; سنڌي شخصيتون: مهرالنساءِ لاڙڪ - علي ڏنو جروار

16 April, 2016

مهرالنساءِ لاڙڪ - علي ڏنو جروار

مهرالنساءِ لاڙڪ
سنڌ کان وڇڙي ويل آپا!
علي ڏنو جروار
ڪالهه اسان کان آپا مهرالنساءِ لاڙڪ به وڇڙي وئي. آپا مهرالنساءِ لاڙڪ سنڌ جي پڙهيل لکيل علمي، ادبي شخصيتن ۾ هڪ نمايان حيثيت رکندڙ ڏاهي ۽ بهادر عورت هئي. آپا مهرالنساءِ جي وڇوڙي سبب اسان سنڌ واسين کان هڪ بهترين ليکڪا، تعليمي ماهر، مقرر، ذاڪر ۽ لطيف شناس عورت هميشه لاءِ موڪلائي وئي آهي، پر سندس يادون ۽ سندس قلم جي بهادري ۽ همت اسان وٽ موجود آهي، جيڪا سدائين سنڌ کي پڙهيل لکيل طبقي جي ذهنن تي حاوي رهندي.


آپا مهرالنساءِ لاڙڪ جا هڪ ئي وقت ڪيترائي روپ هئا، هُو هڪ سگهاري ليکڪ هئڻ سان استاد، سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ جي رائيٽر ۽ رويو ڪميٽي جي ميمبر، سنڌ ادبي بورڊ جي گورننگ باڊي جي ميمبر، بي ايڊ، ايم ايڊ آف ڪئمپس پروگرام سنڌ يونيورسٽي جي استاد ۽ پارٽ حيات اسڪول ۾ سنڌي پڙهائيندڙ استاد هئي. آئون سندس ڪهڙي ڪردار تي لکان، هڪ مقرر ۽ ذاڪر جي حيثيت ۾ به هن جي تمام گهڻي اهميت هوندي هئي، پاڻ جڏهن به شهيد شاهه عنايت جي ميلي تي جهوڪ ويندي هئي ته اتي جا گادي نشين کانئس عورتن جي مجلس ۾ شاهه عنايت ۽ شاهه لطيف جي فن فڪر تي تقرير ڪرائيندا هئا.
پاڻ ايم فل ۽ پي ايڇ ڊي ايجوڪيشن ۾ ڪيائون، جنهن جو عنوان ”نصاب“ هو، ان کان علاوه شاهه لطيف جي شاعري تي به کين عبور حاصل هوندو هو. منهنجي ساڻس ملاقات سن 2003ع ۾ سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ ڄامشورو ۾ ٿي، جڏهن اسان سڀئي عباس علي نظاماڻي، شفيع چانڊيو، ادريس جتوئي، سيد شير شاهه، ذڪيه شاهه ۽ ٻيا سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ جي نصاب ڪميٽي جا رائيٽر ۽ رويو ڪميٽي جا ميمبر مقرر ٿيا هئاسين، تنهن کانپوءِ مسلسل گڏ ڪم ڪرڻ ۽ ملاقاتن جو سلسلو جاري رهيو. آپا مهرالنساءِ لاڙڪ جي همت ۽ حوصلي بابت داد ڏيندي ڪنهن به رک رکاءَ يا وڌاءَ کان ڪم نه وٺندي آئون اِهو چوندس ته آپا مهرالنساءِ مڙدن کان به وڌيڪ باهمت، ڏاهي ۽ حوصلي واري عورت هوندي هئي، هتي لطيف سائينءَ جون ٻه سٽون سندس نانءُ ڪندي اکيون ڳوڙهن سان ڀرجيو اچن،
جان جان هئي جيئري، ورچي نه ويٺي،
وڃي ڀونءِ پيٺي، ساريندي کي سڄڻ. (شاهه)
اسان سڀني سان سندس شفقت امڙ جهڙي هوندي هئي، آئون جڏهن به ساڻس ملندو هئس ته مون کي هن منجهان پنهنجي امڙ جي خوشبوءِ ايندي هئي. سن 2003ع ۾ منهنجي سڳي امڙ وفات ڪري چڪي هئي ۽ جڏهن به مون کي انهيءَ جي ياد ستائيندي هئي ته پوءِ آئون وقت بي وقت فون ڪري وٽس هليو ويندو هئس ۽ ٻه چار گهڙيون ويهي موٽي ايندو هئس. مون کي سدائين آپا وٽان حوصلو مليو، جنهن مون جهڙي اٻوجهه سادي سودي مسڪين پرائمري ماستر کي ٻه اکر لکڻ پڙهڻ جهڙو بڻايو. سندس وڇوڙي تي لطيف جون هي سٽون ياد اچي رهيون آهن،
کاڻِي کيرن هيٺ، ويٺي روئي رت ڦڙا،
ڪا مون ٿيندي ڏيٺ، ٻيهر ٻاروچن سين. (شاهه)
آپا مهرالنساءِ زبيده ڪاليج، مٽياري گرلس ڪاليج کانسواءِ مختلف ڪاليجن ۾ پڙهائيندي هئي، ان حساب سان سندس شاگردياڻين جو تعداد هزارن ۾ موجود آهي، جن مان ڪيتريون ئي ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ نوڪري ڪري رهيون آهن، خاص طور تي تعليم کاتي ۾ ته سندس ڪيتريون ئي شاگردياڻيون استادياڻين جا فرائض سرانجام ڏئي رهيون آهن. لکڻين جي حوالي سان سندس هڪ سڃاڻپ عبرت جي رائيٽر طور به آهي، تنهن کانسواءِ سندس لکڻين جا ٻه ڪتاب هڪ شاعري جو ”رنگن جا اوجاڳا“ ۽ ٻيو هندستان جو سفرنامو ڇپيل آهن، ان کانسواءِ اڃا تائين سندس ڪيترو ئي مواد اڻ ڇپيل به موجود آهي، جنهن کي پڻ سنڌ جي علمي، ادبي ادارن کي ڇپائڻ گهرجي. شاعري جي حوالي سان جن به صنفن گيت، غزل، وائي، نظم، آزاد نظم ۽ بيت آپا مهرالنساءِ لاڙڪ لکيا آهن، انهن ۾ بحر وزن جي حساب سان به ڪافي پختگي نظر اچي ٿي ۽ انهن جي اظهار وارو انداز به بهادري وارو نظر اچي ٿو. جڏهن ته هندستاني سفرنامي ۾ هن جيڪي تاريخي ثقافتي علائقائي حوالي سان مضمون لکيا آهن اهي ساراهه جوڳا آهن. هندستان جي تاريخ ڪيترائي وساريل پهلو به هن پنهنجي سفرنامي ۾ شامل ڪيا آهن.
تنهن کانسواءِ سنڌي ادبي بورڊ مختلف شخصيتن ۽ موضوعن تي به آپا مهرالنساءِ لاڙڪ ڪجهه ڪتاب ترتيب ڏنا آهن، جيڪي پڻ تاريخي حيثيت رکن ٿا. آپا مهرالنساءِ لاڙڪ سدائين ادبي سنگت ۽ استاد تنظيم سنڌ پروفيسرز اينڊ ليڪچرز ايسوسيئيشن ۾ به پنهنجو ڪردار ادا ڪيو. سنڌي ٻوليءَ جي واڌاري لاءِ جاکوڙيندڙ سنڌي ادبي سنگت ۾ پڻ ڪيتري ئي عرصي کان عورت جوائنٽ سيڪريٽري جي عهدي تي فائز رهي ۽ ان طرفان ٿيندڙ هر پروگرام توڙي ريلي ۾ شرڪت ڪئي.
آپا مهرالنساءِ لاڙڪ جا جيڪي به ڪردار رهيا آهن، انهن سڀني کي الڳ الڳ مضمون لکي سگهجن ٿا. آپا مهرالنساءِ جهڙيون عورتون سنڌي سماج ۾ پيدا ٿي پون ته پوءِ ڪنهن حد تائين سنڌ اندر سماجي روين جي اڻاٺ ختم ٿي سگهي ٿي. هتي هي به ذڪر ڪرڻ ضروري آهي ته آپا مهرالنساءِ کي جڏهن نيورو سرجيڪل اٽيڪ ٿيو هو، تڏهن لياقت نيشنل اسپتال ڪراچي مان آپريشن بعد واپسيءَ تي ڪڏهن به ائين محسوس ٿيڻ نه ڏنائين ته کيس ڪا تڪليف به ٿي هئي يا علالت ۾ به رهي هئي. سدائين جيان بهادرانا انداز ۾ ملندي هئي ۽ حال احوال وٺندي رهندي هئي. هتي هِن ڳالهه جو به ذڪر ڪرڻ مناسب نه ٿيندو ته هڪ باشعور سنڌي عورت ڪهڙي طرح اڪيلائي واري زندگي گذاري ٿي، اِهو هڪ الڳ بحث ۽ موضوع آهي، جنهن تي ڪنهن ٻئي دفعي لکبو، پر هينئر آپا مهرالنساءِ کي سندس ڪيل محنتن ۽ ڪاوشن تي خراج تحسين پيش ڪجي ٿو، جنهن سنڌ ۾ پنهنجي حصي جو تمام بهترين ڪردار ادا ڪيو، اُهو ڪردار اسان سڀني سنڌ واسين کي سدائين ياد رهندو، جيڪي سندس وڇوڙي تي افسرده آهيون ۽ مون کي اميد آهي ته سنڌي ادبي سنگت، سنڌي ادبي بورڊ ۽ ٻيا ادارا آپا مهرالنساءِ لاڙڪ جي ڪيل خدمتن جي عيوض کيس مڃتا ڏيندا رهندا. ڇاڪاڻ ته جاکوڙي ڪردارن جي تعريف ۽ ساراهه ڪرڻ باشعور قوم ۽ فردن جي اولين ذميواري آهي.
جت نه پکي پير، تت ٽمڪي باهڙي،
ٻيو ٻاريندو ڪير، کاهوڙڪي کيٖر رِي. (شاهه)


No comments:

راءِ ڏيندا