; سنڌي شخصيتون: قاضي، نظ،ر، عرف، ڪڪو بابا، سياسي، سماجي، ڪردار، يونس، چانڊيو،
Showing posts with label قاضي، نظ،ر، عرف، ڪڪو بابا، سياسي، سماجي، ڪردار، يونس، چانڊيو،. Show all posts
Showing posts with label قاضي، نظ،ر، عرف، ڪڪو بابا، سياسي، سماجي، ڪردار، يونس، چانڊيو،. Show all posts

16 April, 2016

قاضي نظير عرف ڪڪو بابا - يونس چانڊيو

قاضي نظير عرف ڪڪو بابا
سياسي ۽ سماجي ڪردار
يونس چانڊيو
سنڌ جيڪا صوفين جي سرزمين آهي، هن ڌرتيءَ جي صوفين، تن پوري انسانيت جي عالم کي امن ۽ سلامتيءَ جو درس ڏنو آهي. سنڌ جي مٽيءَ مان انيڪ لازوال ڪردارن جو جنم ٿيو آهي، جن پنهنجي پنهنجي شعبي ۾ سنڌ ۽ سنڌ واسين جي لاءِ جاکوڙ ڪندي زندگي گذاري ڇڏي. اهڙا ئي ڪردار اُملهه ڪردار هجن ٿا، جيڪي پنهنجي ڌرتي ۽ قوم جي ترقي، ڀلائي ۽ خوشحاليءَ لاءِ جدوجهد ڪندي تاريخ ۾ امر بڻجي وڃن ٿا. اهڙن ئي اُملهه ڪردارن مان سنڌ جو قاضي خاندان به آهي، جنهن جون سياسي، سماجي ۽ صحافتي خدمتون شاندار آهن. قاضي خاندان جيڪو اصل ۾ دادو ضلعي جي علائقي سيوهڻ سان تعلق رکي ٿو. حڪمت جي دنيا ۾ به هن خاندان جو وڏو ناماچار رهيو آهي. حڪيم فتح محمد سيوهاڻي جو نانءُ اڄ به سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ مشهور آهي.