مولوي عبدالحليم ”شرر“
سندس سنڌ شناسي
مختيار ملاح
ويھين صدي جي شروع ۾ سنڌ شناسي هڪ
نئين مرحلي ۾ داخل ٿي وئي. موهن جي دڙي جي دريافت سميت قديم تهذيبون دريافت ٿيون. انگزيزي
اردو، گجراتي، بنگالي علمن جي هڪٻئي جي ويجهو اچڻ ۽ ترجما نگاريءَ جي ڪري تاريخي علمن
جو ڦهلاءُ ٿيو سنڌ شناسي به سنڌي زبان مان
نڪري اردو، گجراتي ۽ ٻين هندستاني زبانن ۾ ڦهلجڻ لڳي. خاص طور تي انگريزي کانپوءِ اردو
زبان ۾ سنڌ جي تاريخ ۽ علم ۽ ادب تي گهڻو ڪم ٿيڻ لڳو. ان دور ۾ ”مجمع الاخبار“ جي باني
مير اشرف علي پنهنجي ڪتاب ”تاريخ افغانستان“ ۾ سنڌ بابت اهم معلومات ڏني ۽ اهل هند
کي اردو وسيلي سنڌ سان روشناس ڪرايو پر سنڌ تي پهريون ۽ اهم ڪتاب مولوي عبدالحليم”شرر“
لکيو ۽ شايع ڪرايو.
مولوي عبدالحليم ”شرر“ انگريزن جي
دور جي اردو جو نامور ڪهاڻيڪار، ناول نگار، مؤرخ، مضمون نگار، ڪالم نويس ۽ پبلشر هو.
سندس جنم 12 جنوري 1860ع تي ۾ لکنوءَ ۾ ٿيو.
سندس والد جو نالو حڪيم تفضل حسين هو ۽ سندس نانو مولانا قمر الدين اوڌ جي جلاوطن بادشاھ
جي ملازمت ۾ ڪلڪتي ۾ رهندو هو. عبدالحڪيم ”شرر“ ابتدائي تعليم پنهنجي والد کان حاصل
ڪئي ۽ پوءِ لکنوءَ جي اسڪولن مان تعليم حاصل ڪيائين. ان کانپوءِ ڪلڪتي ۽ پوءِ لکنو
جي اسڪولن مان تعليم حاصل ڪيائين. ان کانپوءِ ڪلڪتي، دهلي ۽ حيدرآباد دکن مان حاصل
ڪئي. روايتي تعليم سان گڏوگڏ عربي، فارسي، انگريزي ۽ علمي،ادبي ۽ مذهبي تعليم ورتائين
ڪلڪتي ۾ رهڻ دوران صحافتي دنيا ۾ داخل ٿيو ۽ منشي نو لڪشور جي ”اوڌ“ اخبار جو نامه
نگار جي حيثيت سان خبرون لکڻ شروع ڪيائين. 1880ع ۾ جڏهن دهليءَ مان علم حاصل ڪري لکنو
واپس آيو ته منشي احمد علي ڪسمنڊوي جي اسرار تي ادبي ۽ تنقيدي مضمون لکڻ شروع ڪيائين،
جن جي ڪري هو مشهور ٿيڻ لڳو. 1885ع واري زماني
۾ لکنوءَ مان ”دلگداز“ رسالو جاري ڪيائين، جنهن ۾ تاريخي ناول لکڻ جو سلسلو شروع ڪيائين.
سندس پهريون ناول ”دلچسپ“ 1885ع ۾ شايع ٿيو. ايئن هن تقريبن اسلامي تاريخ جي پسمنظر
25 کن ناول لکيا، 6 کن ڊراما لکيا، 21 سوانح عمريون لکيون ٻيا ڪتاب گڏي سندس ڪتابن
جو تعداد 102 کان مٿي آهي.
مولوي عبدالحليم ”شرر“ جي اسلامي
تاريخ ناولن ۽ ڊرامن جو سنڌي ادب تي به نمايان اثر هو. خاص طور تي محمد عثمان ڏيپلائي
۽ ڪجهه ٻين ليکڪن سندس طرز تي ناول لکيا ۽ خود سندس ناول ترجمو به ڪيا، مولانا شرر
جي ناول لکڻين ۾ اسلامي رنگ نمايان آهي. سندس سڄو زور برصغير جي مسلمانن جي سجاڳيءَ تي رهيو. ان سلسلي ۾ ڊاڪٽر غلام محمد
لاکو لکي ٿو ته ”مولوي عبدالحليم ”شرر“ جي سڃاڻپ ”دلگدار“ رسالو ۽ سندس لکيل تاريخي
ناول آهن. ان کان علاوه هڪ مؤرخ طور تي پڻ، شرر جي هڪ خاص سڃاڻپ آهي. هڪ تاريخدان طور
شرر جي گهڻي واکاڻ نه ٿي ملي البت سندس قلم جو سمورو زور ننڍي کنڊ اندر مسلمانن جي
جداگانه وجود کي اجاگر ڪرڻ تي مرڪوز رهيو. ان مقصد لاءِ ناول، سوانح عمريون ۽ تاريخي
ڪتاب لکندي، پنهنجي زندگيءَ جو وڏو عرصو ارپي ڇڏيائين.“
مولوي عبدالحليم شرر کي زندگيءَ
جي آخري ڏينهن ۾ حيدرآباد اچڻ کان روڪيو ويو هو. هن زندگيءَ جا آخري سال تڪليفن، بيمارين ۽ اڪيلائن ۾ گذرايا. 24 ڊسمبر 1926ع تي
66 سالن جي عمر ۾ هي فاني جهان ڇڏيائين. مولانا
شرر بنيادي طور تي تاريخي موضوعن تي افسانوي اديب ۽ صحافي هو. ان هوندي به ڪيترائي
تاريخ تي ڪتاب لکيائين، جن ۾ هيٺيان اهم آهن.
1.تاريخ آثار قديمه،
2. تاريخ سنڌ،
3. گذشته لکنو،
4. فردوس باربين،
5. تاريخ اسلام
اردو زبان ۾ عبدالحليم ”شرر“ جو
ڪتاب ”تاريخ سنڌ“ بنيادي حيثيت رکي ٿو. هن جامع ڪتاب ۾ سنڌ ۽ هند جي تاريخ تي اشوڪ
اعظم ۽ چندر گپت کان وٺي قرامطه دور جو تفصيلي احوال موجود آهي. هتي سوال اهو ٿو پيدا
ٿئي ته ”شرر“ ڪڏهن به سنڌ ڪو نه آيو هو، پوءِ هن سنڌ جي تاريخ لکڻ ۾ دلچسپي ڇو ورتي.
ان جو جواب ڪتاب جي پيش لفظ ۾ پاڻ ئي لکيو اٿائين ته ” سموري هندستان کي ڇڏي ملڪ جي
هڪ گم نام حصي طرف توجهه ڪرڻ ۽ خاص ڪري اهو ماڻهو جو نه ڪڏهن اتي ويو هجي ۽ نه وري
موجود حالتن کان ذاتي طرح واقفيت رکندو هجي ۽ وڌيڪ هي ته اتان جي بااثر ماڻهن سان ڄاڻ
سچاڻ به نه هجي. ان ڪري ضرور پڙهندڙن کي حيرت ٿيندي. مگر سچ هي آهي ته هندستان ۾ سنڌ
ئي اهو ملڪ آهي، جنهن جي تاريخ تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي، ڇو جو فارسي ۽ انگريزي لکندڙن
جي هٿان، جيترو ظلم هن ملڪ جي تاريخ تي ٿيو آهي، شايد ئي ڪنهن ملڪ جي تاريخ تي ايترو
ظلم ٿيو هجي.“
ان کان علاوه اهو به ذڪر ڪرڻ ضروري
آهي ته ان دور ۾ پنج هزار رپيا نواب وقار الامر، وزيراعظم حيدرآباد طرفان کيس مليا
هئا سنڌ جي تاريخ لکڻ آهي. هي ڪتاب ٻن جلدن ۾ شايع ٿيو هو. ڪتاب جو پهريون جلد
1907ع ۾ دلگداز پريس مان شايع ٿيو، جنهن ۾ ڪل ٻارنهن باب هئا. ڪتاب جو ٻيو جلد
1909 ۾ اختر، دکن پريس مان شايع ٿيو. هن جلد ۾ ڪل ڏھ باب هئا. مولوي شرر جي ٻنهي جلدن
کي گڏي 2004ع ۾ ڪراچي مان سني بڪ پوائنٽ، ڪراچي پاران شايع ڪرايو ويو. جڏهن ته ان ڪتاب
جو سنڌي ترجمو فقير اشرف علي سمي ڪيو آهي، جيڪو مهراڻ، اڪيڊمي، شڪارپور پاران 2005ع
۾ شايع ٿيو مولانا شرر جي ڪتاب تي تبصرو ڪندي سيد سليمان ندوي لکيو آهي ته ”مولانا
عبدالحليم شرر لکنوي سن 1909 ۾ اليٽ جي تاريخ سنڌ جلد اول جي معلومات ۽ ڪجهه ٻين ماخذن
جي آڌار تي ۽ ذاتي تحقيقات سان اسلامي سنڌ بابت نهايت جامع ٻن جلدن تي لکي آهي. تمام
نهايت معلومات ان ڪتاب ۾ فراهم ڪيل آهي پر
اهو ڪتاب نئين ترتيب جو محتاج آهي. ان کان علاوه مولانا صاحب اليٽ تي ايترو ڀروسو ڪيو
آهي ڪن خاص مشڪلن ۾ اهڙو ته مصلحت کان ورتو اٿائين جو منهنجي نظر ۾ اهو صحيح نه آهي.
ڪتاب جي حوالن ۾ نه صفحن جو حوالو ڏنو اٿائين، نه جلد ۽ بابن جو اشارو ڏنو اٿائين.
ان حساب سان ڪتاب ۾ واقعن جي تصديق ۽ ترديد ڪرڻ سخت مشڪل آهي.“
جڏهن ڊاڪٽر غلام محمد لاکو ”سنڌي
ترجمي واري ڪتاب جي مقدمي ۾ لکي ٿو ته ” مولانا صاحب قديم تاريخ نويسيءَ جي روايتن کان هٽي پهريون ڀيرو سنڌ جي تاريخ لکندي ڪجهه جديد
روايتن جي آڌار تي تحقيق ڪئي“
ڪتاب جو پهريون حصو ٻارهن بابن تي
مبني آهي. جن ۾ آڳاٽي دور جي سنڌ ۽ سندس جاگرافي، سنڌ جي قديم تاريخ، هندستان جي هندو
سلطنت جو آخري دور، خير القرون، خلافت آل مروان، محمد بن قاسم جون فتحون، محمد بن قاسم
سنڌو درياھ جي هن پار، ڏاهر جو پٽ جئه سنگهه ۽ محمد بن قاسم، محمد بن قاسم جون بي مثال
ڪاميابيون ۽ محمد بن قاسم جو انجام اچي وڃن ٿا. مطلب ته ڪتاب جو پهريون حصو قديم دور
کان محمد بن قاسم جي وفات تائين پکڙيل آهي. ٻئي ڀاڱي جي ڏهن بابن ۾ محمد بن قاسم کانپوءِ
سنڌ جي حالت، بنو اميه جي باقي دور، عباسي دور جي ابتدا، هارون الرشيد کان مامون جي
آخري دور، سنڌ ۾ عباسين جي آخري اثر، عربي نسل
۽ خودمختيار سلطنت سنڌ، اسماعيلي شيعن ۽ قرامطين وغيره جو ذڪر آهي. درحقيقت، ڪتاب جو ٻيو حصو ڪافي
اهم آهي، ڇو جو شرر پهريون دفعو چچ نامو ”تاريخ معصومي“ ۽ ” تحفته الڪرام“ جي دائري
مان نڪري عربن جي سنڌ ۾ آخري دور جي نئين ڄاڻ ڏني آهي. سنڌي ايڊيشن جو مترجم فقير اشرف
علي سمون هن ڪتاب جي خوبي بيان ڪندي لکي ٿو ته
” هڪ ته هي ڪتاب سنڌ ۽ هند جي تاريخ تي اشوڪ اعظم ۽ چندر گپت کان قرامطي دور
تائين جامع ڪتاب آهي. شرر صاحب جڏهن اشوڪ اعظم ۽ چندر گپت واري هند ۽ سنڌ جي ڳالهه
کڻي ٿو، تڏهن هڪ سچو هندستاني ۽ پڪو سنڌي ٿي هن پرڳڻي جي قدامت ۽ شاندار تهذيب ۽ قرامطي
دور واري جنگ جي اپٽار ڪري ٿو، تڏهن ان جو پورو پورو حق به ادا ڪري ٿو.“
آرين جي حوالي سان ”سنڌ“ جي نالي
لکي ٿو ته “آرين قبضي کانپوءِ هن درياءَ جو نالو ”سنڌو“ رکيو، ڇو ته سندن ٻولي سنسڪرت
۾ ”سنڌو“ جي معنيٰ درياھ آهي ۽ سندن ئي عقيدي ۾ دريائن جو ديوتا” هن نالي سان سڏبو
هو“ هو وڌيڪ لکي ٿو ته ”ايرانين جي ٻولي“ پنهنجي مرضيءَ سان سنڌوءَ کي ڦيرائي سند ڪيو
۽ پوءِ وري اهڙي تبديلي آئي جو لفظ ”سنڌ“ ڦري ”هند“ ٿيو.“
مولانا شرر سنڌ جي وسيع سرحدن لاءِ
لکيو آهي ته ”راءِ چچ جي ڏينهن ۾ هن ملڪ جون سرحدون ڪيستائين پکڙيل هيون. اتر جهلم
درياءَ جي منڍ کان شروع ٿئي ٿو ۽ ڪشمير جا هيٺاهان پٽ سندس حصو ها. اتان کان ڪابل جبل
سندس سرحدن کي مضبوط ڪندا افغانستان جي ڏکڻ اوڀر ڪنڊ تائين اچن ٿا. موجود بلوچستان
جي سرزمين شروع ٿيندي ئي سنڌ اولهه ۽ ايستائين وڌيل هئي جو اتر اولهه ۾ هيلمند درياءَ
سندس سرحد بڻيو هو ۽ ڏکڻ اوڀر ۾ ايران ۽ سنڌ جون سرحدون ان هند ملنديون هيون جتي سمنڊ
ڪناري سامهون مڪران جو ٻيٽ نور منشور موجود آهي. ڪڇ به سنڌ جو حصو هو.“
شرر صاحب سنڌي ٻولي لاءِ لکي ٿو
ته ”سنڌ ۾ هن وقت جيڪا ٻولي ڳالهائي ويندي آهي اها ”سنڌي“ جي نالي سان مشهور آهي اهو
سمجهڻ گهرجي ته ٻين ٻولين وانگر اها به سنسڪرت جي بگڙيل صورت آهي، جنهن ۾ ديوتائن جي
انهيءَ مقدس ٻوليءَ تي گجراتي کان به وڌيڪ اختيار حاصل آهي. پر هندي مراٺي ۽ بنگالي
ٻولين جي ڀيٽ ۾ سنسڪرت کي وڌيڪ ويجهيون آهن. هن ۾ اڃا به سنسڪرت جون ڪيتريون ئي نحوي
ترڪيبون موجود آهن جن کي هندستان جي ٻين ٻولين بدلائي ڇڏيو آهي.“
ڪتاب جي شروعاتي بابن ۾ سڪندر جون
ڪاهون، ايرانين جا حملا، راءِ چچ جي عروج جو
ذڪر ڪيو اٿائين. قديم دور کان سنڌ حملا آورن جو شڪار رهي آهي، ان لاءِ هو لکي ٿو ته
هندستان جي شروعات کان اڄ تائين سدائين ٻاهرين
حملا آورن جو شڪار رهيو آهي. خود آريا لوڪن جو اچڻ هڪ اهڙو زبردست حملو هو جنهن شروعاتي
حالت کي صفا مٽائي ڇڏيو. پر جڏهن هو هتي اچي رهيا ۽ باخترين مان هندستاني ٿيا ته مٿن به ٻاهر وارن جون ڪاهون شروع ٿي ويون ۽ جڏهن
ته سنڌ هندستان جو دنگائي ديس هو انهيءَ ڪري حملي آور جي قدمن پهريائين سنڌ کي لتاڙيو.“
اروڙ سنڌ جو قديم دور ۾ راڄڌاني
هو. اروڙ ۽ لاءِ سهيرس جي باري ۾ شرر صاحب لکيو آهي ته ”ڇهين صدي عيسوي ۾ سنڌ جو شهر
اروڙ سنڌ ۾ سڀ کان وڏو ۽ نهايت سڌريل شهر هو. جنهن ۾ عاليشان محل ۽ ماڙيون هئا ۽ سنڌو
درياءَ جي ڪناري آباد هو. هن شهر جو راجا هڪ زبردست تاج ڌڻي راجا سهيرسر هو،جنهن جو
پيءُ راءِ سهاسي هو. ملڪيت سان راجا جو خزانو ڀريل هو ۽ سندس عدل ۽ انصاف سبب رعيت
مٿس عاشق هئي. سندس سلطنت چئني طرفن کان پري پري تائين پکڙيل هئي.
مولانا شرر، عربن جي سنڌ جي حملن
۽ فتح تي انتهائي تفصيل سان لکيو اٿائين. سندس
اڌ ڪتاب محمد بن قاسم جي سورهيائي ۽ بهادري جا گڻ ڳائي ٿو. ان کان پوءِ سليمان بن عبدالمالڪ
جي وفات کانپوءِ محمد بن قاسم جي زوال جي باري ۾ جيڪي به روايتون موجود آهن، اهي سڀ
مختلف راويتن کان ڏنيون اٿائين.
جيئن اڳ ٻڌايو ويو آهي ته ڪتاب جو ٻيو حصو محمد بن قاسم کانپوءِ واري
عربن جي حڪومت جي باري ۾ آهي. ان دور ۾ سنڌ جون سياسي، سماجي، معاشي ۽ معاشرتي حالتن
جو جائزو ورتل آهي. خاص طور تي بنو اميه ۽
بنو عباس جي سنڌ ۾ طرز حڪومت جي خوبين ۽ خامين کي نروار ڪيو آهي.
مجموعي طور تي سڄو ڪتاب قديم دور کان راءِ، برهمڻ، عرب ۽ سومرن جي دور جي
سنڌ جي باري ۾ معلومات فراهم ڪري ٿو. هي ڪتاب سنڌ جي نئين تاريخ لکندڙن لاءِ به هڪ
اهم ماخذ آهي. نه صرف تاريخ لکندڙن لاءِ به هڪ اهم ماخذ آهي نه صرف تاريخي واقعن کي
قلمبند ڪيو ويو آهي. بلڪه ان دور جي سنڌ جي گورنر جي حڪومت ۾ ٿيندڙ اهم پيش رفتن کي
تاريخي ۽ بياني انداز ۾ پيش ڪيو ويو آهي. هڪ ڀيري مولانا شرر کان پڇيو ويو هو ته توهان
ايترا سارا ڪتاب لکيا آهن، انهن مان توهان ڪهڙو وڌيڪ پسند آهي. تڏهن پاڻ جواب ۾ چيو
هئائين ته ”تاريخ سنڌ“ وڌيڪ پسند آهي.
No comments:
راءِ ڏيندا