; سنڌي شخصيتون: سيد عبدالله شاهه

16 April, 2016

سيد عبدالله شاهه


سيد عبدالله شاهه
هڪ حقيقي قومپرست سياستدان
غلام حسين لغاري
سياسي توڙي سماجي حيثيت رکندڙ واهڙ ضلعي ڄامشورو جو سائين مرحوم سيد عبدالله شاهه ڪنهن به تعارف جو محتاج ناهي جيڪو هڪ ننڍي ڳوٺ مان وڪالت جي لحاظ کان ڪراچي پهتو ۽ سنڌ جي وڏ وزارت ماڻڻ ۾ ڪامياب ويو. مرحوم پيرالاهي بخش کان پوءِ هو اڳوڻي ضلعي دادو جو ٻيو وڏو وزير هو جنهن سنڌ جي ماڻهن لاءِ پنهنجي حد تائين ڪافي پتوڙيو. بنا ڪنهن لالچ ۽ لوڀ جي سياست ڪئي. ٿي سگهي ته مرحوم ڪجهه سياسي غلطيون يا ڪوتاهيون به ڪيون هجن پر انجي عوام لاءِ ڪيل بي لوث خدمتن جو اعتراف ڪبو ته اها هڪ ذيادتي ٿيندي ڇاڪاڻ ته سندس دور ۾ اهليت جي بنياد تي سرڪاري ادارن ۾ بنا ڪنهن سفارش جي بي پهچ نوجوانن کي روزگار مليو شايد ئي ڪنهن ٻئي وڏي وزير جي دور ۾ مليو هجي.زراعت جي لحاظ کان به صوبي ڪافي ترقي ماڻي جنهن ۾ نين زرعي جنسن جا ٻج متعارف ٿيا، روڊ رستن جو نه صرف ڄار وڇايو ويو پر وڏي انگ ۾ صحت مرڪز قائم ٿيا ۽ پوئتي پيل علائقن جي ماڻهن کي تعليم، پيئڻ جي پاڻي ۽ صحت واريون سهولتون ميسر ٿيون. بوبڪ لڳ سيوهڻ ايئرپورٽ جو قيام، ڄامشورو سيوهڻ روڊ جي اڏاوت، گورک هل اسٽيشن لاءِ رٿا جو اعلان ڪرڻ، بڊي جبل تي پوليس جو ٽريننگ سينٽر قائم ڪرڻ، سيوهڻ جهانگارا نئنگ روڊ جي اڏاوت، منڇر جي بي گهر ٿيل مهاڻن ۽ آبادگارن کي معاوضو ڏيارڻ  به سندس دور حڪومت جو ڪارنامو آهي.


۱۱ ڊسمبر ۱۹۳۴ ۾ واهڙ ۾ جنم وٺندڙ سائين عبدالله شاهه پهريان ته عوامي سطح تي ايترو منظر عام تي نه هيو جيترو پاڪستان پيپلز پارٽي ۾ شامل ٿيڻ بعد ۱۹۷۰ واري چونڊ کٽي پهريان ڊپٽي اسپيڪر جنهن بعد زراعت و خوراڪ جي وزارت ماڻي ۽ انهي پليٽ فارم تان انوقت جي دادو ضلعي جي عوام توڙي سنڌ جي ماڻهن ۾ انهي ڪري مقبوليت ماڻي جو وٽس ايندڙ ڪو به سوالي هٿين خالي نه ويندو هو وٽائنس ڪو نه ڪو نوڪري جو آرڊر کڻي کيس دعائون ڏيندو هليو ويندو هو.سائين جي پ پ پ ۾ شموليت به هڪ معجزو هو. پاڻ انوقت جي پاڪستان مسلم ليگ (قيوم گروپ) جو ڪو ميمبر يا حامي ته ڪونه هيو پر سندس ياري باسي واهڙ لڳ ڳوٺ آباد جي هڪ زميندار محترم نثار افندي سان هيس جنهن سان گهڻو گڏ رهندو هو ۽ گهڻو ڪري رئيس علڻ خان لغاري وٽ سندس اچڻ وڃڻ به رهندو جيڪو پاڪستان مسلم ليگ قيوم گروپ جو سرگرم ڪارڪن ۽ ۱۹۷۰ وارين چونڊن ۾ دادو جوهي تڪ تان اميدوار به هو.رئيس علڻ خان لغاري ۽ محترم نثار افندي جي ڪوشش به هئي ته سائين عبدالله شاهه مسلم ليگ ۾ شامل ٿئي ۽ سندس پير صاحب پاڳاري مرحوم سان سندس ملاقات به ڪرائي وئي هئي جنهن بعد هو مسلم ليگ ۾ شامل ٿيڻ تي راضپو ته ڏيکاريو هو پر هن سوچڻ لاءِ ڪجهه مهلت گهري هئي ڇاڪاڻ ته انهي دوران کيس پ پ پ ۾ شامل ٿيڻ ۽ صوبائي ٽڪيٽ ڏيڻ جي آڇ به ٿي هئي. جيئن ته سائين عبدالله شاهه هڪ انقلابي ۽ ترقي پسندانه  سوچ رکندڙ سياسي اڳواڻ هو تنهنڪري هن پنهنجي پراڻي سنگت جي آڇ کي پاسيرو رکندي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي قيادت ۾ اعتماد جو اظهار ڪري وڃي پ پ پ ۾ شامل ٿيو ۽ پ پ پ جي ٽڪيٽ تان سيوهڻ ڪوتڙِي واري صوبائي اسيمبلي جو ميمبر چونڊجي ويو.
حياتي دوران سائين مٿان ڪافي ڏکيا ڏينهن به آيا، آمرن کيس پ پ پ ڇڏڻ لاءِ مجبور به ڪيو پر پاڻ جلاوطني ته قبول ڪئي پر پارٽي ۽ پارٽي جي قائد سان پنهنجو وچن انهي حد تائين پاڙيو جو شهيد محترمه بينظير ڀٽو صاحبه به مٿس اعتماد ڪندي هئي ۽ کيس ۱۹۹۳ ۾  وڏ وزارت جي تحفي سان به نوازيو جنهن تي پاڻ ۱۹۹۶ تائين ان عهدي تي فائز رهيا.هن کان اڳ ۱۹۸۸ وارين عام چونڊن کانپوءِ کيس سنڌ اسيمبلي جو اسپيڪر به چونڊيو ويو هو اهو منصب به هن بخوبي نڀايوفيبروري ۱۹۹۷ ۾ جڏهن کيس سنگين قسم جي مختلف ڪيسن ۾ ملوث ڪيو ويو جنهن ۾ پ پ پ شهيد ڀٽو جي سربراهه مير مرتضي ڀٽو جي قتل واري ڪيس ۾ به ملوث ڪيو ويو جنهن بعد کيس هڪ ڀيرو ٻيهر جلاوطني کي ترجيح ڏيڻي پئي جڏهن ته سنڌ پرست سياست ڪرڻ جي ڏوهه ۾ هڪ لساني سياسي پارٽي پاران سندس موڀي ڀاءُ سيد احسان علي شاهه کي ڪراچي ۾ انتقامي طور شهيد به ڪيو ويو جيڪو سندس ۽ سندس خاندان لاءِ هڪ وڏو سانحو هو. ۱۹۸۳ واري ايم آر ڊي واري تحريڪ ۾ سندس اڳواڻي ۽ ڪيل تاريخي جدوجهد به پ پ پ سان سندس هڪ محبت ۽ لازوال رشتي جو ثبوت هو.سائين عبدالله شاهه جا سنڌ جي قومپرست اڳواڻ ۽  ڀٽو دور حڪومت ۾ پهريان وڏي وزير ۽ بعد ۾ وفاقي وزير مواصلات رهندڙ محترم ممتاز علي ڀٽو سان به تمام ويجها ۽ گهرا ناتا هيا پر سائين ساڻس ان ڪري انوقت اهي ناتا ٽوڙي ڇڏيا هئا جڏهن ممتاز ڀٽو صاحب پ پ پ سان بغاوت ڪري پنهنجو الڳ سياسي فرنٽ جوڙيو  ۽ ان پليٽ فارم تان سياست ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو. البته سائين عبدالله شاهه کي سياسي لحاظ کان انوقت وڏو ڌچڪو لڳو جڏهن ۲۰ سيپٽمبر ۱۹۹۶ ۾ سندس دور حڪومت ۾ شهيد ڀٽو جي وڏي فرزند ۽ پ پ پ شهيد ڀٽو جي سربراهه مير مرتضي ڀٽو کي شهيد ڪيو ويو ۽ اهڙي ڪيس ۾ کيس به نامزد ڪيو ويو جنهن لاءِ هن پنهنجي حياتي دوران وضاحت ڪئي هئي ته هو پنهنجي شهيد قائد ذوالفقار علي ڀٽو جي پڳدار پٽ لاءِ سوچي به نٿو سگهي.
سائين عبدالله شاهه جي مرتئي کي ۸ ورهيه گذري چڪا آهن پر سندس خال اڃا تائين محسوس ڪيو وڃي ٿو جيڪو شايد ئي ڀرجي پر سندس لائق فرزند سائين مراد علي شاهه جيڪو هن وقت سنڌ ۾ خزاني واري وزارت سنڀالي ٿو انجي هوندي سائين عبدالله شاهه جي ڪمي محسوس نٿي ٿئي.وڏي ڳالهه اها آهي جو ڪجه مهينا اڳ سندس تڪ ۾ سخت سياسي مخالفت جي به پاڻ بنا مقابلي صوبائي سيٽ حاصل ڪئي جنهن ۾ هن پنهنجي سياسي مخالفن کي پنهنجي محبتي رويي سان پنهنجو ڪيو هو. سائين جي هر سال ورسي ملهائي ويندي آهي جنهن ۾ سنڌ جي وڏي وزير کانوٺي پ پ پ جي مک سياسي قيادت گڏ ٿيندي آهي جهڙي طرح اڄ ڪٺي ٿيندي پر هڪ ڳالهه جي جيڪا کوٽ محسوس ٿيندي آهي ته اها ورسي رڳو تقريرن ۽ کيس ڀيٽا ڏيڻ تائين محدود رهي ٿي پر سائين جي سياسي مڃتا خاطر پ پ پ سرڪار کي سندس نالي پويان ڪي ترقياتي رٿائون جوڙڻ گهرجن جن ۾ ذهين ۽ غريب شاگردن لاءِ اسڪالرشپون پڻ هجن ته جيئن لاچار ۽ غريب شاگرد پنهنجي تعليم حاصل ڪري سگهن.بهرحال سندس لائق فرزند سائين مراد علي شاهه بابت به اها ڄاڻ ملي آهي ته هن پنهنجي ڪيترن ئي نوجوانن کي سرڪاري ملازمتون وٺرائي ڏنيون آهن ۽ پاڻ به پنهنجي والد مرحوم جي نقش قدم تي هلندي اسيمبلي اندر توڙي ٻاهر قومپرست اڳواڻ جيان پنهنجي سياسي طاقت جو مظاهرو ڪري رهيو آهي ۽ اهو ئي سبب آهي جو متحده قومي موومينٽ جو هڪ وفد ڪجهه سال واهڙ پهچي سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير سائين عبدالله شاهه ۽ سندس ڀاءُ سيد احسان علي شاهه جي وفات تي ڏک به ونڊي ويا هئا جيڪا ڳالهه سيد جي فتح سڏي وڃي ٿي.




سيد عبدالله شاهه
لعل جي نگريءَ جو - ورسيءَ جي مناسبت سان
محمد عثمان چنا
ڪن ڪن شخصيتن کي اعزاز حاصل آهي ته عوام انهن سان محبت ڪري ٿو ۽ سندن ڪيل خدمتن کي ياد ڪندو رهي ٿو، انهن شخصيتن ۾ سنڌ جو اڳوڻو وڏو وزير سيد عبدالله شاهه به سرفهرست آهي، جنهن جي اڄ ۱۲هين ورسي واهڙ تعلقي سيوهڻ ۾ ملهائي پئي وڃي. سيد عبدالله شاهه تي جيئري ته ميڙا هوندا هئا پر مئي پڄاڻان به ماڻهو سندس ڳڻ ڳائيندا رهن ٿا، اهو اڪابر مجلس جو موڙ فقير صفت انسان خلق جو درد رکندڙ هو، هو پنهنجي خلوص پيار محبت ۽ سٻاجهي مزاج سان ماڻهن جي دلين ۾ ڇانئجي ويو هو، هن معصوميت ۾ يتيمي به ڏٺي ته وري قدرت مهربان ٿيس ته سنڌ جي حڪمراني به ماڻيائين، اها حڪمراني به هن لاءِ ڪنڊن جي سيج ثابت ٿي، جنهن ۾ هن کي ٻين قربانين کانسواءِ ڏهه سال جلاوطن به ٿيڻو پيو. جنهن ۾ هو پنهنجا حال به هيڻا ڪري ويو هو ته ۱۹۹۷ع ۾ پنهنجي اليڪشن مهم به هلائي نه سگهيو هو. هو سنڌ جو منفرد وزيراعليٰ هو جنهن نه فقط غريب مسڪين ماڻهن کي سڏي نوڪريون ڏنيون پر سندن در کڙڪائي گهر ويٺي نوڪرين جا آرڊر ڏنا، هو اقتدار دوران به پنهنجي غريب دوستن کي سڏائي خوب ڪچهريون ڪندو هو، هڪ جيڏا دوست هن کي پيار وچان ”سنهڙو سيد“ چئي مخاطب ٿيندا هئا.
۱۹۳۴ع ۾ باجارا ۾ جنم وٺندڙ سيد عبدالله شاهه کي پنهنجي ڳوٺ واهڙ سان به گهڻو پيار هوندو هو، ور ور ڏيو پيو ڀيرو ڀڃندو هو، ڳوٺاڻن جي اوطاقن تي ڪچهريون ڪندو هو، باجارا جي ننڍپڻ جي دوست استاد محمد حسن باجاري سان ته گهڻو پيار هوندو هوس، جيڪو سڄي عمر سيد عبدالله شاهه سان گڏ رهيو، جنهن جي سيني ۾ سيد عبدالله شاهه جي پوري تاريخ سمايل آهي، هن کي سياسي پس منظر تي آڻڻ ۾ سندس قريبي دوست مرحوم رئيس شجاع احمد راهپوٽي جو اهم ڪردار هو. هو سيد عبدالله شاهه جو سڀ کان وڌيڪ ويجهو دوست سمجهيو ويندو هو، جيڪو ۱۹۷۲ع ۾ شهيد ٿي ويو هو، مٿان وري سگهو ئي سندس ويجها دوست مرحوم غلام عباس ميمڻ (ڀان سيد آباد) ۽ موجوده ايم اين اي سردار سڪندر علي راهپوٽي جو والد مرحوم مير محمد راهپوٽو به شهيد ٿي ويا، پاڻ ان وقت صوبائي وزير جي منصب تي هئا، وري سنڌ جو وڏو وزير ٿيو ته پنهنجو سڳو ڀاءُ سيد احسان علي شاهه به قربان ڪري ويٺو، پوءِ به هن دهشتگردن سان نهايت دليري سان مقابلو ڪيو، جنهن دوران هن ارڏي بهادر وزير اعليٰ طور شهرت ماڻي، منجهس وقتائتا فيصلا ڪرڻ انهن تي سختي سان عمل ڪرڻ ۽ قائم رهڻ جي سگهه هئي، هو ڳالهين کي ڦيرائي گول مٽول ڪرڻ بدران بنا رک رکاءُ جي سڌي صاف ڳالهه چئي ڏيندو هو، هن ڪڏهن به سکڻان ڏٽا ۽ ٺلها آسرا نه ڏنا بلڪه ڪم ٿيڻ يا نه ٿيڻ جو ٿڏي تي جواب ڏيندو هو، هو واعدو ته هر حالت ۾ پاڙيندو هو، هو هڪ شفيق رحمدل انسان جو هو.
سنڌ ۾ ڪيترائي وزير اعليٰ آيا پر سيد عبدالله شاهه نرالي شخصيت جو مالڪ هو، هن سنڌ ۽ سنڌ واسين جي بهتر مستقبل لاءِ تمام گهڻو پاڻ پتوڙيو، هو هر ڳوٺ ۽ شهر ۾ کُليون ڪچهريون ڪري ماڻهن جا مسئلا حل ڪندو هو ۽ ماڻهن جي درخواستن تي جان ڇڏائڻ وارا نوٽ نه هڻندو هو بلڪه ڪم ٿيڻ وارا نوٽ هڻندو هو، هن وڏي تعداد ۾ سنڌي نوجوانن کي اهم عهدن تي مقرر ڪرايو، پر پهريون ڀيرو معذورن کي به نوڪريون ڏنيون، هن کي عوامي زندگي وڻندي هئي ۽ کٽ تي ويهڻ پسند ڪندو هو، هو کليل هنڌن کان سواءِ پنهنجي باغ ۾ دير تائين ڪچهري ڪندو رهندو هو، هو سنڌ جي روايتن جو امين هو ۽ ٺيٺ سنڌي ٻولي نهايت ئي پياري سٻاجهي انداز ۾ ڳالهائيندو هو. پاڻ جڏهن وزير اعليٰ بڻيو ته ان وقت سنڌ انيڪ مسئلن جي ڌٻڻ ۾ ڦاٿل هئي ۽ هر طرف افراتفري نفسا نفسي جو عالم هو، امن امان جي حالت به بدترين هئي، خوف بيچيني ۽ ڏهڪاءُ وارو ماحول هو، شهرن ۾ دهشتگردي سبب سنڌي ماڻهو ڪراچي وڃڻ کان به لنوائيندا هئا، اهڙي ماحول ۾ هن پنهنجي جان جوکي ۾ وجهي دهشتگردن جي خلاف اثرائتي ڪارروائي ڪئي. هو شاهه ڀٽائي قلندر لعل شهباز جو وڏو عقيدت مند هو، ڀٽائي جا بيت به سڄي سڄي رات ٻڌندو هو، سيد عبدالله شاهه سياسي پس منظر تي ان وقت ظاهر ٿيو جڏهن ۱۹۷۰ ۾ کيس پ پ پ جي صوبائي اسيمبلي لاءِ ٽڪيٽ ملي، هن جو پهريون مقابلو برک سياستدان پير علي محمد راشدي سان ٿيو. ان وقت هن سان تڪ جي ڪابه بااثر شخصيت گڏ نه هئي، صرف پ پ جا ڪارڪن هن جي اليڪشن مهم هلائي رهيا هئا، خود شهيد ذوالفقار علي ڀٽو به سيد عبدالله شاهه جي تڪ جو ۲ دفعا دورو ڪري عوام کي پ پ کي ووٽ ڪرڻ جي اپيل ڪئي. هو هر هفتي ڳوٺ پهچي کليل ڪچهريون ڪندو هو، وزير اعليٰ جي حيثيت ۾ ته هو آچر تي فون ذريعي به مسئلا معلوم ڪندو هو.
سيد عبدالله شاهه ڏهن سالن جي جلاوطني دوران هڪ موذي مرض ۾ مبتلا ٿيڻ سبب واپس ملڪ موٽڻ جو فيصلو ڪيو. هو مارچ ۲۰۰۷ع ۾ وطن پهچي ويل چيئر تي سڌو ڪورٽ پهتو، جتي هن کي ڪير به سڃاڻي نه سگهيو. ۷۳ سالن جي عمر ۾ به صفا جهور پوڙهو نظر اچي رهيو هو، ان حالت ۾ به ڪراچي ۾ آيل دوستن سان خوب چرچا ڀوڳ ڪندو رهيو ۽ دوستن واقف ڪارن جي پڇا ڳاڇا ڪندو رهيو، هو ۱۴ اپريل ۲۰۰۷ع ۾ ڪراچي جي ضياءُ الدين اسپتال ۾ هميشه لاءِ موڪلائي ويو، بيشڪ پ پ ۾ هن جون قربانيون شهيد ذوالفقار علي ڀٽو خاندان کانپوءِ تاريخي حيثيت رکن ٿيون هن کي پنهنجي اباڻي ڳوٺ واهڙ ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو. هن جي خدمتن جو اعتراف شهيد بينظير ڀٽو به ڪيو ۽ هن کي ”انمول انسان“ قرار ڏنو، سيد عبدالله شاهه کي ٻن پٽن سيد مراد علي شاهه ۽ سيد سجاد علي شاهه کانسواءِ ۵ نياڻين جو اولاد آهي، هن جي وڏي فرزند سيد مراد علي شاهه سندس حياتيءَ ۾ ئي سياست ۾ پير پاتو ۽ پهريون ڀيرو ۲۰۰۲ ۾ پ پ جي ٽڪيٽ تي چونڊجي آيو، هن جي اليڪشن مهم به سيد عبدالله شاهه فون ذريعي هلائي، هن پرديس ۾ رهندي پنهنجي پٽ سيد مراد علي شاهه کانسواءِ سيد آصف علي شاهه کي ايم پي اي ۽ گل محمد شاهه ۽ سردار سڪندر علي راهپوٽي کي چونڊرائي ڪاميابيون ماڻيون، سيد مراد علي شاهه به سنڌ جو صوبائي وزير ٿيڻ کانپوءِ هن وقت سنڌ جو وزير اعليٰ آهي، جنهن پنهنجي پيءَ جي نقش قدم تي هلندي نه فقط نوجوانن کي جهجهي تعداد ۾ روزگار ڏياريو آهي پر سنڌ جي مسئلن تي دليراڻو مؤقف اختيار ڪندي هڪ دلير بهادر وزير اعليٰ پاڻ مڃرايو آهي، هو مظلوم ماڻهن جو آواز بڻجي هڪ ناحق ٿيل خون جي سلسلي ۾ سنڌ اسيمبلي ۾ تاريخي خطاب ڪندي جذباتي ٿي ويو، هن جو اهو خطاب نه پر سنڌ جي دانهن هئي، جيڪا هن وڏي بيباڪي سان بيان ڪئي، هن جا اهي جملا تاريخ ۾ محفوظ رهندا ته:
”شهيد جي ايف آءِ آر هو پاڻ درج ڪرائڻ ويندو“
ان تاريخي رد عمل تي سنڌ جي عوام کي پڪ ٿي وئي آهي ته هو ننڌڻڪو نه آهي، ڇوته سيد عبدالله شاهه سيد مراد علي شاهه جي روپ ۾ زنده آهي.
اڃان رڻ مان رڙ اچي ٿي اچي ٿي،
متان ائين سمجهين مئا مور سارا.


سيد عبدالله شاهه
هڪ ايماندار ۽ هڏڏوکي سياستدان
ابراهيم لاشاري
سياسي ميدان ۾ ڪيترن ئي اهم شخصيتين پنهنجي پنهنجي سياسي ڪمن ۽ ڪردار وسيلي پنهنجي دور ۾ عوامي داد حاصل ڪيو آهي اهڙيين شخصيتن منجهان قلندر جي نگري ڀرسان ڳوٺ باجارا جي سعادت گهراڻي جي اهم شخصيت ۽ تر جي مشهور زميندار سيد مراد علي شاهه جي گهر ۾ جنم وٺندڙ سيد عبدالله شاهه پڻ هڪ آهي.
سيد عبدالله شاهه ۱۱ ڊسمبر اڱاري ڏينهن سال ۱۹۳۴ع ڌاري سيوهڻ تعلقي جي باجارا ڳوٺ کان پنهنجي زندگي جو سفر شروع ڪيو. ننڍي هوندي هن ذهين سيد عبدالله شاهه جي تربيت اعليٰ نموني جي ڪري گورنمينٽ پرائمري اسڪول باجارا ۾ داخل ڪرايو جتان هن ابتدائي تعليم محنتي استادن کان حاصل ڪري وڌيڪ تعليم جي سلسلي ۾ گورنمينٽ پائلٽ هاءِ اسڪول دادو منجهان مئٽرڪ جو امتحان سٺن نمبرن ۾ پاس ڪيائين . گريجوئيشن ڪرڻ لاءِ لاهور شهر ويو جتان هن بي ايس سي جو امتحان پڻ پاس ڪري ورتو تنهن بعد هن قانون جي ڊگري ايل ايل بي ڪراچي منجهان پاس ڪري سند حاصل ڪئي ۽ ترت وڪالت واري شعبي سان سلهاڙجي ويو ۽ وڪالت ڪري ڪيترن ئي ماڻهن جا ڪيس کٽي ڏنا ۽ پنهنجو نالو مشهور ڪرايو، ان زماني ۾ سندس سڄو ڪهول (گهراڻو) لڏي اچي (واهڙ) وسايائون جيڪو بعد ۾ سندس والد سيد مرادعلي شاهه جي نالي سان ڳوٺ مشهور ٿيو.
سيد عبدالله شاهه ۳۰ سالن جو جوان هو ته ان وقت جي مشهور تر جي سياستدان شجاع محمد راهپوٽي جي مشوري سان سياست جا گر سکي سال ۱۹۶۴ع ڌاري سياست ۾ پير پاتو ۽ شروعاتي صدر ايوب جي دور حڪومت ۾ ٿيل بي ڊي  جي اليڪشن سال ۱۹۶۵ع ڌاري بوبڪ يونين ڪائونسل جو چيئرمين چونڊجي عوامي ڪمن جو ڄار وڇائي عوامي داد حاصل ڪرڻ ۾ سوڀارو ٿيو پنهنجو ۽ پنهنجي خاندان جو نالو روشن ڪرايو بعد ۾ دنيا جي عظيم سياستدان عوامي ليڊر ذوالفقار علي ڀٽو سان سياسي ناتو جوڙيائين. سال ۱۹۷۰ع ڌاري جيڪا اليڪشن ٿي هن سيد عبدالله شاهه کي ان اليڪشن ۾ اهيو داد ۽ اعزاز حاصل ٿيو ته ملڪي تاريخ ۾ ٻيو نمبر  وڌيڪ ووٽ کڻي پنهنجي مخالف کي بري شڪست ڏنائين ان زماني منجهه شهيد ذوالفقار علي خان ڀٽو سنڌ اسمبلي جو (ڊپٽي اسپيڪر) ٿيڻ جو اعزاز پڻ ڏنو ۽ ڊپٽي اسپيڪر چونڊجي ويو.
سال ۱۹۷۳ع ۾ سندس اهم منصب خوراڪ ،زراعت ۽ باهمي امداد جي کاتن جو منسٽر ٿي رهيو ۽ عوام جي خدمت ڪرڻ ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏيائين، سيد عبدالله شاهه شهيد ذوالفقار علي ڀٽو سان ساٿ نڀائيندو. آيو وقت به وقت هو غريبن جو هميشه ساٿ ڏيندو آيو سندس هڪ ايماندار ۽ هڏوکي سياستدان جي خطاب سان سڏيو ويندو هو سال ۱۹۸۵ع واري اليڪشن ۾ آزاد اميدوار جي حيثيت سان ايم  پي  اي جي سيٽ تي تر جي سيد ڪوڙل شاهه سان مقابلو ڪيائين پر شڪست مليس ڪجهه سالن کانپوءِ ۱۹۸۸ع واري اليڪشن ۾ پيپلز پارٽي جي ٽڪيٽ تي صوبائي سيٽ لاءِ مقابلو ڪيائين جنهن ۾ ڪاميابي مليس. ۽ سنڌ اسمبلي جو اسپيڪر پڻ چونڊجي ويو ، سياسي قدم اڳتي وڌائيندي سيد عبدالله شاهه سال ۱۹۹۰ع ڌاري سينيٽر چونڊجي ويو ۱۹۹۳ع واري اليڪشن ۾ ايم اين  اي ٿيڻ جي خواهش ظاهر ڪئي پر پارٽي ليڊر محترمه شهيد راڻي بينظر ڀٽو صاحبه صوباتي تڪ جي ٽڪيٽ لاءِ فارم ڀرڻ لاءِ چيو سيد عبدالله شاهه محترمه جي خواهش کي نظر ۾ رکندي صوبائي تڪ لاءِ ٽڪيٽ تي اليڪشن لڙيو جتان پڻ هن ڀرپور نموني عوام جي ساٿ سان سيٽ کٽي ۽ ڀاڳ جي ڏيوي ساٿ ڏنو ۽ سنڌ جي وڏ وزارت جي اهم منصب تي ڪم ڪندو رهيو .
سيد عبدالله شاهه وڏو وزير ٿيندي عوامي ڀلائي جا ڪم شروع ڪري ڏنا هن ڪيترن ئي غريبن کي جناب ذوالفقار علي ڀٽو جي نعرن کي پاڻي ڏيندي روٽي ،ڪپڙو ،۽ مڪان ڏيڻ ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏي، ترقياتي ڪمن جو سڄي سنڌ ۾ ڄار وڇائي ڇڏيائين ۽ عوام جو پسنديده وڏو وزير طور عوام ۾ مقبوليت ماڻيائين سڄي سنڌ کيس پڙهيل لکيل وڏو وزير طور سڏڻ لڳي .
سيد عبدالله شاهه مور سياستدان ۽ ڪميٽيڊ انسان هو هو پارٽي جي ڪارڪنن ۽ رهنمائن کان علاوه مخالفن سان به بهترين رويئي سان پيش ايندو هو ۽ سمورن سياستدانن سان سندس لاڳاپا بهترين هوندا هيا. فنڪشنل ليگ جي اڳوڻي سربراهه حرن جي روحاني پيشوا سيد شاهه مردان شاهه پير پاڳارو صاحب سيد عبدالله شاهه کي ”لڪياريءَ جو لعل “ ڪري ڪوٺيندو هو.
سندس وڏي وزارت واري زماني ۾ ڪراچي منجهه دهشتگردن خلاف زبردست آپريشن ٿيو جنهن جي ردعمل ۾ سندس جو ڀاءَ سيد احسان علي شاهه شهادت ماڻي جنهن کي دهشتگردن گولين جو نشانو بڻايو هو ان کان علاوه سندس حڪومت ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي موڀي پٽ شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو پڻ شهادت ماڻي.  ان سان گڏ سندس ست ٻيا به ساٿي شهادت جو جام نوش ڪيو. ان زماني ۾ سيد عبدالله شاهه وزيراعظم محترمه بينظير ڀٽو کي پنهنجي استعيفيٰ پڻ پيش ڪئي پر محترمه استعيفيٰ کي منظور نه ڪيو ۽ هو وڏي وزارت جي عهدي تي ڪم ڪندو رهيو پر ان وقت جي پاڪستان جي صدر فاروق احمد لغاري جلدي ئي اسيمبلين کي ٽوڙي پيپلز پارٽي جي حڪومت جو خاتمو آندو تنهن بعد سيد عبدالله شاهه مٿان پڻ ڪيترائي ڪيس داخل ڪيا ويا سيد عبدالله شاهه حالتون بهتر نه سمجهندي ٻاهرين ملڪ آمريڪا هليو ويو ۽ زندگي جا ڏهه سال ٻاهر گذاريا. بعد ۾ هو ۲۰۰۷ع ڌاري پاڪستان واپس آيو ۽ ڪيسن کي منهن ڏيڻ لاءِ اڳواٽ ضمانت منظور پڻ ڪرائي. سيد عبدالله شاه هڪ بهترين انسان سان گڏ غريبن ۽ بي سهارا ماڻهن جو هميشه خدمتگار رهيو ۽ سياسي ۽ اڻ وسرندڙ شخصيت جي مالڪ زندگي جي آخري ڏينهن ۾ ڪينسر جهڙي موذي مرض ۾ مبتلا ٿي ويو ٻاهرين ملڪ علاج ڪرائيندو رهيو پر زندگيءَ سندس ساٿ نه ڏنو. اهڙي طرح سيد عبدالله شاهه زندگي جا ۷۲سال ۴ مهينا ۽ ۳ ڏينهن گذاري اسان سنڌ واسين ۽ گهر ڀاتين کان ۱۴ اپريل ۲۰۰۷ ڇنڇر ڏينهن هميشه لاءِ موڪلائي راهه رباني ٿي ويو.



سيد عبدالله شاهه
سنڌ جو دلير فرزند
محمد اسحاق ميمڻ
سنڌ سان عشق ۽ سچائيءَ جي سفر تي هلندي هن وقت تائين ڪيتريون ئي اهڙيون شخصيتون وڇڙي ويون آهن، جن جي عمل ۽ ڪردار کي هن ڌرتيءَ جا رهواسي ڪڏهن به نٿا وساري سگھن ۽ انهن سنڌ جي ترقي ۽ خوشحاليءَ لاءِ وڏو ڪردار ادا ڪيو آهي، پر جڏهن هو پنهنجي قومن کان وڇڙي ويندا آهن ته انهن جو خال ڀرجڻ مشڪل هوندو آهي. انهن عظيم شخصيتن ۾ قلندر جي نگري سيوهڻ جي ڳوٺ باجارا جي مٽيءَ مان جنم وٺندڙ سيد عبدالله شاهه به هڪ آهي، جنهن پنهنجي روشن خيالي ۽ زنده دلي سان سنڌ جي عوام جي خدمت ڪئي.
سيد عبدالله شاهه ۱۹۶۲ع جي دور ۾ مڪاني چونڊن ۾ حصو وٺي سياست جي شروعات ڪئي، بعد ۾ ۱۹۷۰ع جي عام اليڪشن ۾ پ پ جي ٽڪيٽ تي علي محمد راشدي کي شڪست ڏئي ايم پي اي ٿيو ۽ بعد ۾ سنڌ اسيمبلي ۾ کيس ڊپٽي اسپيڪر بڻايو ويو. جنهن کان پوءِ سيد عبدالله شاهه جا شهيد ذوالفقار علي ڀٽي سان ويجهن لاڳاپن سبب سندس تربيت جا مٿس سياسي گهرا اثر پيا، جنهن ڪري هو سياست ۾ ڪامياب سياستدانن جيان قدم کڻڻ لڳو ۽ آخرڪار ۱۹۹۳ع جي اليڪشن ۾ ڪامياب ٿيڻ بعد هُو سنڌ جو وڏو وزير ٿي ويو، اهڙي طرح پنهنجي وڏ وزارت واري دور ۾ دليري ۽ جرئتمندي سان سنڌ جي خوشحالي جا ڪامياب  فيصلا ڪيا.
سيد عبدالله شاهه جي زندگي کي جيڪڏهن پرکيو وڃي ته هن عظيم شخصيت هميشه عوام جي فلاح و بهبود لاءِ ڪم ڪيو. هو پنهنجي شرافت، ايمانداري ۽ اصول پرستي واري فڪر کي عام ڪرڻ لاءِ وڏي محنت ڪندڙ سياستدان هو. هن هميشه عوام سان شفيق ۽ سٺو سلوڪ رکڻ جو درس ڏنو. سنڌ جي هزارين بي روزگار نوجوانن کي سرڪاري روزگار سان نوازي تاريخ ۾ نه فقط هڪ نئون مثال قائم ڪيو، پر هن پنهنجي پيار ۽ شفقت سان جنهن نموني پنهنجي تڪ جي عوام کي سنڀاليو هو، ان جو مثال ملڻ به مشڪل آهي، ڇاڪاڻ جو سندس وصال کي ۹ سال گذرڻ بعد به هتان جو عوام سندس موڀي پٽ کي جيءَ ۾ جايون ڏيندي کيس اليڪشن ۾ مسلسل ڪامياب ڪري رهيو آهي.
سيد عبدالله شاهه جا پيپلزپارٽي ۽ سنڌ جي ترقي و خوشحالي لاءِ کنيل قدم، ورتل اپاءَ ۽ جدوجهد به تاريخ جو اڻ مٽجندڙ حصو آهن. سيد عبدالله شاهه پيپلزپارٽي، عوام جو مخلص ۽ سچو سپاهي هو. شاهه صاحب هڏ ڏوکي، سٺو ۽ بهادر انسان هو. وٽس فيصلي ڪرڻ جي سگھه ۽ صلاحيت هئي. پاڻ سنڌ سان محبت ڪندو هو. پنهنجي وڏ وزارت دوران دهشتگردن ۽ ڌاڙيلن سان مهاڏو اٽڪائي ڪراچي ۾ رتو ڇاڻ جو خاتمو آندو، جنهن جي قيمت کيس ڀاءُ سيد احسان علي شاهه ۽ دوست الاهي بخش چانڊيو جي جان ڏيڻ جي صورت ۾ ادا ڪرڻي پئي هئي، جڏهن پيپلز پارٽي جي جمهوري حڪومت کي هٽايو ويو هو ته محترمه شهيد بينظير ڀٽو جي مشوري تي کيس ملڪ کان ٻاهر وڃڻو پيو هو، پوءِ به هن ٻاهر رهي به ملڪ اندر جمهوريت جي بحالي لاءِ ڪوششون ڪيون ۽ پيپلزپارٽي جي مضبوطي لاءِ پارٽي اڳواڻن کي اهم مشورا ڏيندو رهيو هو. اهو ئي سبب آهي جو شهيد محترمه بينظير ڀٽو سندس چاليهي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ کيس پيپلز پارٽي ۽ قلندري نگري جو انمول هيرو قرار ڏنو هو.
سيد عبدالله شاهه جي خواهش هئي ته کيس وطن جي مٽي نصيب ٿئي ۽ سندس اها خواهش الله تعالى پوري ڪئي. اهڙي طرح ڏهن سالن جي جلاوطني کان پوءِ سيد عبدالله شاهه پنهنجي وفات کان ڪجهه ڏينهن اڳ سنڌ جي سرزمين تي پهچي ۱۴ اپريل ۲۰۰۷ع تي سوين دوستن، يارن، مداحن ۽ تڪ جي هزارين ماڻهن ۽ ووٽرن کي الوداع چئي تاريخ ۾ هميشه لاءِ امر ٿي ويو. کيس سندس خواهش مطابق سندس ڳوٺ سيد مراد علي شاهه (واهڙ) لڳ ڀان سيد آباد ۾ پنهنجي وڏڙن جي پيرانديءَ ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو. اڄ سيد عبدالله شاهه مرحوم اسان جي وچ ۾ جسماني طور تي موجود ناهي پر سندس يادون ۽ سنڌ سان ڪيل وفا عيوض ڪيل ڪارناما اسان سان موجود آهن، نه فقط اهي يادون پر سندس پاڇي جي صورت ۾ سندس موڀي ۽ جانشين فرزند سيد مراد علي شاهه موجود آهي، جيڪو سندس وانگر باضمير، اصولن جو پڪو ۽ کرو ڳالهائيندڙ سياستدان آهي. پاڻ هن وقت صوبائي سياست تي ڇانيل هجڻ سان گڏ صوبائي وزير خزانا، انرجي ۽ آبپاشي آهي، جنهن جي ميزباني هيٺ اڄ خميس تي سيد عبدالله شاهه مرحوم جي نائين ورسي ملهائي پئي وڃي، ڌڻي در دعا آهي ته رب تعالى مرحوم کي جنت الفردوس ۾ بلند مقام عطا فرمائي.




سيد عبدالله شاهه
سنڌ جو سچو ۽ مخلص لافاني ڪردار
محمد اسحاق ميمڻ
سنڌ جي هن سون ورني ڌرتي تي ڪيترائي قديم ۽ تاريخي شهر اڄ به موجود آهن، جيڪي تاريخي، علمي، سياسي، سماجي، ادبي ۽ مذهبي لحاظ کان تمام گهڻي حيثيت رکن ٿا، انهن قديم شهرن ۾ سيوهڻ به هڪ اهم حيثيت رکڻ سان گڏ انتظامي لحاظ کان تعلقي جي حيثيت رکي ٿو. هي تعلقي شهر جو سياسي، علمي ۽ روحانيت جي لحاظ کان به خاص مقام آهي، جنهن ڪيترائي سياسي گوهر پيدا ڪيا آهن، انهن سياسي گوهرن ۾ مرحوم سيد عبدالله شاهه جو نالو سرفهرست آهي، جيڪو سنڌ جي وڏ وزارت واري منصب تي رهي چڪو آهي، جنهن ۱۳ سال اڳ هن فاني جهان کي الوداع ڪري راهه رباني اختيار ڪئي، سندس وفات جي تاريخ ۱۴ اپريل ۲۰۰۷ آهي ۽ اڄ اهو ئي ڏينهن آهي، جنهن سيد عبدالله شاهه جون يادون تازيون ڪري ڇڏيون آهن.    
ڪجهه ڏينهن اڳ آئون سوچي رهيو هئس ته هن ڪورونا وائرس جي ڪري لاڪ ڊائون سبب فخر ايشيا شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي ورسي تي اجتماع (جلسو) نه ٿي سگهيو، نه وري دنيا جي روحاني رهنما بزرگ حضرت قلندر لعل شهباز رح جن جو عرس مبارڪ ملهايو ويو، جنهن ڪري ان ڪيفيت ۾ ڇا قلندري طبيعت رکندڙ مهان شخصيت سيد عبدالله شاهه جي ورسي جو جلسو ٿي سگهندو.؟  لڳاتار ڪجهه ڏينهن کان هن سوچ ۾ مبتلا هئس، جو اڄ ۱۴ اپريل تي هن بد بخت ڪورونا وائرس جي لاڪ ڊائون سبب لافاني ڪردار جي املهه ماڻڪ سيد عبدالله شاهه جي ورسي جو اجتماع نه ٿي سگهيو آهي. هاءِ هاءِ! اڄ دل پنهنجي محبوب شخصيت کي ساريندي روئي رهي آهي.
سيد عبدالله شاهه پنهنجي سياسي سفر جي شروعات ۱۹۷۰ واري اليڪشن کان ڪئي، خوشقسمتي سان هن کي سيوهڻ ڪوٽڙي جي صوبائي تڪ تان اليڪشن وڙهڻ لاءِ پيپلز پارٽي جي ٽڪيٽ ملي وئي، جنهن ۾ هن جو پهريون مقابلو نامياري سياستدان پير علي محمد راشدي سان ٿيو، جنهن ۾ سيد عبدالله شاهه وڏي اڪثريت سان ڪامياب ٿيو، سندس اليڪشن ورڪ خود شهيد ذوالفقار علي ڀُٽي ڪيو هو، ڇاڪاڻ جو ان زماني ۾ سيد برادري هڪ پليٽ فارم تي منظم هجڻ ڪري وڏو اثر رسوخ رکندي هئي، جنهن ڪري پيپلز پارٽي جي اندر هڪ نئين ماڻهوءَ جو اُڀرڻ ناممڪن هو. اهو ئي سبب آهي جو شهيد ڀُٽي سيوهڻ ۽ ڀان سيد آباد ۾ تاريخي جلسا ڪري کيس نه فقط ڪامياب ڪرايو پر هو سڄي صوبي مان ٻيو نمبر ووٽ کڻي سياسي حلقن کي حيران ڪري نئين سياسي قيادت طور اُڀري آيو.
سيد عبدالله شاهه پنهنجي سياسي سرگرمين دوران سنڌ اسيمبلي ۾ ڊپٽي اسپيڪر، صوبائي وزير خوراڪ زراعت، سنڌ اسيمبلي ۾ اسپيڪر، سينيٽر ۽ سنڌ جي وڏ وزارت جو قلمدان سنڀاليو، سيد عبدالله شاهه ۲۱ آڪٽوبر ۱۹۹۳ کان ۰۶ نومبر ۱۹۹۶ تائين سنڌ جي وڏ وزارت جون واڳون سنڀاليندو رهيو، جنهن دوران سنڌ جي عوام جي ڀرپور خدمت ڪيائين، (اهو شهيد محترمه بينظير ڀٽو جو بطور وزيراعظم جو ٻيو دور هو)، هن عوام جي ڀلائيءَ خاطر تعليم، صحت، روشنائي، روڊ رستن ۽ مٺي پاڻيءَ جون نيون نيون اسڪيمون ڏئي خدا جي خلق سان پنهنجي خلوص، پيار ۽ محبت جو ثبوت ڏنو ۽ اڄ عوام سان سچي محبت ڪندڙ ان سياسي شخصيت جي ۱۳ هين ورسي آهي، جنهن پنهنجي سڄي زندگي عوام جي خدمت ڪندي گذاري. ورسي جي موقعي تي هڪ پروقار تقريب سندس فرزند سيد مراد علي شاهه جي سرپرستيءَ ۾ منعقد ڪئي ويندي آهي، جنهن ۾ سنڌ جون مختلف قدآور سياسي شخصيتون سندس زندگي تي لفظن جون ڀيٽائون پيش ڪنديون آهن پر افسوس ته اڄوڪي ورسي جو ميڙاڪو ڪورونا وائرس سبب ٿي نه سگهيو آهي، پوءِ به سيوهڻ جو عوام ۽ مرحوم جي شخصيت کان فيضياب ۽ مستفيد ٿيندڙ ماڻهو سندس اڱڻ تي هڪٻئي کان سماجي مفاصلو رکندي پنهنجي عقيدت جا گل نڇاور ڪرڻ لاءِ پهچي ويا آهن، مون به هميشه جيان هن شخصيت تي لکڻ جي ادنيٰ ڪوشش ڪئي آهي، بهرحال سندس زندگي کي پرکيو وڃي ته هن هميشه عوام جي ڀلائي لاءِ بي انتها خدمتگذاري جو ڪم ڪيو ۽ پنهنجي عوام سان ويجهڙائپ وارو اهڙو ته واسطو رکيو جو هر ننڍي وڏي ماڻهوءَ کي سندس نالي سان سڃاڻيندو هو.
سيد عبدالله شاهه وڏ وزارت دوران سنڌ اسيمبلي جي پهرين اجلاس ۾ اجلاس شروع ٿيڻ کان اڳ تلاوت ڪلام پاڪ کان پوءِ رسول ڪريم ﷺ جن جي شان ۾ نعت پڙهڻ جي قراداد پيش ڪرائي هئي، جيڪا روايت اڄ تائين هلي رهي آهي، جنهن مان ثابت ٿئي ٿو ته هو عاشقِ رسول ﷺ به هو. سيد عبدالله شاهه سنڌي ماڻهن کي سنڌ جي راجڌاني واري شهر ڪراچي ۾ آباد ڪرڻ، حيدرآباد کان سيوهڻ تائين هڪ بهترين روڊ جي تعميرات ڪرائڻ، لاتعداد بيروزگار نوجوانن کي روزگار ڏيڻ سان گڏ ڪراچي ۾ امن امان کي بحال ڪرائڻ جهڙا اهم قدم کنيا، پر هن مرد مجاهد وڏ وزارت دوران ڪراچي ۾ امن امان قائم ڪرائڻ خاطر پنهنجي جگري ڀاءُ سيد احسان علي شاهه جي شهادت جي صورت ۾ قرباني ڏني، پوءِ به هن حوصلو نه هاريو، بي خوف ٿي سنڌ جي دشمنن سان مهاڏو اٽڪائيندو رهيو. سيد عبدالله شاهه پنهنجي سياسي ڪيريئر ۾ مخالفن سان سخت مقابلو ڪندي جيت سان گڏ هار به ڏٺي، پر ڪڏهن به دلشڪستو نه ٿيو، بلڪه اڳي کان اڳرو ٿي سياست ڪندو رهيو، ڇو ته هو شهيد ذوالفقار علي ڀُٽي جو سياسي شاگرد هو. ان ڪري ئي هن ڪڏهن به عوام کان نه منهن موڙيو، نه ئي ڪڏهن پير پويان ڪيا، پر هميشه پيپلزپارٽي جي ٻيڙي ۾ سوار ٿي مضبوطيءَ سان پنهنجي ڪشتي کي هلائيندو رهيو. اهو ئي سبب آهي جو وڏ وزارت کان پوءِ جلاوطن ٿي ڪنهن ٻاهرئين ملڪ ۾ ترسيو ته اتي به هن پيپلز پارٽي جي مضبوطي ۽ تعلقي سيوهڻ جي عوام سان گڏ پنهنجي دوستن ۽ مداحن کي ڪڏهن به نه وساريو. بلڪ پنهنجي دوستن جي هر محاذ تي رهنمائي ڪندو رهيو. اهڙي طرح ۱۰ سالن جي جلاوطني کان پوءِ سيد عبدالله شاهه پنهنجي وفات کان ڪجهه ڏينهن اڳ پاڻمرادو جلاوطني ختم ڪري سنڌ جي سرزمين تي پير رکيا پر افسوس جو هڪ خطرناڪ بيماري ۾ مبتلا ٿيڻ ڪري ۱۴ اپريل ۲۰۰۷ تي وصال ڪيو ۽ کيس ڀان سيد آباد ويجهو سندس ڳوٺ واهڙ جي قبرستان ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو.
سيد عبدالله شاهه جي وصال کان پوءِ سياسي مڃتا طور پيپلز پارٽي جي اعليٰ قيادت سندس فرزند سيد مراد علي شاهه کي سندس سياسي جان نشين طور ٽڪيٽ ڏني، جنهن مسلسل ڪاميابي ماڻيندي ٻيو ڀيرو سنڌ جي وڏ وزارت جون واڳون سنڀاليندو پيو اچي ۽ پنهنجي والد مرحوم سيد عبدالله شاهه جيان سنڌ جي عوام جي خدمت ۾ پيش پيش آهي، سندس خلوص، پيار ۽ سچائي سان عوام جي خدمت جو اهو نتيجو آهي جو سيد مراد علي شاهه پنهنجي تڪ ۾ ناقابل شڪست جو اعزاز رکي ٿو.

No comments:

راءِ ڏيندا