏي
رڪاوٽ هئي. جنهن سبب هنن پنهنجو پورو زور حر جدوجهد کي ختم لاءِ استعمال ڪيو. انهي
لاءِ ضروري هو، ته وڃڻ کانپوءِ پاڪستان جن اڳواڻن جي هٿ ۾ ڏجي، انهن کي به حر
جدوجهد خلاف تيار ڪجي. جيئن سندن نڪري وڃڻ بعد به حر جدوجهد اسري نه سگهي. شهيد
الهه بخش سومري کي قتل ڪرائڻ سان، هو انهي ڳالهه ۾ به سئو سيڪڙو ڪامياب ٿي ويا.
سمورن حرن کي لوڙهن ۾ واڙي نئون جوڙيل پاڪستان سندن مرضي جي پاسداري ڪندڙ حڪمرانن
کي ڏيئي ويا. جنهن ڳالهه جو اهو ثبوت آهي، ته پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ به حر قيد رهيا
۽ اڄ تائين اڇڙي ٿر جي ريگستان ۾ پنهنجي مسئلن جي ڌٻڻ ۾ قيدي بڻيل آهن.
(سَرسوَتِي
تهذيب ۽ اڇڙو ٿر؛ ليکڪ: مشڪور ڦلڪارو)
(استاد خالد
جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۲۲ آڪٽوبر ۲۰۲۲ع تي کنيل)
الهه بخش سومرو
مضبوط ارادي ۽ مقصد وارو
ماڻهو!
حسيب ناياب منگي
سنڌ سميت سڄي دُنيا
جي تاريخ ۾ چند اهڙا ڪردار آهن، جن کي تمام وڏي سياسي سمجهه، ۽ تدبر حاصل هو، ۽
اُنهن کي وَري ايڏي ئي مَڃتا پِڻ مِلي- اَهڙن ڪردارن ۾ سنڌ جا به ڪُجهه ڪردار شامل
آهن، جن ۾ خاص طور تي شهيد الهه بخش سومرو، مولانا عبيدالله سنڌي، سُورهيه
بادشاهه، سائين جي ايم سيد، ۽ ٻيا شامل آهن- اُنهن مَنجهان شَهيد الهه بخش سومرو
ئِي نِهايت ئِي نُمايان حيثيت رکي ٿو، جيڪو مضبوط ارادن، ۽ اٽل مقصد وارو ماڻهو
هو، جَنهن اَڄ کان ۸۵/۸۰ سال اڳ سنڌ کي اهڙي واٽ ڏيکاري جيڪا عظيم ترين ڪاميابين
جي واٽ هُئي، پَر اَفسوس جو سَندس چَيو نه مڃيو ويو، ۽ پوءِ هُن کي شهيد ڪرايو
ويو، جَنهن سان گڏ سنڌ جا خُوبصورت خُواب به شهيد ٿي ويا- اُهو ۱۹۴۳ع جو بَدنصيب سال هو، ۽ اُها ۱۴ مَئي جي ڪاري تاريخ هُئي، جيڪا اَسان ماڻهن،
۽ اسان جي ايندڙ نسلن کان ڪڏهن به وسري نه سگهندي- اُن ڏينهن سنڌ جي تاريخي شهر شڪارپور
اندر سنڌ جو بلڪه سموري ننڍي کنڊ جو هڪ اهڙو جرڪندڙ ڏيئو جذباتي فيصلن سبب وسايو
ويو، جنهن جي سياسي روشني سنڌ کي شعور جي روشني سان منور ڪري رهي هئي. سندس شهادت
سان سنڌ اڄ تائين اهو عذاب ڀوڳي رهي آهي، جنهن جو ازالو نٿو ٿئي. هو جو سنڌ سان بي
پناهه محبت ڪندو هو ۽ ان جي خوشحالي لاءِ پنهنجون اعليٰ سوچون وقف ڪري ويٺو هو ۽
سدائين ان ڳالهه جو اظهار ڪندو هو ته: ٻوساٽيل فضا مان هر حالت ۾ ٻاهر نڪري اڳتي وڌڻ
جي ڪوشش ڪريون. سنڌ جي ٻوساٽيل سياسي ماحول ۾ تن ڏينهن ۾ آزاد سوچ رکندڙ هِن سياسي
مدبر کي مات ڏئي اهو سمجهيو ويو ته سندس جدوجهد به ختم ٿي ويندي، پر وقت سڀني جون
اکيون کوليون ۽ ثابت ٿيو ته پنهنجا حق گهرڻ، انهن جي حاصلات لاءِ وڏي وات ڳالهائڻ
۽ ڌرتيءَ جو درد رکڻ ڪو ڏوهه ڪونهي. سندس شهادت کانپوءِ ته سموري سنڌ اندر سندس
تقليد ڪرڻ وارا پيدا ٿيا، اهو ئي سبب هو جو شهيد سان گڏ “گولڊن برين آف سنڌ” جهڙو
لقب سندس حصي ۾ آيو ۽ ٻيا باقي سندس پويان سنڌ سان سنڌ جا ٿي بيٺا. اها به حقيقت
آهي ته الهه بخش سومري انهن ڏينهن ۾ سنڌ جي جدا گانه حيثيت کي ختم ڪرڻ جي خلاف ڳالهايو
ته سندس مخالفت شروع ٿي، هي به اهو پٽ هو جنهن تي سنڌ صدين تائين ناز ڪندي، سو بنا
ڪنهن جي پرواهه ڪيئي سنڌ ۽ سنڌين سان محبت جي جرم ۾ شهادت جو جام پئي ثابت ڪري ويو
ته وطن جي حيثيت جان کان مٿانهين آهي. پنهنجي سياسي دور ۾ اقتدار جي بُک ۽ کوکلي
واهه واهه جي ڪڍ ڀڄڻ وارن اڳيان مضبوط خيالن وارو سنڌ جي سياسي شعور جو روشن تارو
بڻجي جو اڀريو ته غلامي جي زنجيرن ۾ وڪوڙيل بي ضميرن کي سندس اها ڳالهه پسند نه
آئي. هي جو شهيد ٿيو ۽ راهه تاب هٽي ويو ته سندس مخالفن اقتدار جي ڪرسيءَ جي چاش
کي چکيندي به ايترا مقبول نه ٿي سگهيا، جيتري ڪاميابي هڪ مختصر عرصي ۾ الهه بخش
سومري جي حصي ۾ آئي هئي. اُهو سڀ ڪُجهه پاڻمرادو نه ٿيو هو، پر هن انمول انسان جو ڪم،
۽ ڪردار ئِي اهڙو هو، جو نه رُڳو سِنڌ، پَر پوري هِند ۾ مَشهور ٿي ويو، ۽ کيس وَڏا
وَڏا سياستدان جُهڪي سلام ڪندا هُئا!
اَسان جَڏهن شهيد
الهه بخش جي دور وارن وڏن وڏن ناليوارن سياسي ڪردارن کي پڙهون ٿا ته حيراني ٿئي ٿي.
شهيد جو علم، سندس سياسي بصيرت ۽ مخالفت ڪندڙن کي ڏندين آڱريون اچيو وڃن، ڪئين نه
سنڌ جي بهتري ۾ سڀ ڪجهه سهندي امر ٿي ويو. سائين جي ايم سيد جهڙو علم ۽ ادب جو ڏاهو
۽ تجربيڪار سياسي اڳواڻ به اعتراف ڪري ويهي رهيو ته: حالات کي مدنظر رکندي
خانبهادر الهه بخش سومري اها پاليسي اختيار ڪئي، جيڪا جيڪڏهن ڪامياب ٿيڻ ڏني وڃي
ها ته سنڌ هِن وقت يوپي ۽ پنجاب جي مستقل مفاد جي تسلط هيٺ نه رهي ها، پر اسان تي
مذهب جو جنون سوار ٿيل هو، اسان حالتن جو صحي اندازو ڪري نه سگهياسين. سنڌي ادب جو
خدمتگار ۽ سياسي اڳواڻ پير علي محمد راشدي شهيد الهه بخش سومري جو سياسي مخالف هو،
هو پنهنجي ڪتاب “اهي ڏينهن اُهي شينهن” ۾ لکي ويو آهي ته: منهنجي راءِ اها آهي ته
ان وقت جي حالتن ۽ رقابتن سارو، پنهنجن سمورن همعصرن اندر مرحوم جو مقام ڪافي مٿانهون
هو- راج گوپال آچاريه چيو ته: هندستان پنهنجو هڪ قرباني ڏيندڙ روح وڃايو آهي، هي
آزادي جي مقصد جو حقيقي شهيد آهي، الهه بخش سومرو هڪ مضبوط ارادي ۽ مقصد وارو ماڻهو
هو- شهيد الهه بخش سومرو جيڪو انسان دوست شخص هو. شڪارپور ۾ ٻوڏ دوران شهر بچائڻ
کان ڪالرا جي وبا تائين، علمي ۽ صحتي ادارن جي قيام کان مسڪينن جي مدد تائين مسيحا
ليکيو ٿي ويو، تنهن سڀني آڏو پنهنجو هڪ مقصد رکيو ته: مذهب جي بنياد تي ملڪي ورهاڱي
سبب وڏا ڏڦيڙ پوندا- اُهو سڀڪجهه ته ائين ئي ٿيو، نفرتن اچي منهن ڪڍيو. هن چيو هو
ته: درگذر جو جذبو، برداشت ۽ هڪٻئي سان بهتر ڀائيچاري جو هجڻ تمام ضروري آهي، اسان
جا ڪهڙا به عقيدا هجن، اسان کي هن ڌرتيءَ تي مڪمل طور دوستيءَ واري ماحول ۾ رهڻ
گهرجي، ۽ اسان جا تعلقات هڪ ڪٽنب جي ڀائرن جي طرح هجڻ گهرجن- سو! سڀ کان وسري ويو
۽ نيٺ ۱۴ مئي جو ڏينهن اچي کڙو ٿيو ۽ سنڌ جو هيءَ عظيم هيرو حملي ۾ گولين جو شڪار ٿي
شهيد ٿي ويو، ۽ پوءِ سِنڌ روئندي ماتم ڪندي رهي، جيڪو روئڻ، ۽ ماتم اَڄ ڏينهن
تائين جاري آهي- ڇو ته شهيد الهه بخش سومري جي المناڪ وڇوڙي سان سنڌ هڪ ڊگهي
غُلامي، ۽ مَحڪومي جي ور چڙهي وئي!
شهيد الهه بخش
سومري سنڌ جي خوشحاليءَ لاءِ سوچيندي پاڻ پتوڙي ڏيکاريو. انگريزن جي ظلمن خلاف
آواز اٿاريندي سندن جا ئي ڏنل “خانبهادر” ۽ “او بي اِي” جهڙا شخصي خطاب به واپس موٽائي
ڏنا. سندس حڪومتون ختم ڪيون ويون، پر پوءِ به پاڻ آزاد سنڌ ۽ هندو مسلم ايڪتا ۽ گڏيل
هندستان جي مذهبي بنيادن تي ورهاڱي جي مخالفت واري ڳالهه تان ڪو نه ٿڙيو. شڪارپور
۾ ۱۴ مئي تي هڪ صحافي مسٽر رامچند ويرو مل ڀوراڻي شڪارپور جي گهٽين ۾ ڊوڙندو
پگهر ۾ شل اهو چوندي نظر آيو ته: سومرو نه ويو- پر سنڌ هٿن مان وئي. شڪارپور جي هڪ
صحافيءَ جي اها پيشنگوئي اڄ سچ ثابت ٿي چڪي آهي، وڏن وڏن سياسي ليڊرن ۽ قلم ڌڻين
ان ڳالهه جو اعتراف ڪيو آهي. حافظ خير محمد اوحدي ته اهو به لکي ويو آهي ته: الهه
بخش سنڌ جو دماغ هو، سنڌ جو شان هو، سنڌ کي هميشه فخر رهندو، الهه بخش زندهه هجي
ها ته سنڌ جا ههڙا حال نه ٿين ها، الهه بخش جو خون سنڌ جي گردن ۾ آهي، سنڌ جي گردن
الهه بخش جي روح اڳيان ندامت کان جهڪيل آهي ۽ هميشه جهڪيل رهندي. هو اهڙو سياسي اڳواڻ
هو، جنهن ڪڏهن به ڪنهن مخالف يا دشمن کان بدلو نه ورتو، نيڪ نمازي ۽ پاڪ ڪتاب پڙهندو
هو. سادو کائيندو ۽ کاڌيءَ جو ڪپڙو پائيندو هو. سندس دسترخوان ڪشادو، غريبن ۽
اميرن لاءِ هڪجهڙي هلت هلڻ وارو، ڪڏهن به پيشانيءَ تي گهنج نه وڌائين. منهن تي مُرڪ
۽ خلق خدا جي خدمت ۾ هميشه مصروف رهندي الهه بخش سومري اهو ثابت ڪيو ته هو پنهنجي
دور جي جنونين ۽ نام نهاد مذهبين کان ڪيترو مذهبي پابند ۽ مٿانهون هو. اڄ اسان سڀني
کي گهرجي ته شهيد الهه بخش جي پيغام کي عام ڪري سنڌ سان محبت جو سبق حاصل ڪريون، ۽
اُن مَنزل طرف قدم وڌايون، جيڪا شهيد جي خُوابن جي تعبير آهي!
(ڏھاڙي ڪوشش
حيدرآباد ۾ ۱۹ مئي ۲۰۲۳ع تي ڇپيل)
شهيد الله بخش سومرو
ھڪ تاريخ ساز شخصيت
اي ڪي آزاد مغل
سنڌ جي زمين زرخيز
۽ پيداواري صلاحيت ۾ عمده رھي آهي، جنهن ڪري سنڌ سڄي سون آهي، ڇو جو هن جي پيٽ مان
اناج جي صورت ۾ ڪڻڪ، چانور، چڻو، جوئر، جوَ، ٻاجھر، داليون ۽ ٻيون جنسون ۽ عمده
ميوا پيدا ٿين ٿا.جي سنڌ ۾ رهندڙن جي پيٽ گذر کان وڌيڪ هجڻ ڪري ڏيسارو موڪلي ناڻو ڪمايو
وڃي ٿو، ٻي طرف هن ڌرتي تي رهندڙ پڻ املهه انسان جنم وٺن ٿا، جن ڏينهان ڏيهه
پنهنجيون صلاحيتون منڃايون آهن. تهڙيء ريت ڌرتي تي رهندڙ انسانن سميت ٻين جيوت جھڙوڪ
چوپايو مال (مينھن، ڳئون، ٻڪري، رڍ وغيرہ) جي سُک چين ۽ واڌاري لاءِ پاڻ پتوڙڻ ۽
سندن حقن لاءِ جدوجهد ڪرڻ ۾ ڌارين ۽ ڏيهي حاڪمن سان اکيون اکين ۾ ملائي جنگ جوٽجڻ
۾ ڪا ڪوتاهي نه ڪئي اٿن. سدائين وطن ۽ قوم لاءِ سوچيندي هر قرباني ڏيڻ ۾ پوئتي نه ھٽيا
آھن، پوء ڀلي اعظيم مقصد ماڻڻ لاءِ وڏا اعزاز ۽ رياستون ۽ مراعتون ڇڏڻيون پيون ته دريغ
نه ڪئي. اهڙن مهان ماڻهن مان هڪ املھ موتي شهيد الله بخش سومرو هڪ هو. جنهن جي ڪردار
مان هڪ الله لوڪ ۽ ساده شخص جي جهلڪ نظر ايندي، ته ٻئي طرف اصولن تي هلندڙ پنهنجي
ملڪ جي وفاداري ۽ قوم کي غلامي مان آزاد ڪرائڻ لاءِ، هڪ سپاهي بڻجي ايوان ۾ ويهي
اهڙا حڪم نامه جاري ڪرڻ ۽ منصوبا جوڙڻ ۾ ڪا ڪوتاھي نه ڪئي. جنهن سان سنڌي قوم
غلامي مان نڪري آزاد ۽ باوقار قوم بڻجي. هو غريبن ۽ هارين جو مددگار ۽ پڙهيل، سڌريل
سماج کي قائم ڪرڻ جا بنيادي قدم کڻندي، حڪومت وقت ۽ برطانوي حڪومت کان مليل خطاب گورنر
کي موٽائڻ سان گڏ وزيراعظم جي عهدي کي ٿڏي ڇڏيو.
شهيد الله بخش
سومرو جنهن جي زندگي تمام ٿوري (يعني ۳۱ آگسٽ ۱۹۰۰ع بمطابق ۱۹ صفر ۱۳۱۸ هجري شڪارپور شهر ۾ محمد عمر سومرو جي گهر ۾ جنم ورتو ۽
۱۴ مئي ۱۹۴۳ع تي شهيد ڪيو ويو.) سندس ڪل عمر ۴۲ سال ۸ مهينا ۱۳ ڏينهن رهي. ھن ننڍي عمر پائيندڙ وڏي قدبت ۽
سياسي سوچ ۽ فڪر رکڻ واري انسان جي بنيادي تعليم يعني پرائمري ٺل ۽ شڪارپور ۽
قرآني تعليم پڻ شڪارپور ۾ ئي ٿي. ۱۹۱۲ع هوپ فل اڪيڊمي ۾ داخلا وٺڻ بعد ۱۹۱۹ع ۾ مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيو، مئٽرڪ پاس ڪرڻ
کانپوء پنهنجي والد محمد عمر سومرو سان گڏجي ٺيڪيداري ڪيائين ۽ زمينداري جو ڪم ڪرڻ
لڳو، کيس ٻيو ڀاءُ مولا بخش به هو، جو پڻ ساڳئي ريت پنهنجي والد سان گڏجي زمينداري
جو ڪم ڪندو هو.
۱۹۲۳ع ۾ جيڪب آباد ميونسپالٽي ۽ ضلعي لوڪل بورڊ ۽ ۱۹۲۶ع ۾ بمبئي ڪائونسل جو رڪن چونڊيو ويو، (لاڙڪاڻي
جي) ڀٽا خاندان سان وڏن جي گهاٽائپ ڪري، سر شاهنواز ڀٽو سان بمبئي ڪائونسل ۾ ڪم ڪار
۾ گڏوگڏ رهڻ لڳو، گهڻي محنت ۽ دل جي حضور سان ڪم ڪرڻ ڪري ۽ لاڳاپا وڌائڻ سبب کيس ڪيترين
ئي سرڪاري ۽ نجي ڪاميٽين ۾ کيس چونڊيو ويو. (۱۹۲۳ کان ۱۹۳۶ع تائين سنڌ بمبئي سان شامل رهي ايتري
تائين). ۱۹۳۶ع تائين بمبئي ڪائونسل جو رڪن رهيو. اسڪول جي زماني ۾ قرآن پاڪ جو مطالعو
جھجھو ڪيو هيائين. والد سان گڏ ڪاروبار ۽ ٺيڪيداري ڪم سبب ماڻهن سان لهه وچڙ ۾ گھڻو
ھجڻ ڪري ڪاروباري، واپاري، پورهيت ۽ زمينداري طبقي سان گهڻي واقفيت حاصل ڪئي. ان ڪري
بمبئي ڪائونسل جي رڪنيت ۾ مختلف جي ڪاميٽين جي ميمبرسازي سميت مالي مسئلن تي گهڻي
توجهه ڏيندو هو. ٻئي طرف ان وقت گڏيل هندوستان ۾ سياسي تحريڪون ۽ اقتصادي تحريڪون
جاري هجڻ ڪري، انهن مان ڪافي ڄاڻ حاصل رهيس.
سنڌ اسيمبلي جو ۱۹۳۸ع ۾ ميمبر چونڊيو ويو. چونڊن بعد ۱۹۳۸ع ۾ ئي سر غلام حسين هدايت الله کي وڏ وزارت
ملي. بعد ۾ شھيد الا بخش سومرو کي پهريون دفعو سنڌ جو وزيراعظم بڻايو ويو، پر کيس
سياسي وڪڙن ۾ ڦاسائڻ جون ڪوششون به تيز ٿيڻ لڳيون. تنهن وقت سندس ناتو ڪانگريس ۽ جمعيت
علماءِ هند سان گهڻو هو، جتي وڏن بحث مباحثن ۾ حصو وٺندو هو. جنھن جي ڪري علم ۽
ذهانيت ۾ اضافو حاصل ڪرڻ لاء ڪتابي مطالعو شروع ڪيو، ڇو جو علماءِ هند مذهبي
هوندي، ترقي جا خواهان هئا، ٻي طرف مذهبي بحثن ۾ حصو وٺڻ ڪري قرآن پاڪ جي تفسيرن
جو مطالعو گھڻو ۽ جهجهو ڪيائين. ساڳي وقت سان ڪانگريس ۾ سرگرم هجڻ ڪري سياسي بصيرت
گھڻي حاصل ھئي.
شهيد الله بخش
پهريون دفعو ۱۹۳۸ع ۾ سنڌ جو وزيراعظم بڻيو ۽ ٻيو ڀيرو ۱۹۴۱ع ۾ سنڌ جو وزيراعظم ٿيو، شهيد الله بخش سنڌ
جو سچو، انقلابي ۽ قومي سياستدان هو. هن جي سوچ هئي ته سنڌ جي ماڻهن جي زندگي ۾
انقلابي سڌارا اچن ۽ سياسي ۽ سماجي سجاڳي پيدا ٿئي. عام ماڻهن کي تعليمي سهوليت هجڻ
گهرجي. سندس خيال هو ته سنڌ جي وڏن مرڪزي شھرن ۾ هاري ڪانفرنسون ڪوٺائي کين پنهنجي
حقوق جي ڄاڻ ۽ آگاهي ڏني وڃي. ان ڏس ۾ ۽ پهرين ھاري ڪانفرنس جي شروعات نوابشاهه
کان ڪئي. شهيد الله بخش ان کان پوءِ سڄي سنڌ ۾ برڪت آزاد کي اهڙيون ڪانفرنسون
منعقد ڪرڻ جي ذميواري ڏني. ان کان علاوه شهيد الله بخش سومرو، برڪت آزاد کي انهي
لاءِ به راضي ڪيو ته هو سڄي سنڌ جي ننڍن وڏن شھرن ۽ وڏن ڳوٺن ۾ لائبريريون قائم ڪري،
جيئن ماڻهن ۾ ڪتاب پڙهڻ جو شوق پيدا ٿئي ۽ ماڻهن ۾ سياسي سجاڳي اچي. هندستان جي
مشهور ليکڪ جڳت ايس برائيٽ سا شھيد الا بخش سومرو کي پنهنجي ڪتاب “India’s Nationalist No: One
۾
The Golden
Brain Of Sindh” سڏيو آهي.
شهيد الله بخش
سومرو جي سوچ هئي ته جتي ڏوهاري رهن ٿا ۽ ڏوھن اضافو ٿو ٿي، اتي اسڪول کولي تعليم
عام ڪئي وڃي.
هارين کي اڳتي آڻڻ
لاءِ سڌارا آڻجن.
7 جنوري ۱۹۴۱ع تي شهيد الله بخش سومرو پنهنجي تقرير ۾
چيو هو ته“سنڌ ۾ زميندارن ۽ جاگيردارن حڪومت کي چڱي مدد ڪئي آهي. جنهن ڪري سدائين
کين انعام پئي مليا آهن، پر سنڌ جون اهي حالتون سماجڪ واڌاري ۽ سڌاري لاءِ مفيد
ناهن. حالتون سڌارڻ لاءِ ضروري آهي ته، هارين کي به ڪي حق ڏجن. هارين جي حالت ۾ سڌارو
آڻبو ته، زميندار آسودا ٿيندا. مان نه ٿو سمجهان ته جهوني پراڻي نموني جي زمينداري
طريقي سان ڪو پرڳڻي جو سڌارو ايندو، موجوده حالتون پرڳڻي تي داغ آهن.”
شهيد الله بخش
سومرو پورهيتن کي اسيمبلي ۾ نمائندگي ڏيڻ لاء عيوضي وڌائي ڏيڻ جي حق ۾ هو. هن جو
چوڻ هو ته، هارين جي سيٽن تي هارين بجاءِ زميندار چونڊجن ٿا، جيڪي هاري نه آهن،
جنهن ڪري انهن جي حقيقي ڪابه ڳالهه نه ٿي ڪئي وڃي. هن جو چوڻ هو ته، “اسيمبلي ۾ ڪيترا
زميندار هارين جا عيوضي ٿي آيا آهن، پر هنن هارين جي ڀلي لاءِ ڪم نه ڪيو آهي. جيڪڏهن
هاري پاڻ چونڊجي اچن ها ته، جيڪر پنهنجي ڀلي لاءِ پاڻ پتوڙين ها. جهڙي ريت پورهيتن
پاران پورهيت ميمبر چونڊجي ايندا ته، پورهيتن جي ڀلي لاءِ ڪم ڪندا.”
ان زماني ۾ هارين
جي آواز بلند ڪندڙ فقط هڪ شخص هو، سو ھو محمد امين خان کوسو. ھو چوندو هو ته،
"جاگيردارن ۽ ميرن سنڌ سان غداري ۽ انگريز سان وفاداري ڪئي، تنهنڪري هنن جو
طرف نه وٺڻ گهرجي."
محمد امين کوسو جو
تعلق شهيد الله بخش سومرو سان تمام گھڻو ويجهو هو، شهيد الله بخش سومرو چوندو هو
ته، “ڪيترن زميندارن جو عادتون جهڙوڪ؛ ڌاڙا هڻائڻ، چوريون ڪرائڻ ۽ پرايون عوتون ڀڄائڻ
يا ڪي وري زميندار پاٿاري دار آهن، ته ڪي وري چوري جو مال خريد ڪندڙ آھن. هنن وٽ نه
هندڪي آھي ۽ نه مسلماني آهي. ڇاڪاڻ ته چوري مسلمانن جي به ٿئي ٿي، هندن وٽان زيور
۽ مسلمانن جو چوپايو مال چوري ٿئي ٿو، جو ئي سندس ملڪيت آهي. مسلمان جڏهن مسلمان
جي چوري ڪري ٿو ته، معمولي ڳالهه ڏسڻ ۾ اچي ٿي، پر هندو جڏهن مسلمان هٿان ڦرجن ٿا
ته، وڏي ڳالهه ٿي پئي ٿي.”
*سنڌ جي هنرن
کي هٿي وٺرائڻ.
۱۹۳۹ع کانپوءِ شھيد الا بخش سومرو ڪوشش ڪري سنڌ جون ٺهيل شيون خريد ڪري استعمال
۾ آڻيندو ھو. هندو ۽ مسلمانن کي اپيل ڪندو هو ته، پهرين شڪارپور پوءِ سنڌ جون ٺهيل
شيون خريد ڪري واپرايو، ڏيھي خاص طور سنڌ جي ٺھيل شين جي واپار کي زور وٺرائڻ لاءِ
پڻ ڪوششون ورتيون. پنهنجي هڙان ديسي سٺو ريشمي ڪپڙو خريد ڪري عملدارن کي پهچائيندو
هو ۽ چوندو هو ته، جنهن صورت ۾ اهڙو نفيس ۽ سهڻو ڪپڙو هتي جا ڪوري ٺاهين ٿا، ته پوءِ
ڇو ولايتي ڪپڙو وٺجي. پاڻ برطرف ٿيڻ کانپوءِ سادا سستا اٽڪل ۱۲ آني وارا چپل ۽ کاڌي جا ڪپڙا پائيندو هو. هڪ
دفعي جي ڳالهه آهي ته، سندس وڏو پٽ رحيم بخش گهر ۾ سيفٽي (ريزر) وٺي آيو، سو يڪدم
چيائين ته، “اها ڦٽي ڪري ڇڏ، غريب حجامن جي روزگار تي لت ڇو ڏين مسلمان ٿي” جنهن
تي پٽ جواب ڏنو، “ابا ان ۾ اسلام نه آهي“ تنهن تي شهيد الله بخش سومرو چيو ته
“ائين ڪندين ته ملڪيت وقف ڪندس”. رحيم بخش وري چيو ته “اسين پاڻ ڪمائينداسين”. وري
الله بخش چيس ته، “تون فضول خرچ آهين، سوٽ بوٽ ڇڏ، ۲ چولا ۽ ۲ سٿڻون رک”، رحيم بخش وراڻيو، “ابا مون ۾ ڪا
به بري عادت ناهي”، جنهن تي الله بخش وراڻيو ته، “توکي فضول خرچ تي شرم اچڻ گهرجي.
روڊ جي ماڻهن جيترو خرچ رک” ۽ چيو ته، “جيڪڏهن تون ولائتي ڪپڙا پائيندي ته تنهنجي
نماز قبول نه پوندي.”
اهو ٻڌي عام ماڻھو
کي عجيب لڳندو ته، گهر ۾ هر روز پنهنجي زال کي جنڊ پيهائڻ ۽ سٽ ڪتائڻ جو ڪم ڪرائيندو
هو. سندس گھرواري جيڪڏهن ڪنهن ڪم ۾ مشغول هوندي هئي ته، پاڻ جنڊ پيهندو هو. شھيد
الله بخش جي عزيزن کي اهو طريقو پسند نه هو، سو چيائونس ته، “الله بخش تون ظالم آهين
جو ۸ ٻارن جي ماءٌ کان جنڊ ٿو پيهائين”. سو چوندو هو “ورزش ٿو
ڪرايانس”، مٽ چوندا هيس“ ورزش ڪرائڻي اٿئي ته، پردو لهرائي ڇڏينس ڀل خوشي سان هوا
۽ روشني ۾ اچي وڃي”، وراڻيو ھئائين ته، "هائو، پر توهين چوندا ته مان اسلام
جي پوئيواري نه ٿو ڪريان. وري مولوين کان پڇيو پردي لاهڻ خلاف ڪهڙا عجيب دليل ٿا
پيش ڪن،" چيائونس ته “خوب! ٻڌاءِ ته ڪڏهن کان مولوين جو پوئلڳ ٿيو آهين؟ جو
هنن جي راين جي هن معاملي ۾ پرواهه ٿو ڪرين!، وراڻيو ته“مان مولوين جو پوئلڳ
ناهيان نه ڪي ٿيڻ چاهيان ٿو، پر گهٽ ۾ گهٽ سنڌ جي تعليم يافته مسلمانن جي جيسين
اها سجاڳي نه آئي، تيسين اڪيلي سر مان قدم کڻڻ کان عاجز آهيان“. شهيد الله بخش جي
گهر ۾ ۱۸ ڀاتي، ۱۰ نوڪر ۽ نوڪرياڻيون، بورچي، مرد ۲ بورچاڻيون عورتون ۽ موٽرون ۽ ۲ گهوڙي گاڏيون هونديون هيون. تنهن هوندي به
هن نوڪرن کي پاڻ سان گڏ هڪ ئي دسترخوان تي ويهاري کارائيندو هو. اتفاق سان ڪنهن
سبب پاڻ ۾ اڻبڻت يا ناراضپو ٿي ويندو هو ته، مٺو ڳالهائي سرچاءٌ ڪرائيندو هو، ته ڪڏهن
زيردستن کي جهڻڪندو نه هو يا منهن ٿلهي سان نه ڳالھاييندو ھو.. هو هٿ جو سخي ايترو
هوندو هو جو ڪنهن ڪم سانگي ڪنهن کي ٻاهر موڪليندو هو ته ضرورت کان وڌيڪ پئسا ڏيندو
هو، ته واپس حساب نه وٺندو هو.
شهيد الله بخش جي
مرضي هئي ته، پنهنجي خرچ تي ڪپڙو اڻڻ، اٽي پيهڻ، چانور ڇڻڻ، ڪنبل ٺهڻ جا ننڍا ڪارخانه
کولي جن ۾ اٽڪل ۵۰۰ ماڻهو ڪم ڪري سگهن. پوءِ ڪيترن ماڻهن کان وچن وعدو وٺندو هو ته، شڪارپور
جون ٺهيل شيون واپرائيندا ته جيئن شهر ۾ بيروزگاري نه رهي. هو غريبن جو هڏڏوکي هو،
جنهن ڪري هو پنهنجي پاڙي جي مسڪين زالن کي مفت اناج ۽ ڪجهه گهرو خرچ لاءِ رقم ڏيندو
هو. هن جو هڪڙو ارادو هو ته پنج پير جي مقام جي ڀر ۾ ۲ جڳهون ملائي ڇوڪرين جو اسڪول ۽ ويم گهر جوڙائي
۽ شوق هيس ته ڌيءَ کي ڊاڪٽري پڙهائي. هن جو هڪڙو ٻيو خيال به هيو ته، پنهنجي ملڪيت
وقف ڪري پاڻ هڪ لانڍي ۾ زندگي بصر ڪري ۽ گهڻي زمين هجڻ ڪري اها هارين ۾ ورهائي ڇڏيان.
ان تجويز تي غور ڪري رهيو هو ته، ان سوچ تي عمل ڪندي، اٽڪل ۳۰ هزار روپيه هارين ڏانھن تقاوي جا معاف ڪري ڇڏيا.
*عام ڀلائي
جا ڪم.
هو عام ڀلائي جي ڪمن
۾ دلچسپي وٺندو هو، هو چوندو هو ته خلق جي خدمت بهترين عبادت آهي، سو مسڪين ۽
بيواه عورتن جي مدد کان علاوه گهڻا ئي ڪم ڪيا. وزارت عظميٰ جي ڇڏڻ کانپوءِ جو
واقعو آهي ته، بيگاري واهه ۾ گهارو پيو ۽ لکين ايڪڙ زمين پاڻي هيٺ اچي وئي حالت اهڙي
اچي بيٺي جو شڪارپور ٻڏڻ جو خطرو وڌي ويو. ان وقت جي مسٽر مٿراڻي انجنيئر بند ٻڌائڻ
لاءِ ٺيڪيدار جي تلاش ۾ هو پر ڪوبه ٺيڪيدار اهڙي همت نه پيو ٻڌي ڇو جو هڪ ته ٺيڪيدارن
وٽ ماڻهو ڪونه هئا ٻيو اهڙي ٺيڪي مان مالي طور نقصان پوڻ جو امڪان هو. سو ۱۹۲۹ع جي ٻوڏ جا آزموتي مان عملدارن اهو ڄاتو ته
اهڙو ڪم الله بخش سومرو ئي ڪري سگهي ٿو ته، کيس تارون (ٽيليگرام) ڪيائون ته هو
اچي، ٻئي طرف کان گورنر به ٺيڪي کڻڻ لاءِ تار الا بخش سومرو ڏانھن ڪئي، تنهن ڏينهن
الله بخش سومرو کي مولانا عبدالڪلام آزاد سان ملڻ لاء وڃڻو هو، پر شڪارپور کي ٻڏڻ
کان بچائڻ لاءِ ٺيڪو کڻڻ ٿي چاهيو، ھوڏانھن سندن دوستن مشورو ڏنو ته ٺيڪو نه کڻي،
کيس مالي طور ڳرو نقصان پوندو، سو پاڻ چيائين ته، "شهر جو ٻڏي ته توهين ويٺيا
پئسن جا ليکا ڪيو، نقصان پيو ته آءُ پنهنجي هڙان ڀريندس، پر جي فائدو ٿيو ته سمورو
توهان جو." پوءِ پنهنجي ذميواري تي ڪم کنيائين. پنهنجا هاري وٺي پنهنجون
زمينون ٻوڙائي بيٺل فصل تباهه ڪري بند ٻڌرايائين. ايتري قدر جو پنهنجي سر ڪوڏر ۽
تغاري کنيائين ۽ رات جو ۱۰۰ ماڻهن سان گڏجي بند تي پهرو به ڏنائين. اهڙي جفاڪشي تي ڪم ترت سرانجام ٿيو
شڪارپور شهر ٻوڏ کان بچي ويو.
تعليم سان چاھ.
شهيد الله بخش کي
علم سان وڏو چاهه هو جو ڪيترن هندو توڙي مسلمانن ڇوڪرن توڙي ڇوڪرين کي هڙان پئسا ڏئي
اسڪول موڪليندو هو. هڪ دفعي شڪارپور ڪاليج کي بمبئي رجسٽرار ڌمڪي ڏني ته، جيڪڏهن ٻن
سالن جا کٽل ۲۳ هزار نه ٿا جمع ڪرايا وڃن ته ڪاليج جو نالو ڪاٽيو ويندو سو ڪاليج جي
سربراهه وٽ لنگهي ويو ۽ هن کي ساڻ ڪري سکر جي ڪلڪيٽر وٽ آيو کوٽ جا پئسا ڀري ڏيڻ
لاءِ پنهنجي زمين جا دستاويز لکي ڏنائين. جيڪڏهن ائين نه ڪري ها ته اڄ شڪارپور جي ڪاليج
جو وجود نه رهي ها.
قرآني تعليم سان
لڳاءُ
هو ننڍي هوندي کان
روزا رکندو هو ۽ نماز پڙهندو هو سوير صبح جو قرآن شريف جو دور ڪندو هو ۽ مسافري
دوران پنج سورهه (جيبي) قرآن پڙهندو هو ۽ گهر ۾ واندڪائي وقت علامه عبدالله يوسف
علي جو انگريزي ۾ ترجمو ڪيل قرآن شريف غور سان پڙهندو هو.سندس خيال هو ته صحيح
طريقي سان قرآن شريف پڙهجي ته انسانيت ۽ اخلاق جو مادو پيدا ٿيندو، تعصب ۽ تنگ دلي
نڪري ويندي هو پنهنجي گهٽين ۾ مسڪين ڇوڪرن کي روپيا مهانا ڏئي ان ڪم تي رکيو هو،
ته پاڙي جي بالغ مسلمانن کي نماز پڙهڻ لاءِ مسجد ۾ وٺي اچن.الله بخش مرشد نه ورتو
هو پر حضرت عبدالحئي جان ولد محمد عمر جان چشموي جو ڪوئيٽا جي نزديڪ هڪ ڳوٺ ۾
رهندا هئا، سندن والد جو مرشد هو کين ۲۵ ايڪڙ زمين وٺي ڏني هيائين. هن جو عقيدو هو ته ڪنهن کي ڏکائڻ
گناهه آهي. دشمن کي به نقصان نه ڏجي. هن چاهيو پئي ته پنهنجي نياڻي افروز کي ڊاڪٽري
پڙهائي ۽ چوندو هيس ته توکي اجازت آهي منهن کولي گهم پر ڳچي، ڪرائي ۽ مري تائين
بدن ڍڪيل رُک. هو چوندو هو ته ۵۰ سيڪڙو آبادي (عورت) فقط رڌ پچاءُ ٻار پالڻ ۾ مشغول نه
هجي. هو مولوين کي چوندو هو ته ماڻهن کي سمجهايو ته انسان جو خون ڪرڻ عظيم ڏوهه
آهي.ماڻهن کي طاقت ناهي ته هو ماڪوڙو ٺاهي، پوءِ هو ماڻهو ماري ٿو، جنهن پاڪ
پروردگار حياتي ڏني آهي اهوئي وٺي سگهي ٿو. هو اهنسا جو پرچارڪ هو، هو سڌريل سماج
۽ سڌي ڪاروهنوار ۽ عدم تشدد جو قائل هو.
آزاد اخبار جو
اجرا.
الله بخش هڙان ۲۰ هزار روپيا خرچ ڪري آزاد اخبار جاري ڪيائين
۽ ماهانو هڪ هزار روپيا خرچ ڪندو هو ڪڏهن به هن ڪو ناجائز فائدو نه ورتو. سندس
واقف ڪار چوندا هيس ته اخبار تي اجايا پئسا ٿو ضايع ڪرين ٻيو نه ته گهٽ ۾ گهٽ ڪار
پرداز کان پورو حساب ته وٺ پر الله بخش پنهنجي ڪارڪنن تي ويساهه ڪندو هو هر ڪم
ويساهه تي هلائجي اڄڪلهه شڪي نگاهه ۽ هڪ ٻئي کي ٺڳڻ ڦرڻ جهڙي بڇڙي بنيادن تي ٻڌل ڌنڌا
سدائين ڀڙتي وڃن ٿا، مان ماڻهن تي ويساهه ڪندو آهيان. جنهن ڪري خامخاهه مٿي جي سور
پرائڻ کان بچو پيو آهيان.ماڻ ماڻهو چونڊڻ ۾ وقت وٺندو آهيان پر هڪ وار ۾ فيصلو ڪيم
ته هن جي ڪم ۾ دست اندازي نه ڪندو آهيان، مون پنهنجي تجربي مان ڏٺو آهي ته اهو
صحيح طريقو آهي، هونئن به ويساهه بنا ڪاروبار هلائڻ غير ممڪن آهي.
صاف سٿري ۽ سادي
زندگي گذارڻ ۽ عام سان ھمدردي.
هونئن به ڪنهن
گهرجائو کي هٿين خالي نه ڇڏيندو هو. روڊ جي فقير تي ۴ آنن کان گهٽ نه ڏيندو هو، دستر خوان سدائين
کليل هو ڪڏهن به اڪيلي سر ماني نه کائيندو هو. دوستن کي وٺي اچي پاڻ سان گڏ
کارائيندو هو. والد کان ورثي مان مليل ڇهه ست هزار جريب زمين ۲۰ ايڪويهه هزار جريب زمين ڪيائين. هو سوڙ آهر پير ڊگهيريندو هو کيس زمين مان
سالياني اپت ۲ لک ۳۰ هزار ۽ ٺيڪن مان ۵۰ هزار يعنيٰ گڏ سڏ ڪل ۲ لک ۸۰ هزار سالياني آمدني هيس. وزير ٿيڻ کان پوءِ ٺيڪن جا ڪم ڇڏي
ڏنا هيائين ۽ سندس پٽ ملٽري ۽ زمين جا ٺيڪا کڻندو هيو. شخصي ريت غير واجبي نموني
سان ناڻو ڪمائڻ جي خلاف هيو، پوءِ مٿئين آمدني کي به ناجائز سمجهندي وصول نه ڪندو
هو. کيس اپر سنڌ لاءِ پيٽرول وڪڻڻ لاءِ ٺيڪو ٿي مليس. ڪمپني جي مرضي هئي ته الله
بخش وزيراعظم جي حيثيت سان فائدو وٺي ۽ ٻي ڪمپني کي تيل وڪرو ڪرڻ جي بندش داخل ڪري
پر هن ائين نه ڪيو. مرڳي ٺيڪي کڻڻ کان انڪار ڪيائين. چيائين هڪ هٺي ڪرڻ ماڻڻ کي پيڙهڻ
جو عظيم گناهه آهي. هو سائو سکيو ماڻهو هو پر شاهوڪار شاهي جو حامي نه هو چوندو هو
ته زميندار ۽ شاهوڪار ظالم آهن. مولوي خوشامتڙا، پيرتن پرست ۽ مفت خور اهو به
چوندو هو ته دوستو دولت توهان کي تڪليف ڏيندي. مسڪينن ۽ نادارن مان ناجائز فائدو
نه وٺو ڇو ته دولت مان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ اهڙو ڏکيو آهي. جهڙو اٺ سئي جي پاکڙي مان
لنگهي بهتر آهي ته اسڪول اسپتالون کولي خلق جي خدمت ڪريو ۽ علم جي روشني سان ماڻهن
جي دماغ جا طاق کوليو جيئن سندن زندگي جو احساس پيدا ٿئي.
سيلف ڊفينس جي
تربيت ۽ لائبريريون قائم ڪرڻ.
برڪت آزاد پنهنجي
مضمون سنڌ جو هيرو ۾ ڄاڻايو آهي ته، ۱۹۳۸ع ڌاري سکر جي ڳوٺن ۾ عام سڌارا ۽ علم جي روشني آڻڻ لاءِ
هڪ نئين جماعت نالي“سنڌ ڳوٺاڻي جماعت” يا “سنڌ وليج ورڪرز ايسوسيئشن Sindh Villages Worker’s Association قائم ٿي ۽ ان جو صدر شهيد کي ئي چونڊيو ويو
هو،ان جماعت جي بجيٽ هن پنهنجي سر کنئي هئي جا ان سستائي جي وقت اٽڪل ۱۲۰۰ سو روپيا ماهوار هئي. جماعت جو نائب صدر
پراڻي سکر جو هڪ رٽائرڊ سپريڊنٽ انجنيئر ديوان پيسو مل چانڊواڻي کي چونڊيو ويو.
جنهن جو قائم ڪيل چانڊواڻي گرلس هاءِ اسڪول سکر جي مين پوسٽ آفيس جي سامهون گرلس ڪاليج
جي صورت ۾ اڄ به موجود آهي. جماعت جو جنرل سيڪريٽري پروفيسر اين آر ملڪاڻي چونڊيو
ويو، جنهن سان پنهنجي دهلي ۾ ملاقات رهيس. جماعت جو جوائنٽ سيڪريٽري ان وقت ايران
مان موٽيل مشهور سنڌي اديب جناب تيرٿ وسنت کي منتخب ڪيو ويو ۽ آرگنائيزر جي
ذميواري هن بندي جي حوالي ڪئي وئي، سنڌ جي ڳوٺن ۾ لائبريريون قائم ڪرڻ اسان جي سنڌ
ڳوٺاڻي جماعت کي ڪراچي جي مکي جناب پي ڪي شاهاڻي جي پيءُ ديوان ڪيولرام صاحب ڏهن
هزارن جا ڪتاب دان (امداد) ڪيا جن جي قيمت اڄوڪي حساب سان ڏهن لکن کان گهٽ نه ٿيندي.
جيڪب آباد ضلعي جي تعلقي هيڊڪواٽرن ۽ ٻين وڏن ڳوٺن ۾ ٻارنهن لائبريريون قائم ڪيون
ويون هيون ۽ هي ڪتاب سنڀالي رکڻ لاءِ اسان کي جيڪب آباد ڊسٽرڪٽ لوڪل بورڊ جي چيف
آفيسر سرڳواسي ديوان امر لال پنجواڻي ٻارنهن شاهي ڪٻٽ تيار ڪرائي ڏنا هئا. جماعت
طرفان ڪيترن ڳوٺن ۾ مٺو پاڻي ميسر ڪرڻ لاءِ بورنگ نلڪا هڻايا ويا هئا دوائن جون
پيتيون (Medical Chess) پڻ رکايون ويون هيون. هارين ۽ ٻين سڀني ڳوٺاڻن
لاءِ والي بال ۽ ٻين راندين جو سامان پنهنجي هر مرڪزکي پهچايو ويو هو. ٻارن جي پڙهائي
لاءِ ڪتاب ۽ سليٽون وغيره ان کانسواءِ خريد ڪيون ويون هيون. ڳوٺن ۾ پنهنجو بچاءٌ
پاڻ ڪرڻ لاءِ نوجوانن کي پريڊ ۾ سليف ڊفينس Self Defense جي سکيا وٺڻ
لاءِ ڊريسون پڻ ڏنيون ويون هيون. يونيفارم سان گڏ مٿو ڍڪڻ لاءِ مسٽر وسنت جي صلاح
سان مغربي طرز جون فرينچ ٽوپيون French Caps تيار ڪرايون ويون هيون.
ڳوٺن ۾ تعليم ڦهلائڻ،
صفائي، شهريت جا اصول سمجهائڻ لاءِ اسان وٽ هڪ جادو بتي يا ميجڪ لينٽرن ذريعي فلمن
ڏيکارڻ جي مشين پڻ هئي جيڪا گاسليٽ تي هلندي هئي ڇاڪاڻ ته بجلي تي هلندڙ فلم پروجيڪٽر
Projector
ڪونه هئا، هي فلمي جادو به آءُ ئي ڳوٺن ڏانهن
کڻي ويندو هوس. ان کانسواءِ حيدرآباد واري ڪئمپ ۾ جيڪب آباد ضلعي جا اڌ ڊزن گن
نوجوان ڳوٺاڻا پاڻ سان گڏ حيدرآباد وٺي ويو هوس.جتي حيدرآباد جي ميڊيڪل ڪاليج جي هڪ
هفتي لاءِ هنن کي فرسٽ ايڊ (First Aid) طور ملم پٽي ڪرڻ جي ابتدائي سکيا وٺڻ جو
بندوبست ڪرايو ويو هو،هي نوجوان ڪنڌڪوٽ تعلقي جي ڳوٺ تنگواڻي لڳ ڳوٺ سانوڻ گبول جا
رهاڪو هئا ۽ هن ڳوٺ ۾ اسان جو وڏو مرڪز ۽ لائبريري وغيره به هئي.
هن جي وزارت عظمي
جي زماني ۾ سنڌ ۾ عام سڌاري جا ڪيترائي ڪم ٿيا، جهڙوڪ زراعت جي ترقي، بئراج جي پاڻي
جي صحيح تقسيم، لوڪل سيلف گورنمينٽ جي ادارن ذريعي عام ڀلائي جا ڪم، لوڪل باڊيز ۾
سرڪار طرفان ٿاڦيل ميمبرن جو خاتمو، ڳوٺاڻن هنرن جي ترقي، اسپتالن جو واڌارو، هندو
مسلم اتحاد، آنري مئجسٽريٽن جو خاتمو ۽ ٻيا ڪيترائي عام سڌاري جا ڪم ڪيا. سندس
ايام ڪاري ۽ وزارت عظمي جي زماني ۾ ٿيا.
"مسجد
منزل گاهه بابت اظهار.
“منزل گاهه
سرڪاري جڳهه آهي، سرڪار مسلمانن کي ڏي ته هندن کي اعتراض نه وٺڻ گهرجي، سرڪار جهڙي
ريت هنومان مندر جو پلاٽ سرڪار هندن کي ڏئي سگهي ٿي، تهڙي ريت منزل گاهه به ڏئي
سگهي ٿي. پوءِ هڪ مهملي جي رٿ تي منزل گاهه فسادن جي باري ۾ پڌرائي ڪڍي ته، “مان
قبول ٿو ڪريان ته، سکر ضلعي ۾ هندن جي بي سلامتي آهي ۽ سرڪار جو فرض آهي ته، بنا
دير سلامتي ۽ قانون جو انتظام ڪري، حادثا سنڌ تي داغ آهن اهو تمام خراب آهي ته،
سياسي معاملن لاءِ بي گناهه ماڻهن جو خون ڪجي. مون کي ارمان آهي جو ڳوٺن ۾ مسلمان
پنهنجي هندو ڀائرن جا خون ڪيا، ڌاڙا هنيا ۽ زالن جي بي حرمتي ڪئي. مون منزل گاهه
تي غور ڪيو آهي، مون تي الزام آهي ته مامري جي حل ۾ دير پئي ڪئي اٿم، پر هي سوال
سولائي سان حل ٿيڻ جهڙو ناهي مون کي اميد آهي ته، هي سوال اهڙي نموني حل ڪبو جو ٻنهي
ڌرين کي پسند پوندو.
*وزات اعظمي
کان علحدگي.
۱۰ آڪٽوبر ۱۹۴۲ع تي سنڌ جي گورنر الله بخش سومرو کي گھرائي، کيس روبرو "خط پڙهي ٻڌايو
۽ استعيفيٰ طلب ڪئي." الله بخش سومرو جواب ڏنو، "مان عوام جو چونڊيل
عيوضي آهيان ۽ انهن جي چوڻ تي ئي اهڙو قدم کڻي سگهندس مان استعيفيٰ ڪونه ڏيندس، پر
جي اوهين مون کان پلئه آجا ٿا ڪرڻ چاهيون ته ڀل اوهان پاڻ قدم کڻو،" گورنر
وراڻي ڏنس ته، "اوهين پاڻ کي برطرف سمجهو پنهنجي عهدي جي چارج موٽائي ڏيو،"
هن گفتگو ۾ ۱۵ کان ۲۰ منٽ لڳا.
*شھادت.
مئي ۱۹۴۳ع ۾ الله بخش کي ڪنھن اچي شڪايت ڪئي، ته شڪارپور
شهر جي ٻاهران هڪ نئون پير آيو آهي، جنهن وٽ تعويذن جي بهاني ڪيتريون ئي عورتون وڃي
رهيون آهن. سو الله بخش سوچيو ته ڪنهن نموني سان انهي پير کي هتان ڪڍي ڇڏجي، سو ۱۴ مئي جي صبح جو دوستن سان گڏ ناشتو ڪري وڏيري
نبي بخش ڦلپوٽو ۽ ميان غلام رسول جهلڻ سان ٽانگي ۾ چڙهي پير سان ملاقات ڪرڻ لاءِ نڪتو،
ٻڌايو وڃي ٿو ته، پاڻ سان گڏ هڪ سو روپين جا نوٽ به کنيائين، پير کي ڪجھ ڏوڪڙ ڏئي،
کيس رضا خوشي سان راضي ڪري شڪارپور ڇڏي وڃڻ لاءِ آماده ڪبو، پر الله بخش تنهن
آستاني تي پهتو ته، پير اڳي ئي وڃي چڪو هو. سو ساڳي ئي ٽانگي تي واپس پئي آيو ته،
ھاڻوڪي پوليس هيڊڪواٽر وٽ پوئين ڪنڊ سامهون، رستي تي ڪي اڻ واقف ماڻهو انتظار ۾ بيٺا
هئا، تن هنن کي ڏسي گوليون هلائي شهيد ڪري ڇڏيو، ان وقت الله بخش ٽانگي ۾ اخبار پڙهي
رهيو هو، گولي لڳڻ شرط بگي جي حودي ۾ ڪري پيو. بندوق جا ۳ فائر ٿيا جن مان هڪ الله بخش جي سيني ۾ ۽ ھڪ
پٺي ۾ لڳي ۽ هڪ گولي وڏيري نبي بخش ڦلپوٽو جي ٽنگ ۾ لڳي، جڏهن ته ميان رسول بخش
جهلڻ ٽانگي ۾ اڳيان ويٺو هو. خونين جي منهن تي ٻٽون ٻڌل هيون، تيڏيءُ مهل پوليس
وارن خونين تي ٻه چار گوليون هلايون، پر خوني ڀر واري باغ جي ننڍي ڀت ٽپي ڀڄي هليا
ويا. پيري کڻڻ تي ۲۴ ميل پري تائين پيرو مليو، پر پوءِ نشان گم ٿي ويا.
شهيد الله بخش
سومرو جي شهادت اصل ۾ انگريز سرڪار جي سازش هئي. جنهن سنڌ مان ٻن ماڻهن کي هٽائڻ
پئي چاهيو هڪ هيو الله بخش سومرو ۽ ٻيو هو پير صاحب پاڳارو، جن پڻ انگريزن جي سنڌ
کان نيڪالي ٿي چاھي.
شهيد الله بخش سومرو
انگريزن جا لقب غلاميءَ
جا طوق سمجهي موٽائيندڙ شخص
استاد راھي
اڄ ۱۴ مئي سنڌ جي اڳواڻي وزير اعظم الله بخش
سومري جي شهادت جو ڏينهن آهي. ائين کڻي چئجي ته سنڌ جي آجپي، خوشحالي ۽ چمڪندڙ
مستقبل جي علامت جي شهادت جو ڏينهن آهي، قوم شهيد الله بخش سومري جي سوچ کي سمجهي
ها ته اڄ پڪ سان چوان ٿو ته سنڌ ۽ سنڌي قوم کي اهڙا ڏکيا ڏينهن نه ڏسڻا پون ها. سنڌي
قوم دنيا جي گولي تي ٻين سڌريل قومن وانگر ترقي يافته قومن ۾ ليکجي ها. شايد
انهيءَ ڪري انگريزن الله بخش سومري کي پنهنجن کان ئي شهيد ڪرائي ڇڏيو. شهيد الله
بخش سومري جو اهو ڏوھ هو ته هو وڇولي طبقي جو ماڻهو هو. با اخلاق، مدبر، شريف، فرض
شناس ۽ هڏڏوکي ماڻهو هو. هن وٽ قومي ۽ بين الاقوامي اصولن جي اهميت هئي. هن جو
شايد اهو به ڏوھ هو ته هن انگريزن کي خانبهادر، سر ۽ ٻيا لقب غلاميءَ جو طوق
سمجهندي واپس اُڇلائي ڏنا. هن جو شايد اهو به ڏوھ هو ته ان انگريزن کي چيو ته ۱۸۴۲ع ۾ جڏهن اوهان نسڌ تي قبضو ڄمايو، تڏهن سنڌ
هڪ آزاد ۽ خودمختيار ملڪ جي صورت ۾ هئي. اهڙي طرح سان اسان کي سنڌ آزاد ڪري ڏيو.
اسان سنڌ پاڻ پنهنجي حڪومت هلائينداسين. انگريزن ائين نه ٿي چاهيو شهيد الله بخش
سومرو جاگيرداراڻي سوچ، روايتن ۽ هڪ ٻئي خلاف ڪفر جون فتوائون جاري ڪندڙ ڪٽر مذهبي
خيالن جو مخالف هو. هو اعتدال پسند انسان هو. هن بحيثيت وزير اعظم جي پهريون آرڊر
مسجد منزل گاھ مسلمانن حوالي ڪرڻ جو جاري ڪيو. هن سامراجن جي ڪٽر دشمن مولانا
عبيدالله سنڌيءَ جي ۲۵ سالن جي جلاوطني ختم ڪري کيس سنڌ گهرايو ۽ پاڻ ساٿين سميت ان جو شاندار
استقبال ڪيو.هڪ ڀيري وزير اعظم هائوس ڪراچي جي مسجد جي پيش امام کيس دانهن ڏني ته
مدجد جي خدمت لاءِ رکيل ملازم پاڻي گرم نٿو ڪري تنهنڪري مون کي روضي رکڻ مهل يا
وضو ڪرڻ مهل تڪليف ٿئي ٿي. شهيد چيو ته اڳتي ائين نه ٿيندو. اڌ رات جو شهيد پيش
امام ڪم سانگي پيش امام شهيد وٽ ويو، ڏسي ته پاڻ به ناهي ۽ ملازم به ناهي. اها ڳالھ
ڪامريڊ برڪت آزاد پنهنجي مقالي ۾ لکندي چيو ته اهو گرم پاڻي ڪرڻ وارو شهيد الله
بخش سومرو پاڻي هو. ۱۸۹۲ع ۾ جڏهن سنڌ ۾ ڪا بيماري وبا بڻجي پکڙجي ويئي ته شهيد الله بخش سومرو پاڻ
مريضن وٽ ويندو رهيو. هڪ ڀيري پاڻ شڪارپور ۾ ڪنهن ڪم سانگي دوست سان ملڻ ٿي ويو ته
رستي ۾ ڀنگيءَ جو گند ڪچرو سندس ڪپڙن کي لڳو. ڀنگي ڏاڍو پشيمان ٿيو. پاڻ مرڪندي ڀنگيءَ
جي مُٺ ۾ ڪجھ ڏيئي هليو ويو.
شهيد بحيثيت وزير
اعظم جي ڪڏهن به پروٽوڪول نه کنيو. رستن تي پوليس به نه بيهار، ذاتي ڪم لاءِ سرڪاري
شيون استعمال نه ڪيون. پاڻ قرآن شريف جو درس شڪاپور جي ڳوٺ گوري پهوڙ ۾ مولانا سنڌيءَ
کان ٻڌندو هو. ان سان گڏ سوشلزم ۽ اقتصادي مسئلن جو اڀياس ڪندو هو. ۱۹۳۵ع ۾ صوبن کي وڌيڪ صوبائي خودمختياري ڏيڻ
لاءِ چونڊن جو اعلان ڪيو ويو. انهيءَ سلسلي ۾ ۱۹۳۷ع ۾ چڪ ۾ اهرار ڪانفرنس ڪوٺائي ويئي، جنهن ۾
سيد عطاءُ الله شاھ، ڀولا ءائي ڊيسائي، الله بخش سومري، ڪامريڊ ابو شوڪت حمزي ۽ ڪامريڊ
برڪت آزاد شرڪت ڪئي. ۱۹۳۷ع ۾ سنڌ ڳوٺاڻي جماعت جو بنياد پيو، جنهن جو صدر شهيد الله بخش سومري کي ڪيو
ويو. هن پليٽ فارم تان ڳوٺن ۾ دوائون، نلڪا، اسڪول، ڊريسون، ڪتاب سليٽون، والي بال
۽ ان سان گڏ مولانا سنڌيءَ جي تجويز تي هارين کي سوٽ پنيٽ پارائي ويئي ۽ ٽريننگ جا
پروگرام رٿيا ويا.
شهيد الله بخش
سومري لاءِ سندس شهادت کانپوءِ ترت هڪ مهينو پوءِ هندستان جي تمام وڏي شخصيت جڳت
سنگھ پرائيٽ پنهنجي ڪتاب ”انڊياز نيشنلسٽ نمبر ون“ يعني ”هندستان جو پهريون نمبر
قومپرست“ ۾ لکي ٿو ته شهيد الله بخش سومرو ”گولڊن برين آف سنڌي“ هو. شهيد الله بخش
سومري کي اڄ جي ڏينهن تي شڪارپور جي هاڻوڪي ڊي پي او آفيس ڀرسان بگيءَ تي قتل ڪيو
ويو. ساڻس سردار نبي بخش ڦلپوٽو ۽ رحمت الله جهلڻ گڏ هئا. سنڌ جي محبوب اڳواڻ جي
قتل تي ننڍا، وڏا، مايون توڙي مرد ايستائين جو جيل جا قيدي به روئي پيا هئا.
۱۸۴۳ع ۾ انگريزن هڪ آزاد ملڪ جي حيثيت رکندڙ سنڌ تي ٽالپرن جي حڪومت تي قبضو ڪري
سنڌ کي غلام ڪيو، اهڙي طرح سان اڄ سنڌ جي غلاميءَ جا ۱۸۱ سال ٿيا آهن ۱۸۴۳ع ۾ سنڌ تي انگريزن جي قبضي کان پوءِ سمورو
هندستان قبضي هيٺ اچي ويو، تنهن وقت انگريزن جي قبضي هيٺ به رڳو برصغير هو پر عربن
جا علائقا هاڻوڪي اسرائيل تائين سڀ هاڻوڪا عرب ملڪ قبضي هيٺ هئا، چون ٿا ته
انگريزن جي بادشاهي ۾ سج نه لهندو هو، هتي اڀرندو هو ته ٻين علائقن ۾ لهندو هو.
بهرحال غيرتمند قومون گهڻو قوت غلام نه رهي سنگهنديون آهن، هندستان، سنڌ ۽ عرب
علائقن ۾ آزاديءَ جي تحريڪن جنم ورتو. ڪجھ تحريڪن جمهوري ۽ عدم تشدد جي پاليسيءَ
تي عمل ڪندي اڳتي وڌيون، جنهن جي اڳواڻي تهاتما گانڌي ۽ ڪانگريس ڪري رهي هئي ۽ ڪجھ
تحريڪون ويڙھ ڪري رهيون هوين جنهن جي اڳواڻي سڀاش چندربوس ۽ ڀڳت سنگھ ڪري رهيا
هئا. سنڌ ۾ شهيد صبغت الله شاھ راشدي ڪري رهيو هو ۽ ساڳي وقت سنڌ ۾ جمهوري جدوجهد
جي حوالي سان هڪ وڏو نانءُ شهيد الله بخش سومرو هو، جيڪو حڪومت ۾ رهندي سنڌ جي
آزاديءَ جي جدوجهد ڪري رهيو.
جيئن ته انگريزن
پنهنجي حڪومت کي ڊيگھ ڏيڻ لاءِ خاص طور سنڌ ۾ سر ۽ خان بهادر جا لقب القاب پنهنجي
وفادار سردارن کي ڏئي کين لکين جريب زمين ڏئي ڇڏي، انگيزن جڏهن ڏٺو ته عرب علاقن ۽
هندستان ۾ قومي تحريڪون وڏي زور شور سان اڳتي وڌي رهيون آهن، انهن پنهنجي لاءِ
مستقبل ۾ هڪ وڏو خطرو محسوس ڪيو، جنهن جي نتيجي ۾ هنن هميشه خطري کان بچڻ لاءِ ٽن
شين جو بنياد رکيو (۱) قومن کي مذهبي بنيادن تي ورهايو، وڙهايو جي اصول تي ٻن ملڪن جو بنياد وڌو،
جنهن ۾ برصغير ۾ هندستان ۽ پاڪستان ۽ عرب علائقن ۾ اسرائيل شامل آهن. (۲) ٽنهي ملڪن ۾ هٿرادو لڏپلاڻ ڪرائي وئي، اهڙي
طرح سان سنڌ ۾ هٿان مذهبي بنيادن تي پيدا ٿيل نفرتن جي نتيجي ۾ سنڌ مان هندو جيڪي
معاشيات جا ماهر هئا، لڏي ويا ۽ هندستان مان غير سنڌي يو پي سي پي علائقن مان سنڌ
۾ آيا، جنهن ڪري سنڌي قوم جو تعداد گهٽجي ويو ياد رهي ته مولانا ابوالڪلام آزاد هن
لڏپلاڻ جي مخالفت ڪئي ۽ اهڙي طرح سان سنڌ ۾ به اهڙان عالمن ۽ ٻين شخصيتن مخالفت ڪئي
هئي. (۳) انگريزن قومن کي انهن جي جاگرافيائي حدن ۽ ثقافتن کي روهائي ڇڏي، مثال
طور هن وقت اڌ سنڌ هندستان ۾ اڌ سنڌ پاڪستان ۾ اهڙي طرح سان پنجاب، بلوچستان،
سرحد، عرب علائقن ۾ ڪرستان، فلسطين علائقا ورهايا ويا، جنهن جو نتيجو اهو نڪتو ته
هن وقت تائين هٽي نفرتن، غربت، بداماني جي باھ ٻري رهي آهي. اهڙيءَ صورتحال کي سنڌ
جي ليجنڊ شخصيتن اڳي ئي سمجهي ورتو هو، جنهن ڪري شهيد الله بخش سومري ۽ ملانا
عبيدالله سنڌي انگريزن جي سخت مخالفت ڪئي ۽ سنڌ جو آزاد تصور ڏنو. شهيد الله بخش
سومري پنهنجي ڏاهپ جو استعمال ڪندي انگريزن جي منهن ۾ مليل لقب واپس هڻندي هي
تاريخي جملا چيا ته توهان جيڪا هيءَ مذهب جي بنياد تي هڪ نئين ملڪ جو بنياد وجهو ٿا،
ان جي ڪا به تاريخ، جاگرافي، ٻولي ۽ ثقافت ناهي، اوهان سنڌ تي آزاد حيثيت ۾ قبضو ڪيو
هو. هاڻي به اسان کي سنڌ ملڪ آزاد ڪري ڏيو ته اسان سنڌ جا ماڻهون پنهنجي حڪومت پاڻ
هلائينداسين، جنهن کان انگريز لاجواب ٿي ويا، آخرڪار سنگيزن مذهبي شدت پسندن هٿان
اڄوڪي تاريخ تي سنڌ جي هن عظيم سياسي شخصيت کي قتل ڪرائي ڇڏيو. جنهن جو احساس سنڌي
قوم اڄ به شدت سان محسوس ڪري ٿي ۽ اڄ هر ماڻهو چوي ٿو ته ڪاش تنهن وقت سنڌي ماڻهو
شهيد الله بخش سومرو جو چوڻ وٺن ها.
گهوڙن ۽ گهوٽن جيئڻ
ٿورا ڏينهڙا،
ڪڏهن منجھ ڪوٽن ڪڏهن
راهي رڻ جا.
(ڏھاڙي
پنھنجي اخبار ڪراچيءَ ۾ ۱۴ مئي ۲۰۲۴ع تي ڇپيل)
شهيد الله بخش سومرو
سنڌ جي سيني ۾ تاريخ جو
زخم - ورسيءَ جي مناسبت سان
زبير سومرو
۲۷ اپريل ۱۹۴۰ جو ڏينهن هو. دهلي شهر ۾ ماڻهن جو سمنڊ اٿلي پيو هو. گھٽين، روڊن ۽ رستن
تي هزارين ماڻهن جا هجوم هئا. شهر جي تاريخي علائقن ترڪمان دروازو، چاوڙي بازار،
لال خان، هوز قاضي ۽ چاندي چوڪ تي مسلمانن پنهنجا دڪان، گھر ۽ ديوارون جھنڊن، نعرن
۽ الله بخش سومري جي تصويرن سان سينگاري ڇڏيا هئا. سنڌ، پنجاب، سرحد، بلوچستان،
بِهار، آسام، مدراس، اُڙيسا، بنگال، مَليبار، راجستان، دهلي، ڪشمير، حيدرآباد سميت
هندستان جي ڪنڊ ڪڙڇ مان آيل مسلمانن جي مذهبي جماعتن توڙي سياسي پارٽين جا هزارين ڪارڪن
“هندستان جو ورهاڱو نامنظور”، “هندستان آزاد”، “انقلاب زنده باد” ۽ “الله بخش
سومرو زنده باد” جا نعرا هڻندا، دهليءَ جي جامع مسجد ڀرسان جلسي گاهه طرف پهچي
رهيا هئا. هندستان جي ورهاڱي خلاف اهو پبلڪ پاور شو هندستان جي مسلمانن جو وڏو ڪارنامو
هو، جيڪو ۲۷ اپريل کان ۱ مئي ۱۹۴۰ تائين چار ڏينهن هليو. “آل انڊيا آزاد مسلم ڪانفرنس” نالي هن جلسي ۾
پهرئين ڏينهن پنجاهه هزار ۽ آخري ڏينهن هڪ لک ماڻهو شريڪ ٿيا. دهليءَ جي جامع مسجد
لڳ ميدان جي پنڊال ۾ پنج هزار عورتن جي ويهڻ جو بندوبست پڻ ڪيو ويو هو. پنڊال ۾
داخل ٿيڻ لاءِ ۲۴ مين گيٽ ٺاهيا ويا.
هندستان جي دل
دهليءَ ۾ لکين ماڻهن کي گڏ ڪندڙ، سنڌ ڄائو شڪارپور واسي الله بخش سومرو هو. چاليهن
سالن جي عمر ۾ سنڌ جو پريميئر (ان دور ۾ صوبي جي چيف منسٽر کي پريميئر چوندا هئا)
رهندڙ هندستان جي راڄڌاني ۾ ورهاڱي خلاف اهو جلسو ئي دراصل الله بخش سومري جي
شهادت جو مُک سبب بڻيو. “آل انڊيا آزاد مسلم ڪانفرنس” هڪ مهينو اڳ ۲۳ مارچ ۱۹۴۰ تي لاهور ۾ ٿيل “قراردادِ پاڪستان” جو جواب
هو. پَٽنا مان نڪرندڙ هڪ اخبار “دي سرچ لائيٽ” جي سُرخي هئي ته “Mr. Jianah has got the reply”
الله بخش سومري، مسلم ليگ سميت انگريزن کي پيغام ڏئي ڇڏيو ته هندستان جا مسلمان ڪنهن
به صورت ۾ هندستان کي ورهاڱي کي عمل ۾ آڻڻ نه ڏيندا.
ان ڪانفرنس ۾
هندستاني مسلمانن جي سمورين سياسي پارٽين ۽ ديني جماعتن – جميعت علماء هند، آل انڊيا
مسلم ليگ مومن ڪانفرنس، آل انڊيا شيعا پوليٽيڪل ڪانفرنس، آل انڊيا مجلسِ احرار،
خدائي خدمتگار، آل انڊيا مسلم پارليامينٽري بورڊ، بنگال ڪريشڪ پِراجا پارٽي،
انجمنِ وطن بلوچستان، سنڌ اتحاد پارٽي، آسام ويلي پارٽي، آل انڊيا سُني جميعتُ
العلماء، آل انڊيا سُني ڪانفرنس، مسلم آزاد پارٽي، آل انڊيا مسلم مجلس ۽ جماعت
اهلِ حديث شرڪت ڪئي. ڪانفرنس جي صدارت ڪندڙ الله بخش جي اُها تاريخي تقرير پڙهڻ جهڙي
آهي، جنهن ۾ هُن هندستان جي جامع قومپرستي (Composite Nationalism) جي پسمنظر
۾ پنهنجو تاريخي موقف پيش ڪيو ۽ ٻِه قومي نظريئي کي سياسي، سماجي ۽ مذهبي لحاظ کان
تنقيد هيٺ آندو. هيءَ تاريخي ڪانفرنس هندستاني ميڊيا توڙي برٽش پريس ۾ ڪيترن ڏينهن
تائين سُرخين ۾ رهي. “هندستان ٽائيمس”، “بامبي ڪِرونيڪِلس”، “نيشنل هيرالڊ” ۽ “دي ٽِربيون”
سميت ملڪ جي سمورين اخبارن جي هيڊ لائين نيوز لڳايون ته دهلي جي تاريخ جو وڏي ۾ وڏو
سياسي جلسو خانبهادر الله بخش سومرو جي اڳواڻيءَ ۾ ٿيو. سخت گرميءَ جي باوجود
دهليءَ ۾ ماڻهن جي سمنڊ الله بخش جي آجيان ڪئي. “آل انڊيا آزاد مسلم ڪانفرنس” جي
پبلڪ پاور شو ۾ سڄي هندستان مان جملي مسلمان مذهبي ۽ سياسي جماعتون جوش ۽ جذبي سان
شريڪ ٿيون پر ان وقت جي هڪ اهم تنظيم جماعت اسلامي ۽ ڪانگريس به شريڪ نه ٿيون. ان
جا ڪهڙا سبب هئا، ان تي تحقيق جي ضرورت آهي.
دهلي يونيورسٽيءَ
جو پروفيسر، شمس الاسلام پنهنجي ڪتاب (Muslim Against Partition of India)
۾ لکي ٿو ته الله بخش جي ان ايڏي وڏي تاريخي جلسي جو ٽيمپو جُڙي نه سگهيو. شمس
الاسلام الله بخش کي “ماسٽر برين” ڪوٺيندي لکي ٿو ته ان ڪانفرنس کان هڪدم پوءِ
الله بخش کي ٻيهر سنڌ جو پريميئر (چيف منسٽر) بڻايو ويو ۽ هڪ حڪمت عملي تحت الله
بخش کي سنڌ جي صوبائي سياست تائين محدود رکي، زرعي ٽيڪس، ڍلَ ۽ محصول جي مسئلن ۾
الجهايو ويو. ان کان علاوه کيس منزل گاهه مسجد واري معاملي ۾ هڪ رٿيل سازش ۾ ڦاسايو
ويو. الله بخش سان هڪ وڏي زيادتي ڪانگريس پاران ڪئي وئي، جو آزاد مسلم ڪانفرنس جهڙي
هيڏي وڏي جلسي ۾ گانڌي، نهرو ۽ مولانا آزاد سميت ڪي به ڪانگريسي اڳواڻ شريڪ نه ٿيا.
الله بخش جي هيڏي وڏي ڪارنامي کي اهڙي بُري طرح نظر انداز ڪرڻ جو ڪهڙو سبب هو؟ ڪانگريسن
کي الله بخش سان ڪهڙو نظرياتي اختلاف ٿي پئي سگھيو؟ الله بخش جو ننڍي عمر ۾
هندستان جي سياسي اُفق تي اوچتو ڇائنجي وڃڻ شايد ڪانگرسين کان هضم نه ٿي رهيو هو.
الله بخش ۱۹ سيپٽمبر ۱۹۴۲ تي وائسراءِ لِنلِٿگو کي ليٽر لکي، برٽش سرڪار
پاران مليل ٻئي خطاب واپس ڪيا. الله بخش جو اهو خط ونسٽن چرچل جي ‘هائوس آف ڪامنز’
۾ ڪيل ۱۰ سيپٽمبر ۱۹۴۲ واري تقرير جي رد عمل ۾ هو، جنهن ۾ چرچل ڪانگريس پاران “ڪُـئٽ انڊيا تحريڪ”
تي سخت تنقيد ڪئي. آزاد مسلم ڪانفرنس جي حوالي سان انگريز اڳ ۾ئي الله بخش تي ڪاوڙيل
هئا، مٿان وري سندس خطاب واپس ڪرڻ تي هُو صفا برهم ٿي ويا. سنڌ جي گورنر ‘سر هَگ ڊائو’
الله بخش کان جبري استعيفيٰ گُھري جيڪا الله بخش نه ڏني ۽ بعد ۾ کيس وڏ وزارت جي
عهدي تان هٽائي ڇڏيو.
۱۴ مئي ۱۹۴۳ تي هند سنڌ جي هِن سُپوت کي شڪارپور شهر ۾ ڏينهن ڏٺي جو گولين سان قتل ڪيو
ويو. ڪِرائي جو قاتل ڪوئي حُر هو ۽ الزام ايوب کهڙي تي لڳو. ايوب کهڙي انهيءَ جي
قتل جي الزام ۾ ڪجهه مهينا جيل به ڪاٽيو. اڄ ان قتل کي ۸۱ سال گذري ويا. سنڌ جي سيني ۾ تاريخ جو اهو
زخم اڃا ڀريو ناهي. ۱۹۸۹ ۾ سائين جي ايم سيد کي مون الله بخش جي قبر تي روئندي ۽ شهيد کان معافي
گهرندي ڏٺو.
(ڏھاڙي
پنھنجي اخبار ڪراچيءَ ۾ ۱۴ مئي ۲۰۲۴ع تي ڇپيل)
شهيد الهه بخش سومرو
سنڌ جو محب وطن ۽ عظيم
سياستدان
ايڊيٽوريل
سنڌ جو محب وطن،
تجربيڪار ۽ عظيم سياستدان، شهيد الهه بخش سومرو ۱۹۰۱ع ۾ شڪارپور شهر ۾ پيدا ٿيو. شهر جي ٺيڪيدار
مستري محمد عمر جو فرزند هو، جيڪو پنهنجي وقت جو ايماندار ٺيڪيدار ۽ آبادگار هو. الهه
بخش سومرو سندس وڏو فرزند هو. هيءُ سال ۱۹۱۲ع ۾ ثانوي تعليم لاءِ هوپ فل اسڪول ۾ داخل ٿيو ۽ مئٽرڪ
پاس ڪرڻ بعد، پيءُ سان گڏجي ٺيڪيداري ڪرڻ لڳو. تعليم دوران پنهنجي وقت جو ذهين
شاگرد هو. راندين خاص ڪري ڪرڪيٽ سان دلچسپي هيس ۽ ڪيترن مقابلن ۾ حصو ورتائين.
هن ۱۹۲۳ع ڌاري سياست ۾ قدم رکيو. ۱۹۲۳ع ڌاري، هيءُ جيڪب آباد ميونسپالٽيءَ ۽ ضلعي
لوڪل بورڊ سکر جو ميمبر چونڊيو. ۱۹۲۶ع ۾ خانبهادر جان محمد پٺاڻ جهڙي سلطان ڪوٽ ۽ سکر ضلعي
جي بااثر ۽ اهم زميندار جي مقابلي ۾ بمبئي ڪائونسل جو ميمبر چونڊجي ويو. هن جا ڀُٽي
خاندان سان، پنهنجي والد جي زماني کان سٺا لاڳاپا هئا، انڪري هن بمبئي ڪائونسل ۾
سر شاهنواز ڀُٽي جو ساڄو هٿ ٿي ڪم ڪيو، جيڪو ان زماني ۾ بمبئي ڪائونسل ۾ سنڌ جي
مسلمان ميمبرن جو ليڊر هو. ذهين ۽ باصلاحيت هئڻ ڪري، الهه بخش سومرو بمبئي ڪائونسل
جي ميمبريءَ دوران ڪائونسل سان واسطو رکندڙ سرڪاري ڪميٽين تي چونڊيو ويو. اهڙيءَ
طرح هي ۱۹۲۶ع کان ۱۹۳۶ع تائين، جيسين سنڌ بمبئيءَ سان شامل هئي، بمبئي ڪائونسل جو ميمبر رهندو
آيو. ان کان اڳ ۱۹۲۸ع ۾ هي ضلعي لوڪل بورڊ سکر جو پريزيڊنٽ چونڊيو.
جنوري ۱۹۳۱ع ۾ جيڪب آباد ۾ گهوڙن جي سالياني نمائش جي
موقعي تي سنڌ جي لوڪل بورڊن جي صدرن ۽ چيف آفيسرن جي ڪانفرنس ڪوٺائي، هن لوڪل بورڊن
جي تنظيم، اختيارن ۽ سڌارن بابت ڪيترا ٺهراءَ پاس ڪرايا ۽ سنڌ جي لوڪل بورڊن جي
ائسوسئيشن قائم ڪرايائين. ان موقعي تي هن سنڌ جي مسلمان سياستدانن جي ڪانفرنس سيٺ
حاجي عبدالله هارون جي صدارت ۾ ڪوٺائي، سنڌ جي بمبئيءَ کان آزادي ۽ آل انڊيا مسلم ڪانفرنس
جي ٺهرائن جي تائيد ۾ ٺهراءَ پاس ڪرايا. ۱۹۳۴ع ۾ جڏهن جي ايم سيد جي بنگلي (ڪراچيءَ) ۾ ’پيپلزپارٽي‘ ٺاهي
وئي ته اُن جو ليڊر شاهنواز ڀٽي کي ۽ ڊپٽي ليڊر الهه بخش سومري کي چونڊيو ويو. ۱۹۳۶ع ۾ ’اتحاد پارٽي ‘ قائم ٿيڻ تي هيءُ اُن ۾
شامل ٿيو.
سنڌ جي بمبئيءَ کان
آزاديءَ بعد ۱۹۳۷ع جي چونڊن ۾ اتحاد پارٽيءَ جا ۲۴ ميمبر چونڊجي آيا، پر اُن جو ليڊر سر شاهنواز ڀٽو ۽ ڊپٽي
ليڊر حاجي عبدالله هارون هارائي ويا، ان تي گورنر سر لئنسليٽ گرهام، سر غلام حسين
کي وزارت لاءِ گهرايو، جنهن جي پارٽيءَ جا صرف ۵ ميمبر چونڊجي آيا هئا. هن مير گروپ کي
وزارت ڏئي، اتحاد پارٽيءَ جي ميمبرن ۾ ڦوٽ وڌي ۽ هندو انڊپينڊنٽ پارٽيءَ جي مدد
حاصل ڪري وزارت ٺاهي. ميران محمد شاهه به اتحاد پارٽي ڇڏي وڃي وزارت ۾ شامل ٿيو،
انڪري اتحاد پارٽيءَ جي مڃيل ميمبرن الهه بخش سومري کي ليڊر ۽ مسٽر هاشم گزدر کي ڊپٽي
ليڊر چونڊي، مخالفت ۾ ويهڻ شروع ڪيو.
۱۹۳۷ع جي آخر ۾ اتحاد پارٽيءَ جي سر غلام حسين جي وزارت سان هڪ پروگرام جي
بنياد تي اتحاد ٿيو ۽ ان پروگرام کي عمل ۾ آڻڻ لاءِ هڪ ورڪنگ ڪاميٽي ٺاهي وئي،
جنهن تي الهه بخش، هاشم گزدر ۽ جي. ايم سيد ميمبر هئا؛ پر ان پروگرام تي عملدارن
جي غلط روش، وزارت ۾ غيرتجربيڪار ۽ نااهل وزيرن جي موجودگيءَ ۽ اتحاد پارٽيءَ جي
وزارت ۾ نمائندگيءَ کان سواءِ وزارت جي مدد سبب عملدرآمد نه ٿي سگهيو. نتيجي طور
مير غلام حسين کي تجويز ڏني وئي ته الهه بخش، خانبهادر کهڙي ۽ نهچلداس کي وزير ڪري
کڻي، پر اها تجويز به عمل هيٺ نه آئي. نتيجي طور مارچ ۱۹۳۸ع جي بجيٽ وقت ”هڪ رپويو ڪٽ“ جي ٺهراءُ پاس ڪرڻ
سان غلام حسين جي وزارت کي شڪست آئي ۽ نئين وزارت الهه بخش سومري جي هٿ هيٺ ٺاهي
وئي. هيءَ وزارت ڪانگريس ۽ هندو انڊپينڊنٽ پارٽيءَ جي مدد سان ٺهي، ان ۾ الهه بخش
سومرو وزيراعظم ۽ پير الاهي بخش ۽ نهچلداس وزيراڻي ٻه وزير ٿيا. جنهن صورت ۾ وزارت
ٺاهڻ ۾ صرف ستن مسلمانن ووٽ ڪيو هو ۽ باقي سڀ ميمبر هندو هئا، انڪري مسلمانن جي
تعليم يافته طبقي طرفان احتجاج ٿيو. نڪتل وزيرن صورتحال کي وڌيڪ مشتعل ڪيو، جنهن
تي وزيراعظم الهه بخش سومري ۲۹ مارچ ۱۹۳۸ع تي وزارت جي پاليسيءَ بابت هڪ بيان جاري ڪيو ته (۱) ملڪي انتظام کي قومپرست بنيادن تي هلايو
ويندو؛ (۲) سکر بئراج سبب سنڌ جي ڪن حصن کي زراعت ۾ نقصان پهتو آهي، ان ڪري لوئر سنڌ
بئراج جي اسڪيم تيار ڪئي ويندي ته جيئن عوامي مفاد پورا ٿين: (۳) اتر سنڌ (روهڙي ڊويزن) جا واهه سڌاريا
ويندا: (۴) ڪانگريس وزارت وانگر وزير گهٽ پگهار کڻندا: (۵) آنرري مئجسٽريٽيون ختم ڪيو وينديون: (۶) آزمائشي طور ضروري رستن جو ڪم لوڪل بورڊن
کي ڏنو ويندو؛ (۷) پرائمري ماسترن جي پگهار ۾ ۵ روپين جو اضافو ڪيو ويندو؛ (۸) مولانا عبيدالله سنڌي واپس آيو ته سندس
آجيان ڪنداسون؛ (۹) سنڌ فرنٽيئر ريگيوليشن ختم ڪرڻ لاءِ ڪميٽي مقرر ڪئي ويندي وغيره. ۱۹۳۸ع ۾ الهه بخش وزارت ڍلون وڌايون، جنهن تي
اتحاد پارٽيءَ جا ميمبر ٻن حصن ۾ ورهائجي ويا. حاجي عبدالله هارون مسلم ليگ ۾ شامل
ٿي چڪو هو.
۱۱ آڪٽوبر ۱۹۳۸ع تي جناح صاحب جي صدارت ۾ هندستان جا مسلم ليگي اڳواڻ ڪراچيءَ ۾ گڏ ٿيا.
اجلاس ۾ الهه بخش ۽ جي. ايم سيد به شريڪ ٿيا. سڀني مسلم ليڊرن الهه بخش کي مسلم
ليگ سان الحاق ڪرڻ جي گذارش ڪئي،جا هن قبول ڪئي ۽ ٺاهه تي صحيحون ڪيون ويون. ليڊر
جي مسئلي تي جناح صاحب نئين ليڊر جي چونڊ جي حق ۾ هو ۽ سر غلام حسين هن موقعي کي
طاقت هٿ ڪرڻ جو وسيلو سمجهيو. نتيجي طور ٺاهه ختم ٿي ويو. الهه بخش ليڊر جي نئين
چونڊ جي مخالفت ڪئي. نتيجي طور جناح صاحب ضد ۾ اچي مسلم ليگ، اسيمبلي پارٽيءَ ۾ ليڊر
سر غلام حسين کي ۽ ڊپٽي ليڊر مير بنده علي کي چونڊيو، ان کان سواءِ جناح صاحب جي ايم
سيد کي حڪم ڪيو ته الهه بخش جي وزارت خلاف اسيمبليءَ ۾ ٺهراءُ پيش ڪري؛ پر الهه
بخش وزارت نه رڳو مسلم ليگ ۾ شامل ٿيل ڪيترن ميمبرن کي پاڻ سان ملائي ورتو، پر خود
مسلم ليگ پارٽيءَ جو ليڊر ۽ ڊپٽي ليڊر به مسلم ليگ ڇڏي وڃي وزارت ۾ شامل ٿيا. اهڙيءَ
طرح اسيمبليءَ ۾ ٺهراءُ جي حمايت صرف ستن ميمبرن ڪئي.
۱۹۳۹ع جي وچ ڌاري مسلم ليگ، مسجد منزل گاهه، مسلمانن کي موٽائي ڏيڻ جو سوال هٿ
۾ کنيو. هندو ميمبرن مخالفت ڪئي. مسلمانن مسجد تي زوريءَ قبضو ڪيو ۽ سنڌ ۾ هندو
مسلم فساد شروع ٿي ويا. مسلم ليگ جا ڪيترا اڳواڻ ۽ عام ماڻهو جيلن ۾ پيا. هندن
خلاف غير سلامتيءَ واري فضا ٿي، انڪري هندن ۽ ڪانگريس جي ميمبرن عارضي نفعي لاءِ
مسلم ليگ سان گڏجي الهه بخش جي وزارت کي شڪست ڏئي، مسلم ليگ وزارت کي طاقت ۾ آندو.
هن وزارت ۾ جي ايم سيد پڻ وزير ٿيو، جنهن ’مسجد منزل گاهه‘ جي نتيجي ۾ ٿيل هندو
مسلم فسادن جي نقصان کي آڏو رکي، سنڌ جي سلامتيءَ لاءِ هندو مسلم اتحاد کي ضروري
سمجهيو. هن ابوالڪلام آزاد ۽ الهه بخش کي ويهاري،هڪ فارمولو طيءِ ڪيو. جي ايم سيد
الهه بخش سومري کي وزارت ۾ اچڻ لاءِ آماده ڪيو ۽ پاڻ استعيفا ڏئي الهه بخش کي
پنهنجي جاءِ تي وزير ڪري آندو ۽ واعدو ڪيو ته ٽن مهينن اندر سر بنده علي جي جاءِ
تي سر غلام حسين کي آندو ويندو؛ پر مسلم ليگ هاءِ ڪمانڊ قبول نه ڪيو. نتيجي طور
هندو ۽ ڪانگريس ميمبرن مسلم ليگ وزارت کي ڊاهي، الهه بخش سومري کي طاقت ۾ آندو. اهڙيءَ
طرح سنڌ آل انڊيا جماعتن جي اختلافن جو آکاڙو بنجي وئي. مولانا عبيدالله سنڌيءَ کي
افغانستان مان طويل جلاوطنيءَ بعد وطن سنڌ واپس آڻائڻ ۾ به الهه بخش سومري جو وڏو ڪردار
آهي. ۽ ۱۹۴۲ع ۾ هن سنڌ جي وزيراعظم جي حيثيت ۾، مولانا عبيدالله سنڌيءَ جو وطن واپسيءَ
وقت ڪراچيءَ ۾ شاندار استقبال ڪيو. ياد رهي ته مولانا سنڌي، هند جي آزاديءَ لاءِ
انگريزن خلاف ان وقت ٻاهرين ملڪن ۾ جلاوطن حڪومت جي رٿا تيار ڪري چڪو هو.
ان زماني ۾ ڪانگريس
انگريزن خلاف ’هندستان خالي ڪريو‘ تحريڪ شروع ڪئي. مسلم ليگ پاڪستان جو نعرو هنيو؛
ڪانگريس ۽ قومپرستن تي سختيون ڪيون ويون. الهه بخش سومري ۲۶ سيپٽمبر ۱۹۴۲ع تي وائسراءِ کي خط لکي، ’خانبهادري‘ ۽ O. B. E (آرڊر آف برٽش ايمپائر) جا لقب واپس ڪيا ۽ هندستان جي
آزاديءَ جي حق جي ڳالهه ڪئي، جنهن تي گورنر سندس وزارت کي ڊسمس ڪيو ۽ سر غلام حسين
کي مسلم ليگ جي مدد سان وزارت ٺهرائي ڏني. ان کانپوءِ الهه بخش سماجي ڪمن طرف
توجهه ڏنو. سنڌ ٻوڏن هيٺ آيل هئي، ان ۾ هن پنهنجون آباد زمينون ٻوڙائي، شڪارپور
شهر کي بچائڻ جي ڪوشش ڪئي.
۱۴ مئي ۱۹۴۳ع تي صبح جو سنڌ جو هي محب وطن سياستدان شڪارپور ۾ هڪ ٽانگي ۾ سوار ٿي وڃي
رهيو هو ته ڪن ماڻهن مٿس فائر ڪري کيس شهيد ڪري ڇڏيو. سندس قتل جو الزام خانبهادر
ايوب کهڙي تي لڳايو ويو. الهه بخش سومري جو ذڪر ننڍي کنڊ ۽ سنڌ جي قومي سياست ۾ وڏي
احترام ۽ عزت سان ٿئي ٿو. سنڌ جي بزرگ سياستدان سائين جي ايم سيد پنهنجي ڪتاب ’جنب
گذاريم جن سين‘ ۾ کيس ’سنڌ جو دودو ثاني‘ سڏيو آهي. سندس مزار شڪارپور شهر ۾ آهي.
(ڏھاڙي عوامي
آواز ڪراچيءَ ۾ ۱۴ مئي ۲۰۲۴ع تي ڇپيل)
No comments:
راءِ ڏيندا