زاهد حسين رند
سنڌ جي نوجوانن لاءِ اُتساهه جو سبب بڻجندڙ
علي ڏنو جروار
هونئن ته اسان جي سنڌ ۾ ڪيترائي
نوجوان مختلف قسم جا امتحان پاس ڪري اعليٰ عهدن تي پهچي رهيا آهن، پر گذريل ڏينهن کان
وٺي سنڌي اخبارن، چئنلز توڙي سوشل ميڊيا جي خبرن جو زاهد حسين رند محور بڻيل آهي، جنهن
سينٽرل سپيريئر سروسز گروپ ۾ پهريون گروپ ڊسٽرڪٽ مئنيجمينٽ جوائن ڪيو آهي. سندس تعلق
شهيد بينظيرآباد (نوابشاهه) ضلعي جي بلڪل ٻهراڙيءَ سان آهي. هي نوجوان دوڙ تعلقي جي
اڇڙي ٿر واري پاسي جي هڪ ڳوٺ آچر رند جو رهواسي آهي، جيڪو واريءَ جون ڀٽون ڪراس ڪري
گورنمينٽ پرائمري اسڪول ۾ پڙهڻ ويندو هو. جتان پنج درجا پاس ڪرڻ بعد گورنمينٽ هاءِ
اسڪول سٺ ميل ۾ پڙهڻ ويو. جتان ميٽرڪ جو امتحان پاس ڪري، گورنمينٽ سچل سرمست ڪاليج
مان انٽرميڊيٽ جي ڊگري حاصل ڪيائين. جڏهن ته گريجوئيشن جي ڊگري ڪراچيءَ جي ڪنهن يونيورسٽيءَ
مان حاصل ڪيائين.
