حاجي سر عبدالله حسين هارون
آزادي جي تحريڪ جو سچو ليڊر
آفتاب قادري
حاجي سر عبدالله هارون ارادي جو
پڪو، جرئتمند ۽ صابر ماڻهو هجڻ جي حيثيت سان مقبول اڳواڻ هو، جيڪو هميشه ان ڳالهه جو
فڪرمند هوندو ته ڪهڙي طرح مسلمانن وچ ۾ ڀائيچارو پيدا ٿئي ۽ انهن جي عزت ۽ مرتبي ۾
اضافو ٿئي. جڏهن اسان سندس شخصيت جي باري ۾ حقيقتون ڄاڻينداسين ته پتو پوي ٿو ته حاجي
سر عبدالله هارون آزادي جي تحريڪ ۾ ڀرپور نموني نمايان ٿيو، مسلمانن جي آزادي جي تحريڪ
سان سندس گهڻو چاهه هو، هي جڏهن عالمي سطح تائين آزادي جي جدوجهد ۾ اڀري آيو ته هر
شخص سندس عظمت کان واقف ٿي ويو. ڪراچي پاڪستان جو سڀ کان وڏو شهر آهي، جيڪو ٻين سببن
جي ڪري به تمام گهڻو مشهور آهي.جڏهن سنڌ ممبئي جو حصو هئي، تڏهن اهو فيصلو ڪيو ويو
ته ان کي ڌار صوبي جي حيثيت ڏياري وڃي ۽ مسلمانن جو مرڪز بڻايو وڃي. ڪراچي کي پاڪستان
جي گادي جو هنڌ هجڻ جي حيثيت ملي، جتي حاجي عبدالله هارون جي آخري آرام گاهه به آهي.
آزادي جي تحريڪ جو عظيم ليڊر عبدالله هارون پهرين جنوري 1872ع تي ڪراچي ۾ ڄائو، هو
آزادي جي تحريڪ جو ليڊر ۽ قائد اعظم محمد علي جناح جو ساٿي هو. هن پنهنجي زندگي ڀلائين
جي ڪمن ۽ سياست ۾ گذاري ۽ 27 اپريل 1942ع تي هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو.
