; سنڌي شخصيتون: جاويد مهر - صاحب خان ڀٽي

20 May, 2016

جاويد مهر - صاحب خان ڀٽي

جاويد مهر
ڪتب خاني کي گهر سمجهندڙ شخصيت
صاحب خان ڀٽي
ڪتاب دنيا جو عظيم تحفو آهي، جنهن جي ڪري چيو ويندو آهي ته ڪتاب هڪ بهترين دوست آهي، ڪتاب لفظ اچارڻ يا ٻڌڻ سان من اندر احساس، فڪر، علم ۽ روحاني طاقت جو وجد طاري ٿئي وڃي ٿو. پر افسوس جو  سنڌ جي راڄڌاني شهر ڪراچي حڪومتي بي ڌياني سبب سنڌي نصابي ڪتابن کان محروم ٿيندو پيو وڃي، جس آهي انهن جاکوڙيندڙن کي جن پنهنجي مدد پاڻ تحت سنڌي ٻولي جي واڌ ويجهه لاءِ لائبريريون قائم ڪيون آهن، جتي سوين ماڻهو روزانو انهن ڪتابن کي پڙهي من اندر سڪون حاصل ڪن ٿا. انهن شخصيتن مان جاويد مهر به هڪ آهي. جنهن ان شهر ۾ لائبريري کولي جتي سنڌي ٻولي کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪندڙ سنڌ دشمن تمام گهڻو سرگرم هئا، جيڪي ڪنهن به سنڌي وسندي توڙي سنڌي کي نه سهندا هئا. هن ان دور ۾ گلستان جوهر بلاڪ 19 ڀٽائي آباد ۾“ سنڌ پبلڪ لائيبريري قائم ڪئي، جنهن مان اڄ به هزارين ماڻهو فائدو حاصل ڪري رهيا آهن.


جاويد مهر 1972ع ڪشمور ضلعي جي بخشاپور ڳوٺ ۾ هڪ ڪتب گهراڻي ۾ جنم ورتو. سندس والد صاحب پوليس ۾ هو، جتي هن 36 سالن ديانتداري ۽ ايمانداري سان پنهنجا فرض سرانجام ڏنا. جاويد مهر کي 3 ڀائر آهن، جنهن مان هڪ ليکڪ آهي، جيڪو ڳچ عرصي کان ان شعبي سان سلهاڙيل آهي. سندس هڪ ڀاءُ پوليس ۾ ته ٻيو وري اسڪول ٽيچر (استاد) آهي. جڏهن ته جاويد مهر پاڻ هڪ ناليوارو صحافي، ليکڪ، ڪالم نگار آهي، جيڪو 17 سالن کان اخبارن ۾ لکي رهيو آهي. ان کان علاوه جاويد مهر مختلف اخبارن، نيوز ايجنسيز ۽ ٽي وي چينلن تي به ڪم ڪري چڪو آهي. جڏهن جاويد مهر کان انٽرويو دوران لائبريري بابت سوال پڇيو ويو ته هن چيو ته کيس تعليم سان گڏ ڪتابن سان ڪو به لڳاءُ نه هيو ۽ هو اسڪول جو ڪم به ٻين کان ڪرائيندو هو. جاويد مهر انٽرويو دوران اهو به ٻڌايو ته سندس والد کي پڙهڻ سان تمام گهڻو لڳاءُ هو، جڏهن سندس والد رٽائر ٿيو ته نظر به ڪمزور ٿي وئي هئيس، جنهن سبب کيس اها ذميواري ڏني وئي ته هو اخبار پڙهي پنهنجي والد کي ٻڌائي.

جاويد مهر پنهنجي انٽرويو ۾ چيو ته کيس شروعات ۾ اها ذميواري تمام گهڻو ڏکئي لڳي بعد ۾ هو دل سان ان ذميواري کي نڀائيندو رهيو. جنهن بعد سندس پڙهڻ ڏانهن به لڳاءُ وڌيو. هن پنهنجي والد جي لاڏاڻي بعد گهر پيل ڪتاب گڏ ڪري لائيبري قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو جنهن کي سندس دوستن به تمام گهڻو ساراهيو. جڏهن هن لائيبريري کولي ٽوٽل 3 هزار ڪتاب هئا جيڪي هاڻ وٽس تمام گهڻا ٿي چڪا آهن. جاويد مهر جي لائيبريري ۾ ناليوارن شاعرن، اديبن، ليکڪن، صحافين، سياستدانن، ڪالم نگارن ۽ مرڪزي وزيرن سميت مختلف شخصيتن تي لکيل ڪتاب پڻ موجود آهن. جيڪڏهن ڏٺو وڃي جاويد مهر جهڙي ريت ڪتابن کي سانڍي رکي رهيو آهي ۽ اهڙي علائقي ۾ لائيبريري کولي اٿس، جتي سنڌي ڪتابن جي تمام گهڻي گهرج هئي، ڇاڪاڻ ته ڪراچي جي واحد سنڌي وسندي آهي جتي سنڌي ٻولي جي ڪتابن لاءِ لائيبري قائم ڪئي وئي آهي ۽ اها لائبريري بنا ڪنهن حڪومتي سهڪار سان ٺاهي وئي آهي، اها سموري جدوجهد جاويد مهر جي ئي جي آهي، جنهن هڪ ننڍڙي وسندي ۾ سنڌي ٻولي جي ترقي ۽ واڌ ويجهه لاءِ لائيبريري قائم ڪئي ته جئين ماڻهن جي ڪتابن سان محبت وڌي ۽ ماڻهو پڙهڻ ڏانهن مايل ٿين، جاويد مهر جهڙيون شخصيتون هزارن سالن کان پوءِ جنم وٺنديون آهن، جاويد مهر جي ان قدم جي جيتري ساراهه ڪئي وڃي اها گهٽ آهي.

No comments:

راءِ ڏيندا