; سنڌي شخصيتون: سنيتي، ڪمار، چئٽرجي، سنڌي، ٻولي، مختيار، ملاح،
Showing posts with label سنيتي، ڪمار، چئٽرجي، سنڌي، ٻولي، مختيار، ملاح،. Show all posts
Showing posts with label سنيتي، ڪمار، چئٽرجي، سنڌي، ٻولي، مختيار، ملاح،. Show all posts

08 May, 2016

سنيتي ڪمار چئٽرجي - مختيار ملاح

سنيتي ڪمار چئٽرجي جا سنڌي ٻوليءَ بابت ويچار
مختيار ملاح
مشرقي دنيا ۾ سنڌ شناسي صرف عربي ۽ فارسي تائين محدود نه آهي، بلڪه هر ٻوليءَ جي عالمن سنڌ ۽ سنڌي ٻولي بابت بيمثال ويچار لکيا آهن. ان سلسلي ۾ بنگالي عالمن جو به ڪردار ڪو گهٽ نه آهي. رکل داس چئٽرجي، اين جي منجمدار، ڊاڪٽر ذيشان حيدر ۽ سنيتي ڪمار چئٽرجي جا نالا قابل ذڪر آهن. هنن سنڌو تهذيب، ٻولي، رسم الخط ۽ تاريخ تي بهترين ڪم ڪيو آهي. سنيتي ڪمار چئٽرجي ننڍي کنڊ جو مشهور ۽ معروف لسانيات جو ماهر هو. هو بنگالي ٻولي تي ٿيل ڪم جي ڪري سڃاتو وڃي ٿو. پر هن سنڌو تهذيب ٻوليءَ تي به تحقيقي ڪم ڪيو آهي.