; سنڌي شخصيتون: طارق اشرف

16 April, 2016

طارق اشرف

طارق اشرف
رسالي سهڻي جو ميهار
رضوان گل
سن ۱۹۴۰ ۾ حيدرآباد ۾ جنم وٺندڙ طارق اشرف جهڙي ريت ڪهاڻي سان پنهنجو ناتو نڀايو، ساڳي طرح پبلشنگ وارو ڪم به منفرد انداز ۾ ڪيو. سندس انداز مان متاثر ٿيندي بعد ۾ ٻين ماڻهن پڻ جهڙيس ڪوششون ڪيون. جڏهن سنڌي ادب ذريعي مختلف مزاحمتي لاڙا اڀريا ۽ خاص طور ون يونٽ واري زماني ۾ اديبن کي جيلن ۾ وڌو ويو، ته طارق اشرف عملي طور به ميدان ۾ لٿو. هن دل کولي لکيو ۽ وقت جي حڪمرانن سان به سڌي سنئين ريت مخاطب ٿيڻ کان نه ڪيٻايو. سنڌ ۽ سنڌين جي حقن جي ڳالهه ڪندي هن ڪنهن به پلئـٽفارم تي مصلحت کان ڪم نه ورتو.


جتي به طارق اشرف جو ذڪر ٿيندو ته اتي ماهوار ”سهڻي“ جو ذڪر به ائين ئي ٿيندو جيئن سهڻيءَ سان گڏ ميهار جو. ”سهڻي“ رسالو طارق کان پوءِ وري ڪنهن نه ڪڍيو. ”سهڻي“ طارق اشرف جي سڃاڻپ جو اهم حوالو آهي، جيڪو ان وقت نيون سوچون، فڪر ۽ سنڌي ادب ۾ جديد روايتون کڻي آيو. سنڌي ادب ۾ طارق اها به نئين روايت وڌي ته هن اديبن کي مڃتا ڏيڻ لاءِ انهن جي جيئري ”سهڻيءَ“ جا يادگار نمبر ڪڍيا. ان کان اڳ رسالن ۽ اخبارن جا خاص نمبر فقط وڇڙي ويل اديبن تي ئي نڪرندا هئا. اهڙي ريت طارق انهيءَ پراڻي روايت ۾ هڪ نئين تبديلي پڻ آندي.
ڪنهن به رسالي کي مستقل جاري رکڻ انتهائي مشڪل ڪم هوندو آهي پر اهو مشڪل ڪم هن تمام محنت ۽ خوشيءَ سان سرانجام ڏنو. ”سهڻيءَ“ جا ايڊيٽوريل ان دؤر جي حالتن جي تاريخ سان گڏوگڏ طارق اشرف جي سنڌ سان جذباتي لڳاءُ جو داستان آهن. طارق جي بيباڪيءَ سان سچ چئي ڏيڻ واري عادت ان وقت جي اقتدار ڌڻين کي نه وڻي، جنهن ڪري کيس تمام گھڻين تڪليفن ۽ مشڪلن سان منهن ڏيڻو پيو. سهڻي رسالي تي پابندي مڙهي، هن جي گھر مٿان چڙهائي ڪرائي وئي، جنهنڪري کيس مجبوراً روپوش به ٿيڻو پيو.
سهڻيءَ جا نسيم کرل، امر جليل ۽ شيخ اياز نمبر سنڌي ادب ۾ انقلابي تبديلي هئا، جن تي ان دور ۾ وڏا بحث مباحثا به ٿيا. طارق اشرف بحيثيت ايڊيٽر پنهنجون سموريون صلاحيتون ”سهڻيءَ“ لاءِ صرف ڪيون. نوَن ليکڪن کي سينيئر ليکڪن سان گڏ جاءِ ڏئي انهن جي همت افزائي به ڪيائين، ته ساڳي وقت وري ڪيترن ئي سيکڙاٽ ليکڪن جون لکڻيون واپس به ڪري اماڻيائين، جن ۾ اصلاح جي تمام گھڻي گنجائش هوندي هئي. اهو ان ڪري به ته هن سهڻيءَ کي هڪ ڀرپور ۽ معياري رسالو بڻائڻ ٿي چاهيو، جنهن ۾ هو سڦل به ٿيو. سهڻيءَ ۾ مواد شايع ٿيڻ ڪنهن به اديب لاءِ سند جي حيثيت رکندو هو. اڄ ڪلهه ڪمشرل ازم جو دؤر آهي، هرڪو ڪمائي خاطر پيو ڪم ڪري. ڪي ٿورا ماڻهو آهن جيڪي ادب جي خدمت جي جذبي تحت ادبي مخزن ڪڍي رهيا آهن، پر طارق اشرف جو اهو سهڻيءَ سان عشق هو جو مالي طور نقصان ۾ وڃڻ باوجود به هن مسلسل ان عشق سان نڀاءُ ڪيو.
طارق اشرف بنيادي طور هڪ بيباڪ ڪهاڻيڪار هو، ”بک“ ۽ ”چهڪ“ سندس يادگار ڪهاڻيون آهن. ان کان علاوه ”روپ ٻهروپ“، ”اُڻ تڻ“، ”ملنگ جو نعرو“ ۽ ”منهن ڪارو“ پڻ سندس تخليق ڪيل بهترن ڪهاڻين منجهان آهن. انهن ڪهاڻين جا ڊائلاگ ۽ منظر ڪشي دل ۾ پيهجي وڃن ٿا. اهي ڪهاڻيون اجتماعي سماجي دردن، ناانصافين، محرومين، زيادتين، ڇرڪائيندڙ حادثن ۽ واقعن جو داستان آهن.
طارق اشرف جي ڇپيل ڪتابن ۾: ”جيل ۾ ٻاويهه مهينا“ (ڀاڱو پهريون)، ”اڌ ملاقات“ خط، ”جيل گھاريم جن سان“، ”جيل ۾ ٻاويهه مهينا“ (ڀاڱو ٻيو)، ”زندگي تنها مسافر“ ڪهاڻيون، ”هٿين هٿ ڪڙول“ جيل جي ڊائري، ”سونهن پٿر ۽ پيار“ ڪهاڻيون، ”ميرو ڌاڙيل“ ناول، ”انٽرويو“، ”درد جا ڏينهن درد جون راتيون“ ۽ ”بند اکين ۾ ڪجهه يادون ڪجهه سپنا“ شامل آهن.
موت اهڙي اٽل حقيقت آهي جنهن کان دنيا جي عظيم ڏاهن، فلسفين، دانشورن ۽ مفڪرن به انڪار ناهي ڪيو. ان ئي بي مهلي موت طارق اشرف کي ۱۴ اپريل ۱۹۹۲ع تي اسان کان جدا ڪيو. پر هو اڄ به ساهت جي رستي تي موت مٿان به حاوي آهي بقول استا بخاري:
مٿي ۾ اٿئون زندگيءَ جي هوا،
اسين تيز رفتار آهيون سو آهيون.
اڙي! موت ساهت جي رستي مٿان،
اسين تو تي هسوار آهيون سو آهيون.


طارق اشرف ۽ سندس ساروڻيون
مدد علي سنڌي
طارق اشرف صاحب، سنڌي ادب جو هڪ تمام وڏو نالو. هڪ ئي وقت ڪهاڻيڪار، هڪ سٺو پڙهندڙ، بهترين ايڊيٽر، سندس رسالو سهڻي سنڌي ادب جو هڪ شاهڪار رسالو هو اڄ جا وڏا ليکڪ، سهڻيءَ ذريعي ئي سنڌي پڙهندرن ۾ پنهنجو نالو روشن ڪيو. غلام نبي مغل، ته شروع کان وٺي اداره ادب نو، جي پهرئين قدم، ٻئي قدم کان وٺي ڊيمي سائيز ۾ سهڻي ڪتاب سلسلو ماهوار سهڻي تائين، ۽ طارق صاحب جي ۲۲ مهينن واري قيد، ۽ بعد ۾ ڊبل ڪرائون سائيز ۾ جديد سهڻي رسالي، تخليق، ۽ ضياءُالحق جي وقت ۾ جيل گهارڻ واري سمورن مشڪلاتن ۾ گڏ رهيو. پر امرجليل، آغا سليم، نسيم کرل، رسول بخش پليجي، ظفر حسن، وليرام ولڀ، ذوالفقار راشدي، ۽ ٻين ڪيترن اديبن کي اسان سهڻي ۾ پڙهيو.
آئون شخصي طور تي طارق صاحب جي قدمن ۾ رهي لکڻ ۽ پڙهڻ سکيس. اهو زمانو ۱۹۷۰ جو آهي. طارق صاحب جي سهڻي پريس، ظفر حسن جي سهڪار سان پرفيڪٽ پريس جي نالي ۾ قائم ٿي هئي. طارق صاحب جي الهندي ڪچي جي گهر ويجهو سيد ابراهيم شاهه جي گهر آڏو هڪ جاءِ ۾ اها پريس قائم ٿي هئي . شام جو سنڌي اديبن جا اتي ميلا لڳا پيا هوندا هئا. امر جليل، ظفر حسن سيد، آغا شهاب الدين، ناصر مورائي، غلام نبي مغل، وليرام ولڀ، نسيم کرل، آغا سليم، رسول بخش انڙ، قادر بخش نظاماڻي، مون پهريون ڀيرو اتي ڏٺا. ڪيترو وقت محترم امر جليل به ابراهيم شاهه واري گهر ۾ مسواڙ تي رهندو هو. جليل صاحب تڏهن ريڊيو پاڪستان حيدرآباد ۾ نوڪري ڪندو هو. ريڊيو پاڪستان حيدرآباد واري آفيس ۾ سندس آفيس جا در هر وقت نوجوانن لاءِ کليل هوندا هئا. آئون ان وقت وٽس ويندو هوس. پر ڪڏهن به اهو احساس نه ٿيندو هو ته هڪ وڏو اديب اسان جهڙن تڏهوڪي نوجوانن سان ويهي ڪچهري ڪندي ڪڏهن تنگ ٿيو هجي.
اها ئي ڳالهه طارق صاحب ۾ به هوندي هئي. آئون ته شخصي طور تي هن کان متاثر هوندو هيس. سندن والده بانو بيبي امان جي ساهيڙي هوندي هئي. البت سندس والد ته اسان ڪونه ڏٺو. منهنجي مامي مرحوم قربان علي جو پڳ مٽ يار هوندو هو. سندس والده هڪ پڙهيل لکيل بردبار عورت هوندي هئي. طارق صاحب جون لکيل جديد ڪهاڻيون پڙهي محسوس ٿيندو هو ته سندس مطالعو ڪيڏو نه اونهو آهي. سندس هڪڙي ماسي، ملتان ۾، پرڻيل هوندي هئي. اها به اتان جي ڪنهن وڏي سيد خاندان ۾. پاڻ جڏهن ملتان ويندو هو ته اتان واپس اچي اتان جا قصا ٻڌائيندو هو. ته اهي ماڻهو ڪيڏا نه مينرز وارا آهن، ڊنر تي سڏڻ لاءِ گهنٽي وڄندي آهي ۽ پوءِ سڀ اچي گڏ ماني کائيندا هئا. طارق صاحب جي ٻي ماسي مٽياري سيدن ۾ پڻيل هئي. اهو به هڪڙو وڌو گهراڻو هو. انهن ٻنهي ماسين جا گهراڻا پئسي وارا گهڻا. سکيا ستابا هوندا هئا. انهن ڳالهين جو طارق صاحب تي وڏو اثر هو. هن جو ننڍ پڻ انتهائي غربت ۾ گذريو هو. هو صاحب پنهنجي مختصر آتم ڪٿا اُهي ڏينهن ۾ لکي ٿو:
مان جڏهن به پنهنجي گذريل زندگيءَ جي باري ۾ سوچيندو آهيان ته يادن جا هجوم مڙيو اچن. ڏک ڏک سک، ڏک ڏک ڏک! ها مون زندگيءَ ۾ ڏک ئي ڏک ڏٺا آهن ڏک ئي سٺا اٿم جيڪڏهن ڪو سک نصيب ٿيو ته انهيءَ جي اڳيان ۽ پٺيان ڏک لازمي رهيا آهن“.
سنڌي ٻوليءَ ۾ حقيقت پسند ڪهاڻيون هن لکيون. مون کي ياد ٿو اچي ته سندس ڪهاڻين جو پهريون مجموعو ”سونهن، پٿر ۽ پيار“ هو. اهو ڪتاب ۱۹۶۴ع ۾ شايع ٿيو هو. تڏهن آئون گورنمينٽ هاءِ اسڪول حيدرآباد ۾ سيونٿ ڪلاس ۾ پڙهندو هوس. اهو ڪتاب منهنجي ڀاءُ جي لائبريري ۾ ان وقت مون ڏٺو هو. سندس ڪهاڻي ”پيار جي سرحد“ به ان وقت پڙهي هيم. دل کي ڇهندڙ ڪهاڻي هئي. هيرو جي دل پنهنجي ماسات سان آهي. پر ماسات، سنڌ جي روايتي ريتن، رسمن، پابندين ۾ جڪڙيل هئي. ٻه دليون هڪٻئي کان جدا ٿي وڃن ٿيون. طارق صاحب انهن ڪهاڻي ۾ لفظن جي جادوگري ڪئي آهي ۽ اها ڪهاڻي طارق صاحب جي زندگي جو هڪ اڏامندڙ ورق هئي. ٻه وڻن جا پن هئا، جيڪي هوا جي بي رحم جهوٽن ۾ جدا ٿي ويا.
انکانسواءِ زندگي او زندگي، چهبڪ مارڪيٽ سونهن پٿر ۽ پيار، درد جا ڏينهن درد جون راتيون، روپ ٻهروپ، پڻ سنڌي ادب جون اڻوسرندڙ ڪهاڻيون آهن. هن جي ڪهاڻين جا ۳ ڪتاب ”سونهن پٿر ۽ پيار، ”درد جا ڏينهن درد جون راتيون“، زندگيءَ جو تنها مسافر“ ۽ بعد ۾ سمورين ڪهاڻين جو مجموعو ”ڪجهه يادون، ڪجهه سپنا“ شايع ٿيا.
هُو هڪ انتهائي نازڪ نفيس انسان هو. نه سگريٽ، نه ٻيڙي، نه وري وهسڪي. البت ميوزڪ ۽ سٺي چانهه جو شوقين. چانهن ڌار ڌار يعني اسپشل پيئندو هو. کير ۽ کنڊ جدا چانهن به اعليٰ ڪوالٽي جي ”ارل گري“ سندس وڻندڙ چانهن هئي ان وقت اهو چانهن جو دٻو ۵۰ رپين ۾ ۽ هاڻ ڪراچي جي آغاز سپر اسٽور تان ڇهه سو رپين ۾ وڪامجي ٿي. سندس شوق هوندو هو، ڪشور ڪمار جا ريڪارڊ وٺڻ ۽ پوءِ ان جون ڪيسٽون خريد ڪرڻ. ان لاءِ پهرين هُن چينجر ريڪارڊ، ۽ پوءِ ٽيپ رڪارڊر ورتا هئا پر ڪيترن خواهشن هوندي به هو سنڌي ٻوليءَ جو اديب هو ۽ ادب خواهشون ۽ پيٽ پالڻ واري معاملي کان پري هوندو آهي.
هن کي سياست ۾ شروع شروع ۾ پيپلزپارٽي ڏاڍي وڻندي هئي. ۱۹۷۰ واري چونڊن ۾ هو پنهنجي پاڙي ۾ نه رڳو پيپلزپارٽي جو ورڪ ڪندو هو بلڪه پنهنجي گهر تي پيپلزپارٽي جو جهنڊو به هنيو هيائين. منهنجي گهر تي ان وقت سائين جي ايم سيد جي سنڌ متحده محاذ جو ٽه رنگو جهنڊو لڳل هوندو هو. بس پوءِ اسان جا ٿيندا هئا بحث، سياسي بحثن ۾ آئون به جذباتي ۽ طارق صاحب جي ڪاوڙ تکي . ان جو نتيجو لفظي تڪرار هڪ ڀيرو ڪاوڙ ۾ مون کي آفيس مان گيٽ آئوٽ جو چيائين ته آئون ماٺ ڪري ٻاهر نڪري آيس. غلام نبي مغل به منهنجي ڪري آفيس مان ٻاهر نڪري آيو. ڪجهه دير ۾ طارق صاحب جي ڪاوڙ ڍري ٿي ته اچي اسان کي پرچائي اندر وٺي ويو. پر اهڙا جهيڙا اسان جي وچ ۾ پيا ٿيندا هئا. آئون جڏهن به ڪاوڙ جي گهر هليو ايندو هوس ته پويان ڪجهه دير ۾ پاڻ به اچي منهنجي گهر پهچندو هو ۽ مون کي پرچائي پاڻ وٽ وٺي ويندو هو. هن کي منهنجي ڀاءُ ممتاز قريشي جو ٺهرايل ڊرائينگ روم ڏاڍو وڻندو هو. اها ڳالهه ۷۲-۱۹۷۱ جي آهي. ان ڊرائينگ روم ۾ هو پنهنجي پٽ دانيال شاهه جي هر سال سالگرهه ڏاڍي شوق سان ملهائيندو هو. ڊرائينگ روم هوندو هو ڏاڍو سينگاريل ۽ ان ۾ اڍائي ٽنن جو ڪيريئر ايئر ڪنڊيشنڊ لڳل هوندو هو اتي طارق صاحب کي اچي ڏاڍي فرحت ٿيندي هن هڪ ڀيرو کيس چيو ته ”اوهين دانيال شاهه جي سالگرهه تي ڪيڏو نه خرچ ٿا ڪريو“؟ ان وقت وقت به هن جي تنگدستي دور جو هوندو هو. اڪيلي پريس ۽ رسالو ڪمائيءَ جو ذريعو. سو ڪٿان ٿا زندگي جا خرچ پورا ڪن؟
هو. منهنجي ڳالهه ٻڌي چوڻ لڳو، ”سچ پڇين ته دانيال شاه جي سالگرهه ۾ خواهش آئون پنهنجي پوري ڪندو آهيان. ننڍڙي هوندي ڪڏهن به آئون پنهنجي سالگره نه ملهائي سگهيس پر هاڻ آئون دانيال شاهه جي هر خواهش پوري ڪندو آهيان. جو ننڍڙي هوندي منهنجون ڪيتريون خواهشون اڻپوريون رهجي ويون!“
طارق اشرف جي، سموري زندگي جدوجهد هئي. مسلسل جدوجهد.پاڻ پڇاڙي ۾ ( مارچ ۱۹۹۸ع کان ۱۹۹۲ع ڊسمبر تائين) سهڻي کي نئين رنگ ۽ ڍنگ سان ڊبل ڪرائون سائيز ۾ شايع ڪرڻ شروع ڪيائين( اڳي سهڻي ڊيمي سائيز ۾ نڪرندي هئي.). سهڻي جي انهيءَ نئين دور ۾ هن شيخ اياز تي ٻه شاندار نمبر جاري ڪيا.انهن تي هن وڏي محنت ڪئي هئي.بلڪه شيخ اياز تي ان کان اڳ ۾، ڪڏهن به ڪنهن مخزن اهڙا شاندار نمبر نه ڪڍيا هئا. طارق صاحب ۱۹۷۴ع ڌاري، امرجليل ، ۽ نسيم کرل تي پڻ ڊيمي سائيز ۾ نمبر ڇپيا هئا. اهي به سنڌي ادب جو املهه خزانو آهن. پر منهنجا سائين، طارق اڪيلو هو. زندگي جي ويڙهه ۾ به اڪيلو هو، سهڻي رسالي جي ٻيهر جاري ڪرڻ ۾ اڪيلو هو. ڏينهون ڏينهن سندس صحت خراب ٿي رهي هئي، پر هو ان تي ڪابه توجهه ڏيڻ لاءِ اصل تيار نه هو . سال ۱۹۷۹ع جي ڳالهه آهي. سندس طبيعت خراب هئي. آئون کيس حيدرآباد جي ڊاڪٽر نور محمد ميمڻ وٽ وٺي ويو هوس. هن کيس تپاسيو، ۽ سندس علاج شروع ڪيو. پر اهو ٻڌايائين ، طارق صاحب کي دل جي بيماري به آهي. پر طارق صاحب ڪاوڙجي پيو ، ته هن ڊاڪٽر مون کي صحيح طرح ڊائيگنوسٽ نه ڪيو آهي. پوءِ آئون هن کي ڊاڪٽر ايم اي عالماڻي وٽ وٺي ويو هوس.هن دوائون ته لکي ڏنيون، پر طارق صاحب مسلسل دوائن کائڻ لاءِ تيار نه هو.۱۹۸۰ع ۾ هن ٻي شادي ڪئي، جو پهرئين زال کي هن طلاق ڏئي ڇڏي هئي. اها شادي سندس والده ممبئي مان ڪرائي هئي. پر اها شادي هن جي مرضي موجب نه هئي. ان ڪري پنڌرهن سال ان وقت تائين شادي هلي. جيترو طارق جي والده زنده هئي. والده جي وفات کانپوءِ جدائي ٿي وئي.
پر طارق صاحب جي ٻي شادي، ڪامياب هئي. پاڻ ٻڌائيندو هو، ته سندس ڪيترو نه خيال رکيو ٿو وڃي. هاڻ طارق صاحب وٽ ذاتي زندگي جو سک ته هو پر مسلسل محنت ۽ دل ۾ ڪا اڪيلائي ضرور هيس جنهن کيس ٿڪائي وڌو هو.
طارق سهڻي رسالو حيدرآباد مان ڪڍندو هو، پر ڇپائي سموري هو ڪراچي مان ڪرائيندو هو. اپريل ۱۹۹۲ع جي ٻئي هفتي ۾ هو ڪراچي آيو. حسب معمول پنهنجي پياري دوست غلام نبي مغل جي فليٽ تي اچي رهيو هو.اهو فليٽ، ڪلفٽن جي پل کان هيٺ لهندي، کاٻي پاسي پرنس ڪامپليڪس جي اي بلاڪ ۾ هو. ساڳئي بلاڪ ۾ سنڌ مشهور شاعر شيخ اياز ۽ علي احمد بروهي به رهندا هئا.
چوڏهين اپريل ۱۹۹۲ع جي رات جو، هو فليٽ ۾ ترسيل هو. غلام نبي مغل جي لاڙڪاڻي ۾ نوڪري هئي. فليٽ ۾ سرونٽ موجود هو. اوچتو هن کي دل ۾ سور پيو، سرونٽ ويچارو ڀر ۾ رهندڙ هڪ ڊاڪٽر کي وٺڻ ويو. ٻاهر نڪرندي فليٽ جو آٽو ميٽڪ در لاڪ ٿي ويو. سرونٽ، ڀر مان علي احمد بروهي، کي سڏي آيا، پر هاڻ در ڪيئن کلي؟ آخرڪار فليٽ جي هڪ پاسي جي دري کي ٽوڙي. جڏهن هو فليٽ ۾ اندر داخل ٿيا ته ڏٺائون سنڌ جو هي عظيم مهان جاکوڙي اديب، هن جهان کي الوداع چئي هڪ گهري ننڊ ۾ سمهي پيو هو. ٻاهر اپريل جي آسمان تي ڪيترا ئي ستار جرڪي رهيا هئا. پر سنڌ جو هڪ روشن ستارو گم ٿي ويو هو.



طارق اشرف

دادا سنڌي

اڄ سهڻي رسالو اڍائي سالن جي بندش کان پوءِ ميدان تي آيو. سهڻي پريس ۽ رسال تي ۱۹۷۵ع ۾ پابندي لڳائي ويئي هئي ۽ طارق اشرف کي گرفتار ڪري جيل ۾ وڌو ويو هيو. سهڻي روح رهاڻ کان پوءِ سنڌ ۾ نئين سجاڳي ۽ جاڳرتا پئدا ڪئي. سندس ايڊوٽوريل ان وقت جي ڀرپور عڪاسي ڪن ٿا. هن سنڌ جي قومي طبقي جي تمام گهڻي پرچار ڪئي ۽ سندس نمائندگي به پڻ ڪئي. سهڻي تحريڪ ڀٽي جي دور ۾ خالص قومي تحريڪ هئي ۽ سنڌ جي حقن جي تحريڪ هئي. ممتاز جي دور ۾ سهڻي اداري کي پئي برداش ڪيو ويو. پر جتوئي کي اهو ناگوار لڳو. هي سڀ رسالا مرڪز جي حڪم تي مهاجرن جي هاءِ گهوڙا جي ڪري بند ٿيا. طارق تمام نڊر ۽ بي باڪ ماڻهو آهي. منهنجي ساڻن ملاقات سکر ۾ اياز وٽ ۷۲ – ۱ – ۱۶ تي ٿي هئي. ان وقت هو ڳاڙهو ڳٽول ۽ فل سوٽ ۾ ملبوس هيو. طارق سنڌ جي جان آهي. سهڻي سنڌي ادب جو انمول خزانو آهي. ( ۱۹۷۷)

طارق اشرف

سنڌي ادب جي مھندارن کان وسري ويل سرجھڻار - ۲۹ھين ورسي جي موقعي تي

جھانگير عباسي

نالي وارو ڪھاڻيڪار، طارق اشرف ۵ جولاءِ ۱۹۴۰ع تي حيدر آباد شھر ۾ پيدا ٿيو. والد جو نالو سيد لطف علي شاھ ۽ والده جو بانو بي بي ھيو. طارق جو اصل نالو سيد اشرف علي شاھ آھي. ھن پرائمري کان گريجوئيشن تائين تعليم حيدر آباد جي مختلف اسڪولن ۽ ڪاليجن مان حاصل ڪري آرٽس ۾ سنڌ يونيورسٽي مان ماسٽرز ڪئي. ادبي کيتر ۾ طارق جي سڃاڻپ جو بنيادي حوالو ھڪ سگھاري سرموڙ ڪھاڻيڪار وارو آھي. پر ھي واحد ڪھاڻيڪار آھي جنھن کي ھڪ ايڊيٽر ۽ پبلشر طور ايتري مڃتا ۽ سڃاڻپ ملي جو ھن جي ڪھاڻيڪار وارو حوالو ادب ۾ بس رڳو ڳڻپ طور ياد ڪيو وڃي ٿو، جيڪا ھن سان سراسر ناانصافي آھي. ساڳي وقت طارق نثر جي شعبن ۾، ڪالم نگار ۽ مترجم به آھي ته وري ناول نگار به آھي ۽ ساسي ادب سرجيندڙ به آھي.

طارق اشرف پنھنجي عملي زندگي جي شروعات پنھنجي دلبر ۽ پڳ مٽ دوست ليجنڊ ليکڪ محترم غلام نبي مغل سان گڏجي سن ۱۹۶۰ ڏھاڪي ۾ ھڪ پبلشنگ اداري “اداره ادب نو“ جي بنياد سان ڪئي ۽ ڪتاب “پھريون قدم: مختلف شاعري“، ڪھاڻي ڪتاب؛ ”ٻيو قدم. مختلف ڪھاڻيون “ ۽ پوءِ شمشيرالحيدري جي شعري مجموعي لاٽ`سان گڏ ڪجھ ٻيا به ڪتاب شايع ڪيا. پوءِ اداري کي “سھڻي پرنٽنگ پريس“ جي نالي ۾ ضم ڪري، سنڌي ٻولي ۽ ادب جي تاريخي رسالي “سھڻي“ شروعات سان گڏ ھن پنھنجا ۽ مغل صاحب جا شروعاتي ڪھاڻي ڪتاب به شايع ڪيا. ھن سفر ۾ شمشيرالحيدري، ڪرم الاھي چنا (سنگم پبليڪشن جو مالڪ)، مغل صاحب ۽ ڪجھ ٻيا ليکڪ دوست به صلاح مشوري ۾ طارق سان گڏ رھيا.

رسالي “سھڻي“ جي اشاعت، سنڌي ادب جي خدمت سان گڏ صحافت، سياست جي شعبن ۽ سنڌ جي ٻرندڙ قومي اجتماعي مسئلن تي پڻ رسالي جيڪي رنڊا روڙيا اھي سڀ اڄ تاريخي بابن جو درجو رکن ٿا. جنھن لاءِ طارق بي انتھا ڀوڳيو به آھي. ھو، اشاعت جي ميدان ۾ پنھنجي عمر جي آخر تائين ھڪ اصول پرست، آدرشي، نظرياتي، باضمير ۽ بھادر ليکڪ ۽ انسان ٿي رھيو. اھڙي ڪردار سبب، ھو اقتدار اعلي ۾ ويٺلن جي اک ڪنڊو ٿي چڀندو رھيو ۽ افسوس جو سنڌ جي سنڌي چونڊيل ملڪي وزير اعظم ذوالفقار علي ڀٽو جو جمھوري دور ھوندي سنڌ ۾ ھن جي پارٽي جي حڪومت باوجود ان وقت واري وزير اعلي غلام مصطفي جتوئي رسالي سھڻي تي پابندي مڙھي بند ڪيو. طارق پوءِ به حالتن جي پرواه بنا، سر عام حق سچ چوڻ ۽ ان راھ تان پوئتي ھٽڻ کان نه ڊڳو. نيٺ کيس جنرل ضياءالحق پاران سن ۱۹۷۵ع ۾ پھريون ڀيرو ۲۲ مھينا جيل نيو ويو. ائين سھڻي رسالو، نون سالن جي عرصي ۾ بند ڪيو ويو. کري ۽ حق سچ جي سزا ۾ طارق کي ٻيو ڀيرو سن ۱۹۸۳ ۾ چار مھينا وري جيل ۾ واڙيو ويو. جڏھن حالتون بھتر ۽ ماحول سازگار بڻيو ته طارق اشرف نئين سري سان رسالو “سھڻي“ کڻي ادب جي ميدان ۾ نئين عزم سان وارد ٿيو ۽ سن ۱۹۸۹ ۾ سھڻي پڙھندڙن جي ھٿن تائين پھتو. جيڪو لڳا تار چار سال سندس وفات تائين جاري رھيو جنھن سان طارق جي عشق جي انتھا اھا رھي جو بيماريءَ ۾ به کيس رسالي جي اشاعت جو اونو رھڻ لڳو ھو.

سھڻي رسالو، ھڪ ادارو، ھڪ تاريخ، يادگار سنڌي ادب جو اھو دور آھي جنھن بنا، ادبي تاريخ کي مان نامڪمل سمجھان ٿو. جنھن پھريون ڀيرو اديبن کي مڃتا ڏيندي پھرئين دور ۾ برک ڪھاڻيڪارن امر جليل ۽ نسيم کرل کي حياتي ۾ مان ڏيندي الڳ الڳ ٻه زخيم نمبر “سھڻي امر جليل نمبر “ ۽ “سھڻي نسيم کرل نمبر“ شايع ڪيو.. ٻئي دور ۾ به اھا روايت برقرار رکندي طارق سنڌ جي مھان شاعر شيخ اياز جي حياتي ۾ مڃتا طور سندس مارچ واري جنم مھيني ۾ سھڻي جا ٻه ذخيم نمبر سھڻي اياز نمبر. ۱۹۹۰ع ۽ ۱۹۹۱ع ۾ شايع ڪيا. سھڻي جا اھي سڀ نمبر اڄ به تاريخي دستاويز جو درجو رکن ٿا. ائين ھن ڪئي ڪھاڻيڪار پڻ متعارف ڪرايا، جن ۾ مشتاق ڪاملاڻي، الياس، جھان آراء سومرو، خادم ٻگھيو، شبنم گل، امر لغاري، طارق قريشي ۽ ٻيا بي شمار نالا شامل آھن.

بحثيت ڪھاڻيڪار، طارق اشرف جو ڳاڻيٽو سٺ واري ڏھاڪي جي ڪھاڻيڪارن امر جليل، آغا سليم، سيد ظفر حسن، ماھتاب محبوب، خيرالنساءِ جعفري، علي بابا، شمشيرالحيدري، زيب ڀٽي، جمال رند، قمر شھباز، ممتاز مرزا ۽ غلام نبي مغل سان آھي پر ھن پنھنجي نج اسلوب سان انفراديت ماڻي آھي. ھو ڪھاڻي طرف جمال ابڙو جي “بدمعاش“، بشير مورياڻي جي “چھڙي“  ۽ رشيد ڀٽي جي “ بڻ“ کان متاٿر ٿي آيو. پھرين ڪھاڻي “وڌوا” جي عنوان سان لکي جيڪا ماھوار “بادل“ حيدرآباد  ۾ شايع ٿي. ھن مجموعي طور ۴۵ ڪھاڻيون لکيون آھن، جن ۾ “زندگي جو تنھا مسافر“، ”چھڪ“، “درد جا ڏينھن درد جون راتيون“، “سونھن، پٿر ۽ پيار“ سنڌي ڪھاڻيءَ جون ڪلاسڪ جو درجو رکن ٿيون. ائين ھن نثر ۾ “انٽرويز“ بہ ڪيا. ادبي سياسي خط به لکيا. جيل ڊائري به لکي ته وري جيل جا تجربا به الڳ انداز ۾ لکيا آھن. ساڳئي وقت ڪجھ ڪھاڻين جا اڙدو ترجما به ڪيا آھن جيئن بشير مورياڻي جي “چھڙي“ وغيرہ آھي.

طارق جي ڪھاڻين جا پلاٽ ۽ موضوع، فرد جي ويڳاڻپ، اڪيلائي، نفسياتي مسئلا رھيا آھن ته وري بک، بدحالي، ڏاڍ ۽ وڏيرا شاھي جي ڏھڪاءَ سان گڏ رياستي ظلم و جبر به رھيو آھي. ھو حقيقت پسندي جو قائل ۽ ترقي پسند فڪر جو علمبردار ڪھاڻيڪار رھيو آھي.

طارق اشرف ھڪ جاکوڙي ڪردار رکندڙ ليکڪ ٿي رھيو آھي، جنھن جي سموري حياتي جدوجھد جي علامت طور اسان آڏو آھي. ھو سنڌ جي ذري ذري سان پيار ڪندڙ، سنڌي ٻولي ۽ ادب جو خاموش خدمت گذار ٿي رھيو، جنھن کي پنھنجي شھرت کان وڌ سنڌ جي وحدت، سک ۽ سلامتي ۽ ترقي جو ھميشه اونو رھندو آيو. ھن سنڌ جي نمائندگي ڪندي، ممبئي ياترا به ڪئي ته اتي ”شاھ سچل سامي“ ڪانفرنس ۾ سنڌ سان ويساھ گھاتين جا سور به سليا. ھو عمر جي آخري ڏھاڪي ۾ ھاءِ بلڊ پريشر جي مرض ۾ مبتلا ٿيو ته صحت پھريون جھڙي نه رھيس. پوءِ دل جي تڪليف واري عارضي سبب ۱۳ اپريل ۱۹۹۴ جي رات، پرنس ڪاممپليڪس ڪراچي واري فليٽ ۾ دل جو دورو پوڻ ڪارڻ سندس ساھ جو سڳو ڇڄي پيو ۽ ھو پنھنجي ھزارين پيارن کي ڇڏي مالڪ حقيقي وٽ وڃي پھتو. اڄ ۱۴ اپريل تي سنڌ جي ھن يگاني ڪھاڻيڪار پبلشر ۽ ايڊيٽر رسالو سھڻي جي طارق اشرف جي وڇوڙي کي ۲۹ سال لنگھي ويا آھن ۽ ورسي جي سار جو ڏھاڙو آھي. اچو ته ٻن منٽن واري خاموشي اختيار ڪري، ھن عظيم انسان ۽ ڏاھي ليکڪ سيد طارق اشرف جي ڪيل قلمي پورھئي ۽ عملي خدمتن کي ڀيٽا ڏئي، سرخ سلام پيش ڪيون.

طارق اشرف جو عملي پورھيو ڪتابن جي روپ ۾ ھتي دوستن سان ونڊجي ٿو، جن مان ڪيترن ڪتابن جي اشاعت جا سال معلوم نه ٿي سگھيا آھن.

۱. ڪھاڻي ڪتاب. ”سونھن، پٿر ۽ پيار“ ۱۹۶۴

۲. ڪھاڻي ڪتاب “کڙندا کٽڻھار“ . ۱۹۶۸

۳. ڪھاڻي ڪتاب “زندگي جو تنھا مسافر“ ۱۹۷۸

۴. ڪھاڻي ڪتاب “درد جا ڏينھن، درد جون راتيون“ ۱۹۸۲

۵. انٽرويوز (۶. يادگار شخصيتن جا انٽرويوز). ۱۹۸۷

۶. سياسي ادب “جيل ۾ ٻاويھ مھينا. (جلد پھريون)

۷. سياسي ادب “جيل ۾ ٻاويھ مھينا (جلد ٻيو)

۸. سياسي ادب ”جيل گھاريم جن سان“

۹. سياسي ادب ”اڌ ملاقات“

۱۰. جيل ڊائري ”ھٿين ھٿ ڪڙول“

۱۱. ناول ”ميرو ڌاڙيل“ (مشھور خوني ڌاڙيل مير محمد لانگاھ جي حياتي تي طارق جو سرجيل ناول)

۱۲. ڪھاڻي ڪليات ”بند اکين ۾ ڪجھ يادون ڪجھ سپنا“ (چار ئي ڪھاڻين جا مجموعا ۽ ڪجھ پوءِ وارين لکيل ڪھاڻين تي مشتل طارق اشرف جو آخري ڪتاب)

 

(جھانگير عباسي جي فيسبڪ پوسٽ ۱۴ اپريل ۲۰۲۳ع تي رکيل/ کنيل)



طارق اشرف

جنھن کي سنڌ ساري ٿي

حسين سارنگ

تت:

طارق اشرف جو نالو سنڌ جي ناليوارن جديد اديبن، ترقي پسند ڪھاڻيڪارن ۽ جديد صحافت جي بانيڪارن ۾ ڳڻيو وڃي ٿو. ھو نه صرف آدرشي دانشور ليکڪ ھو پر ھن پنھنجي زندگي انھن آدرشن مطابق گذاري. ان لاء ھن جاني مالي قربانيون پڻ ڏنيون.

ھن ليک ۾ نه صرف طارق اشرف جي ذاتي زندگيء جو احوال موجود آھي پر ان سان گڏ سندس ادبي قد ڪاٺ ۽ ڪردار بابت به لکيو ويو آھي. طارق اشرف جي رسالي سھڻيء جو جديد سنڌي ادب جي تخليق، تحقيق، سڌاري, واڌاري ۽ بچاء ۾ ڪردار به بيان ڪيل آھي. سندس جيل ياترا جي ذڪر سان گڏ سندس ڇپيل ڪتابن جو وچور پڻ ڏنل آھي. ھن ليک ۾ طارق اشرف جي ھمسفرن ۽ ھمعصرن جو مختصر ذڪر پڻ موجود آھي.

۱ - *طارق اشرف جي ذاتي زندگي*

ادبي نالو: طارق اشرف

اصلي نالو: سيد اشرف علي شاھ

ولديت:

پيء: سيد لطف علي شاھ ماء: بانو بيبي

جنم: پنجين جولاء ۱۹۴۰ع

جيون ساٿياڻي: شمسا ۽. . . . .

اولاد: اورنگزيب پٽ ۽. . . . .

تعليم: ايم. اي سنڌي

وفات: ۱۴ھين اپريل ۱۹۹۲ع

طارق اشرف تمام نفيس ۽ حساس مزاج جو مالڪ ھو. ھو صفائي سٿرائيء جو خاص خيال رکندو ھو.

طارق اشرف راڳ جو پڻ شوقين ھو. کيس ڀارتي گلوڪار ڪشور ڪمار وڻندو ھو. طارق اشرف سٺو لباس پھري صاف سٿرو رھڻ پسند ڪندو ھو . کيس سٺو کاڌو پڻ پسند ھوندو ھو. کير، کنڊ ۽ پاڻي الڳ الگ واري اسپيشل چانھ وڻندي ھئس. ھو شراب کي ھٿ نه لائيندو ھو ۽ سگريٽن کان کيس سخت نفرت ھئي.

ھو لڳاتار ڪم ڪندو ھو. مسلسل ڪم ڪرڻ ۽ ويھن جي ڪري کيس چيلھ ۾ سور پوڻ لڳو. گھٽ آرام ڪرڻ ڪري نروس بريڪ ڊائون جي شڪايت ٿي پيس. ان ڪري دل جو مرض ٿي پيس. ان مرض جي ڪري ئي ھو ڪراچيء ۾ وفات ڪري ويو.

۲ - طارق اشرف جو ادبي قد ڪاٺ ۽ ڪردار:

طارق اشرف وڏو دانشور ليکڪ ھو. ھو سنڌي ادب کي نئون موڙ ڏيندڙ بيباڪ ڪهاڻيڪار، نقاد، ايڊيٽر ۽ پبلشر ھو.

سنڌيانا ۾ لکيل آھي:

طارق اشرف کي ادبي ذوق ننڍي هوندي کان ئي هو. جڏهن به خرچي ملندي هيس ته هو حيدرآباد جي بوڪ ڊپو تان ڪتاب وڃي وٺندو هو. هن ننڍي عمر ۾ ئي ٽئگور، شرت چندر بئنر جي ۽ ٻين جا اڪثر ڪتاب پڙهي ڇڏيا.

 سندس پهرين ڪهاڻي ’دري‘ عبرت مخزن ۾ ۱۹۶۰ع ۾ ڇپي، تڏهن عبرت مخزن جو ايڊيٽر ’پروانو ڀٽي‘ هوندو هو، پر طارق اشرف جي صحيح معنيٰ ۾ ادبي ميدان ۾ واقفيت شمشيرالحيدري، ٽماهي ’مهراڻ‘ وسيلي ڪرائي، جيڪو انهن ڏينهن ۾ ’مهراڻ‘ جو اسسٽنٽ ايڊيٽر هو.

۱۹۶۰ع ۾ طارق اشرف پنهنجي دوست غلام نبي مغل سان گڏجي هڪ اشاعتي ادارو ’اداره ادب نو‘ قائم ڪيو، جنهن هڪ ٻئي پٺيان ٽي ڪتاب شايع ڪيا. ’پهريون قدم‘، ’ٻيو قدم‘، انهن مان پهرينءَ ڪتاب ۾ مختلف ليکڪن جا شعر ۽ ڪهاڻيون ۽ ٻئي ۾ فقط ڪهاڻيون هيون. اداري جو ٽيون ڪتاب ’شمشير الحيدري‘ جي شاعريءَ جو ڪتاب ’لاٽ‘ هو، جون ۱۹۶۴ع ۾ هن اداري ٻه ڪتاب، طارق اشرف جي ڪهاڻين جو ڪتاب ’سونهن پٿر ۽ پيار‘ ۽ غلام نبي مغل جو ڪتاب ’نئون شهر‘ ٻٽو ڪتاب ڪري ڇپايو.

وڪيپيڊيا مطابق سندس پھرئين ڪھاڻي دري ۱۹۶۰ع ۾ ادبي رسالي بادل ۾ ڇپي.

سھڻي رسالي ۽ ڪتابن کانسواءِ طارق اشرف ۱۹۷۸ - ۱۹۷۹ر ۾ ’تخليق پبليڪيشن‘ جي سري سان به ڪجھ ڪتاب ’چڱو ادب‘، ’سيهوڳي ادب‘ وغيرھ ڪتابي سلسلن طور ترتيب ڏنا.

رضوان گل لکيو آھي:

طارق اشرف بنيادي طور هڪ بيباڪ ڪهاڻيڪار هو، ”بک“ ۽ ”چهڪ“ سندس يادگار ڪهاڻيون آهن. ان کان علاوه ”روپ ٻهروپ“، ”اُڻ تڻ“، ”ملنگ جو نعرو“ ۽ ”منهن ڪارو“ پڻ سندس تخليق ڪيل بهترين ڪهاڻين منجهان آهن. انهن ڪهاڻين جا ڊائلاگ ۽ منظر ڪشي دل ۾ پيهجي وڃن ٿا. اهي ڪهاڻيون اجتماعي سماجي دردن، ناانصافين، محرومين، زيادتين، ڇرڪائيندڙ حادثن ۽ واقعن جو داستان آهن.

طارق اهو قلمڪار هيو جنهن روايتن جي قيد و بند کان آزاد ٿي پنهنجي مرضيءَ مطابق ڪم ڪيو. هن پنهنجا دڳ پاڻ ٺاهيا ٻين جي گسن تي هلڻ سندس طبعيت ۾ نه هو.

جڏهن سنڌي ادب ذريعي مختلف مزاحمتي لاڙا اڀريا ۽ خاص طور ون يونٽ واري زماني ۾ اديبن کي جيلن ۾ وڌو ويو، ته طارق اشرف عملي طور به ميدان ۾ لٿو. هن دل کولي لکيو ۽ وقت جي حڪمرانن سان به سڌي سنئين ريت مخاطب ٿيڻ کان نه ڪيٻايو. سنڌ ۽ سنڌين جي حقن جي ڳالھ ڪندي هن ڪنهن به پلئـٽفارم تي مصلحت کان ڪم نه ورتو.

۳ - طارق اشرف جي رسالي سھڻيء جو جديد سنڌي ادب جي تخليق، تحقيق، سڌاري, واڌاري ۽ بچاء ۾ ڪردار:

طارق اشرف ۽ سندس رسالي سهڻيء جو ڪردار جديد سنڌي ادب ۾ اهم حيثيت والاري ٿو.

لياقت راڄپر لکي ٿو:

سھڻي رسالي جو اجراء اتفاقي ھو. حميد سنڌيء جڏھن سندس ڪھاڻيون ۽ ٻيون تحريرون نه ڇاپيون ته کانئس پڇڻ تي طارق کي ڪاوڙ مان ٻڌايو ويو ته توکي ڪھڙي خبر ته رسالو ڪڍڻ ڪيڏو ڏکيو آھي. ان جواب مٿس گھرو اثر ڪيو.

ھن فيصلو ڪيو ته ھو معياري جديد سنڌي رسالو ڪڍندو. ان جي شروعات ھن ۱۹۶۶ع ۾ ڪئي. طارق اشرف اڳتي ھلي پنھنجي سھڻي پرنٽنگ پريس پڻ قائم ڪئي.

سنڌيانا مطابق ھن ’اداره نو ادب‘ پاران ڪجھ ڪتاب ڇپرائڻ کانپوءِ دوستن جي صلاح ۽ سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪنهن سٺي رسالي جي نه هئڻ کي محسوس ڪري ’ماهوار سـُهڻي‘ جو اجراءُ ڪيو ۽ اهو مخزن لڳاتار ۹ سال ڪڍيائين.

'سھڻي' جا امر جليل نمبر، شيخ اياز نمبر ۽ نسيم کرل نمبر وڏي طمطراق سان ڇاپيا ويا.

طارق اشرف 'سھڻي' جي حوالي سان خيرالنساء جعفري، عبدالقادر جوڻيجو، مدد علي سنڌي، ھري موٽواڻي، لڇمڻ ڪومل ۽ غلام نبي مغل اڳتي آندا.

۱۲ھين مئي ۱۹۷۵ع جي عبرت اخبار مطابق

۱۱ھين مئي ۱۹۷۵ع تي ۳۷ سنڌي ڪتابن ۽ رسالن تي بندش پئي. ان بندش ۾ سهڻي رسالي جو ايڊيٽر طارق اشرف جيل ۾ ويو هو، ۽ اعجاز سنڌيء سميت سميت ڪيترن ئي سنڌي اديبن تي وارنٽ جاري ٿيا هئا.

سلطانا وقاصي لکي ٿي:

امر جليل جي لکيل ڪھاڻي سرد لاش جو سفر سُھڻي ۾ ڇپي ت مانڌاڻ مچي ويو امر جليل تي به وارنٽ نڪتا پر ھو بچي ويو ۽ طارق اشرف ٽي سال جيل ۾ رھيو. سھڻي رسالو به بند ٿي ويو. جڏھن جيل مان ٻاھر آيو ته وري سُھڻي رسالي کي نئين روپ ۾ آندائين مان کين چيو ته اسان کي پُراڻي سُھڻي کپي. جواب ۾ چيائين ت سُھڻي ۾ ھيء نواڻ وقت جي تقاضا آھي. (۹ - ۱۱ - ۲۰۲۱ع فيس بڪ)

رضوان گل لکيو آھي:

نوَن ليکڪن کي سينيئر ليکڪن سان گڏ جاءِ ڏئي انهن جي همت افزائي به ڪيائين، ته ساڳي وقت وري ڪيترن ئي سيکڙاٽ ليکڪن جون لکڻيون واپس به ڪري اماڻيائين، جن ۾ اصلاح جي تمام گھڻي گنجائش هوندي هئي. اهو ان ڪري به ته هن سهڻيءَ کي هڪ ڀرپور ۽ معياري رسالو بڻائڻ ٿي چاهيو، جنهن ۾ هو سڦل به ٿيو. سهڻيءَ ۾ مواد شايع ٿيڻ ڪنهن به اديب لاءِ سند جي حيثيت رکندو هو.

جتي به طارق اشرف جو ذڪر ٿيندو ته اتي ماهوار ”سهڻي“ جو ذڪر به ائين ئي ٿيندو جيئن سهڻيءَ سان گڏ ميهار جو. ”سهڻي“ رسالو طارق کان پوءِ وري ڪنهن نه ڪڍيو. ”سهڻي“ طارق اشرف جي سڃاڻپ جو اهم حوالو آهي، جيڪو ان وقت نيون سوچون، فڪر ۽ سنڌي ادب ۾ جديد روايتون کڻي آيو. سنڌي ادب ۾ طارق اها به نئين روايت وڌي ته هن اديبن کي مڃتا ڏيڻ لاءِ انهن جي جيئري ”سهڻيءَ“ جا يادگار نمبر ڪڍيا. ان کان اڳ رسالن ۽ اخبارن جا خاص نمبر فقط وڇڙي ويل اديبن تي ئي نڪرندا هئا. اهڙي ريت طارق انهيءَ پراڻي روايت ۾ هڪ نئين تبديلي پڻ آندي.

”سهڻيءَ“ جا ايڊيٽوريل ان دؤر جي حالتن جي تاريخ سان گڏوگڏ طارق اشرف جي سنڌ سان جذباتي لڳاءُ جو داستان آهن. طارق جي بيباڪيءَ سان سچ چئي ڏيڻ واري عادت ان وقت جي اقتدار ڌڻين کي نه وڻي، جنهن ڪري کيس تمام گھڻين تڪليفن ۽ مشڪلن سان منهن ڏيڻو پيو. سهڻي رسالي تي پابندي مڙهي، هن جي گھر مٿان چڙهائي ڪرائي وئي، جنهنڪري کيس مجبوراً روپوش به ٿيڻو پيو.

سهڻيءَ جا نسيم کرل، امر جليل ۽ شيخ اياز نمبر سنڌي ادب ۾ انقلابي تبديلي هئا، جن تي ان دور ۾ وڏا بحث مباحثا به ٿيا. طارق اشرف بحيثيت ايڊيٽر پنهنجون سموريون صلاحيتون ”سهڻيءَ“ لاءِ صرف ڪيون.

طارق اشرف جو اهو سهڻيءَ سان عشق هو جو مالي طور نقصان ۾ وڃڻ باوجود به هن مسلسل ان عشق سان نڀاءُ ڪيو.

۴ - *طارق اشرف جي جيل ياترا*

پھريون ڀيرو: ۱۹۷۵ع ۲۲ مھينا

ٻيون ڀيرو: ۱۹۸۳ع ۳ مھينا

طارق اشرف ذوالفقار علي ڀٽي کان متاثر ٿي حيدرآباد جي کوکر پاڙي واري گھر تي سندس پارٽيء جو جھنڊو پڻ ھنيو ھو. پوء به سندس حڪمراني وقت ۲۲ مھينا جيل ڪاٽيو.

طارق اشرف کي ’اظهار جي آزادي‘ جي ڏوھ ۾ ٻه ڀيرا جيل ۾ وڌو ويو. پهريون ڀيرو ۱۹۷۵ع ۾ ٻاويهن مهينن تائين جيل ۾ قيد رهيو. اهو جيل وارو عرصو پڻ هن جي لکڻ جي حوالي سان سجايو ويو. جيل ۾ پاڻ ڪيترائي ڪتاب پڙھيائين ۽ ھي ڪتاب لکيائين: ٻاويھ مهينا جيل ۾ ’۲ ڀاڱا‘، ’جيل گهاريم جن سان‘، ’اڌ ملاقات‘ (خط)، ’ميرو ڌاڙيل‘ (ناول) وغيرھ.

ٻيو ڀيرو طارق اشرف کي ايم آر ڊي تحريڪ دوران ۱۹۸۳ع ۾ گرفتار ڪيو ويو. اهو جيل وارو عرصو ٽن مهينا هو، جنهن هن کان ڪتاب ’هٿين هٿ ڪڙول (جيل جي ڊائري)‘ لکرايو. (انسائيڪلو پيڊيا سنڌيانا)

۵ - *طارق اشرف جا ڇپيل ڪتاب*

 ۱ - ھٿين ھٿ ڪڙول (جيل جي ڊائري)

 ۲ - جيل گذاريم جن سان

 ۳ - جيل ۾ ٻاويھ مھينا (۲ جلد)

 ۴ - ميرو ڌاڙيل (ناول)

۵ - اڌ ملاقات (خط)

۶ - انٽرويو

۷ - زندگيء جو تنها مسافر (ڪهاڻيون) ۱۹۷۸ع

۸ - سونهن پٿر ۽ پيار“ (ڪهاڻيون) جون ۱۹۶۴ع

۹ - درد جا ڏينهن درد جون راتيون ( ڪھاڻيون) ۱۹۸۲ع

۱۰ - بند اکين ۾ ڪجهه يادون ڪجهه سپنا (۱۹۹۲ع)

طارق اشرف جا ٽئي ڪھاڻين جا ڪتاب ۽ وڌيڪ لکيل ڪهاڻيون هڪ ئي مجموعو

۱۱ - کڙندا کٽڻهار (ڪھاڻيون ۱۹۶۸)

حافظ سڪندر تنيو ٻڌائي ٿو:

ميرو حيدرآباد جيل ۾ ۱۷ سال سزا ڪٽي رھيو ھيو، جتي ڀٽي گورنمينٽ طارق اشرف کي پي پي حڪومت جي خراب ڪارڪردگيءَ تي سھڻي رسالي ۾ لکڻ ڪري جيل ۾ وڌو ھيو. جيل ۾ طارق اشرف جي ميري سان ڪچھري ٿيندي ھئي سندس ڌاڙا ھڻڻ، بھادر ھجڻ، ڪنھن جي ڪاڻ نه ڪڍڻ، وڏيرن ۽ پوليس آفيسرن سان مھاڏو اٽڪائڻ، جيل ۾ جوانمرديء سان رھڻ، جوڙي نه ڏيڻ، ڪم نه ڪرڻ، گار ڏيڻ تي ڪيڏو وڏو جيلر يا صوبيدار سپاھيء کي موچڙا ھڻڻ، قتل ڪرڻ وارا ڪم طارق کي متاثر ڪندا رھيا. طارق اشرف پنن ۽ ٽيپ رڪارڊر تي سندس ڪھاڻي لکي ۽ رڪارڊ ڪئي، جنھن کي سنواري ميرو ڌاڙيل نالي ڪتاب لکيو اٿس.

ھن ڪتاب پڙھڻ بابت حافظ سڪندر لکيو آھي:

ھڪ رات ۾ اوجاڳو ڪري ڪتاب پڙھي ورتم، ڇا ته سنڌي ماڻھن جي دليري جو داستان لکيل آھي، ھن جو ڌاڙي ھڻڻ ۾ استاد سنڌ جو مشھورڌاڙيل غلام حسين واڍو ھيو، جنھن کيس ڌاڙن جي دنيا ۾ لاٿو، پرڇا ته غيرتمند مڙس ھئا، جو ڌاڙو هڻندي ڪڏھن عورت تي ھٿ نه کنيائون، نئي وري عورتن جا زيور ڪنن مان لاٿائون، ھڪ واياڻي ڇوڪري پيڪن ۾ ملڻ آئي ھئي ڌاڙي ۾سندس سونا زيور پڻ کنيا ويا ڇوڪري چين ساھرن کي ڪھڙو منھن ڏيکاريندس، کيس پوري پيتي سون سامان جي واپس ڪيائون، عورت ڏانھن ڪڏھن ميري اک ڪري نه ڏٺائون. (۲۷ - ۹ - ۲۰۲۰ع فيس بڪ)

۶ - طارق اشرف جا ھمسفر ۽ ھمعصر:

محمد رمضان شورو لکي ٿو:

طارق اشرف جيل ۽ سختيون به سٺيون. جن ليکڪن جا مواد ڇاپڻ سبب ڏکيا ڏينهن ڏٺا، جن تي شمارا/نمبر ڪڍيائين سي ساڻس جيل ۾ ڪڏهن ملڻ به ڪو نه آيا، جڏھن شاھدي ڏيڻ لاءِ دوستن کي اپيل ڪئي وئي ته صرف ظفر حسن کان سواءِ سنڌي اديبن مان ڪير به نه آيو. ان جو ذڪر ھن پنھنجي جيل ڊائري ۾ ڪيو آهي، وري به جس هجي فھميدھ رياض کي جيڪا آئي ۽ طارق اشرف جي حق ۾ بيان رڪارڊ ڪرايائين.  (فيس بڪ ۱۵ھين اہريل ۲۰۲۳ع)

اڪرم قمبراڻيء طارق اشرف جي ھڪ ذاتي دوست جي قربانيء جو ذڪر لکيو آھي. ان ۾ ھن امر جليل جو ڪردار پڻ بيان ڪيو آھي.

طارق اشرف پنھنجي دوست ماستر قاصر جماڻي سان مالي طور ظعيف ٿي وڃڻ ڪري رسالي جو نئون پرچو پڌرو نه ڪري سگھڻ جو حال اوريو، ماستر جماڻي دوست جو ڏکڙو ٻڌي سڌو ڳوٺ آيو ء اچي پنھنجي گھروارئ جون ٻه عدد سونيون واليون کپائین ء ڪجھ سنگت کان پٽ سٽ ڪري ڪل ۱۴ سؤ جي رقم جمع ڪري حيدرآباد لاء روانو ٿيو، حيدرآباد م ڇا وڃي ڏسي ته ھن جي پڄڻ کان ھڪ اڌ ڏينھن اڳ طارق اشرف کي ڪنھن سبب م پوليس گرفتار ڪري ويئي، مسئلا اڃا به وڌيا، پر ماستر قاصر جماڻي ھمت ڪري وڃي ٿاڻي تي طارق اشرف سان مليو، حال به ورتائين ء پيسن جي حقيقت به ھن کي ڏسين، جنھن تي طارق اشرف چيس، رسالو پريس م آھي، ان جا پروف چيڪ ڪري پوء فائنل ڪاپي شايع ڪرائيجو، خير ماستر پريس ڏانھن ڀڳو وڃي پروفن لاء رسالي جي ڪاپي حاصل ڪيائين، رسالي جي ڪاپي ته ملي پروف چيڪنگ لاء ته ھنن وٽ ھمراھ ھو امر جليل، جيڪو طارق اشرف جو به دوست ھو، ماستر جماڻي جڏھن امر جليل وٽ پھتو ۽ ھن کي رسالي سھڻي جا پروف چيڪ ڪرڻ لاء عرض ڪيائين. امر جليل، طارق اشرف جي موجوده حالتن کان چڱيءَ ريت واقف ھو. پر رسالي جا پروف، بغير پيسن جي چيڪ ڪرڻ کان نابري واري ڇڏيائين.

ماستر قاصر جماڻي وڌيڪ پسه نه ھجڻ ڪري مجبور ٿي اھي پنا ڳوٺ کڻي آيو ء سندس اسڪول کان ڊگھي موڪل وٺي گھر ويھي پاڻ پروف چيڪ ڪيس، تنھن کانپوء رسالو پڌرو ٿي سگھيو. (۲۳ھين ڊسمبر ۲۰۱۸ع فيس بڪ)

نثار شاھين لکيو آھي:

طارق اشرف جي آزاديءَ جي جدوجهد لاء سائين ناصر مورائيءَ جهڙو مُجاهد سندرو ٻڌي بيٺو. ان لاء ھن دستخطي مهم جي رٿ تيار ڪئي ۽ ان تي اديبن جي دستخط (صحيح) لاء اديبن جو در کڙڪائڻ جو ارادو ڪيو. جنهن لاء ھُو سڀ کان پهريائين سنڌي ڪهاڻيءَ جي تمام وڏي ڪهاڻيڪار امر جليل وٽ ويو. وٽس پهريائين وڃڻ جو ڪارڻ ٻُڌائيندي ناصر مورائي چوي ٿو: “مون سوچيو هو ته: امر جليل دستخط ڪندو ته ٻيا انڪار نه ڪندا، جھٽ صحيح ڪندا، ڇاڪاڻ ته ان زماني ۾ هو سنڌي ڪهاڻيءَ تي ڇانيل هو. ٻيو ته هو سدائين چوي ٿو ته منهنجو سچل جي عَلم ۾ ھٿ آ، سو انڪار ئي نه ڪندو.“

انهن ڏينهن ۾ امر جليل ريڊيو براڊ ڪاسٽر هو. ناصر مورائي وٽس هلي ويو ۽ کيس پنهنجي ارادي ۽ مقصد کان آگاھ ڪيائين. امر جليل انتهائي خوفزدگيءَ جي حالت ۾ انڪار ڪندي چيو ته: “يار مارائيندين ڇا؟“

ناصر مورائي وقتي طور مايوس ضرور ٿيو پر هن همت نه هاري ۽ ھُو سڌو ٻئي هڪ وڏي ڪهاڻيڪار جمال ابڙي وٽ ھلي ويو. جمال ابڙو انهن ڏينهن ۾ سيڪريٽري جي عُھدي تي مقرر هو. ناصر مورائيءَ کيس ارادي کان واقف ڪيو جنهن تي ھُن صاحب خوشيءَ جو اظهار ڪيو. ۽ چيو: “تمام سُٺي ڳالھ آھي.“ ناصر مورائي کيس چيو: “سائين جي سُٺي ڳالھ آهي، ته پوء هن تي صحيح ڪيو.“ ائين چئي هن ڪاغذ جمال ابڙي ڏي وڌايا. جمال ابڙي وٺي دستخطي مُھم جي ان جدوجهد ۾ پهرين دستخط ڪئي. جنهن کان پوءِ ناصر مورائيءَ مضمون لکيو: “جيڏي بلندي- ايڏي پستي.“ (۲۴ھين آگسٽ ۲۱۷:فيس بڪ)

 *۳ - رئوف عباسي نالي فيس بڪ تي ۱۴ھين اپريل ۲۰۱۸ع تي لکيو آھي:

 ناصر مورائي جي گرفتاريءَ جي خلاف جڏھن طارق اشرف امرجليل کان دستخط وٺڻ ويو ته امر نابري واري. جڏھن ت جمال ابڙو سرڪاري جج ھوندي پھرين دستخط ڪئي.

ياد رھي ته امر جليل کي اڳتي آڻڻ وارو طارق اشرف ئي ھو جنھن سھڻي رسالي جو امر جليل نمبر ڪڍيو ھو.

سلطانا وقاصي لکي ٿي:

ڪراچي جي حالتن تي منھنجي لکيل ڪالم تي منھنجي گھر ھلي آيو. چيائين خيال ڪر پنھنجو اسان کي سلطانه جي زندگي پياري آھي جڏھن ڪراچي جون حالتون خراب ٿينديون ھيو ت فون ڪري خيريت معلوم ڪندو ھو. (۹ - ۱۱ - ۲۰۲۱ع فيس بڪ)

 *۲ - قاضي آصف*

طارق اشرف ۽ سھڻي تي آمريڪا ۾ ٿيندڙ تحقيق

ان تي آمريڪا جي ورجينيا يونيورسٽي ۾ ڇا ته ڪمال جي تحقيق ٿي رھي آھي. اھا تحقيق ڪو سنڌي نه پيو ڪري. جنھن رخ ۾ ان تي تحقيق ٿي رھي آھي. مونکي رڳو ان جا ڪجھ حصا ڏسڻ جو موقعو مليو آھي. اھا تحقيق جڏھن سامھون آئي ته اھو وساريل طارق اشرف سنڌ جو ھيرو ٿي اڀرندو. (فيس بڪ ۲۵ھين جون ۲۰۲۱ع)

 

(حسين سارنگ جي فيسبڪ پوسٽ تان کنيل)

No comments:

راءِ ڏيندا