; سنڌي شخصيتون: رسول بخش بروهي - قاسم سوڍر

08 May, 2016

رسول بخش بروهي - قاسم سوڍر

رسول بخش بروهي
هڪ کاهوڙي ۽ عوام دوست ڪامريڊ
قاسم سوڍر
سنڌ ڌرتي تي ڪئين عوام دوست ۽ بهادر ڪردارن جنم پئي ورتو آهي جن مان هر باڪردار ۽ اڏول انسان پنهنجي وقت جي جابرن سان مهاڏو اٽڪائيندو رهيو آهي. سنڌ جي تاريخ ۾ جيتوڻيڪ اهڙن املهه جوڌن جي هڪ ڊگھي وچور موجود آهي پر اهڙن اڏول انسانن ۾ ڪيترائي گمنام ڪردار به شامل آهن، جن کي جائز مرتبو نه ملي سگھيو آهي. دنيا جي تاريخ ان ڳالهه جي گواهه آهي ته هر ڏتڙيل قوم جي اهنجن کي گھٽائڻ ۾ عوام دوست قيادت هميشه اڳواڻ هئڻ باوجود ادني ڪارڪن جي حيثيت ۾ عوام سان جدوجهد جي هر موڙ تي پاڻ کي شامل پئي رکيو آهي. دنيا جي تاريخ ۾ ڪامريڊ لينن، هوچي منهن، چي گويرا، فيڊل ڪاسترو ۽ مائوزيتونگ کان ويندي نيلسن منڊيلا ۽ مهاتما گانڌي تائين ۽ سنڌ اندر ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي، شهيد فاضل راهو کان ويندي شهيد محمد نواز ڪنراڻي ۽ ٻين انيڪ عظيم کاهوڙي ڪردارن تائين ڪهڙو انقلابي اڳواڻ هو جيڪو صرف تيار ٿيل اسٽيج تي اچي، پنڊال ۾ موجود ماڻهن کي خطاب ڪري داد حاصل ڪندو رهيو هجي؟ يقينن انهن ۽ ٻين انيڪ اڳواڻن ڪميٽيڊ ڪارڪنن جيان عوامي مفادن لاءِ پنهنجو رت ست ڏنو، تڏهن ئي وڃي ڪو عوام کي سندن جدوجهد جو ثمر نصيب ٿيو.


سنڌ اندر اهڙن تاريخ ۾ گمنام جوڌن جي پڻ هڪ کيپ موجود آهي جن کي جيتوڻيڪ جائز مقام ته نه ملي سگھيو آهي، پر سندن جدوجهد سنڌ جي ڏتڙيل عوام لاءِ مشعل راهه ضرور ثابت ٿيندي رهي آهي. اهڙن املهه عوام دوست ڪردارن ۾ اسان جي ڪامريڊ مامي رسول بخش بروهي جو نالو به شامل آهي، جنهن قومي عوامي تحريڪ پارٽي اندر هڪ اڳواڻ جي حيثيت هئڻ باوجود ڪارڪن جيان عوام سان هر گھڙي گڏ رهڻ کي ترجيح ڏني. ڪامريڊ مامو بروهي سنڌ جي زنگ لڳل سماج جو هڪ جرڪندڙ ستارو هو جيڪو پنهنجي علم، عقل ۽ جدوجهد وسيلي خيرپور ناٿن شاهه جي عوام سميت پوري سنڌ جي عوام جو ڀرجھلو ٿيڻ لاءِ هميشه ميدان ۾ رهيو.
مامي رسول بخش بروهي سان منهنجي پهرين ملاقات شايد 2007ع جي آخر يا وري 2008ع جي شروعاتي مهينن ۾ ميهڙ ۾ سائين يونس بروهي جي ٽيوشن سينٽر ۾ ٿي. مامي بروهي جي اها خوبي هئي ته هن جو جڏهن به سنڌ جي ڪنهن به ڳوٺ يا شهر مان گذر ٿيندو هو ته هو اتان جي عوامي تحريڪ سان سلهاڙيل دوستن سان ضرور ملندو هو. ائين ئي سائين غلام نبي کوسو جي آفيس کان ٿيندو مامو سائين يونس جي سينٽر ۾ پهتو جتي مون سميت موجود ڪيترن ئي شاگردن مامي کان سياسي، قانوني ۽ ادبي حوالي سان ڪيتريون ئي ڪارآمد ڳالهيون ٻڌيون ۽ سکيون. تنهن کانپوءِ سنڌ يونيورسٽي ۾ پڙهڻ واري زماني ۾ اڪثر مامي سان نسيم نگر چوڪ تي واقع سومرا هوٽل ۾ ملاقاتون ٿينديون رهنديون هيون. مون کي ساٿي مامي بروهي جا چيل اهي لفظ اڄ به ياد آهن جڏهن هڪ شام ڌاري سومرا هوٽل تي چانهن جي ڪوپ تي جاري ڪچهري ۾ مامي مون کي همٿائيندي چيو هو ته؛ ”مون کي تمام گھڻو اتساهه ملندو آهي جڏهن توهان جهڙا نوجوان پنهنجي پڙهائي سان گڏوگڏ ادبي ۽ قلمي پورهيي سميت سياسي سرگرمين ۾ به حصو وٺندا آهن. مون کي توهان جهڙن نوجوانن کي ڏسي ئي لڳندو آهي ته سنڌ ۾ وڏو ٽيلينٽ موجود آهي جنهن کي ضرورت آهي موقعي ڏيڻ جي ته جيئن اسان جا نوجوان پنهنجي قابليت جو ڀرپور مظاهرو ڪري سگھن.“
ڪامريڊ مامي رسول بخش بروهي ۾ مون کي ٻي هڪ تمام اهم خوبي نظر آئي جيڪا سنڌ جي سياسي قيادت ۽ سياسي ڪارڪنن ۾ ورلي ملندي، سا آهي سهپ ۽ ٻئي کي عقلي بنيادن تي قائل ڪرڻ. سنڌ اندر اهو وڏو الميو رهندو پيو اچي ته سنڌ جي اڪثريتي سياسي قيادت طرفان ڪارڪنن جو اهڙو ذهن ٺاهيو ويندو آهي جنهن مطابق پنهنجي نظريي (خاص طور پنهنجي پارٽي) کانسواٰءِ باقي هر طرف جهڙوڪ اوندهه، دغابازي ۽ عوام دشمني لامارا ڏيندي هجي. پنهنجي پارٽي کان علاوهه ڪنهن ٻيءَ تنظيم جي ڪارڪنن سان ويهڻ، ڳالهائڻ کي پنهنجي پارٽي سان غداري تصور ڪيو ويندو رهيو آهي. يا وري اتفاق سان سوشل ميڊيا تي مختلف سياسي ڌارائن سان تعلق رکندڙ دوست آمهون سامهون ٿيندا به ته بجاءِ عقلي دليلن جي هڪ ٻئي کي قائل ڪرڻ جي، الٽو هڪ ٻئي جي ڄنڊا پٽ ڪئي ويندي آهي، جنهن سبب صحتمند بحث مباحثي يا جائز يا اصلاحي تنقيد لاءِ ڪا گنجائش باقي نه رهندي آهي. اهو الميو ڪنهن هڪ مخصوص پارٽيءَ سان نه آهي پر منهنجي جائزي موجب سنڌ جي اڪثريتي سياسي ڌرين سان اها ويڌن آهي. جيئن هڪ مذهب جي مڃيندڙن مطابق سندن عقيدي کانسواءِ باقي سمورا عقيدا ڪوڙا آهن، بلڪل اهڙيءَ طرح سنڌ جي سياسي پارٽين اندر به عقيدي جي وبا گھر ڪري چڪي آهي جنهن سبب هر ڪارڪن پنهنجي پارٽي جي نظريي ۽ عملن کي عقيدي جيان ئي حتمي سمجھي، ان تي جيئن جو تيئن عمل ڪندو رهي ٿو.
اهڙي ماحول ۾ مامي بروهي جهڙي سوچيندڙ ۽ عقلي بنيادن تي شين کي پرکيندڙ سياسي شخصيت جي موجودگي يقينن ڪنهن معجزي کان گھٽ نه آهي. مون کي ياد آهي رمضان مهيني جي اها رات جڏهن نسيم نگر چوڪ ڀرسان پٺاڻ جي چانهه واري هوٽل تي منهنجي دوست جاويد لاڙڪ سان گڏ مامي بروهي سان ڪچهري پئي ٿي. اتي ئي ڪجھ دير بعد سائين سراج سيال ۽ عوامي جمهوري پارٽي جا هڪ ٻه ٻيا دوست به اچي ويا. اها معمول کان هٽيل ڳالهه رهي آهي ته مختلف پارٽين جا اڳواڻ يا ڪارڪن گڏ ويهي سياسي خيالن خاص طور هڪ ٻئي جي پارٽين جي ڪجھ پاليسين تي تنقيد ڪن ۽ هڪ ٻئي کي سهڻي نموني قائل ڪرڻ جي ڪوشش پڻ ڪن. ان رات سحري وقت تائين صوفي شاهه عنايت شهيد جي فلسفي سميت عوامي تحريڪ، محترم رسول بخش پليجو صاحب ۽ اياز لطيف پليجو صاحب جي سياسي پاليسين سميت عوامي جمهوري پارٽي جي سياست تي خيالن جي ڏي وٺ ٿيندي رهي. پر مون ان سڄي بحث مباحثي ۾ مامي بروهي کي هڪ لمحي لاءِ به جذباتي ٿيندي نه ڏٺو، پر الٽو مامو کلندي اهو چوندو رهيو ته ”مون سان ته ڪو مسئلو ناهي باقي قاسم سوڍر کي ڪا ڳالهه پسند نه اچي ته هن سان پاڻ منهن ڏجو.“ جيتوڻيڪ مامي بروهي آخر تائين گھڻي ڀاڱي عوامي تحريڪ ۽ محترم رسول بخش پليجو صاحب ۽ اياز صاحب جي پاليسين جو دفاع ئي پئي ڪيو پر ساڳئي وقت مامي سائين سراج سيال کي مڪمل ڇوٽ پڻ ڏني ته ڀلي هو تنقيد ڪري جيڪو سندس حق آهي. اها ڳالهه مون لاءِ اچرج ۾ وجھڻ واري ان حوالي سان هئي ته مون اهڙين ڪچهرين ۾ اڪثر سياسي پارٽين جي دوستن کي هڪٻئي سان جذباتي ٿيندي ڏٺو آهي پر بهرحال مامي بروهي کي مون ڪڏهن به اجائي جذباتي ٿيڻ ۽ هروڀرو عقيدي ۾ گم ٿيندي نه ڏٺو.
مون کي تمام گھڻو افسوس آهي ته زندگي جي هن ڪشمڪش ۾ ڪافي عرصي کان اسلام آباد ۾ رهڻ سبب منهنجي گذريل رمضان مهيني ۾ مامي سان ٿيل ملاقات آخري ثابت ٿي ۽ مون کي مامي جي طبيعت ان حد تائين خراب هئڻ جي به خبر نه پئجي سگھي.
اهو پهرين مئي جو ڏينهن هو، جڏهن هڪ طرف مزدورن جو عالمي ڏينهن ملهائجي رهيو هو، ٻئي طرف ساڳئي ئي ڏينهن اها گھڙي يقينن مون لاءِ ڀيانڪ هئي جڏهن اوچتو مون فيسبڪ تي مامي جي مڙهه جي تصوير ڏٺي جنهن جي ڀر ۾ محترم رسول بخش پليجو صاحب ويٺا هئا. ان ڇرڪائيندڙ لمحي جو ان ڳالهه مان اندازو لڳائي سگھجي ٿو ته جڏهن مامي جي بيماري واري ان ڪيفيت جي خبر به نه هجي ۽ اوچتو سامهون مامي جي مڙهه جي تصوير اچي ته يقينن ٿوري دير لاءِ ته ائين ئي محسوس ٿيو جهڙوڪ پيرن هيٺان ڌرتي نڪري وئي هجي. مون ڏڪندڙ هٿن سان فيسبڪ تي قومي عوامي تحريڪ ۽ سنڌياڻي تحريڪ جي پيجن تي وڃي پوري معلومات ورتي، جنهن مان معلوم ٿيو ته ساٿي مامو بروهي ڪينسر جي مرض ۾ مبتلا رهڻ سبب ابدي ننڊ سمهي چڪو هو. اها پوري رات مون لاءِ بيچيني ۾ ئي گذري، پر ان وقت اها سوچ پڻ آئي ته هن فاني دنيا مان لڏڻو ته هر ڪنهن کي آهي، پوءِ جيڪڏهن ڪامريد مامي رسول بخش بروهي سڄي ڄمار قوم ۽ وطن لاءِ وقف ڪندي جدوجهد ۾ گذاري ۽ سندس وفات به انهن ئي مزدورن جي عالمي ڏينهن تي ٿي، جن جي خوشحالي لاءِ مامو بروهي سڄي ڄمار وڙهندو رهيو، ته ڇا ان کان وڏو ڪو ٻيو اعزاز ٿي سگھي ٿو؟
مان سمجھان ٿو ته مامو رسول بخش بروهي جنهن هڪ گمنام سياسي ڪارڪن جيان عوام جي وچ ۾ رهي زندگي گذاري، سو هاڻي وڌيڪ گمنام نه رهندو پر تاريخ جي سونهري ورقن ۾ ڪامريڊ جو شمار انهن عظيم انسانن سان گڏ ٿيندو جيڪي محڪوم عوام جي ذهنن تي راڄ ڪندڙ آهن. ڪامريڊ جي زندگي تي جيڪڏهن نظر وجھجي ته هن ايم آر ڊي جي شهيدن جي شهر سان تعلق رکڻ ۽ انهن جيان بهادر هئڻ جو ثبوت ڏنو آهي، جيڪي عوام جي حقن خاطر وقت جي رهزنن اڳيان سينو تاڻي بيٺا رهيا. ائين ئي مامو هڪ بهترين وڪيل ۽ سياسي اڳواڻ هئڻ باوجود گرمي سردي ۽ هر ڏک سک ۾ عوام سان گڏ جدوجهد جي ميدان تي بيٺو رهيو. منهنجي نظر ۾ ڪامريڊ مامي رسول بخش بروهي جهڙن اڏول انسانن جو جنم واقعي محڪوم قومن لاءِ ڀاڳ مثل آهي. مان ڪامريڊ کي خراج تحسين پيش ڪندي اهو چوندس ته ڪامريڊ مامو بروهي هميشه اسان جي دلين تي راڄ ڪندو رهندو، ۽ ٻئي طرف ڏتڙيل قومن جي تقدير بدلائڻ جا خواهشمند سياسي اڳواڻ ۽ ڪارڪن مامي بروهي جهڙن اڏول انسانن جي زندگين مان هميشه اتساهه وٺندا رهندا جن جون زندگيون يقينن سمورن سياسي ڪارڪنن لاءِ مشعل راهه آهن.
ڪاتيءَ هيٺان ڪنڌ، پوءِ به نعرا نينهن جا،
سنڌڙيءَ جو سوڳنڌ، مرنداسين پر مرڪندي

شيخ اياز

No comments:

راءِ ڏيندا