شهيد الله بخش سومرو
سنڌ جي سياست جو عظيم ڪردار
سارنگ منير سومرو
زندگيءَ
جي هر شعبي ۾ پنهنجو پاڻ ملهائيندڙ شهيد الله بخش سومري پرائمري تعليم لاءِ ۱۹۰۶ ۾ ٺل شهر ۾ پرائمري اسڪول ۾ داخلا ورتي جنهن کانپوءَ الله بخش سومرو ۱۹۱۱ ۾ شڪارپور جي هوپنل هاءِ اسڪول ۾ سيڪنڊري تعليم لاءِ داخلا ورتي ۽ هن ۱۹۱۹ ۾ مئٽرڪ پاس ڪئي هو ننڍي هوندي کان ئي هو شيار ۽ ذهين هو هن جو تعلق وچولي
طبقي جي خاندان سان هو هن جو والد مستري محمد عمر هو جنهن کي انگريزن پاران خان
صاحب جو اعزاز مليل هو هن جي والد الله بخش سومرو جي پرورش تمام شاندار نموني ڪئي.
الله بخش سومرو ڪاليج جي دور ۾ ئي ڪاروبار ۽ ٺيڪيداريءَ پنهنجي والد سان هٿ ونڊائيندو
رهيو ۽ هن جو لاڙو سياست ۾ به ٿيندو ويو، الله بخش سومرو ۱۹۲۳ ۾ سياست ۾ قدم رکيو ۽ هو جيڪب آباد ميونسپالٽيءَ ۽ ضلعي لوڪل بورڊ سکر جو
ميمبر چونڊيو. ۱۹۲۶ع ۾ خانبهادر جان محمد پٺاڻ جهڙي
سلطان ڪوٽ ۽ سکر ضلعي جي بااثر ۽ اهم زميندار جي مقابلي ۾ بمبئي ڪائونسل جو ميمبر
چونڊجي ويو، هن جا ڀُٽي خاندان سان پنهنجي والد جي زماني کان سٺا لاڳاپا هئا، ان ڪري
هن بمبئي ڪائونسل ۾ سر شاهنواز ڀُٽي جو ساڄو هٿ ٿي ڪم ڪيو، جيڪو ان زماني ۾ بمبئي ڪائونسل
۾ سنڌ جي مسلمان ميمبرن جو ليڊر هو، ذهين ۽ باصلاحيت هئڻ ڪري، الهه بخش سومرو
بمبئي ڪائونسل جي ميمبريءَ دوران ڪائونسل سان واسطو رکندڙ سرڪاري ڪميٽين تي چونڊيو
ويو. اهڙيءَ طرح هي ۱۹۲۶ع کان ۱۹۳۶ع تائين، جيسين سنڌ بمبئيءَ سان شامل هئي، بمبئي ڪائونسل جو ميمبر رهندو
آيو، جڏهن جيڪب آباد ۾ گهوڙن جي سالياني
نمائش جي موقعي تي سنڌ جي لوڪل بورڊن جي صدرن ۽ چيف آفيسرن جي ڪانفرنس ڪوٺائي، ته
هن لوڪل بورڊن جي تنظيم، اختيارن ۽ سڌارن بابت ڪيترا ٺهراءَ پاس ڪرايا ۽ سنڌ جي لوڪل
بورڊن جي ائسوسئيشن قائم ڪرايائين ان موقعي تي هن سنڌ جي مسلمان سياستدانن جي ڪانفرنس
سيٺ حاجي عبدالله هارون جي صدارت ۾ ڪوٺائي، سنڌ جي بمبئيءَ کان آزاديءَ ۽ آل انڊيا
مسلم ڪانفرنس جي ٺهرائن جي تائيد ۾ ٺهراءَ پاس ڪرايا. ۱۹۳۴ع ۾ جڏهن جي ايم سيد جي بنگلي (ڪراچي) ۾ ’پيپلز پارٽي‘ ٺاهي وئي ته اُن جو
ليڊر شاهنواز ڀٽي کي ۽ ڊپٽي ليڊر الهه بخش سومري کي چونڊيو ويو. ۱۹۳۶ع ۾ ’اتحاد پارٽي‘ قائم ٿيڻ تي هيءُ اُن ۾ شامل ٿيو. سنڌ جي بمبئيءَ کان
آزاديءَ بعد ۱۹۳۷ع جي چونڊن ۾ اتحاد پارٽيءَ جا ۲۴ ميمبر چونڊجي آيا، پر اُن جو ليڊر سر شاهنواز ڀٽو ۽ ڊپٽي ليڊر حاجي
عبدالله هارون هارائي ويا، ان تي گورنر سر لئنسليٽ گرهام، سر غلام حسين کي وزارت
لاءِ گهرايو، جنهن جي پارٽيءَ جا صرف ۵ ميمبر
چونڊجي آيا هئا. هن مير گروپ کي وزارت ڏئي، اتحاد پارٽيءَ جي ميمبرن ۾ ڦوٽ وڌي ۽
هندو انڊپينڊنٽ پارٽيءَ جي مدد حاصل ڪري وزارت ٺاهي. ميران محمد شاهه به اتحاد پارٽي
ڇڏي وڃي.
