; سنڌي شخصيتون: قاضي نظير عرف ڪڪو بابا - يونس چانڊيو

16 April, 2016

قاضي نظير عرف ڪڪو بابا - يونس چانڊيو

قاضي نظير عرف ڪڪو بابا
سياسي ۽ سماجي ڪردار
يونس چانڊيو
سنڌ جيڪا صوفين جي سرزمين آهي، هن ڌرتيءَ جي صوفين، تن پوري انسانيت جي عالم کي امن ۽ سلامتيءَ جو درس ڏنو آهي. سنڌ جي مٽيءَ مان انيڪ لازوال ڪردارن جو جنم ٿيو آهي، جن پنهنجي پنهنجي شعبي ۾ سنڌ ۽ سنڌ واسين جي لاءِ جاکوڙ ڪندي زندگي گذاري ڇڏي. اهڙا ئي ڪردار اُملهه ڪردار هجن ٿا، جيڪي پنهنجي ڌرتي ۽ قوم جي ترقي، ڀلائي ۽ خوشحاليءَ لاءِ جدوجهد ڪندي تاريخ ۾ امر بڻجي وڃن ٿا. اهڙن ئي اُملهه ڪردارن مان سنڌ جو قاضي خاندان به آهي، جنهن جون سياسي، سماجي ۽ صحافتي خدمتون شاندار آهن. قاضي خاندان جيڪو اصل ۾ دادو ضلعي جي علائقي سيوهڻ سان تعلق رکي ٿو. حڪمت جي دنيا ۾ به هن خاندان جو وڏو ناماچار رهيو آهي. حڪيم فتح محمد سيوهاڻي جو نانءُ اڄ به سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ مشهور آهي.


قاضي خاندان سيوهڻ کان اچي حيدرآباد شهر ۾ آباد ٿيو. حيدرآباد جيڪو سنڌ جو نج علمي، ادبي ۽ ثقافتي رنگن جو شهر آهي. هن شهر جي ترقيءَ ۾ سڀ کان اهم ڪردار به قاضي خاندان جو ئي آهي. قاضي عبدالقيوم حيدرآباد ميونسپل جو انگريزن جي دور ۾ چيئرمين پڻ رهيو هو، جنهن حيدرآباد شهر کي زبردست ترقي وٺرائي ۽ عوام کي ان زماني ۾ جديد بنيادي سهولتون فراهم ڪيون هيون. قاضي قيوم جي نالي سان حيدرآباد جي مک شاهراهه قاضي قيوم روڊ جي نالي سان منسوب ٿيل آهي. قاضي قيوم کانپوءِ قاضي محمد اڪبر ۽ قاضي عبدالمجيد عابد سياست جي افق تي چمڪندڙ تارن جيان اڀري آيا. قاضي محمد اڪبر ۽ قاضي عبدالمجيد عابد وفاقي وزيرن جي عهدن تي پڻ رهيا. قاضي محمد اڪبر ۽ قاضي عبدالمجيد عابد جون سياست ۽ صحافت ۾ وڏيون خدمتون آهن. اڄ به حيدرآباد جو عوام قاضي خاندان کي ياد ڪري ٿو. قاضي خاندان بنا ڪنهن لالچ ۽ لوڀ جي انسانيت جي خدمت واري جذبي تحت سياست جي دنيا ۾ پير پاتو. قاضي محمد اڪبر ۽ قاضي عبدالمجيد عابد سنڌ جا اهي چمڪندڙ تارا آهن، جن جديد سنڌي صحافت جا بنياد وڌا، قاضي عبدالمجيد عابد روزاني عبرت اخبار جا بنياد مضبوط ڪيا، هن جي رات ڏينهن اڻ ٿڪ محنت ۽ جاکوڙ جي ڪري ئي عبرت اخبار سنڌ جي مقبول عوامي اخبار بڻجي وئي. عبرت 1958ع ۾ روزاني جي بنياد تي شايع ٿيڻ شروع ٿي. سنڌي پرنٽ ميڊيا جي هن اداري سنڌ جي عوام جي حقيقي ترجماني ڪئي، عوام جي مسئلن کي اجاگر ڪيو، اڄ روزاني عبرت جو ادارو سنڌي ميڊيا جو مقبول ترين ادارو آهي. جڏهن ته قاضي محمد اڪبر جو فرزند قاضي نظير اڪبر عرف ڪڪو بابا به عوامي خدمت جو جذبو رکندڙ سياسي ۽ سماجي ڪردار هو. قاضي نظير اڪبر عرف ڪڪو بابا 1944ع ڌاري حيدرآباد ۾ ڄائو. هن تعليم به حيدرآباد مان ئي حاصل ڪئي.

قاضي نظير اڪبر عرف ڪڪو بابا خوش مزاج شخصيت جو مالڪ هو. پاڻ هميشه غريبن ۽ مسڪينن جي مدد ڪرڻ لاءِ وسان ڪين گهٽائيندو هو. سندس گهر جا در 24 ڪلاڪ ئي ماڻهن جي لاءِ کليل هوندا هئا. ڏينهن هجي يا رات، صبح هجي يا منجهند يا شام هجي، جيڪو به دردمند ماڻهو ڪڪو بابا وٽ پهچي پنهنجو ڏک ٻڌائيندو هو ته پاڻ انهيءَ تڪليف کي پنهنجي تڪليف سمجهندو هو ۽ ان ئي وقت سڀ ڪم ڪار ڇڏي انهيءَ لاچار ۽ مجبور ماڻهو سان گڏ نڪري پوندو هو ۽ مسئلو حل ڪرائي پوءِ واپس گهر ايندو هو، اهو ئي سبب آهي جو ڪڪو بابا کي حيدرآباد جا ماڻهو اڄ به ياد ڪري لڙڪ لاڙي ويهن ٿا. قاضي نظير اڪبر عرف ڪڪو بابا حيدرآباد جي سياسي ۽ سماجي سرگرمين ۾ ڀرپور حصو وٺندو هو. هن هميشه هر هنڌ غريب ۽ مسڪين ماڻهن کي بنيادي سهولتون فراهم ڪرڻ، ترقي ۽ خوشحاليءَ لاءِ ڀرپور نموني سان آواز اٿاريو. حيدرآباد جي سول لائين ۾ سندس رهائشگاهه تي ماڻهن جا ميلا متل هوندا هئا. قاضي نظير اڪبر قاسم آباد جي قيام ۾ پڻ اهم ڪردار ادا ڪيو. جڏهن فساد ٿيا ته حيدرآباد جي شهري علائقن مان سنڌين جي وڏي پئماني تي لڏپلاڻ ٿي ته انهن سنڌي خاندانن کي آباد ڪرڻ لاءِ قاسم آباد جو شهر اڏيو ويو، جنهن جو نالو به قاضي نظير اڪبر عرف ڪڪو بابا تجويز ڪيو هو. قاضي نظير اڪبر عرف ڪڪو بابا 16 اپريل 2008ع ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. اڄ 16 اپريل 2016ع تي سندس اٺين ورسي ملهائي پئي وڃي. قاضي نظير اڪبر جي عوامي خدمت وارو مشن سندس فرزند غريبن جي هڏ ڏوکي پ پ جي نوجوان اڳواڻ قاضي اشهد عباسي جي هٿن ۾ آهي. قاضي اشهد عباسي تازين بلدياتي چونڊن ۾ پيپلز پارٽي جي ٽڪيٽ تان ڪينٽونمينٽ بورڊ حيدرآباد جي وارڊ نمبر 7 تان ڪائونسلر جي سيٽ تي وڏي اڪثريت سان ڪاميابي ماڻي. قاضي اشهد عباسي هن وقت ڪينٽونمينٽ بروڊ ۾ اپوزيشن ليڊر آهي، جيڪو پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪري پيو. قاضي اشهد عباسي پنهنجي خاندان جي روايتن کي برقرار رکيو آهي. پاڻ پنهنجي والد قاضي نظير اڪبر جي ڏسيل واٽ تي هلندي حيدرآباد جي عوام لاءِ جاکوڙي رهيو آهي. قاضي اشهد عباسي هن وقت حيدرآباد ۾ پيپلز پارٽي جو مقبول ترين عوامي اڳواڻ آهي. سندس هر ڏينهن عوامي خدمت ۾ گذري ٿو. حيدرآباد جي ڪهڙي به علائقي ۾ عوام جو مسئلو هجي، قاضي اشهد عباسي فورن مسئلي جي حل لاءِ ڪوششون وٺي ٿو. پ پ جو اڳوڻو ايم اين اي ۽ پ پ فيڊرل ڪائونسل جو ميمبر قاضي اسد عابد پڻ قاضي اشهد عباسي لاءِ اهم رهنما هجڻ جي حيثيت ۾ ڇپر ڇانوَ جيان رهي ٿو. قاضي اشهد عباسي جي سياسي تربيت ۾ قاضي اسد عابد جو وڏو هٿ آهي. اهو ئي سبب آهي جو اڄ قاضي اشهد عباسي عوام جو چونڊيل نمائندو آهي. قاضي خاندان جي عوامي خدمت جي وڏي تاريخ آهي. هن خاندان جي وڏن جون خدمتون تمام وڏيون آهن، انهن جو اولاد به پنهنجن وڏن جي واٽ تي هلندي سياست ۽ صحافت جي ميدان ۾ خدمت ڪري رهيو آهي.

No comments:

راءِ ڏيندا