; سنڌي شخصيتون: سردار قريشي - لياقت راڄپر

20 May, 2016

سردار قريشي - لياقت راڄپر

سردار قريشي
سنڌي ميڊيا جو جاکوڙي ڪردار
لياقت راڄپر
هڪ ڏينهن مان سردين جي شام ۾ پنهنجي ڀاءُ ذوالفقار راڄپر سان ڪراچي پريس ڪلب ۾ ملڻ لاءِ ويس، ذوالفقار انتظار ۾ لان ۾ ويٺو هو ته هڪ سنهي لچڪدار جسم واري ماڻهو اچي سلام ڪري خير و عافيت معلوم ڪئي، جنهن کي مون پهرين لمحي ۾ ڪونه سڃاتو پر پوءِ هن چيو ته هُو سردار قريشي آهي. مون Sorry ڪئي ته هن کي سڃاڻي نه سگهيس، ان لاءِ ته هڪ وڏي ۽ ڊگهي عرصي کانپوءِ هن سان ملاقات ٿي هئي، تڏهن هو جسم ۾ ڀريل هيو ۽ هن کي ڏاڙهي به نه هئي. ڪچهري دوران سردار ٻڌايو ته هن کي دل جو عارضو ٿي پيو هيو ۽ باءِ پاس ڪرائڻ کانپوءِ هن جي وزن ۾ گهٽتائي ٿي آهي ۽ ڏاڙهي رکڻ جي ڪري هن کي پراڻا دوست هڪدم نٿا سڃاڻي سگهن. بهرحال سردار سان چانهه پيئڻ کانپوءِ جڏهن مان گهر ڏانهن روانو ٿيس ته سردار جي گذريل زندگي ۽ هن جون سنڌي صحافت لاءِ ڪيل خدمتون منهنجي ذهن ۾ ولوڙجي ٻاهر نڪرڻ لڳيون. پريس ڪلب کان امپريس مارڪيٽ جي پنڌ دوران ۽ ان کانپوءِ نيپا تائين ۽ ان کان بعد رڪشي ۾ چڙهي جوهر چورنگي تائين ڄڻ ته سردار جي زندگي جي ڪهاڻي واري فلم هلندي رهي. هن سفر دوران خاص ڳالهه اها آهي ته گاڏين ۽ رڪشائن جي گجگوڙ دار آواز ۽ ڪن ڦاڙ هارون منهنجي سوچ جي سفر ۽ فلم کي ڊسٽرب نه ڪري سگهيا. ان کان علاوه هي سلسلو گهر تائين پهچڻ تائين جاري رهيو ۽ رات جو بستري تي ليٽڻ تائين مس ختم ٿيو.


آئون چاهيندس ته سردار قريشي جي چاهيندڙن ۽ ان سان گڏ وقت گذاريندڙن کي به ڪجهه ٻڌايان. سن 1958ع ۾ جڏهن سردار محمد قريشي مئٽرڪ جو امتحان هاءِ اسڪول حيدرآباد مان پاس ڪيو ته هن جي ذهن ۾ خيال پيدا ٿيو ته هو ڪارج ڪري، نيٺ هڪڙي ڏينهن روزاني عبرت جيڪا گاڏي کاتي مان نڪرندي هئي، ان وقت ايڊيٽر شيخ علي محمد هيو. ان ۾ هڪ اشتهار ڇپيو ته اخبار لاءِ ڪجهه apprentice کپن، جنهن لاءِ دلچسپي رکندڙ رابطو ڪن. سردار هي اشتهار پڙهي اچي ايڊيٽر سان مليو، جنهن بعد هن کي جڏهن انگريزي لکت جو سنڌي ۾ ترجمو ڪرڻ لاءِ ڏنو ويو، جيڪو هن بلڪل ٿوري وقت ۾ ڪري ڏنو، جنهن تي هن کان پڇيو ويو ته ڇا اڳ ۾ ڪٿي نوڪري ڪئي اٿو ڇا؟ پر هن ناڪاري ۾ ڪنڌ لوڏايو.
وقت گذرندو رهيو ۽ هر ايندڙ ڏينهن ۾ سردار پنهنجي ڪارڪردگي بهتر ڪري ڏيکاري، جنهن سان ايڊيٽر ۽ ٻئي عملي جي دلين ۾ گهر ڪري ويو، هڪ ڏينهن ڪنهن سبب جڏهن ايڊيٽر صاحب اچڻ ۾ دير ڪئي ۽ ايڊيٽوريل لکڻ جو وقت اچي مٿي تي بيٺو ته سڀ پريشان ٿي ويا، تنهن تي سردار پنهنجون خدمتون پيش ڪيون، پوءِ جلد ڪاپي تيار ڪري ڇپجڻ لاءِ پريس موڪلي وئي. جڏهن ايڊيٽر آيو ۽ چيائين ته جلد ڪريو پنا کڻي اچو ته ايڊيٽوريل لکان پر جڏهن هن کي اها خبر پئي ته ايڊيٽوريل سردار لکي ڇڏيو آهي ته هو ڏاڍو خوش ٿيو ۽ هن کي چيائين ته هو هڪ ڏينهن جلد ڪنهن اخبار جو ايڊيٽر ٿي ويندو.
سردار قريشي جي صحافت سان عشق ۽ دلچسپي هن کي جلد پنهنجي منزل ڏانهن آڻيندي وئي. سن 1972ع ۾ سردار روزاني هلال پاڪستان ۾ بطور sub editor ڪم ڪرڻ شروع ڪيو، تڏهن هن اخبار جو ايڊيٽر سراج الحق ميمڻ هيو، جيڪو فائونڊر ايڊيٽر هيو، سيد قمر الزمان شاهه مئنيجنگ ڊائريڪٽر هيو. ان وقت هلال پاڪستان ۾ منظور قريشي، دستگير ڀٽي، محمود صديقي، انور پيرزادو ۽ عزيز ناريجو پڻ ڪم ڪندا هئا. هڪ سدائين ايندڙ مهمان نبي بخش کوسو هيو، جيڪو هر روز شام جو اخبار جي آفيس ۾ اچي ويهندو هيو. سن 1980ع ۾ سردار کي اخبار جو ايڊيٽر ڪيو ويو. 1981ع جي آخر ۾ هن مجيب الرحمان سان اختلافن سبب عهدي تان استعيفيٰ ڏني.
سردار قريشي جيئن ته اصول پرست آهي، ان لاءِ هو ڪنهن سان به ڪنهن به قسم جي سوديبازي نه ڪندو آهي، هو هڪ ڀيرو وري 2002ع ۾ روزاني هلال پاڪستان جو نيوز ايڊيٽر ٿيو ۽ 2005ع ۾ استعيفيٰ ڏني. هيءَ ڳالهه تمام گهڻي سوچڻ جي آهي ته اختلافن جي باوجود به اخبار جي مالڪن ڪڏهن به سردار کي نوڪري مان جواب نه ڏنو پر زور ڀريندا هئا ته هو استعيفيٰ نه ڏي ڇو جو سردار جي صحافتي ڄاڻ، هن جو تجربو، قابليت جو سڀني وٽ قدر هيو، پر سردار چيو ته هو ڪنهن به دٻاءُ هيٺ ڪم  نه ڪندو آهي. هن هڪ سنڌي رسالو فورم (Forum) جي نالي سان ڪڍيو، جنهن کي هڙان وڙان هلائيندو رهيو. سردار قريشي کي اردو ۽ انگريزي اخبارن ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ چيو ويو، هن جي سنڌي ٻوليءَ سان محبت ڪري هن اهي آفرز قبول نه ڪيون. اسان وٽ هڪ وڏو الميو اهو آهي ته جيئري انسان جي خدمتن جو قدر نٿو ڪيو وڃي ۽ خاص ڪري اهي ماڻهو جيڪي سچا آهن جن کي ڪم سان جنون جي حد تائين عشق آهي. سردار چوندو آهي ته هن صحافت کي پنهنجو پروفيشن ان ڪري اختيار ڪيو ته هو عام ماڻهن ۾ پنهنجا حق وٺڻ لاءِ سجاڳي پيدا ڪرڻ ٿي چاهي ۽ خاص ڪري سنڌي ماڻهن کي جيڪي اڃا تائين سادا آهن.
هن عبرت ۾ سکيا دوران ڪيترن ئي انگريزي مضمونن مان سنڌي ۾ ترجمو ڪري اخبار ۾ هلايا. 1970ع ۾ ڪراچي جي ايجنسي سنڌ پريس لاءِ رپورٽر طور ڪم ڪيو. ڪافي اردو ۽ سنڌي اشاعتي ادارن ۾ ڇپجندڙ مواد جي ايڊيٽنگ جو ڪم به ڪيو. بيروزگاري جي وقت مجبورن انگريزي اخبار The Bullet جو 1991ع ۾ ايڊيٽر رهيو. 93-1992ع ۾ روزاني اخبار عوامي آواز ۾ بطور ايڊيٽر ڪم ڪيو. انگريزي رسالي The Industrialist جو 1997ع ۾ ايڊيٽر ٿيو. 1999ع ۾ روزاني تعمير سنڌ جو سينئر ايڊيٽر طور پنهنجون خدمتون سرانجام ڏنيون. 1998ع ۾ اردو اخبار عصر لاءِ ايڊيٽر ٿي ڪم ڪيو. بهرحال اردو ماهوار رسالو صنعتڪار جو 87-1986ع ۾ پڻ ايڊيٽر طور ڪم ڪيو ۽ ڪيترائي ڪتاب ايڊيٽ ڪيا ۽ انهن جا ترجما ڪيا. مان چاهيان ٿو ته سردار جي صحافتي سفر سان گڏ اوهان هن جي ذاتي زندگيءَ ۾  جهاتي پائي ڏسو ته ننڍپڻ کان جواني جو سفر طئي ڪندي بزرگي ۾ هو ڪيئن رهي ٿو. مان جڏهن به هن سان ملڻ ويو آهيان ته هو هڪ شير مهمان نواز وانگر ماني سان گڏ ايتري ته ريفريشمينٽ کڻي ايندو آهي جو مون کي ڄام صادق ياد اچي وڃي ٿو پر سردار ۽ ڄام صادق ۾ وڏو فرق آهي.
سردار محمد قريشي ولد تاج محمد 12 اپريل 1944ع ۾ سنڌ جي خوبصورت ڳوٺ ٽنڊو غلام علي ۾ پيدا ٿيو. هن جي والد ٻه شاديون ڪيون هيون. پهرين زال مان ان کي ڪو اولاد نه هو ۽ ٻي گهر واري مان سردار، سندس ٽي ڀائر ۽ چار ڀينرون پيدا ٿيون. پرائمري تعليم ڳوٺ جي گورنمينٽ اسڪول مان حاصل ڪئي. مئٽرڪ 1958ع ۾ حيدرآباد مان پاس ڪيائين ۽ اتان ئي انٽرميڊيٽ جو امتحان پاس ڪيو. جڏهن پاڻ ڪراچي لڏي آيو ته هن ڪراچي يونيورسٽي مان 1974ع ۾ پرائيويٽ طور امتحان ڏئي ڊگري حاصل ڪئي. هن جي شادي به اچانڪ ٿي جنهن تي هو وڏو حيران هيو.
سردار جي زندگي ۾ ڪجهه حادثا اهڙا آهن، جنهن کيس جهوري وڌو ڇو جو اهو هن جي وهم ۽ گمان ۾ نه هيو ته هن جي والده ائين اچانڪ هي جهان ڇڏي ويندي، جنهن کي هو تمام گهڻو پيار ڪندو هيو. هن جي والده جيڪا ڪافي عرصو بيمار رهي پر هن ان لاءِ ڪڏهن مرڻ جو تصور نه ڪيو هيو. اڃا 6 مهينا ئي مس گذريا ته هن جو والد الله کي پيارو ٿي ويو. هڪ ٻئي پويان والدين جي جدائي هن لاءِ وڏو حادثو هيو. ٻئي حيرانگي هن لاءِ عمره جي سعادت حاصل ڪرڻي هئي جنهن لاءِ هن ڪڏهن سوچيو به نه هيو. هڪ ڏينهن هن جي ڀائرن هن کي فون ڪري گهرايو ته ڪم آهي ۽ هڪ هفتي کانپوءِ هن کي عمرو ادا ڪرڻ لاءِ تياري لاءِ چيو ويو، جيڪو هن لاءِ زندگي جو وڏو تحفو آهي، هن کي ڪتاب پڙهڻ سان وڏو چاهه آهي ۽ ان شوق ۾ هن هڪ لائبرري قائم ڪئي. جتي هر روز تقريبن 300 پڙهندڙ اچن ٿا.

سردار امن پسند انسان آهي، جنهن کي به موسيقي ۽ شاعري سان چاهه آهي، آرٽ فلمون هن کي ان لاءِ وڻنديون آهن جو انهن جون ڪهاڻيون حقيقت تي ٻڌل آهن ۽ ان ۾ اداڪاري به اهڙي هوندي آهي ڄڻ جيئرا ڪردار ڪم ڪري ر هيا آهن. هن جي خواهش آهي ته نوجوان صحافت ڏانهن اچن ۽ عام ماڻهن جي مسئلن کي حڪومت اڳيان پيش ڪرڻ لاءِ جاکوڙين ۽ سچائي سان پنهنجون ذميداريون نڀائن. هن وقت پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا ۾ سنڌي ٻوليءَ سان ٿيندڙ غلطين تي وڏو افسوس آهي. ان کان علاوه صحافت ۾ ڪرندڙ معيار تي پڻ ڏک آهي، جنهن کي سڌارڻ لاءِ ادارن ۽ حڪومت کي تجربيڪار ماهرن جون خدمتون حاصل ڪرڻ گهرجن.

No comments:

راءِ ڏيندا