ڊاڪٽر ذوالفقار کوهارو
پاڙي ويڄ هُيام، تان مُور نه پڇيا!
ساجد مسڻ
ڊاڪٽر
ذوالفقار کوهارو جي پيدائش ۶ جنوري
۱۹۶۶ع تي پنهنجي اباڻي ڳوٺ ڪريم ڏنو
کوهارو ۾ هڪ بي باڪ ڪردار، محنتي جفاڪش ۽ سنڌ جي تعليم سان پاڻ نڀائيندڙ (مرحوم)
استاد غلام عمر کوهاري جي گھر ۾ ٿي. ڊاڪٽر
ذوالفقار کوهارو اڃا مس پنجن سالن جو ٿيو ته سندس والد ٻارڙن جي بهتر تعليم واسطي
پنهنجو اباڻو ڳوٺ ڇڏي ڏوڪري شهر ۾ اچي آباد ٿيو. چوندا آهن ته قدرت واري وٽ عدل ۽
انصاف ٿيندو آهي، اهڙي طريقي سان ڊاڪٽر ذالفقار کوهارو جو والد (مرحوم) غلام عمر
کوهارو پنهنجي سچائي ۽ سخت محنت سان سنڌ امڙ ڌرتي جا ٻار پڙهايا، انهن تي محنت
ڪئي، انهن کي پنهنجو اولاد سمجهيو ته قدرت به هن جي اولاد کي دنيا جي تعليم ۽ ترقي
۾ سڀني کان ممتاز، اعلى، مٿانهون ۽ نرالو بڻائي ڇڏيو آهي. غلام عمر کوهاري (مرحوم)
جا ڪي پٽ اعلى ڊاڪٽر آهن ته ڪي بئنڪ آفيسر، جڏهن ته وري نياڻيون به سنڌ ايجوڪيشن
ڊپارٽمينٽ ۾ پنهنجو فرض نڀائي رهيون آهن. ڊاڪٽر ذوالفقار علي کوهارو کي الله تعالى
خدادادي صلاحيتن سان مالامال ڪري پيدا ڪيو هو. هو ننڍي هوندي کان ئي ذهين، هوشيار
سلڇڻو ۽ انسان دوست صفتن سان ٽمٽار هيو. هي ۵ سال لاڙڪاڻي ميڊيڪل ڪاليج ۾ پڙهيو ۽ اتان هي ايم بي بي ايس (M.B.B.S) جي ڊگري ۱۹۹۱ع ۾ پاس ڪري نڪتو.
ايم بي
بي ايس جي ڊگري کان پوءِ هن کي ملازمت جو موقعو ”سوشل سيڪيورٽي اسپتال لانڍي“
ڪراچي ۾ مليو هن پنهنجون خدمتون لانڍي ڪراچي ۾ ۱۹۹۲ع کان، ۱۹۹۴ع تائين نڀايون. ٻن سالن جي
ڊيوٽي ڪرڻ کان پوءِ هن جي پوسٽنگ وري لانڍي مان ڪانٽريڪٽ جي بنياد تي ضلعي ٺٽو جي
تعلقي جاتي جي يو سي راج ملڪ ۾ ٿي، جتي به هن فرض شناس ۽ اصول پرست انسان اها آفر
بنا ڪنهن ڪيٻائڻ جي قبول ڪئي،۽ پنهنجون پيشورانه صلاحيتون يوسي راج ملڪ ۾
نڀايون.يوسي راج ملڪ تمام ڏورانهن علائقي ۾ آهي پر ڊاڪٽر صاحب فرضُ شناس ۽ اصول
پرست انسان هيو،ان ڪري هن ان ڏورنهن علائقن ۾ اردو چوڻي مطابق ”جنگل سي منگل بنا
لونگا“ ڪري ڏيکاريو. جڏهن هن جو اتان جي ماڻهن سان تعارف ٿيو، ته ا هي پريشان ٿي ويا
ته هي لاڙڪاڻي سان تعلق رکندڙ هتي ڊيوٽي ڪيئن ڪندو؟ جڏهن ته ان يوسي راج ملڪ جو
پاڻي به کارو هيو،ايترين تڪليفن جي با وجود اتي ئي ڊيوٽي ڪرڻ کي اوليت ڏني ۽ ڊاڪٽر صاحب پاڻي جو ڪولر به پاڻ سان گڏ کڻي
ايندو هيو، ۽ ان ويران صحت مرڪز کي شاد ۽ آباد ڪري ڏيکاريو، ائين هن اتي ۱۹۹۵ع کان ۱۹۹۸ع تائين يوسي راج ملڪ ۾ پنهنجون
خدمتون سر انجام ڏنيون.
ڊاڪٽر
صاحب راج ملڪ کان پوءِ ۱۹۹۸ع کان ۲۰۰۰ع تائين ضلعي سکر جي سانگي اسٽيشن ڀرسان هڪ ويران صحت مرڪز کي آباد ڪيو،۽
اتي جي ماڻهن جي خدمت ڪئي،۲ سال
سانگي اسٽيشن رهڻ کان پوءِ هن کي ۲۰۰۱ع کان ۲۰۰۲ع تائين سونو جتوئي ڳوٺ جي بيسڪ هيلٿ يونٽ ۾ رکيو ويو، هن اهڙي ڳوٺ ۾ به
ڊيوٽي ڪئي، جنهن جي لاءِ نو گو ايريه تصور ڪيو ويندو هيو، هن شروع کان ئي اهڙن
علائقن ۾ ڊيوٽي ڪئي، جتي ٻيو ڪو ڊاڪٽر وڃڻ لاءِ تيار نه هوندو هيو.پر هن غريبن جي
غمخوار،يتيمن جي يار،۽ مسڪينن جي مدد گار اتي اهڙو ته پنهنجو اثر ڇڏيو جو اتان جا
ويران صحت سينٽر هن آباد ڪري ڏيکاريا ۽
اتان جي ماڻهن جي ڀرپور خدمت ڪئي.
شروع
کان ئي ڊاڪٽر صاحب کي اهڙا ئي علائقا مليا، جتي جيڪڏهن ٻيو ڪو هجي ها ته نوڪري ڪرڻ
کان ئي بس ڪري ها!. پر ڊاڪٽر صاحب سڀني مشڪلاتن کي بهادري سان منهن ڏنو ۽ عوام جي
خدمت ڪرڻ واري جذبي سان هميشه اڳ کان اڳرو رهيو ۽ پنهنجو فرض ايمانداري سان ادا
ڪندو رهيو.ساڳي طريقي سان هن کي وري سونو خان جتوئي مان ڪاراڻي جي بيسڪ هيلٿ يونٽ
۾ ۲۰۰۲ع کان ۲۰۰۳ع تائين رکيو ويو،جتي به هن رحمدل انسان خوش اصلوبي جي ڊيو ٽي ڪرڻ لڳو، هن
فقير صفت انسان جي اها اعلى ۽ عظيم خوبي
هوندي هئي، جو هو جتي به ويندو هيو ته اتي ٻوٽا ۽ وڻ پوکيندو هيو، انهن کي پاڻي
ڏيڻ، انهن جي سارسنڀال به پاڻ ئي لهندو هيو، جتي جتي هي عظيم انسان ڊيوٽي ڪري آيو
اتي اتي هن باغ ۽ باغيچا پوکيا ۽ گلڪاري ڪري اهو علائقو سرسبز ۽ شاد آباد ڪري
ايندو هيو.هي اصول پرست ۽ خوددار شخصيت جو مالڪ هيو، هن جو هي اصُول هوندو هيو ته،
جتي هي ڊيو ٽي ڪندو هيو اتي ئي ان بيسڪ هيلٿ يونٽ ۾ رهندو هيو، ان کي ئي آباد ڪندو
هيو، ڪنهن وڏيري جي اوطاق تي رهڻ هن کي هر گز پسند نه آيو.
هن ۲۰۰۳ع کان ويندي ۲۰۱۶ع
تائين پنهجيون بي مثال ۽ لازوال خدمتون ڏوڪري جي سرڪاري اسپتال کي ڏنيون. هي عظيم
انسان مذهبي متڀيد کان آزاد خيال هيو.هن جو نعرو هوندو هيو”سڀ کان پهرين انسانيت“.
اهو ئي سبب هو جو هو غير مسلم وارن جو به فيملي فزيشن هيو،هي ڪنهن به قيمت تي انهن
کان نفرت نه ڪندو هيو،پيار منجهان انهن جو علاج ڪندو هيو ۽ کين بيمارين کان بچاءَ
لاءِ مفيد ۽ ڪارائتيون صلاحون ڏيندو رهندو هيو.
هن
عوام دوست ڊاڪٽر وٽ جيڪو به علاج لاءِ ايندو هيو ان کي چوندو هيو ته ”من خوش
آهيو،بادشاهه ٺيڪ آهيو نه؟ دلبر ڪئين آهيو“؟ توهان ته بلڪل ٺيڪ آهيو،ڇو پريشان ٿيا
آهيو؟ بيمار ته لڳو ئي نه ٿا،اجايو دل لاٿي اٿو! اهڙي طريقي سان مريضن سان پيش
ايندو هيو جو اڌ مرض ته ڊاڪٽر صاحب جي حسنِ رويي سان پيش اچڻ جي ڪري ان جو مرض ختم
ٿي ويندو هيو، مريض جو خيال هوندو هيو ته مان واقعي چڱو ڀلو آهيان،بس ٿوري تڪليف
آهي. اڪثر ڪري هن سان اسپتال جا باس ناراض رهندا هئا، ته توهان مريضن لاءِ دوا
ٻاهرين اسٽورن جي لکندا ڪيو، پر هي غريبن جو غمخوار، عوام دوست ڊاڪٽر سرڪاري
اسپتال جي ئي دوا لکندو هيو، غريبن کي ئي فائدو ڏيندو هيو، ڪنهن به قيمت تي هي نه
چاهيندو هيو ته ڪي مسڪين ماروئڙا ٻاهرين پرائيويٽ اسٽورن جي مهانگي دوا وٺن، نه ته
اڪثر ڊاڪٽر دوا لاءِ مريض کي ٻاهرن اسٽورن جا چڪر ڪٽرائيندا آهن.
ڪير
آهي؟ هن ايڪويهين صدي جي هجڻ جي باوجود، جيڪو پنهنجي کيسي مان پئسا خرچ ڪري غريبن
جو علاج ڪندو هجي؟ انهن جي مالي مدد ڪندو هجي؟ انهن جي پرگھور لهندو هجي؟! مون کي
هن جي وڏي ڀاءُ ڊاڪٽر مظفر کوهارو ٻڌايو ته مان انهن گھرن جا نالا وٺڻ مناسب نٿو
سمجهان جن جي ڪفالت ادا ذوالفقار ڪندو هيو. اڄ انهن گھرن جو ڄڻ ڪفالت ڪندڙ گذاري
ويو آهي! ڊاڪٽر مظفر کوهارو ٻڌايو ته جڏهن مان هن جو مڙهه ايمبولنس مان لاهي رهيو
هيس ته هڪ ڪتو هن کان پري ئي نه پيو وڃي!، جيڪڏهن اسان هن کي زبردستي سان پري پيا
ڪيون ته هو کائڻ پيو اچي، خبر پئي ته ادا ذالفقار هن ڪتي کي هر روز ماني ٽڪر ڏيندو
هيو، جيڪڏهن هن کي ڪو پٿر هڻندو هيو ته هي رحمدل انسان انهن کي سختي سان منع ڪندو
هيو ته هن ساسي توهان جو ڪهڙو ڏوهه ڪيو آهي؟ جو هن کي پٿر پيا هڻو.ڏسو ته آخري وقت تي گگدام جانور به هن سان نمڪ حلالي
جو ثبوت ڏئي رهيو هو. هن جي اوچتو بي وقتائتي موت واري دکدائڪ خبر وِڄ وانگر ڪڙڪي
ڪري،هر پاسي خبر پوڻ کان پوءِ ڄڻ ڏوڪري شهر ۾ ڪو راڪاس گھمي ويو هجي،جو اهڙو ماحول
بڻجي ويو،هر ماڻهو جي اک آلي هئي پر چوندا آهن ته جيڪو پوکبو سو ئي لڻبو، هن جي
جنازي جي نماز ۾ ايترن ته پرستارن، همدردن، دوستن شرڪت ڪئي جو سڄو جو سڄو عيد گاهه
مڪمل طور تي ڀرجي ويو اهڙا ڪي خوشنصيب انسان هوندا آهن جن سان ايترا انسان محبت
ڪندا هجن.
ڊاڪٽر ذوالفقار کوهارو
ساجد مسڻ
عوام دوست طبيب ڊاڪٽر ذوالفقار کوهاري
جو اڄ چاليهو آهي. اڄ ان عظيم انسان، هر دل عزيز شخصيت جي مالڪ،غريب عوام جي بي لوث
خدمت ڪندڙ ڊاڪٽر ذالفقار کوهارو کي شاهه ڀٽائي
چواڻي ”اگهن مڙي اڄ ڪيو سڏ صحت کي“ وانگر دانهون ڪري پڪاري رهيا آهن.
استاد مٺل خان مسڻ، ڊاڪٽر صاحب کي
ياد ڪندي چئي ٿو ته ڊاڪٽر صاحب ۾ جيڪا مون کي انسانيت نظر آئي آهي، اها اڄ ڏينهن تائين
اهڙي ٻي ڪنهن ڊاڪٽر ۾ مون نه ڏٺي آهي. هن جو
مريضن سان ملڻ جو انداز ئي نرالو هوندو هيو،هو مريضن سان اهڙي طريقي سان ملندو هيو،جو
مريض جو اڌ مرض هن جي حسنِ رويي سان ملڻ ڪري ئي ختم ٿي ويندو هيو.سندس دوست ڊاڪٽر الله
بخش ابڙو ٻڌائي ٿو ته هي پوڙهن مريضن جو تمام گھڻو خيال رکندو هيو، خاص ڪري استادن
جي تمام گھڻي عزت ڪندو هيو، ڇاڪاڻ جو سندس والد به استاد هيو. ڊاڪٽر ممتاز علي وڳڻ سندس
ڊيوٽي بابت ٻڌائي ٿو ته جڏهن هي سونو خان جتوئي جهڙي نو گو ايريا ڳوٺ ۾ ڊيوٽي ڪندو
هيو،تڏهن به سائيڪل تي چڙهي وڃي پنهنجو فرض پورو ڪندو هيو.جُهڙُ هجي يا مينهن،سردي
هجي يا گرمي ڇو نه هجي، پر هي ڊيوٽي جو پابند هيو.ڊاڪٽر هريش ڪمار سندس اخلاق جو مداح
آهي چئي ٿو ته ڊاڪٽر صاحب هڪ نه وسرندڙ بي باڪ ڪردار آهي، هن جي هيءَ نرالي خوبي هوندي
هئي جو هو اچڻ شرط سڀني سان ڀاڪر پائي ملندو هيو، ملڻ کان بعد سڌو مريضن ڏانهن ويندو
هيو، جيڪي به پڻ سندس جو بي چينيءَ سان انتظار ڪندا رهندا هئا. اهڙا انمول ماڻڪ موتي
صدين ۾ پيدا ٿيندا آهن، هو اڄ اسان کان جسماني طور وڇڙيو ضرور آهي، پر وسريو هرگز ناهي. مان
جڏهن به انسانيت وارا لقاءُ ڏسندو آهيان ته مون کي ڊاڪٽر ذوالفقار ياد ايندو آهي.
غلام قادر مسڻ کيس زبردست ڀيٽا پيش
ڪئي ته ڊاڪٽر ذالفقار جو نعم البدل ڊاڪٽر ڏوڪري ۾ ته ڇا؟ پر پوري سنڌ ۾ مون کي نظر نه
ٿو اچي. ڊاڪٽر عبدالغفار ڪانڌڙي واهه جي ڳالهه ٻڌائي ته اسان عيدون گھر ۾ ملهائيندا
آهيون، پر هي عيد جهڙو خوشي جو ڏينهن به اسپتال ۾ ڊيوٽي ڪندي گذاريندو هيو. حمز علي
سوهوءَ کي عطا محمد حامي جو هي شعرياد اچي ويو ”ڪنهن به سان ڪلفت نه نٿا رکون، محبت
اسان جو مذهب خدا گواهه“؛ جيڪو ڊاڪٽر جي هوبهو
عڪس هيو. پروفيسر گلاب سومري جو خيال آهي ته ڊاڪٽري پيشو اهڙو آهي، جنهن جي نڀائڻ سان
ئي ڊاڪٽر مسيحا بڻجي وڃي ٿو، اهڙو ئي هڪ محسنِ انسان ۽ انسان دوست ڊاڪٽر، ڊاڪٽر ذالفقار کوهارو جو نالو اچي ٿو، ڊاڪٽر صاحب ڏاڍو
هڏ ڏوکي انسان هو. نهايت ئي شا ئسته گفتگو رکندڙ انسان کي مون جڏهن به ڏٺو ته سدائين
چهري تي مُرڪ، بيمارن جي پرگھور لهڻ ۾ مصروف ڏٺو. تنوير احمد ميراڻي چئي ٿو ته ڊاڪٽر
ذوالفقار کوهارو هر شهري سان حسنِ سلوڪ رکڻ وارو انسان هيو. ڊاڪٽر مڪيش ڪمار سندس انسان
دوستي ۽ ڊاڪٽر نصرالله چنه سندس مذهبي ڪٽر پڻي کان آجي هجڻ وارا گڻ ٻڌايا. احمد علي
ڪلهوڙو سندس ڊيوٽيءَ جي ادائيگيءَ مان متاثر آهي، چئي ٿو ته ڊيوٽي جي پابندي ڪير هن
کان سکي هان!. ضمير علي جتوئي حيران آهي تههن جي ڪنهن سان به تلخ ڪلامي نه ٿي. علي
محمد جيسر پنهنجيون ساروڻيون ساريندي ٻڌائي ٿو ته مان ڏوڪري اسپتال ۾وارڊن انچارج آهيان، مان
جنهن به وقت ڊاڪٽر کي سڏ ڪيو هيو ته ڊاڪٽر صاحب بنا ڪنهن دير جي وارڊ ۾ پهچي ويندو
هيو، مون هن کي بي سهارا مريضن جي مٿان پاڻ بيهندو ڏٺو هيو، مون کي به بي پهچ عوام جي
پارت ڪندو هيو. برڪت علي پتافيءَ ٻڌايو ته سرڪاري ميڊيڪل اسٽور تي هوندو آهيان، ڊاڪٽر
صاحب بي پهچ مريضن کي پاڻ سان گڏ وٺي ايندو هيو ۽ کين نه صرف دوا وٺي ڏيندو هيو، پر
انهن کي چڱي طرح سمجهائيندو پڻ هيو. ڊسپينسر الله بخش سومري معلومات ڏني ته ڊاڪٽر صاحب
هر روز 200 کان 250 تائين مريض ڏسندو هيو، ڪنهن به مريض کي دڙڪو نه ڏيندو هو.. فاطمه
ميراثي ٻڌائي ٿي ته منهنجي اڪثر رات جو ڊيوٽي هوندي آهي،رات واري شفٽ دؤران ڊاڪٽر صاحب
پنهنجي کيسي مان خرچ ڪري دوا وٺي رکندو هيو،جيئن مريض کي وقت سر دوا ڏئي سگھجي، ڇاڪاڻ
جو رات جو سڀ اسٽور بند هوندا آهن. اديب ۽ شاعر غلام محمد ڀٽي جو خيال آهي ته اسان
جي سنڌ کي اهڙن انسان دوست ڊاڪٽرن جي اشد ضرورت آهي. اعجاز علي جکري روئندي چيو ته
اسان کان حقيقي معنيٰ ۾ هڪ مسيحا وڇڙي ويو
آهي. سگھڙ روشن فقير ڪوري ڊاڪٽر صاحب جو هڪ يادگار گفتو ٻڌائي ٿو ته جيڪڏهن اسان سان ڪير پيار مان ڳالهائي ٿو ته اسان ڪيڏو خوش ٿيون
ٿا، اهڙي طريقي سان ئي اسان ڪوشش ڪري هر ڪنهن جي دل خوش ڪيون ته اعلى انسان بڻجي وينداسين.
لياقت علي چنو پنهنجو تعارف ٻڌائيندي چئي ٿو ته مان به ڏوڪري جي سرڪاري ميڊيڪل اسٽور
جو ملازم آهيان،ڏوڪري جي اسپتال ۾ سڀ کان وڌيڪ سرڪاري دوا لکندڙ ڊاڪٽر،ڊاڪٽر ذوالفقار
کوهارو هيو.عباس گل سولنگي سندس هڪ خوبي ٻڌائي ٿو ته ڊاڪٽر صاحب اوپري ماڻهو کي پنهنجي
مٺڙي گفتگو سان هڪدم پنهنجو ڪري وٺندو هيو. عبيدالله سومري دعويٰ ڪئي ته ڊاڪٽر صاحب
جو خال ڪڏهن به ڀرجي نٿو سگھي. پير بخش ڪنڀر ٻڌائي ٿو ته مان ڊاڪٽر وٽ ڪمپائونڊر هيس،
هي غريب ۽ بي سهارا ماڻهن کي پنهنجي کيسي مان خرچ ڪري دوا وٺي ڏيندو هيو،اها دوا ئي
مان وٺي ايندو هيس.
ڊاڪٽر صاحب جي ڪيترن دوستن چيو ته
اسان کي ڊاڪٽر صاحب لاءِ لفظ ئي نه آهن جنهن سان هن انمول ماڻڪ موتي تي لکون بس اسان
شاهه صاحب جو هي شعر سندس نانءُ ٿا ڪيون ته:
ماڻهو سڀ نه سهڻا، پکي سڀ نه هنجھ،
ڪنهن ڪنهن ماڻهو منجهه، اچي بوءِ بهار جي.
No comments:
راءِ ڏيندا