; سنڌي شخصيتون: فيض احمد فيض - ارشاد ڪاغذي

20 May, 2016

فيض احمد فيض - ارشاد ڪاغذي

فيض احمد فيض
انقلاب ۽ آزادي جو شاعر
ارشاد ڪاغذي
فيض احمد فيض (جنم: 13 فيبروري 1911ع وفات: 20 نومبر 1984ع) جي جنم ڏينهن جي موقعي جي مناسبت سان عبرت جي پڙهندڙن جي خدمت ۾ اردو جي هن عظيم شاعر کي ڀيٽا پيش ڪريون ٿا. فيض احمد فيض اردو جو صاحب طرز شاعر هو. هو انقلاب ۽ آزادي، مساوات، مارڪسي، فلسفي ۽ مرزا غالب ۽ علامه اقبال کان متاثر هو. فيض اديب ۽ مشهور صحافي پڻ هو. فيض احمد فيض اردو شاعريءَ جي اُفق جو جرڪندڙ ستارو آهي. هن جي بلند خيالي جو مقام ديسان ديس مشهور آهي ۽ هن جي فني عظمت جو قائل هر فرد آهي. فيض احمد فيض جي شاعري کي پڙهڻ ۽ ٻڌڻ سان انقلاب جو جوش، جذبو ۽ جنون جسم ۾ سرايت ڪري وڃي ٿو ۽ ماڻهو انقلاب جي احساس سان سلهاڙجي پئي ٿو ۽ انقلابي مستي رڳ رڳ ۾ ڊوڙي بجلي جي ڪرنٽ جيان رت کي گرمائي ٿي ۽ تبديلي جي تڙپ ۽ لُڇَ پڇَ ۾ ڪيئي لنگھه لنگھي پار پئي ٿو. فيض احمد فيض پنهنجي شاعري جي وسيلي مظلوم، محڪوم ۽ پيڙهيل انسانن جي حق ۾ آواز بلند ڪيو ۽ انسان مٿان ٻي انسان جو جبر ۽ استحصال قبول ڪرڻ کان انڪار ڪيو ۽ نئين سماج لاءِ پاڻ پتوڙيندو رهيو. فيض جي ڪلام ۾ قومن جي آزادي ۽ ترقي جو پيغام ملي ٿو. فيض احمد فيض معاشي ۽ معاشرتي اڻ برابري، عدم مساوات ۽ ڏاڍ جي خلاف لکيو ۽ شخصي، جنسي ۽ انساني حقن جو علمبردار رهيو. انقلابي خيالن ۽ کاٻي ڌر جي نظرين جو حامي هجڻ ڪري ڪيئي صعوبتون برداشت ڪيون. هن نه فقط پنهنجي وقت ۾ ملڪي حالتن بلڪه عالمي حالتن کان متاثر ٿي خوب ۽ گھڻو لکيو ۽ بيشمار گيت رچيا ــ انقلاب چين، وچ اوڀر، افريقا جي صورتحال ۽ خاص طرح فلسطين جي حالتن تي شاعري ڪئي.


فيض احمد فيض عربي ۽ انگريزي ۾ ماسٽرز جون ڊگريون حاصل ڪيون، ان بعد ڪيترن ڪاليجن ۾ استاد رهيو، ۽ فوج ۾ نوڪري ڪئي. اردو، پنجابي، عربي، انگريزي، فارسي ۽ روسي زبان تي عبور حاصل هوس. 1936ع ۾ ترقي پسند تحريڪ ۾ شامل ٿيو . شاعري سان گڏوگڏ ڪيترن ادبي رسالن جي ادارت ڪئي ۽ مشهور انگريزي ۽ اردو اخبارن جو ايڊيٽر پڻ رهيو. فيض احمد فيض باڪمال شاعر هو پر هڪ حسرت پاڻ سان گڏ کڻي هي جهان ڇڏي ويو. ان جو اظهار هڪ انٽرويو ۾ فيض ڪيو هو. ”اها ٻي ڳالهه آهي ته ماڻهو اسان کي چاهين ٿا، پر سچي ڳالهه ته اها آهي ته اسان جون جيڪي دل جون اميدون هيون، اهي پوريون ٿي نه سگھيون، پر انهن گھرجن جي پوري ٿيڻ کانسواءِ به ايڏي وڏي موٽ ملي آهي، جو ڪا شڪايت ناشڪري ٿيندي. اسان جي گُهر ته اها هئي ته اسان شاعريءَ ۾ اهو درجو حاصل ڪريون، جيڪو ناظم حڪمت، پئبلو نرودا ۽ لورڪا جهڙن شاعرن حاصل ڪيو. ظاهر آهي ته اسان ايڏا وڏا شاعر ناهيون. اسان تي ته عربي ٻوليءَ جي اِها چوڻي ٺهڪي ٿي اچي ته اسان وڏا ته نه هئاسين، پر جڏهن وڏا اٿي ويا ته اسان وڏا ٿي پياسين.“ (ڇو، ڇا ۽ ڪيئن؟ عبدالقادر جوڻيجو. روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو)
فيض احمد فيض امير جاگيردار گھراڻي جو چشم و چراغ هو. هن جو والد صاحب هڪ مشهور وڪيل هو ۽ علم و ادب سان شوق ۽ شغف رکندو ۽ هڪ اعليٰ ادبي سرڪل جو ميمبر هو ۽ علامه اقبال به ان سرڪل جو ميمبر هو. فيض به پنهنجي وڏن جي نقشِ قدم تي هلي علم ۽ ادب سان رهاڻ رچائي ۽ هڪ اهڙو رتبو حاصل ڪيو، جنهن جي هاڪ هُلي وئي. فيض عشق، محبت، امن ۽ انقلاب جو شاعر آهي. هن جي شاعري ۽ ان جي موضوعن مان ئي پسي سگھجي ٿو ته فيض عظيم شاعر هو. هو مارڪسي فلسفي جو پوئلڳ هو ۽ پوري حياتي وڏي سرگرمي سان مارڪسي نظرئي جي پوئواري ڪئي. هن کي عوامي شاعر ڪوٺيو ويندو آهي، جيتوڻيڪه عام عوام هن جي گيتن کي پوري طرح سمجهڻ کان قاصر آهي پر هن جي ڪلام کي مشهور فنڪارن ڳائي وڄائي مشهور ڪيو ۽ عوام تائين هن جو پيغام پهتو. فيض احمد ناانصافي، زور زبردستي ۽ سماجي متڀيد جي خلاف زوردار آواز بلند ڪندو رهيو ۽ پنهنجي شاعري ۾ مسڪين عوام کي غلامي جي زنجيرون ٽوڙڻ جي تلقين ڪندو هو. هن جي نظم ”بول“ عوام ۽ سمورن اديبن ۽ شاعرن کي پوري طاقت ۽ قوت سان ڳالهائڻ جو گر سيکاريو، ۽ ظالماڻي سماج ۽ استحصالي قوتن سان ٽڪر کائي فرسوده نظام کي ڊاهي نئون جهان اڏڻ جو پيغام ڏنو. هن جي هڪ ويجهي دوست ۽ سندس شاعري کي ترجمو ڪندڙ اڳوڻي سوويت يونين جو لدميلا يوسيلوف چئي ٿو ته ” فيض جي شاعري جو تت ۽ جوهر ’بول‘ جهڙي معياري شاعري مان ڦٽي نڪتو ۽ ان ئي خيال ۽ نظرئي تي سڄي عمر هليو. سندس شاعريءَ جو نچوڙ آزادي ۽ انقلاب آهي.“
بول، ڪي لب آزاد هين تيري
بول، زبان اب تڪ تيري هي
بول، ڪي سچ زنده هي اب تڪ
بول، جو ڪڇ ڪهنا هي ڪهه لي!
1936ع تي انجمن ترقي پسند مصنفين جي لکنو واري اجلاس کان موٽڻ بعد هن اهي سِٽون سِرجي مڃتا ماڻي ورتي. خوبصورت شاعري وسيلي مظلومن ۽ محڪومن جو حمايتي ٿي بيٺو ۽ زندگي ڀر مسڪين ماڻهن جو ڏڍ ۽ سهارو بڻيو. فيض احمد فيض ’بول ڪي لب آزاد هين تيري‘ ۾ معاشري جي ڏاڍائي ۽ غريبن جي پيڙا جي عڪاسي ڪئي آهي. فيض سماجي ظلم ۽ آزادي جي اڀار جي جدوجهد جو اظهار ڪيو آهي. سچا فنڪار پنهنجي قلم ذريعي عوام جي خوشي ۽ خوشحالي لاءِ پنهنجو ڌن، من، عزت، آبرو ۽ جان به قربان ڪرڻ کي غنيمت ۽ عزت سمجهن ٿا. ”ڇا انقلاب جو داعي فنڪار ٺوس حقيقتن ۽ ظلم ۽ جبر تي اکيون ٻوٽي ۽ مسڪين مارن ماڻهن سان ٿيندڙ انياءَ کي نظرانداز ڪري سگھي ٿو؟ سٺو فنڪار پورهيت پنهوارن جي ڏکي حالت ۽ مشڪلاتن کي ظاهر ڪرڻ ۽ انهن جي اهنج ايذاءَ تي مرهم رکڻ پنهنجو فرض سمجهي ٿو، ٻيا فنڪار ۽ شاعر خوبصورتي کي واکاڻي فطرت ۽ قدرت جي حسن کي سهڻن لفظن ۾ بيان ۽ پوڄا ڪري ڪهڙو سرور حاصل ڪن ٿا؟ پر اصل ۾ هڪ سٺي معاشري جي تخليق ڪرڻ قابلِ قدر ڪارنامو ليکجي ٿو، فيض ان باک ۽ لاٽ ۽ صبح جي لاءِ سموري عمر جاکوڙ جاري رکي ۽ ڀير تي ڏونڪو وڄائيندو رهيو:
هم ديکهين گي
لازم هي ڪه هم ڀي ديکهين گي
وه دن ڪه جس ڪا وعده هي
جو لوه ازل مين لکا هي
جب ظلم و ستم ڪي لوه گران
روئي ڪي طرح اڙ جائين گي
هم محڪومون ڪه پائون تلي
جب ڌرتي ڌڙ ڌڙ ڌڙڪي گي.
فيص احمد فيض جي ڪلام کي ڪيترين ڌارين زبانن ۾ ترجمو ڪيو ويو آهي. دنيا ۾ ڪيئي شاعريءَ جا شاهپارا ترجمو ڪيا ويا آهن، انگريزي ۽ ٻين ٻولين ۾ جڏهن اهي ترجما ٿيا، تڏهن انهن شاعرن، اديبن ۽ قلم ڌڻين جي عزت ۽ احترام ۾ گھڻو واڌارو ٿيو ۽ انهن جي مشهوري ۽ مڃتا سان گڏ سندن عظمت جي پرک پرکنڊين پڌري ٿي! مثال طور: عمر خيام کي عظمت جي اُفق تي فٽز جيرالڊ پهچايو، جڏهن هن جو ڪلام ترجمو ٿيو ۽ ماڻهن پڙهيو ته خيام يورپ جي عوام جو محبوب شاعر ٿي ويو ۽ فٽز جي بدولت ئي اهو ممڪن بڻيو، نه ته خيام ايران يا ننڍي کنڊ کان نڪري ٻين کنڊن ۽ ملڪن ۾ پهتو. جيڪڏهن فٽز سندس شاعري جو ترجمو نه ڪري ها ته خيام جي شاعري فقط ننڍي کنڊ ۾ ڳائي وڄائي وڃي ها! پر خيام سموري جڳ جهان ۾ چنڊ جيان جڳمڳائيندو رهندو ! انگريزن ۽ ٻين شاهه عبداللطيف کي پوري دنيا ۾ روشناس ڪرايو ۽ ٽرمپ، سورلي شاهه تي ڪتاب لکيو ۽ انهن عالمن لطيف سائين کي سڀني شاعرن جو سرتاج شاعر تسليم ڪرايو. رومي، حافظ، سعدي ۽ ٻين کي به ترجمو ڪيو ويو پر جهڙي نموني فٽز ترجمو ڪيو تنهن جي ڪري چوڦير خيام جي شاعريءَ جو هڳاءُ ڦهلجي ويو ۽ ان جي ڳالهه ئي نرالي آهي! فيض کي روسي، انگريزي ۽ ٻين ٻولين ۾ ترجمو ڪيو ويو ۽ هن جي مهانتا ۾ گھڻو اضافو ٿيو. جيڪڏهن سنڌ جي مهان ڪوي شيخ اياز کي ڪو فٽز جيرالڊ ملي وڃي ته پوءِ لاشڪ اياز جي شاعري جي گونج زمان ۽ مڪان ۾ گونجندي رهندي! فيض احمد فيض سموري عمر ڀير تي ڏونڪو وڄائي حڪمرانن سان وڙهندو رهيو ۽ جيل جون صعوبتون برداشت ڪندو رهيو.
جو رڪي تو ڪوهِ گران ٿي هم،
جو چلي تو جان سي گذرگئي،
رهِ يار هم ني قدم قدم تجهي يادگار بناديا
فيض احمد فيض کي حڪومت جو تختو اونڌو ڪرڻ جي ڏوهه ۾ گرفتار ڪيو ويو ۽ مشهور راولپنڊي ڪيس هلائي سزا ڏني وئي. جيل ۾ هن ناياب ۽ شاهڪار شاعري ڪري زندان کي ڌوڏائي ڇڏيو. هو 1951ع کان 1955 تائين جيل ۾ رهيو ۽ وري 1958ع کان 1959ع تائين زندان جو قيدي بڻيو، جتي هن شاعري ڪئي اها شاهڪار بنجي وئي ۽ سندس شاعري زندان کي لوڏائي ڇڏيو ۽ ماڻهن جي دلين ۾ آڳ لڳائي ڇڏي.
متاعِ لوح قلم ڇن گئي تو ڪيا غم هي
ڪه خونِ دل مين ڊبو لي هين انگليان مين ني
زبان په مهر لگي هي تو ڪيا ڪه رک دي هي

هر ايڪ حلقئه زنجير مين زبان مين ني

No comments:

راءِ ڏيندا