مٺو ڪلهوڙو
سُر جو چمڪندڙ ستارو
محمد عثمان ميمڻ
مٺو ڪلهوڙي لاءِ رئيس ڪريم بخش نظاماڻيءَ
پنهنجي آتم ڪٿا ’ڪيئي ڪتاب‘ جلد پهرئين ۾ لکيو آهي ته: ”ناچو ڳائڻ وارا، جيڪي ميڙن
۾ وڃي ڳائيندا ۽ نچندا هئا، سي مختصر هئا، تن جا ميلن ۾ نهايت مشهور ۽ چمڪندڙ جوڙ هوندا
هئا، جيڪي ناچڻين کان به ڪثر ۽ گوءِ کڻي ويندا هئا..... جيوڻي ٻائي ۽ ماسٽر چندر جو
مقابلو فقط گرامون فون رڪارڊنگس تائين محدود هوندو هو، باقي ميڙن ۽ ميلن ۾ چندر جو
مقابلو صرف مٺو ڪلهوڙي سان هوندو هو. مٺو ڪلهوڙو موقعه شناس، رمز آشنا، آواز باز ۽
نهايت ڀاڳاون هوندو هو، مٺو ڪلهوڙي جا به ڪيئي رڪارڊ گرامون رڪارڊ ڀريا ويا، جن ڪافي
شهرت حاصل ڪئي. جن ۾ سندس اواز ۾ ڀريل رڪارڊ ’طوطل تِوِ وِوِ، تِوِ وِوِ‘ ڪافي شهرت
حاصل ڪئي ۽ هزارن جي تعداد ۾ هليو ۽ وڪرو ٿيو.“
سندس اصل نالو محمد آچر هو، سن
1902ع ۾ ڳوٺ پٺاڻ لڳ، باقراڻي، تعلقي ڏوڪريءَ ۾ الهڏني ڪلهوڙي جي گھر ۾ ڄائو. الهڏنو
هر ڪاهيندو ۽ مال چاريندو هو. الهڏني ڪلهوڙي پنهنجي پٽ محمد اچر کي ڳوٺ جي اسڪول ۾
کيس پڙهڻ لاءِ داخل ڪرايو، ان وقت سيد نور علي شاهه جي اوطاق تي باقراڻين ۾ روزانو
ڪهي آيل صوفين جو وڏو جوڙ گڏ ٿيندو هو ۽ رنگ رچندو هو. ان وقت محمد آچر عرف مٺو اسڪول
مان ڀڄي ۽ ڪڏهن موڪل کانپوءِ سيد نور علي شاهه جي اوطاق تي منعقد ٿيندڙ انهن محفلن
۾ شريڪ ٿيندو هو. هن انهن ئي صوفين وٽان راڳ جا گھٽ گھيڙ سکيا، صوفين جو راڳ راتين
جون راتيون هلندو رهندو هو، سو هي به گھر لڙي کانپوءِ پهچندو هو ته سندس والد کيس ماريندو
هو. مٽن مائٽن گھڻو سمجھايس ته پڙهي آفيسر ٿيءُ، پر هي نه مڙيو. آخر مائٽن سندس اسڪول
مان نالو ڪڍرائي کيس ٻڪرين جو ڌڻ ڏنو ته هاڻي ڳاءِ به ته نپاءِ به. پر هو خوش ٿيو،
سڄو ڏينهن آزاديءَ سان مال چاريندي جھونگاريندو رهندو هو. جھونگارڻ ۾ ايترو ته مگن
رهندو هو، جو ٻڪريون به نظر کان اوجھل ٿي وينديون هيس ۽ پوءِ ميان الهڏنو ٻڪرين جي
ووڙ ۾ پورو هوندو هو. نيٺ پٽ کان تنگ ٿي، ڌڻ ڦري، گھر مان ڪڍي ڇڏيائينس. نه رڳو ايترو
پر لا تعلقيءَ جو اظهار به ڪيائين.
ميان الهڏنو اهو شايد سمجھي نه سگھيو
ته سندس پٽ ڄائو ئي ڳائڻ لاءِ آهي، سندس ڳلي کي قدرت واندڪائيءَ ۾ دائودي آواز سان
سنواريو هو، قدرت هيءَ ڏات ته ڪن ڳاڻ ڳڻين خوش نصيبن کي ڏيندي آهي. سو محمد آچر به
ڏاتل هو. آواز سندس آڏو ٻانهون ٻڌي بيهندو هو. هن سڀ کان پهريان وقت جي مشهور ڀڳت قيمت
راءِ کان ڀڳت، گر تار جا انداز، راڳداريءَ جا اصول سکيا. سندس محنت رنگ لاتو ۽ هن پنهنجي
الڳ چوڪڙي ٺاهي، جنهن کي ’مٺو خان جي چوڪڙي‘ ڪري سڏيندا هئا. اها ناچن جي ٽولي هوندي
هئي، جنهن ۾ وقت جو تمام وڏو ڳائڻو الهڏنو خان نوناري به شامل هوندو هو. شروع ۾ اها
چوڪڙي ڀڳت جي انداز ۾ پنهنجو فن پيش ڪندي هئي، ڪي سال سنڌ جي ڳوٺن ۾ پنهنجو فن پيش
ڪيائين، پوءِ اڪيلو ڳائن شروع ڪيائين ته پنهنجو الڳ ناچ جو انگ پيش ڪيائين. سليمان
شاهه به ائين ڪيو، جو پهريائين ڀڳتي انداز ۾ ۽ پوءِ اڪيلو نچي ڳائيندو هو. مٺوءَ جو
راڳ ٻڌڻ ۽ ناچ ڏسڻ لاءِ ماڻهو الائي ڪٿان ڪٿان ڪهي ايندا هئا. مٺو سنڌ جي مڙني ميلن
۾ شريڪ ٿيندو هو، سنڌ جي شايد ئي ڪا عوامي محفل هجي، جنهن ۾ کيس گھرايو نه ويندو هو.
ترت مٺوءَ محسوس ڪيو ته منهنجي فن
۾ اڃا کوٽ آهي، سو وقت جي مشهور ڪلاسيڪل راڳي رسول بخش ڪلهوڙي، ڳوٺ دودو هليي واري
کان ڳانو ٻڌايائين، پوءِ جانڻ ڪلهوڙي جو شاگرد ٿيو ۽ آخر ۾ جيڪو رنگ لڳس، سو پٽيالا
گھراڻي جي استاد امير علي خان وٽان لڳس. استاد امير علي خان، استاد عاشق علي خان جو
مامو هو. انهيءَ دور ۾ ٻن راڳين کي سنڌ ۾ ڏاڍي مڃتا ملي، هڪ الهڏنو نوناري ۽ ٻيو سڀني
۾ سهڻو ڳائڻو مٺو ڪلهوڙو. عام ماڻهو هن کي ’مٺو فقير‘ به ڪري سڏيندا هئا. هاڻي هو شاهه
عبداللطيف ڀٽائيءَ جي درگاهه جو به ٻڌو ٻانهو ٿي پيو، اتي کيس ڳائڻ لاءِ اول وارو ملندو
هو، چون ٿا ته مٺو الاپ جو تمام سريلو هو. ان دور ۾ ڪوبه فنڪار يا ڀڳت ساڻس بر ميچي
نه سگھندو هو. خالص سنڌي نسل جا هي ٻه فنڪار استاد الهڏنو خان نوناري ۽ مٺو ڪلهوڙو
خاص رنگ رچائيندا هئا.
محمد آچر کان مٺو ٿيڻ تائين جون
ٻه روايتون ملن ٿيون. هڪ ته سيد نور علي شاهه، جنهن جي اوطاق تي ٿيندڙ ڪچهريءَ هن جي
من ۾ برهه جون باهيون ٻاريون، ان سندس مٺي آواز ۽ مٺڙي صورت سبب سندس نالو محمد آچر
مان مٽائي ’مٺو‘ رکيو. ٻي روايت مطابق ته پاڻ سائين صالح شاهه راڻيپور واري جو مريد
هو ۽ باقاعده اتي چوڪڙي ڀريندو هو، چون ٿا ته سائين مرشد خوبصورت آواز سبب سندس نالو
محمد آچر مان مٽائي ’مٺو‘ رکيو ويو. هاڻي تمام ٿورن ماڻهن کي خبر آهي ته مٺو ڪلهوڙو
اصل ۾ محمد آچر آهي. مٺو ڪلهوڙو ڪجھه وقت گورنمينٽ ٽريننگ ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ ميوزڪ ٽيچر
به رهيو، جتي موسيقيءَ جي تعليم ڏيندو هو.
مٺو ڪلهوڙي جي آواز ۾ ڳايل ڪيترائي
ڪلام مشهور ٿيا، جن ۾ خاص ڪلام ’طوطل‘ هو. پر انکانسواءِ ٻيا به کوڙ ساترا ڪلام ماڻهن
کي پسند پيا. چون ٿا ته سندس ڀريل رڪارڊن جي هميشه کوٽ رهندي هئي، توڙي جو هزارن جي
تعداد ۾ سندس رڪارڊ ٺهندا هئا ۽ کپندا هئا. سندس رڪارڊ ٿيل ڪلامن ۾ (1) خدا ڪري جدا
ڪنهن جو حبيب نه ٿئي، (2) منهنجي مٺن مارن کي ڏٺي ڏينهن ٿيا، (3) ملان مار مَ مون،
سبق پڙهان يا سڄڻ ڏسان مان وغيره سان گڏ ٻيا به سندس ڪيترائي ڪلام مشهور ٿيا. چون ٿا
ته فونو رکندڙ شوقين سندس ڪلامن جا رڪارڊ خريد ڪري ريشمي رومال ۾ ويڙهي رکندا هئا
۽ سندس رڪارڊ هلائڻ کان اڳ ۾ فوني ۾ نئين سئي وجھندا هئا ته متان پراڻي سئي رڪارڊ
۾ گھاري وجھي ڇڏي. ان وقت ائين چئجي ته ماڻهو مٺو ڪلهوڙي جي آواز جا عاشق هوندا هئا.
بلاشڪ سندس شمار سنڌ جي وڏن راڳين ۾ ٿيندو هو. کيس ريڪاڊنگ لاءِ بمبئيءَ به گھرايو
ويو، پر ناچاڪيءَ سبب اتي وڃي ڪونه سگھيو. کيس دوت ۽ عزت تمام گھڻي ملي، ڇاڪاڻ ته هو
ڪلاسيڪل راڳيءَ کانسواءِ لوڪ راڳي به هو. ماڻهن جي نبض ڏسي راڳ ڪندو هو، هڪ ڀيري ڪچهريءَ
دوران ميرل ڪنڀر، جيڪو سندس آخري دور جو همعصر هو، تنهن ٻڌايو ته هن جهڙي عوامي شهرت
رڳو ماسٽر چندر ۽ ڪنور ڀڳت کي ملي. اهي به ٻئي سهڻا فنڪار هئا، پر مٺو ڪلهوڙو سونهن
۾ سرس هو، جو ماڻهو کيس بيهي ڏسندا هئس. اکيون ملائي، ڪلام ڳائي، هٿ کڻي آلاپ ڏيندو
هو ته راڄن جا راڄ ڪهي وجھندو هو ۽ واهواهه جي ورلاپن سان گڏ مٿان پئسن جو مينهن وسندو
هوس. مٺو ڪلهوڙي پنهنجي زندگيءَ ۾ جيڪو ڳايو، سو محنت ۽ لگن سان ڳايو. سندس ڳائڻ جو
انداز دلڪش ۽ سندس لئي ڪاري مخصوص هوندي هئي. هو لفظن کي زور ڏئي چٽو ڪندو هو. هن کي
پوري سنڌ توڙي هند مان مان مليو، هن خوبصورت ڪلاڪار 1970ع ۾ وفات ڪئي، کيس هڪ پٽ جمعي
خان نالي هو.
No comments:
راءِ ڏيندا