سردار قريشي
سنڌي ميڊيا جو جاکوڙي ڪردار
لياقت راڄپر
هڪ ڏينهن مان سردين جي شام ۾ پنهنجي
ڀاءُ ذوالفقار راڄپر سان ڪراچي پريس ڪلب ۾ ملڻ لاءِ ويس، ذوالفقار انتظار ۾ لان ۾ ويٺو
هو ته هڪ سنهي لچڪدار جسم واري ماڻهو اچي سلام ڪري خير و عافيت معلوم ڪئي، جنهن کي
مون پهرين لمحي ۾ ڪونه سڃاتو پر پوءِ هن چيو ته هُو سردار قريشي آهي. مون Sorry
ڪئي ته هن کي سڃاڻي نه سگهيس، ان لاءِ ته هڪ وڏي ۽ ڊگهي عرصي
کانپوءِ هن سان ملاقات ٿي هئي، تڏهن هو جسم ۾ ڀريل هيو ۽ هن کي ڏاڙهي به نه هئي. ڪچهري
دوران سردار ٻڌايو ته هن کي دل جو عارضو ٿي پيو هيو ۽ باءِ پاس ڪرائڻ کانپوءِ هن جي
وزن ۾ گهٽتائي ٿي آهي ۽ ڏاڙهي رکڻ جي ڪري هن کي پراڻا دوست هڪدم نٿا سڃاڻي سگهن. بهرحال
سردار سان چانهه پيئڻ کانپوءِ جڏهن مان گهر ڏانهن روانو ٿيس ته سردار جي گذريل زندگي
۽ هن جون سنڌي صحافت لاءِ ڪيل خدمتون منهنجي ذهن ۾ ولوڙجي ٻاهر نڪرڻ لڳيون. پريس ڪلب
کان امپريس مارڪيٽ جي پنڌ دوران ۽ ان کانپوءِ نيپا تائين ۽ ان کان بعد رڪشي ۾ چڙهي
جوهر چورنگي تائين ڄڻ ته سردار جي زندگي جي ڪهاڻي واري فلم هلندي رهي. هن سفر دوران
خاص ڳالهه اها آهي ته گاڏين ۽ رڪشائن جي گجگوڙ دار آواز ۽ ڪن ڦاڙ هارون منهنجي سوچ
جي سفر ۽ فلم کي ڊسٽرب نه ڪري سگهيا. ان کان علاوه هي سلسلو گهر تائين پهچڻ تائين جاري
رهيو ۽ رات جو بستري تي ليٽڻ تائين مس ختم ٿيو.
