; سنڌي شخصيتون: سنيتي ڪمار چئٽرجي - مختيار ملاح

08 May, 2016

سنيتي ڪمار چئٽرجي - مختيار ملاح

سنيتي ڪمار چئٽرجي جا سنڌي ٻوليءَ بابت ويچار
مختيار ملاح
مشرقي دنيا ۾ سنڌ شناسي صرف عربي ۽ فارسي تائين محدود نه آهي، بلڪه هر ٻوليءَ جي عالمن سنڌ ۽ سنڌي ٻولي بابت بيمثال ويچار لکيا آهن. ان سلسلي ۾ بنگالي عالمن جو به ڪردار ڪو گهٽ نه آهي. رکل داس چئٽرجي، اين جي منجمدار، ڊاڪٽر ذيشان حيدر ۽ سنيتي ڪمار چئٽرجي جا نالا قابل ذڪر آهن. هنن سنڌو تهذيب، ٻولي، رسم الخط ۽ تاريخ تي بهترين ڪم ڪيو آهي. سنيتي ڪمار چئٽرجي ننڍي کنڊ جو مشهور ۽ معروف لسانيات جو ماهر هو. هو بنگالي ٻولي تي ٿيل ڪم جي ڪري سڃاتو وڃي ٿو. پر هن سنڌو تهذيب ٻوليءَ تي به تحقيقي ڪم ڪيو آهي.


سنيتي ڪمار ولد هري داس چوٽا ٻڊيءَ جو جنم 20 نومبر 1890ع ۾ ڳوٺ شب پور، ضلعي هوارا ۾ ٿيو. سندس والد هڪ برهمڻ هو. سنيتي ڪمار ماهر لسانيات ماهر تعليم ۽ اديب طور اُڀريو. هو ننڍپڻ کان ئي انتهائي ذهين شاگرد هو ۽ پوري تعليمي ڪيريئر ۾ امتيازي نمبرن ۾ پاس ٿيندو رهيو هو. اسڪولي تعليم هتي لعل سيل فري اسڪول مان 1907ع مان حاصل ڪيائين. انٽر اسڪاٽش، چرچ ڪاليج مان ڪيائين. ايم اي انگريزي ادب ۾ 1911ع ۾ پريزيڊينسي ڪاليج ڪلڪتي مان ڪيائين، جتي پهرين پوزيشن حاصل ڪيائين. ساڳي هال ۾ وري سگار ڪاليج ۾ انگريزي ادب ۾ ليڪچرار مقرر ٿيو. 1914ع ۾ اسسٽنٽ پروفيسر تي سندس ترقي ٿي. 1913ع ۾ لسانيات جي مضمون ۾ يونيورسٽي آف لنڊن ۾ داخلا ورتائين. 1921ع ۾ لنڊن يونيورسٽي جي اسڪول آف اوريئنٽل مان ڊي لٽ ڪيائين سندس مقالي جو عنوان هو.
The Origin and Development of the Bengali Language
20 -جولاءِ 1920ع تي کيس ڊي لٽ جي ڊگري عطا ڪئي وئي. جڏهن سندس مقالو ڪتابي صورت ۾ شايع ٿيو ته جارج ابراهم گريئرس سميت ڪيترن ئي عالمن ڪتاب جي ساراھ ڪئي ۽ کيس مڃتا ڏني. 1922ع ۾ هو انڊيا واپس اچي ويو ۽ يونيورسٽي آف ڪلڪته ۾ ٻيهر پڙهائڻ لڳو. 1932ع ۾ نوڪري مان رٽائرڊ ٿيو ۽ ايمرٽس پروفيسر مقرر ٿيو ۽ پوءِ بعد ۾ 1965ع ۾ هيومينٽز جو پروفيسر نيشنل ريسرچ ان انڊيا  ۾ مقرر ٿيو.
چئٽرجي رابندر ناٿ ٽئگور جو گهاٽو دوست هو ۽ هن سان گڏجي مختلف شهرن ۾ سفر ڪيائين ۽ تعليمي درسگاهن ۾ ليڪچر ڏنائين. 1952ع کان 1958ع تائين ويسٽ بنگال ليجيسليٽو ڪائونسل جو چيئرمين رهيو ۽ 1969ع ساهتيه اڪيڊميءَ جو صدر مقرر ٿيو.
سنيتي ڪمار سڄي عمر لکڻ، پڙهڻ ۽ پڙهائڻ ۾ گذاري ۽ ڪيترائي علمي ۽ ادبي ڪتاب ۽ مقالا لکيائين. ڪي ڪتاب انگريزي ۾ لکيائين ۽ ڪي بنگاليءَ ۾، انهن ۾ ڪي هيٺ ڏجن ٿا.
(1) The Origin and Development of Bengali Language
(2) Bengali Phonetic Reader
(3) Ramayana. Its Character, History and Exodus.
(5) Languages and Literatures of Modern India
(6) Jay Deva
سنيتي ڪمار چئٽرجي 20 مئي 1977ع ۾ ڪلڪتي ۾ گذاري ويو. سندس گهر جي وڏي حصي ۾ تعليمي ادارو قائم ڪيو ويو ۽ سندس نالي پويان اڪيڊمي قائم ڪئي وئي ته جيئن سندس علمي ۽ ادبي خدمتون ڳايون وڃن.
سنيتي ڪمار چئٽرجي سڄي ننڍي کنڊ ۾ ماهر لسانيات طور مشهور آهي هن پنهنجي ڪتاب؛ ”بنگالي ٻوليءَ جو اصل نسل ۽ اوسر“ ۾ سنڌ سميت ننڍي کنڊ جي مختلف ٻولين جو مختصر جائزو ورتو آهي. هو سنڌي زبان کي سنسڪرت جي ذمري ۾ آڻي ٿو ۽ رايو ڏيندي لکي ٿو ته ”سنڌي ٻولي سنڌو ماٿر جي هيٺاهين علائقي ۽ ڪڇ ۾ ڳالهائي ويندڙ آهي. سنڌي ڳالهائڻ وارا 35 لکن کان ٿورو مٿي آهن. ان جا پنج لهجا آهن. وچولي، سرائيڪي، لاڙي، ٿاريلي ۽ ڪڇي. سنڌي ٻولي عربي ۽ فارسي جي وڌايل الف بي واري رسم الخط ۾ لکي وڃي ٿي ۽ واپاري ماڻهو (غير مسلمان) لنڊا اکر به استعمال ڪن ٿا ۽ ڪي وري گرمکي به استعمال ڪن ٿا.
سنڌي قديم خصوصيتون برقرار رکيون آهن. خاص طور صوتياتي سرشتي ۾ شامل چار خاص آواز ته هندستان جي ڪنهن به دراوڙي، آريائي، ڪول ۽ چيني، تبتن ٻولين ۾ ڪونهن. اهي اکرهي آهن. (ٻ، ڏ، ڄ، ڳ) هي آواز (ب، د، ج، گ) جا جوڙي وال آهن، انهن تي ادائگيءَ مهل  نڙگهٽ بند رهي ٿو. سنڌي ۽ پنجابيءَ ۾ ڪيتريون هڪ جهڙايون موجود آهن. سنڌي ٻوليءَ ۾ چڱو ئي ادب به موجود آهي، جيڪو بيتن توڙي نثري داستانن جي صورت ۾ آهي، جنهن جو اسلوب فارسيءَ جهڙو آهي. سنيتي ڪمار چٽرجي سنڌو لکت تي به پنهنجا ويچار ڏنا آهن ۽ جن ان تي ڪم ڪيو آهي ۽ انهن جو به مطالعو ڪيو آهي. سو لکي ٿو ته؛ ”سنڌو تهذيب جي قديم لکت کي پڙهڻ لاءِ بين الاقوامي سطح تي ڪوششون ٿي رهيون آهن. بلاشڪ هاڻ هڪ انڊولاجي جو هڪ اهم موضوع بڻجي چڪو آهي. روس ۾ هڪ ٽيم ڪمپيوٽر جي وسيلي حل ڪرڻ ۾ ڪجهه قدر ڪامياب ٿي آهي، جنهن کي فنلينڊ جو اسڪالر آسڪوپاربولا ۽ هندستاني اسڪالر مها ديوان پڻ تسليم ڪري چڪا آهن، چوڻ ۾ اچي ٿو ته هيءَ هڪ دراوڙي قوم هئي.“
ڊاڪٽر سنيتي ڪمار چئٽرجي سنڌي ٻولي ۾ آيل هڪ سنسڪرتي ڪتاب بابت هڪ مقالوA Early Arabic Version of Mahabharat Story from sindh لکيو. هن مقالمي جو ترجمو ڊاڪٽر لڇمڻ خوبچنداڻي سنڌي ۾ ڪيو هو. چئٽرجيءَ هن مقالمي ۾ دعويٰ ڪئي ته ”مجمل التواريخ والقصص“ نالي هڪ عربي ڪتاب جو فارسي ۾ ترجمو ڪيو ويو جيڪو دراصل قديم سنڌي ڪتاب هو. اهو ڪتاب پراڻن زمانن جي راجائن جي سکيا لاءِ لکيو ويو هو. ڊاڪٽر چئٽرجي مطابق ان ڪتاب جي ٻولي ۽ ان جي صوتياتي نظام ۽ ان ۾ ڄاڻايل نالن وغيره مان خبر پوي ٿي ته اها قديم سنڌي هئي“
ڊاڪٽر چئٽرجيءَ جي دعويٰ بابت منگهارام ملڪاڻي، ڊاڪٽر لڇمڻ خوبچنداڻي ۽ جي رام داس دولترام به پنهنجا رايا ڏنا آهن ۽ سندس راءِ کي صحيح ثابت ڪيو آهي. جي رام داس لکي ٿو ته ڊاڪٽر چئٽرجي هن راءِ جو آهي ته ان ڪتاب جي ٻولي سنسڪرت نه پر پنجاب يا سنڌي پاسي جي مڪاني ٻولي آهي پڪو انومان سنڌي ٻوليءَ جي فائدي ۾ ڪڍيو اٿس. ڇو جو انهيءَ ڪتاب ۾ سنڌ جي تاريخ ڏانهن اشارا آهن ۽ ڪي نالا سنڌي ٻولي نيمن پٽاندڙ بدليل آهن. سپر جي زماني جي ٻوليءَ کي ڊاڪٽر چئٽرجي پراڻي سنڌي ڪري ڪوٺيو آهي.“

ڊاڪٽر چئٽرجي آرين کان اڳ واري دراوڙي تناظر ۾ پرکيو آهي ۽ هو مڃي ٿو ته سنڌو سڀيتا ۽ موهن جي دڙي ۽ هڙاپا ۾ رهندڙ قومون دراوڙ هيون. هن سنسڪرت تي به تمام گهڻي کوجنا ڪئي آهي. هو ان راءِ جو آهي ته برهمڻن جي سکيا جا اوائلي مرڪز، پنجاب وارو خطو، مڌيه پرديش (Mild Land) وارو خطو (يعني پنجاب جو ڏکڻ، اوڀر گنگا دوآبي جو مٿيون علائقو) هئا، پر هن ملڪ جي اتر-اولهه واري علائقي ۾، يعني اڌيچيه واري آريائي ٻولين جو لهجو، وڌيڪ صاف سٿرو ۽ چڱي طرح ڳالهايو ويندو هو. جيڪو انهن علائقن جي برهمڻن وٽ ادبي ٻوليءَ جي هڪ نموني (Model) طور مڃيو ويو هو. انهيءَ ادبي ٻولي جو باقاعدي بنياد رکيو ويو، جيڪا اڳتي هلي، انساني تهذيب تمندن ۽ سوچ ويچار جي زبان بڻجي وئي. جنهن کي سنسڪرتي سڏيو ويو. ڊاڪٽر هدايت پريم، ڊاڪٽر چئٽرجي لاءِ لکيو آهي ته ڊاڪٽر سنيتي ڪمار چئٽرجيءَ جي سنڌي ٻولي سان گهري دلچسپي جو اظهار ڪشنچند جيٽيليءَ ڏانهن لکيل هڪ خط ۾ ڪيو آهي، جيڪو هن جيٽيلي صاحب جي هندي ۾ لکيل ڪتاب ۽ ”سنڌي ڀاشا ڪاسپيڪشت پريچيه“ پڙهڻ بعد کيس لکيو هو. جنهن ۾ هن سنڌي ٻوليءَ کي هڪ قديم ۽ ننڍي کنڊ جي هڪ ٻوليءَ طور تسليم ڪيو آهي.“

No comments:

راءِ ڏيندا