جگت بجيا
فاطمہ ثريا بجيا
جيڪا ھاڻي پري هلي وئي
وسعت الله خان
ٿورو سوچيو گذريل اٺن مهينن دوران
ڪهڙا ڪهڙا اڻملهه ماڻهو موت جي واديءَ ۾ گم ٿي ويا. عبدالله حسين، جميل الدين عالي،
ڪمال احمد رضوي، اسلم ظهير، نسرين انجم ڀٽي، ندا فاضلي، انتظار حسين ۽ ٻه ڏهاڙا اڳ
(۱۰ فيبروري ۲۰۱۶ع) تي فاطمه ثريا بجيا به هلي وئي.
بجيا پنهنجي ۸۵ ساله زندگي ۾ ڇا
ڇا نه ڏٺو. حيدرآباد دکن جو تهذيبي ۽ سياسي زوال، هڪ محفوظ حويلي جي ٻانهن مان نڪري،
ڪراچي ۾ لڏپلاڻي تڪليف، ننڍي ڀيڻ جي ڀائرن جي سار سنڀال، هجرت جي ”نانگ ۽ ڏاڪڻ واري
راند“ کان هار نه مڃيندڙ بجيا سفيد پوشي سان پنهنجي ۽ پنهنجن ڀائرن ۽ ڀينرن جي لاءِ
آهستي آهستي آسودگي جو نور پيدا ڪري ڇڏيو. ڪو بيوروڪريٽ ٿيو (احمد مقصود حميدي)، ڪو
فيشن ڊيزائنر (مسز ڪاظمي)، ڪو صداڪار، اداڪار، صحافي ۽ ڊراما نگار (انور مقصود)، ته
ڪو بي بي سي اردو جو ٿي ويو (ساره نقوي)، ته ڪنهن شاعري ۾ پنهنجا جوهر ڏيکاريا (زهره
نگاهه)، ته ڪنهن ڪوڪنگ جي ڪلاسيڪي فن وسيلي ان ننڍي اسڪرين جي ذريعي گهر گهر عام ڪري
ڇڏيو (زبيده طارق عرف زبيده آپا).
۽ بجيا پنهنجي لاءِ قلم ۽ ڊرامائي
تشڪيل جي سلطنت جي چونڊ ڪئي ۽ ان تي ڄمي حڪومت به ڪيائين. اٺ کان ڏهه ناول لکيا، جن
جون لکڻيون اڃان به شايع ٿيڻ جي انتظار ۾ آهن. بس هڪ ناول ڇپجي سگهيو، جيڪو چوڏهن ورهين
جي ليکڪا جي والد حيدرآباد دکن مان شايع ڪرايو.
پاڪستان ٽيليويزن جي بنيادي ماڻهن
مان هڪ آغا ناصر ٻڌائي ٿو ته ”سن ۱۹۶۶ع ۾ جڏهن ٽي وي نشريات ريڙهيون پائي رهي هئي
۽ سمورو نشرياتي ڪاروبار لائيو هو. اچانڪ ورڪرز پي ٽي وي مرڪز لاهور ۾ هڙتال ڪري ڇڏي.
آغا صاحب جا هوش اڏامي ويا. عين ان وقت بجيا ڪمري ۾ داخل ٿي ۽ فرمائش ڪيائين ته پٽ
مون کي ٿورو ٽي وي سينٽر ته ڏيکاريو.“ آغا صاحب چيو ته “ان شرط تي ڏيکاريندس جو هي
مسودو وٺو ۽ ان مان هي ڪردار توهان اڄ شام جي نشريات ۾ ادا ڪندؤ، ڇو ته اصل ڪردار هڙتال
تي آهي.“ ائين بجيا ان شام لائيو اداڪاري به ڪئي.
سن ۱۹۷۴ع ۾ بجيا اي آر خاتون جي
ناول ’شمع‘ کي ڊرامائي شڪل ڏني ۽ پاڪستاني ٽي وي ڊرامي جي وڏي ڪاسٽ، روايتي اوڀر جي
گهريلو ڪاسٽيوم، مڊل ڪلاس جي خانداني نوڪ جهوڪ ۽ چلمني معاشقن جي شادي جي ڪلاسيڪي منظرن
وارا سيريلز ڏنا. شمع کانپوءِ افشان، عروسه، انا، زينت ۽ آگهي جهڙا سيريلز ۽ ڪيتريون
ئي انفرادي رانديون ۽ گهڻو ڪجهه.
انهن سيريلز ۾ ڪرداري ادب، لهجو،
تلفظ، ڪنگا جمني رسمون، پراڻو لباس ۽ رسمون، پاڪستاني اردو تهذيب جي شڪل عوامي سطح
تي جيڪي اثر ڇڏيا، ان جو ذائقو اڄ به ائين ئي برقرار آهي. جيڪڏهن بجيا نه هجي ها ته
پاڪستاني شادين ۾ ميندي جي رسم وارو لباس ائين نظر نه اچي ها ۽ اڄ ميندي جو فنڪشن،
شادي جي فنڪشن کان به وڌيڪ رنگين ۽ اهم بڻجي ويو آهي.
بجيا جو تعلق قدامت پسند ڪلاسيڪل
تهذيب سان هو، پر هوءَ ڪٽر مُلياڻي نه هئي. جنرل ضياءَ جي دور ۾ جڏهن ٽي وي ڊرامن تي
’رئي واري پاليسي‘ لاڳو ٿي ۽ موسيقي مان به موسيقي ڪڍي وئي ته بجيا ناراض ٿي گهر ويهڻ
بجاءِ يا وري انهن پاليسين خلاف احتجاج جو حصو بڻجڻ بجاءِ، اُن جبر کي به پنهنجي حق
۾ نهايت ذهانت سان استعمال ڪيو- يعني قرطبه ۽ بغداد جي تهذيبي ۽ درٻاري ماحول جي پردي
۾ اهو سڀ ڪجهه ڏيکاري ڇڏيو، جيڪو هن کي ضيائي ماحول ۾ ڏيکارڻ کان روڪيو پئي ويو. سمورن
مٿاڇري واهه واهه به ڪئي. ڇو ته قرطبه ۽ بغداد ۾ جيڪا تهذيبي چمڪ ڌمڪ ۽ پرفارمنگ آرٽ
۽ فنون لطيفه جي پذيرائي هئي، اها به بهرحال برصغير جي دانش ۾ به مسلمان تهذيب جو حصو
هئي. تنهن ڪري ڪير خليفي جي سامهون زرق برق نوڪرياڻين جي لباس تي آڱريون کڻڻ جي جرئت
ڪري سگهندو.
بجيا جو تڪيو ڪلام هو ”بيٽا“- هڪ
ڀيري ته عالي صاحب کي عادتن ”بيٽا“ چئي مخاطب ٿي ته عالي خفا ٿي ويو. بجيا جي لاءِ
رنگ، نسل ۽ تهذيبي امتياز اجنبي پکيءَ وانگر هوندو هو. هن پي ٽي وي تي ”اوراق“ جي عنوان
سان ٻن سالن تائين مقامي ادبي ۽ تهذيبي پروگرام جي ميزباني پڻ ڪئي.
هن کي ڪنهن ڇوڪري ۽ ڇوڪريءَ جي ملازمت
جي سفارش ۾ ڪڏهن به عار محسوس نه ٿيو. اڪثر ڪري هوءَ ڪم جي ڊڪ ڊوڙ دوران پريشان به
ٿي ويندي هئي. آخري عمر ۾ سرطان جي بيماري به هُن کي اهڙن في سبيل الله ڪمن کان روڪي
نه سگهي. بقول انور مقصود بجيا جي فطرت ۾ ”نه“ ته هئي ئي ڪو نه. پاڪستان حڪومت بجيا
کي پرائيڊ آف پرفارمنس ۽ وري هلال امتياز سان نوازيو ۽ حڪومت جاپان اعليٰ سول ايوارڊ
عطا ڪيو ۽ سنڌ حڪومت ڪجهه عرصي جي لاءِ مشير تعليم ۽ ثقافت مقرر ڪري پنهنجي ساک ۾ اضافو
ڪيو.
راستو کیا ہو ئے وہ لوگ جو آتے جاتے
میرے آداب پہ کہتے تھے کہ جیتے رہیے.
No comments:
راءِ ڏيندا