; سنڌي شخصيتون: جاويد، مهر، ڪتب خاني، شخصيت، صاحب، خان، ڀٽي،
Showing posts with label جاويد، مهر، ڪتب خاني، شخصيت، صاحب، خان، ڀٽي،. Show all posts
Showing posts with label جاويد، مهر، ڪتب خاني، شخصيت، صاحب، خان، ڀٽي،. Show all posts

20 May, 2016

جاويد مهر - صاحب خان ڀٽي

جاويد مهر
ڪتب خاني کي گهر سمجهندڙ شخصيت
صاحب خان ڀٽي
ڪتاب دنيا جو عظيم تحفو آهي، جنهن جي ڪري چيو ويندو آهي ته ڪتاب هڪ بهترين دوست آهي، ڪتاب لفظ اچارڻ يا ٻڌڻ سان من اندر احساس، فڪر، علم ۽ روحاني طاقت جو وجد طاري ٿئي وڃي ٿو. پر افسوس جو  سنڌ جي راڄڌاني شهر ڪراچي حڪومتي بي ڌياني سبب سنڌي نصابي ڪتابن کان محروم ٿيندو پيو وڃي، جس آهي انهن جاکوڙيندڙن کي جن پنهنجي مدد پاڻ تحت سنڌي ٻولي جي واڌ ويجهه لاءِ لائبريريون قائم ڪيون آهن، جتي سوين ماڻهو روزانو انهن ڪتابن کي پڙهي من اندر سڪون حاصل ڪن ٿا. انهن شخصيتن مان جاويد مهر به هڪ آهي. جنهن ان شهر ۾ لائبريري کولي جتي سنڌي ٻولي کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪندڙ سنڌ دشمن تمام گهڻو سرگرم هئا، جيڪي ڪنهن به سنڌي وسندي توڙي سنڌي کي نه سهندا هئا. هن ان دور ۾ گلستان جوهر بلاڪ 19 ڀٽائي آباد ۾“ سنڌ پبلڪ لائيبريري قائم ڪئي، جنهن مان اڄ به هزارين ماڻهو فائدو حاصل ڪري رهيا آهن.