; سنڌي شخصيتون: مير نادر علي ابڙو - غلام محمد ڪنڀر

20 May, 2016

مير نادر علي ابڙو - غلام محمد ڪنڀر

مير نادر علي ابڙو
سماج سڌارڪ سنڌ جي نادر شخصيت
غلام محمد ڪنڀر
مير نادر علي ابڙو جو ڪردار ادبي محور ۾ جيڪر ويهي جانچجي ته ٻين اديبن کان تمام مختلف نظر ايندو. پاڻ سنڌ جي هر اشو تي ڀرپور قلمي پورهيو ڪيو اٿائين ۽ هر دؤر ۾ پنهنجي قلم جي نوڪ سان وفا ڪندي نظر آيو آهي. ادبي دنيا ۾ سندس سڃاڻپ وري سنڌ جا ڪردار رهيا آهن. جن تي هن اثرائتي نموني سان قلم کنيو آهي ۽ انهن تي پاڻ ڀرپور نموني سان لکندو رهيو آهي. جن ڪردارن جون اسان جي ڌرتي ۽ هتي جي غريب ماڻهن لاءِ خدمتون رهيون آهن، تن تي لکڻ جو فن شايد ئي ڪو مير نادر علي ابڙو کان سکي، جنهن قلمي انداز سان انهن ڪردارن کي اُڀاري متعارف ڪرايو آهي، جنهن کي ڪڏهن به فراموش نٿو ڪري سگهجي. مختلف شخصيتن تي لکيل سندس ڪالم مضمون پڙهڻ وقت ائين محسوس ٿيندو آهي ته ڄڻ انهن شخصيتن سان ڪچهري پئي ٿي هلي، اهي حقيقتون آهن، جيڪي سندس جي لکڻين ۾ شامل آهن. مير نادر علي ابڙو خوش نصيب ماڻهو آهي جو سندس جنم سنڌ جي ناليواري اديب، جج، استاد، سماج سڌارڪ، صحافي ۽ سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي باني ميمبر مرحوم ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جي گهر ٿيو. تنهن لاءِ شروع کان ئي سندس پالنا ادبي ٿي، خوش طبيعت، هر ڪنهن سان پنهنجي منفرد پرڪشش مرڪ چهري تي سجائي ملندڙ ۽ ڪچهرين جو روح راڻو رهندڙ مير نادر علي ابڙو پنهنجي من اندر ۾ تمام حساس قسم جو ماڻهو ۽ ميڻ کان به وڌيڪ ملائيم حساس طبيعت رکندڙ آهي. هو ڪنهن سان به زيادتي برداشت ناهي ڪري سگهندو ۽ سندس من اندر ۾ ويٺل ماڻهو، سماج ۾ ٿيندڙ برائين تي آواز بلند ڪرڻ لاءِ جنجهوڙيندي نظر آيو آهي. اهو ئي سبب آهي جو سنڌ جو ڪهڙو به اشو هجي پر مير نادرعلي ابڙو هن تي وڏي داد دليري سان نه صرف لکيو آهي، ايستائين جيستائين انهن سان انصاف ناهي ٿيو، سندس والد مرحوم ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جي نظر ڪرم رهي آهي ته اتي سنڌ جي ڏاهي دانشور، سرڳواسي سوڀي گيانچنداڻي جي صحبت جو اثر به ڏسي سگهجي ٿو.


مير نادر علي ابڙو ابتدائي تعليم اباڻي ضلعي لاڙڪاڻي مان حاصل ڪئي، جتي هن پنهنجو ننڍپڻ گذاريو، جنهن جا پل اڄ به اڪثر هو ياد ڪري ماضي ۾ گم ٿي ويندو آهي، هي مايوسي کي ڪفر سمجهي ٿو، پنهنجي نيڻن ۾  روشن مستقبل جا انيڪ خواب سمائي رکندڙ مير نادر علي ابڙو لاڙڪاڻي جي هاءِ ڪورٽ کان وڪالت شروع ڪئي ته انهيءَ دوران سنڌ جي اينٽي ڪرپشن اسٽيبلشمنيٽ ڊپارٽمينٽ ۾ انسپيڪٽرن جي ڀرتي لاءِ اشتهار آيو، جنهن کي پڙهي پاڻ پنهنجي استاد سوڀي گيانچنداڻي سان صلاح ڪئي، جنهن کيس اپلائي ڪرڻ لاءِ چيو ۽ بعد ۾ سڀني ڏٺو ته مير نادر علي ابڙو ميرٽ تي پاس ٿيو ۽ سنڌ جي اينٽي ڪرپشن اسٽيبلشمينٽ جي تاريخ جو سڀني کان ننڍي ڄمار رکندڙ سرڪل آفيسر مقرر ٿيو، پهريان سندس پوسٽنگ شهدادڪوٽ ضلعي ۾ ٿي، بعد ۾ سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ بطور سرڪل آفيسر خدمتون سرانجام ڏيندو ۽ بدلي ٿيندو رهيو، پر هي جتي به رهيو، ڊيوٽي ڪيائين، اتي سرڪل آفيسر سان گڏ سماجي ڪمن ۾ به اڳ ڀرو نظر آيو ۽ اتي وڏا وڏا ادبي پروگرام ڪرڻ سان گڏ هتي جي وساريل ڪردارن کي ياد ڪيو، انهن جون ورسيون سالگراهون ملهايون ۽ ماڻهن کي اهو سنديسو ڏنو ته اوهان جا اصلي هيروز هي آهن، انهن کي ياد ڪريو. جڏهن پاڻ عمرڪوٽ ۾ بطور سرڪل آفيسر مقرر ٿيو ته اتي پنهنجي هڪ الڳ سڃاڻپ ٺاهي. عمرڪوٽ ضلعي جي ختم ٿيڻ تي هن ڪالم تحرير ڪيا ۽ هن جدوجهد ۾ عمرڪوٽ وارن سان گڏ نظر آيو ۽ جڏهن عمرڪوٽ ضلعو بحال ٿيو ته کيس مڃتا طور ان وقت جي سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر سيد مظفر حسين شاهه ايوارڊ سان نوازيو.
مير نادر علي ابڙو انتهائي محبتي قسم جو ماڻهو آهي، جڏهن سندس مقرري بطور سرڪل آفيسر مٺي ۾ ٿي ته  ڪارونجهر جي هنج ۾ وڃي ٿر جي تاريخي ڪردار مسڪين جهان خان کوسو جي نالي تي ادبي لائيبريري جو بنياد رکيو ۽ سندس ورسي جا پروگرام ڪرايا، پاڻ مٺي ۾ رهڻ دوران مرحوم صادق فقير سان گڏ ڪيترا ئي ادبي پروگرام جوڙيا ۽ ڊيوٽي دوران ٿرواسين جي تمام گهڻي خدمت ڪئي. جڏهن به سندس هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ بدلي ٿي ته اهڙي جدائي خلاف اتي جي ماڻهن احتجاج به ڪيا، ان مان ئي اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته هو هر دلعزيز شخصيت آهي.

مير نادر علي ابڙو کي پنهنجي والد مرحوم سان انتها درجي جو پيار آهي، سندس چوڻ آهي ته ”اڄ آئون جيڪي ڪجهه آهيان، اهو پنهنجي والد مرحوم ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جي ڪري آهيان“. مير نادر کي هيل تائين ادبي پورهئي تي کوڙ ايوارڊ ملي چڪا آهن ۽ پاڻ ڪتاب ”سنڌ جا املهه هيرا“ به تحرير ڪري چڪو آهي، جنهن جا ٻه جلد مارڪيٽ ۾ اچي چڪا آهن. سندس ڪوششن سان مرحوم ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جي زندگي تي لکيل ڪتاب ”سنڌ جو املهه هيرو“ به ڇپجي چڪو آهي، جنهن جا ٻه جلد مارڪيٽ ۾ اچي چڪا آهن. سنڌ جي سدا ملوڪ ماڻهو مير نادر علي ابڙو جي 47هين سالگرهه جي موقعي تي اسان دعا ٿا ڏيون ته الله پاڪ کيس وڏي ڄمار عطا فرمائي ۽ پاڻ جڳ جڳ سدا جيئي.

No comments:

راءِ ڏيندا