; سنڌي شخصيتون: حسين بخش خادم

05 April, 2016

حسين بخش خادم

حسين بخش خادم

سنڌي سنگيت جو ”خادم“

محمد عثمان ميمڻ



جيتوڻيڪ فنڪار کي هاڻي پنهنجو آواز جھر جھنگ پهچائڻ لاءِ ايتري محنت نه ٿي ڪرڻي پوي، مختلف چئنلس ۽ ميموري ڪارڊ اچڻ بعد فنڪار لاءِ پنهنجو آواز ٻين تائين پهچائڻ تمام سولو ٿي پيو آهي، نه ته ماضيءَ ۾ فنڪار ويچارا پنهنجون عمريون وڃائي ڇڏيندا هئا، تڏهن ئي وڃي ڪا شهرت کين پلئه پوندي هئي. ماضيءَ ۾ ايتريون سهولتون ته ڪانه هيون، جيتريون هن دؤر ۾ نڪري پيون آهن، پر تنهن هوندي به ڪيترن ئي اهڙن فنڪارن پنهنجي محنت سان ايترو ته نالو ڪمايو، جو اڄ به سندن ساڳي ئي اهميت ۽ افاديت آهي. اهڙن فنڪارن ۾ حسين بخش خادم جو نالو سر فهرست آهي. هيءُ پنهنجي دؤر جو مشهور ڪافي گو شاعر ۽ لوڪ راڳي ٿي گذريو آهي. حسين بخش خادم ولد پير بخش ڀنگر ۱۵ جنوري ۱۹۳۰ع تي ڳوٺ آراضي تعلقي سيوهڻ، ضلعي ڄامشوري ۾ پيدا ٿيو.


حسين بخش خادم شروعات ۾ ڳوٺ آراضي تعلقي سيوهڻ جي پير حبيب الله شاهه جو خدمتگار هو، هيءُ هڪ ڀيري پنهنجي ڳوٺ آراضيءَ کان ڪنهن ڪم سانگي هالا ۾ مخدوم غلام محمد عرف گل سائين جي خدمت ۾ حاضر ٿيو ته مخدوم صاحب جي محبت ۽ شفقت ڏسي هميشه لاءِ هالا ۾ ئي رهي پيو ۽ مخدوم صاحب جي خدمت ۾ رهي فيض ورتائين. گل سائين جي وفات بعد مخدوم طالب المولى جن پنهنجي زمينداريءَ ۾ کيس ڪمدار طور مقرر ڪيو، هو ڪيترائي سال زمينن جي سار سنڀال ڪندو رهيو ۽ مخدوم طالب المولى جو خاص حاضريءَ جو ملازم به رهيو. حسين بخش خادم کي شاعريءَ جو شوق به مخدوم طالب المولى جي صحبت ۾ پيدا ٿيو. مخدوم صاحب جي صحبت کيس رڱي ريٽو ڪيو ۽ اڳتي هلي هو مخدوم طالب المولى جي حلقه ادارت ۾ آيو ۽ سندس صحبت ۽ ڪچهريءَ جي اثر هيٺ بيت، غزل ۽ ڪافيون چيائين. شاعريءَ جي تربيت ۽ اصلاح به مخدوم طالب المولى کان وٺندو هو ۽ سندس ئي مشوري سان ’خادم‘ تخلص استعمال ڪيائين. مخدوم صاحب جي صحبت ۾ رهندي ڳائڻ به شروع ڪيائين ۽ پنهنجي توڙي مخدوم صاحب جي شاعري پاڻ ڪمپوز ڪري ڳايائين. سندس ڪلام اڄ به نهايت مقبول آهن، جن ڪلامن کي هن جديد دور ۾ڪيترن ئي نوجوان فنڪارن ريمڪس ڪري پڻ ڳايو آهي.

حسين بخش خادم هڪ سٺو شاعر هو، تخليقي فن جو اظهار سندس ڪافين ۽ غزلن ۾ موجود آهي، سندس شاعري هڪ دردمند دل جي وجداني صدا پڻ آهي. حسين بخش خادم جي آواز ۾ ڪيترائي گيت ريڊيو پاڪستان تان اڄ به نشر ٿيندا رهن ٿا. هو سٺو ڳائڻو ۽ ريڊيو آرٽسٽ به هو، هن راڳ جي سکيا مشهور راڳي مصري فقير کان حاصل ڪئي، جيڪو مخدوم صاحب جي حاضريءَ جو ڳائڻو هو. حسين بخش خادم يڪتاري تي ويهي، پوءِ وجد ۾ اچي نچي ڳائڻ ڪري ڏاڍو مشهور ٿيو. سندس سوز ۽ جذب وارو والهانه دلڪش آواز هزارين دلين کي ڪيف آور ۽ رنگين فضا ۾ آڻي ڇڏيندو هو، جنهن به محفل ۾ حسين بخش خادم شريڪ ٿيندو هو، اها محفل رنگ ۽ آهنگ سان سرشار رهندي هئي. هن پنهنجي فن جي خوشبوءِ سان سموري سنڌ کي واسي ڇڏيو. سندس زندگيءُ ۾ دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ کيس پنهنجي فن کي متعارف ڪرائڻ جو موقعو مليو. حسين بخش خادم پنهجن ڪلامن کانسواءِ مخدوم طالب المولى جا ڪلام به نهايت ترنم سان ڳائيندو هو، سندس شمار سنڌ جي سٺن صوفي ڳائڻن ۾ ٿيندو هو. کيس فن جي مڃتا طور ۱۹۸۸ع ۾ لطيف ايوارڊ سميت ٻيا ڪيترائي انعام ۽ اعزاز مليا. حسين بخش خادم جا ڪيترائي ڪلام مشهور ٿيا، سندس آواز ۾ سندس ئي هڪ غزل ’تنهنجي هجر فراق ۾ ماهه لقا نه ڪي غم ٿو وڃي نه ڪي دم ٿو وڃي‘ بيحد مقبول ٿيو. ان کان سواءِ سندس ٻين ڪلامن ۾ ’نازڪ اٿئي ناتو نينهن جو سمجھي لاءِ‘، ’تو دلڙي يار ڌتاري‘، ’مون کي ڏونگر ڏورڻ آيو ڪيچي ڪيچ وڃن‘ وغيره بيحد مقبول ٿيا.

حسين بخش خادم هڪ ڀيري محمد فقير کٽياڻ جي مزار تي ٿيندڙ راڳ جي محفل ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ ويو، رات جو حسين بخش خادم ۽ ٻين فقيرن ڳايو وڃايو، پوءِ وڃي سڀ آرامي ٿيا، حسين بخش خادم جي وفات به اتي ۱۲ مارچ ۱۹۹۲ع تي ٿي، هيءُ هڪ سٺي فنڪار هجڻ سان گڏوگڏ هڪ سٺو شاعر پڻ هو، سندس ڏاهپ هن شعر مان پرکي سگھجي ٿي. ويهه نه وڃ منهنجا پرين، منهنجي ساعت ڪين سري، رهه ڪا رات خادم وٽ، ڪامل قرب ڪري، مٿان مٽي وري، پوءِ تون وڃڻ جون وايون ڪجان.


 

حسين بخش خادم

لوڪ راڳي ۽ شاعر

محمد عثمان ميمڻ

سنڌي موسيقي هر دور ۾ منفرد ۽ سگھاري مقام تي بيٺل نظر اچي ٿي. موسيقيءَ جي دنيا گوناگون دنيا آهي ۽ سنڌي راڳ جي حوالي سان سونهاري سنڌ جي فنڪارن انهيءَ ميدان ۾ پاڻ ملهائيندي نه رڳو سنڌ پر سنڌ کان ٻاهر دنيا جهان ۾ به مڃتا ۽ پيار ماڻيو آهي. راڳ جو سفر بيحد محنت طلبيندڙ ۽ رياضت وارو سفر آهي ۽ جن ڏاتيارن انهيءَ ميدان ۾ نالو ڪمايو ته انهن ورهين جي محنت کان پوءِ ئي اها حيثيت حاصل ڪئي آهي. جيتوڻيڪ فنڪار کي هاڻي پنهنجو آواز جھر جھنگ پهچائڻ لاءِ ايتري محنت نه ٿي ڪرڻي پوي، مختلف چئنلس ۽ ميموري ڪارڊ اچڻ بعد فنڪار لاءِ پنهنجو آواز ٻين تائين پهچائڻ تمام سولو ٿي پيو آهي، نه ته ماضيءَ ۾ فنڪار ويچارا پنهنجون عمريون وڃائي ڇڏيندا هئا، تڏهن ئي وڃي ڪا شهرت کين پلئه پوندي هئي. ماضيءَ ۾ ايتريون سهولتون ته ڪانه هيون، جيتريون هن دؤر ۾ نڪري پيون آهن، پر تنهن هوندي به ڪيترن ئي اهڙن فنڪارن پنهنجي محنت سان ايترو ته نالو ڪمايو، جو اڄ به سندن ساڳي ئي اهميت ۽ افاديت آهي. اهڙن فنڪارن ۾ حسين بخش خادم جو نالو سر فهرست آهي. هيءُ پنهنجي دؤر جو مشهور ڪافي گو شاعر ۽ مهان راڳي ٿي گذريو آهي. حسين بخش خادم ولد پير بخش ڀنگر ۱۵ جنوري ۱۹۳۰ع تي ڳوٺ آراضي تعلقي سيوهڻ، ضلعي ڄامشوري ۾ پيدا ٿيو.

حسين بخش خادم شروعات ۾ ڳوٺ آراضي تعلقي سيوهڻ جي پير حبيب الله شاهه جو خدمتگار هو، هيءُ هڪ ڀيري پنهنجي ڳوٺ آراضيءَ کان ڪنهن ڪم سانگي هالا ۾ مخدوم غلام محمد عرف گل سائين جي خدمت ۾ حاضر ٿيو ته مخدوم صاحب جي محبت ۽ شفقت ڏسي هميشه لاءِ هالا ۾ ئي رهي پيو ۽ مخدوم صاحب جي خدمت ۾ رهي فيض ورتائين. گل سائين جي وفات بعد مخدوم طالب المولى جن پنهنجي زمينداريءَ ۾ کيس ڪمدار طور مقرر ڪيو، هو ڪيترائي سال زمينن جي سار سنڀال ڪندو رهيو ۽ مخدوم طالب المولى جو خاص حاضريءَ جو ملازم به رهيو.

حسين بخش خادم کي شاعريءَ جو شوق به مخدوم طالب المولى جي صحبت ۾ پيدا ٿيو. مخدوم صاحب جي صحبت کيس رڱي ريٽو ڪيو ۽ اڳتي هلي هو مخدوم طالب المولى جي حلقئه ادارت ۾ آيو ۽ سندس صحبت ۽ ڪچهريءَ جي اثر هيٺ بيت، غزل ۽ ڪافيون چيائين. شاعريءَ جي تربيت ۽ اصلاح به مخدوم طالب المولى کان وٺندو هو ۽ سندس ئي مشوري سان ’خادم‘ تخلص استعمال ڪيائين. مخدوم صاحب جي صحبت ۾ رهندي ڳائڻ به شروع ڪيائين ۽ پنهنجي توڙي مخدوم صاحب جي شاعري پاڻ ڪمپوز ڪري ڳايائين. سندس ڪلام اڄ به نهايت مقبول آهن، جن ڪلامن کي هن جديد دور ۾ڪيترن ئي نوجوان فنڪارن ريمڪس ڪري پڻ ڳايو آهي.

حسين بخش خادم جي، تخليقي فن جو اظهار سندس ڪافين ۽ غزلن ۾ موجود آهي، سندس شاعري هڪ دردمند دل جي وجداني صدا پڻ آهي. حسين بخش خادم جي آواز ۾ ڪيترائي گيت ريڊيو پاڪستان تان اڄ به نشر ٿيندا رهن ٿا.

هو سٺو ڳائڻو ۽ ريڊيو آرٽسٽ به هو، هن راڳ جي سکيا مشهور راڳي مصري فقير کان حاصل ڪئي، جيڪو مخدوم صاحب جي حاضريءَ جو ڳائڻو هو. حسين بخش خادم يڪتاري تي ويهي، پوءِ وجد ۾ اچي نچي ڳائڻ ڪري ڏاڍو مشهور ٿيو. سندس سوز ۽ جذب وارو والهانه دلڪش آواز هزارين دلين کي ڪيف آور ۽ رنگين فضا ۾ آڻي ڇڏيندو هو، جنهن به محفل ۾ حسين بخش خادم شريڪ ٿيندو هو، اها محفل رنگ ۽ آهنگ سان سرشار رهندي هئي. هن پنهنجي فن جي خوشبوءِ سان سموري سنڌ کي واسي ڇڏيو. سندس زندگيءُ ۾ دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ کيس پنهنجي فن کي متعارف ڪرائڻ جو موقعو مليو. حسين بخش خادم پنهجن ڪلامن کانسواءِ مخدوم طالب المولى جا ڪلام به نهايت ترنم سان ڳائيندو هو، سندس ڳاڻيٽو سنڌ جي سٺن صوفي ڳائڻن ۾ ٿيندو هو. کيس فن جي مڃتا طور ۱۹۸۸ع ۾ لطيف ايوارڊ سميت ٻيا ڪيترائي انعام ۽ اعزاز مليا. حسين بخش خادم جا ڪيترائي ڪلام مشهور ٿيا، سندس آواز ۾ سندس ئي هڪ غزل ’تنهنجي هجر فراق ۾ ماهه لقا، نه ڪي غم ٿو وڃي نه ڪي دم ٿو وڃي‘ بيحد مقبول ٿيو. ان کان سواءِ سندس ٻين ڪلامن ۾ ’نازڪ اٿئي ناتو نينهن جو سمجھي لاءِ‘، ’تو دلڙي يار ڌتاري‘، ’مون کي ڏونگر ڏورڻ آيو ڪيچي ڪيچ وڃن‘ وغيره بيحد مقبول ٿيا.

حسين بخش خادم هڪ ڀيري محمد فقير کٽياڻ جي مزار تي ٿيندڙ راڳ جي محفل ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ ويو، رات جو حسين بخش خادم ۽ ٻين فقيرن ڳايو وڃايو، پوءِ وڃي سڀ آرامي ٿيا، حسين بخش خادم جي وفات به اتي ۱۲ مارچ ۱۹۹۲ع تي ٿي.

ويهه نه وڃ منهنجا پرين، منهنجي ساعت ڪين سري،

رهه ڪا رات خادم وٽ، ڪامل قرب ڪري،

مٿان مٽي وري، پوءِ تون وڃڻ جون وايون ڪجان.


 

فقير حسين بخش خادم

حاڪم علي جسڪاڻي/نوشهرو فيروز

سنڌ سونهاري فن سان ڀري پئي آهي. حسين بخش خادم به فن جي دنيا ۾ پنهنجو پاڻ مڃرايو.

حسين بخش ۱۵ جنوري ۱۹۳۰ع تي ڳوٺ آراضي، تعلقي سيوهڻ ۽ ان وقت جي ضلعي دادو ۾ پير بخش ڀنگر جي گھر ۾ جنم ورتو. ان وقت اهو ڪنهن نه ٿي ڄاتو ته؛ حسين بخش اڳتي هلي سنڌ جو هڪ وڏو فنڪار ٿيندو.

حسين بخش کي ڳائڻ جو تمام گھڻو شوق هو. ان ئي شوق پوري ڪرڻ لاءِ، هالا آيو ۽ مخدوم غلام محمد جي خدمت ۾ حاضر ٿيو. مخدوم صاحب جي محبت ۽ اخلاق کان تمام گھڻو متاثر ٿيو ۽ هميشه لاءِ اتي ئي ترسي پيو. مخدوم صاحب جي وفات کان پوءِ مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ جي صحبت ۾ آيو.

حسين بخش ڳائڻ سان گڏ، هڪ سٺو شاعر به هو. شاعريءَ جو شوق مخدوم طالب الموليٰ جي صحبت ۾ پيدا ٿيس. حسين بخش خادم محفلن ۾ تمام گھڻو ڳائيندو هو. حسين بخش کي “خادم” جو تخلص به مخدوم طالب المولى ڏنو ۽ شاعري ۾ به اصلاح مخدوم صاحب ڪندو هو، جيڪو سندس مرشد ۽ استاد به هو.

حسين بخش خادم ڳائڻ جي سکيا سنڌ جي مشهور فنڪار مصري فقير کان ورتي. هو جڏهن به ڳائيندو هو ته يڪتاري جي تار وڄڻ تي وجد طاري ٿي ويندو هئس.

سال ۱۹۵۰ع ۾، جميعت شعراء ڪانفرنس ۾، يڪتاري تي ڳائيندڙ فنڪارن کي گھرايو ويو. اتي حسين بخش خادم کي به سڏايو ويو ھيو جتي ھن، مخدوم صاحب جي ڪافي ڳائي، پهرين پوزيشن ماڻي هئي.

حسين بخش خادم، مخدوم صاحب جي معرفت ۱۹۵۵ع تي ريڊيو پاڪستان ڪراچي ويو، جتي ان وقت جي پروڊيوسر علي محمد چاڳلا کانئس آڊيشن ورتو. ان کان پوءِ ان ئي سال ۾ ريڊيو اسٽيشن حيدرآباد قائم ٿي. ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي هن تمام گھڻا ڪلام رڪارڊ ڪرايا، پر هڪ ڪلام طالب المولى جي شاعري؛ “تو دلڙي يار ڌتاري. الا ڪانه ڪيئي پوئواري” گهڻو مشهور ٿيو.

فقير صاحب ٻاهرين ملڪن جا دورا ڪري، فن جو مظاهرو ڪيو. سال ۱۹۷۲ع جرمني، ۱۹۸۵ع ۾ اٽلي، هالينڊ ۽ فرانس، ۱۹۸۶ع ۾ آمريڪا ۾ فن جو مظاهرو ڪيو.

فقير حسين بخش يڪتاري ۽ چپڙي تي ڳائڻ جو ماهر هو. حسين بخش خادم، سنڌي فلم “تنهنجون ڳالهيون سڄڻ” ۾ شيخ اياز جا چيل ٻول ڳايا؛ “مڻيار آيو، مڻيار .....”

حسين بخش خادم کي ايوارڊ به مليا؛ جن ۾ لطيف ايورڊ ۱۹۸۸ع ۽ سهڻي ايوارڊ شامل آهن.

فقير حسين بخش ۱۹۹۲ع تي فقير ولي محمد خان لغاري جي ميلي تي ڳائڻ ويو، جيڪو ۴ رمضان تي لڳندو آهي. اتان ئي وري مشهور شاعر محمد فقير کٽياڻ جي درگاه تي ڳائڻ ويو. اتي ڳائي وڄائي، فقير جڏهن آرامي ٿيو ته صبح جو نه اٿيو. سندس روح پرواز ڪري چڪو هو.

حسين بخش خادم ۶۲ سالن جي عمر ۾ ۱۲ مارچ ۱۹۹۲ع تي وڇڙي ويو.


 

فقير حسين بخش ”خادم“ سروري

(۱۵ جنوري ۱۹۳۰ع. ۱۲ مارچ ۱۹۹۲)

مير حاجن مير

فقير حسين بخش خادم جي والد جو نالو پير بخش ڀنگر هو. فقير حسين بخش قادم تعلقي سيوهڻ جي ڳوٺ آراضي ۾ پيدا ٿيو. پرائمري تعليمي آراضي مان ئي حاصل ڪيائين. پاڻ ننڍي هوندي کان شاعري سان شگفته رکندو هو. سندس والد پير بخش ڀنگر شوقيه ڳائڻو هو. فقير جا ڀاڳ پوءِ جاڳي پيا جڏهن مخدوم طالب موليٰ وٽ هالا ۾ پهتو، شاعري ڪرڻ سان گڏ ڳائيندو به هو.

ياد رفتگان جو مصنف لکي ٿو ته: آراضي ۾ سيد حبيب الله شاھ رهندو هو. سندس اٽڪل هڪ هزار ايڪڙ کان مٿي زمين هئي. جا سندس انتقال کان پوءِ سندس نياڻي کي ملي. (ان نياڻي فقير حسين بخش کي پاليو هو) بي بي صاحبه حسين بخش کي مخدوم غلام محمد عرف گل سائين ڏي ڪم سان موڪليو ان وقت حسين بخش بنا ڏاهڙي مڇ جي هو. گل سائين جي محبت ۽ شفقت ڏسي همشه لاءِ هالا ۾ رهي پيو. “(طالب موليٰ، ۲۰۱۲: ۲۱۳)

حسين بخش جو ويجهو عزيز ملازم سروري پڪو پختو ڪافي گوشاعر، صاحب ڪتاب، ۽ مخدوم سرور نوح جي خاندان جو عقيدت مند هو، اڪثر هالا ۾ ايندو هو ۽ طالب الموليٰ سائين جن جي بزم طالب الموليٰ، جي صحبت ۾ رهيو سو حسين بخش به ان جي عقيدتمندي جي سڳي ۾ سرندو طالب الموليٰ جي سائين جي خدمت گذاري ۾ مصروف ٿي ويو. (هالائي، ۲۰۱۷: ۲۱۴)

فقير حسين بخش خادم جي گائڪي.

 فقير حسين بخش جڏهن هالا ۾ پهتو ته مخدومن جو مريد ٿيو ۽ طالب الموليٰ سندس مٿان شفقت جو هٿ رکيو. زمين جو سڄو ڪم ڪار هن حوالي ڪيو ويو. کيس تخلص به طالب الموليٰ، ”خادم”ڏنو ۽ سندس شاعر جي اصلاح به ڪرڻ لڳس. درِ ناياب ياد رفتگان جو مصنف لکي ٿو ته:

قبلا و مرشدنا والد صاحب جن جي انتقال بعد کيس زمينداري سنڀال لاءِ ڪمدار طور زمين تي موڪليم ۽ ڪيترن ئي سالن بعد کيس پاڻ وٽ حاضري ۾ رکيم، هو صرف ڪافي گوشاعر هو. ۽ ڪافي ۾ پنهنجو نالو، استعمال ڪندو هر، مون کيس ”خادم”تخلص ڏنو ۽ غزل لکڻ تي آماده ڪيو سندس غزل جي اصلاح آئون ڪندو هئس ۽ اهو سلسو آخر تائين جاري رهيو، حسين بخش فقيري اختيار ڪئي ان ڪري فقير حسين بخش سڏجڻ لڳو (طالب موليٰ، ۲۰۱۲: ۲۱۳)

فقير حسين بخش خادم جو ريڊيو تي پهچڻ.

هن وقت سوشل ميڊيا جو دؤر آهي. پر اڳئي دؤر ۾ ريڊيئي جي تمام وڏي اهميت هئي. خبر چارن سان گڏ شاعري موسيقي جا پرگرام مشهور هوندا هئا. هزارن جي تعداد ۾ ريڊيو تي روزاني خط ويندا هئا. ريڊيو اسٽيشن سرڪاري هونديون هيون هاڻ پرائيوٽ به آهن. فنڪار جو آواز جڏهن ٻڌندڙن تي پهچندو ته باغ بهار ٿي ويندا آهن ريڊيو فنڪارن جا ڏکيا آڊيشن هوندا هئا. فقير حسين بخش خادم پنهنجي سريلي گائگي جي ڪري مخدوم طالب المولا جي ڪئيرآف ۱۹۵۴ع تي ريڊيو پاڪستان ڪراچي تي پهچي راڳ جو سفر شروع ڪيو، ۾ ريڊيو حيدرآباد تان عوامي گائڪ طور ۱۹۵۵ع ۾ آن آئيرٿيو.

”هو ڳائڻو به هو. کيس ريڊيو ٽي وي تي به مون موڪليو. نيٺ ڪلچر ڊپارٽمينٽ کيس پاڪستان کان ٻاهر مختلف ملڪن ۾ موڪليندي رهي (طالب الموليٰ، ۲۰۱۲: ۲۱۳)

 فقير ريڊيو تي پهچڻ سان استاد محمد جمن جو شاگرد ٿيو. ڌاڳو ٻڌي سُر، لئه تال سکڻ لڳو. هي ريڊيو پاڪستان جو Approved شاعر به هو فنڪار به هو. فقير ميلن ملاکڙن شادين شادمانن ۾ ڳائيندو وتندو هو.

سنڌ جي مايا ناز شاعرن جي شاعري ڳائيندو هو. سندس گائگي جي باري ۾ سوز هالائي ٿو ته ”جيتري قدر حسين بخش جي گائيڪيءَ جو تعلق آهي. ان لاءِ اهو چوڻ ضروري آهي ته سنڌي موسيقي جي سدا رنگي ۽ هالا وارا لهجي جو سريلو گائڪ آهي. اوچن سرن ۽ عام فهم آسان راڳڻين ۽ تالن ۾ ڳائڻ جو هنر به رکي ٿو. هن جيڪي به ڳايو سو قبول ٿيو محفلن جي زينت بڻيو، ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جي لائيبريريءَ ۾ سندس ڳايل ڪافيون وڏي تعداد ۾ موجود آهن ۽ لائيو ڪلامن جو ته ڪو ڪاٿو ئي ڪونهي. (هالائي، ۲۰۱۷: ۲۱۵).

حسين بخش جيتوڻيڪ ريڊيو فارم ۽ Composition فارم ۾ به لاتعداد گيت دوگانا، ڪورس ريڪارڊ ڪرايا، فقير حسين بخش، فقير عبدالغفور سان سنگ ۾ گڏ ڳائيندا هئا. سندن محفلون مجلسون ميلن ملاکڙن درگاهن شادين، تي مچيون پيون هونديون هيون. فقير جڏهن مخدوم طالب الموليٰ جي ڪافي ”تودلڙي يار ڌتاري پوءِ ير ڪانه ڪئي پوئواري”ڳائي ته ڏيھ پرڏيھ ۾ مشهور ٿي ويو. هر محفل ۾ ان ڪلام جي فرمائش هوندي هئي.

سندس همعصر ۾ سيد سلميان شاھ. استاد محمد ابراهيم. فوٽو زرداري. وحيد علي، سينگار علي سيلم، مائي ڀاڳي، روبينه قريشي جلال چانديو، استاد محمد يوسف، علڻ فقير مصري فقير ڍول فقير، فقير عبدالغفور، استاد فيورز گل ۽ ٻيا ڪئي نامور فنڪار هئا. جيڪي تمام گهڻو مشهور هئا، هن پنهنجي گائڪي جي مٺي، سريلي، دلفريب، منصور جدا گانه انداز هئڻ ڪري پاڻ مڃايو. ريڊيو، ٽيلويزن ۽ عام محفلن ۾ وڏي چاھ سان ۽ قدرداني سان ٻڌو ويندو هيو. سندس آواز جو چس رس درديلو، من کي موهيندڙ وڻندڙ هو.

۱۹۶۰ع ”جي ڏهاڪي ۾ حسين بخش موسيقي تي ايترو عبور حاصل ڪري ورتو جو هو ميڙن ۾ ڳائيندو هو. جميعت شعراءُ ڪانفرس جي موقعي تي جڏهن يڪتاري جي ۱۰۰ فنڪارن پنهنجي فن جو مظاهرو ڪيو ته حسين بخش مخدوم طالب الموليٰ جي هي ڪافي ڳائي. ”تو دلڙي يار ڌتاري پو ير ڪانه ڪئي پوئواري”جنهن تي کيس انعام مليو“. (آمنه اعظم علي، ۲۰۱۱: ۱۹۹)

 فقير پنهنجي شاعريءَ کان سواءِ سنڌ جي ٻين شاعرن جي شاعري پڻ وڏي شوق سان ڳائيندو هو. جن ۾ هي ڪلام مشهور هئا.

 ذات نسور نور (مصري شاھ)

”آءُ ڪانگا ڪر خبراها”( بچل فقير)

”تو دلڙي يار ڌاتاري (طالب الموليٰ)

”دل ڏاڍو ٿي سڄڻ توکي ساري”(طالب الموليٰ)

”آيو يار ڏنئين دلداريون”(طالب لموليٰ)

فقير حسين بخش پاڪستان کان سواءِ ڪيترن ئي ۾ پنهنجي فن جي مظاهرو ڪري پاڻ مڃايو. آمريڪا، فرانس، جرمني وغيره. گائڪي جي حوالي سان ڪيترائي ايوارڊ شيلڊون ۽ سرٽيفيڪٽ، ۽ روق انعام مليس، شاھ لطيف ايوارڊ، سهڻي ايوارڊ قلندر لعل شهباز ايوارڊ ۽ پڻ ٻيا ڪيئي مليس.

فـقير حسين بخش خادم جي شاعري

فقير حسين بخش جي شاعري استاد بخاري وانگي عوامي لهجي واري آهي. نه ئي فارسي زده آهي نه ئي جديد آهي. هڪ عوامي اسلوب ۾ آهي. ليڪن ڪٿي ڪٿي فارسي، جا لفظ استعمال ڪيا اٿس جيئن ماھ، ابرو، گلرنگ، مطيع، زلف، سياھ، بستان، خار، ميخوار،. نسيم، بدخشان وغيره ان هوندي به سندس شاعري ٻهراڙي جا چٽا پٽا، عڪس ڏيئي رهي آهي. ٻوليءَ جي لساني، نماڻي، درد جي ڪيفيت، اهڙي ته سادي نموني پيش ڪئي اٿس. جو هر ٻڌندڙ ۽ پڙهندڙ تي حاوي ٿي وڃي ٿي.

”تنهنجي هجر فراق ۾ ماھ لقا، نه ڪي غم ٿو وڃي نه ڪي دم ٿو وڃي“

مان تولئه رئان صبح ۾ سا، نه ڪي غم ٿو وڃي نه ڪي دم ٿو وڃي“

همراز رفيقن کي مون چيو هڪ ڀيرو دلبر کي آڻيو

افسوس جي هڪڙي به ڪئي نه ها. نه ڪي غم ٿو وڃي نه ڪي دم ٿو وڃي“

اڃان سيني ۾ ڪجھ دم آهي، ۽ اکيون واٽ نهارين ٿيون

محبوب مٺا منهنجو توکان سوا، نه ڪي غم ٿو وڃي نه ڪي دم ٿو وڃي“

هي ’خادم‘ درد ڪهاڻي آ، ڪو درد وارو ئي سمجهي،

بي درد کي آهي خبر نه ڪا، نه ڪي غم ٿو وڃي نه ڪي دم ٿو وڃي“

”هالا ۾ بز ۾ طالب الموليٰ جو قيام ٿيو ۽ هالا ۾ شاعرن ۽ راڳ رهاڻين جو سلسلو به شروع ٿيو، حسين بخش ۾ ان شاعراڻي سٿ ۾ شامل ٿي ويو. جنهن ۾ ناميارا باڪمال شاعر موجود هئا. اهو طرحي مشاعرن وارو دؤر هو. سو حسين بخش به معتد طرحي ۽ غيري طرحي غزل هالا واري لهجي ۾ لکي. جڏهن ترنم سان ڪڏهن بنا ترنم پيش ڪري، حلقه احباب کان پاڻ مڃائي ورتو. ۽ سندس ڪجھ غزل رسالي فردوس هالا م به ڇپيا اهڙي طرح حسين بخش بزم طالب الموليٰ جي شاعرن ۽ راڳ رهاڻين ۾ شرڪت ڪري پڪو پختو شاعر ۽ گائڪ بڻجي ويو. هالائي. “(۲۰۱۷: ۱۴) سندس شاعري ڳوٺ جهر جهنگ، شهر، واهڻ وستين ۾ عام ٿيندي وئي.

ويھ، نه وڃ او منهنجا مٺا

اڃا توسان دل جون ڳالهيون ڪرڻيون اٿم

عشق ٻاراِڻي راند ته ناهي،

سور سڄڻ مون سوين سٺا

اڃا توسان دل جو ڳالهيون ڪرڻيون اٿم

هينئر ئي آئين هينئرو وڃين ٿو

ڏينهن نه اڳ مون اهڙا ڏٺا

اڃان توسان دل جون ڳالهيون ڪرڻيون اٿم

عشق جي تابش ڏاڍ تپايو

باهيون برھ جون ٻرن بٺا،

اڃا توسان دل جون ڳالهيون ڪرڻيون اٿم

’خادم‘ ساوڻ مينهن وسي جيئن

تيئن اکين مان ڳوڙها وٺا

اڃا توسان دل جون ڳالهيون ڪرڻيون اٿم

غلام محمد گرامي لکي ٿو ته: ”خادم”مشهرو معروف ڳائڻو ۽ ريڊيو آرٽسٽ آهي. سندس سوز ۽ جذب وارو ولهانه، ۽ دلڪش نواز هزارن دلين کي ڪيف آور ۽ رنگين فضا ۾ آڻي ٿو، طبيعت ۾ سوز ۽ جذب، ڪيف ۽ ذوق جام اٿس پاڻ نه رڳو سٺو ڳائڻو آهي. پر ان سان گڏ سٺو شاعر پڻ آهي. سندس تخليقي فن جو اظهار سندس ڪافين ۽ واين ۾ موجود آهي. سندس شاعري هڪ درد مند دل جي وجد آواز جدا آهي گرامي. “(۱۹۹۰: ۴۴۲)

عشق محبت وارو قدم،

 اٿئي ياد صنم يا وسري ويئي،

ڪيئن تنهنجي اڳيان منهنجو سر هو خم،

 اٿئي ياد صنم يا وسري ويئي.

ڪڏهن مون کان وئين تون محب رسين،

تڏهن حالت منهنجي ڪهڙي ڏٺئي،

جيئن منهنجو اچي ويو رب تي دم،

اٿئي ياد صنم يا وسري ويئي.

ڪڏهن ڳوڙها ڳلن تان اُگهندو هئين،

اڄ شوخ نظر سان مون کي ڏسين،

ڪنهن وقت ۾ حال جو هئين محرم

اٿئي ياد صنم يا وسري ويئي

ڪڏهن روئي روئي ماه لقا،

تو رت پنهنجي سان خط ٿي لکيا

اڄ هٿ نه اچئي ٿو مس نه قلم

اٿئي ياد صنم يا وسري ويئي.

ڪڏهن منهنجي روئڻ تي رئندو هئين،

اڄ ”خادم”کي وئين روئندو ڇڏي،

جو منهنجو غم، سو تنهنجو غم،

اٿئي ياد صنم يا وسري ويئي.

فقير حسين بخش بنيادي طور ڪافي گو شاعر هو پر ان غزل ۽ بيت، منقبت، وائي، نعت، سهڻي نموني لکي آهي، بيت سنڌ جي اصلوڪي، اساسي صنف آهي. سنڌي شاعري جي شروعات بيت سان ٿئي ٿي. بيت صوفيانه مجاز حقيقت، عارفانا، اظهار جو بهترين نمونو رهيو آهي. ٿورين سٽن ۾ مقصد واري ڳالھ هن صنف ذريعي چئي سگهجي ٿي. فقير حسين بخش بهترين بيت لکيا آهن. هوئن به هو لوڪ ڳائڻو هو، ڳائڻ جي شروعات بيت سان ڪئي ويندي آهي. جنهن کي ڏوهيڙو به چئبو آهي. فقير حسين بخش بيت، فني فڪري حوالي سان سگهارا لکيا آهن.

ويھ، نه وڃ منهنجا پرين، اي جاني جيءَ جيار،

ماکي مصري کان مٺا، محبت سندا منٺار

’خادم‘ کي ڪيئن ٿو ڪري دلبر وڃي ڌار

مونسان ڪري پيار، پو ته وڃڻ جون وايون ڪجان.

ويھ، وڃ نه منهنجا پرين، تون وڃڻ نه وار

اٺئي پهر عجيب آھ ساجن تنهنجي سار،

مان وڃان پرئين پار، پو تون وڃڻ جون وايون ڪجان.

ويھ، وڃ نه منهنجا پرين رھ تون هڪڙي رات،

اڃان پوري ڪانه ٿي، آ برھ واري بات،

’خادم‘ چوي رھ تون ڪريون مٺڙي ملاقات،

پرھ ڦُٽي پرڀات. پو وڃڻ جون وايون ڪجان.

ويھ، وڃ نه منهنجا پرين، تون لالڻ وڃ نه لڏي،

ڇاجي ڪري مون کي، هتي ٿو وڃين يار ڇڏي،

مون کي مئيءَ گڏي، پوءِ تون وڃڻ جون وايون ڪجان.

ويھ، وڃ نه سهڻا پرين، منهنجو تو ۾ ساھ،

پورو ٿئي پساھ، پو تون وڃڻ جون وايون ڪجان.

ويھ، وڃ نه منهنجا پرين، گهڙي پل ترس،

توکي آءُ نه ڇڏيان جي هلي منهنجو وس،

’خادم‘ چوي منهنجا پرين، برھ ڪيو بيوس،

ڪري گولي گس، پو تون وڃڻ جون وايون ڪجان.

ويھ، وڃ نه منهنجا پرين، منهنجي ساعت ڪين سري،

رھ ڪا رات ’خادم‘ وٽ ڪامل قرب ڪري،

مٿان مٽي وري، پو تون وڃڻ جون وايون ڪجان.

فقير حسين بخش بنيادي طور ڪافي جو شاعر آءٌ مٿي اهڙو اظهار ڪري چڪو آهيان ۽ ڪجھ ڪافيون پڻ ڏنيون آهن. سندس استاد طالب الموليٰ ڪافيءَ جو مشهور شاعر هو. طالب الموليٰ ڪافي جي باري ۾ لکي ٿو ته: ڪافي، اسان جي ديسي شاعري جي اعليٰ صنف آهي، هن ۾ اهي مضمون، اهي احوال، اهي بيان ۽ ذڪر ڪرڻ گهرجن جيڪي اسان جي رسمن ۽ رواجن ۾ آهن. پوءِ سرکڻي سسئي پنهون هجي يا سهڻي ميهار ليلا چنيسر هجي مومل راڻو هجي، يا عمر مارئي وغيره ڪٿي انهن محبتن جا حال بيان ٿيندا ۽ ڪٿي انهن جي نالن ۾ پنهنجون حقيقتون ۽ حالتون اينديون ڪٿي، مڙساڻي زبان ڪم ايندي ۽ ڪٿي عورتاڻي، مڙساڻي زبان ۾ مضمون جو ڍنگ. طلبون، صدائون ۽ الجائون پنهنجي نموني جون هئڻ گهرجن ۽ عورتاڻي زبان ۾ مضمون جو رنگ پنهنجي نموني جو هجي جيڪڏهن ٿورو ئي انهن رنگن ۽ ڍنگن ۾ فرق اچي ويو ته ڪافي جي ستياناس ٿي ويندي. (طالب الموليٰ، ۲۰۱۴: ۷۹)

فقير حسين بخش ڪافي صنف ۾ پنهنجي الڳ ٿلڳ حيثيت رکي ٿو. هو لفظن جو جادو گر آهي. سادا لفظ ٻولي يا چونڊي، اهڙي طرح استعمال ڪيا آهن جو محسوس نه ٿو ٿئي. ڪي لفظ ڌاريا يا اوپرا يا ڳرا آهن.

سندن ٻوليءَ جو استعمال عوام جي دلين وٽان آهي. وجد به تاري ٿئي ته سڪون به ملي ٿو، گهڙي پل لاءِ ماڻهو گم به ٿي وڃي ٿو.

کنيون نيڻ نازڪ جڏهن ٿو نهارين

ته هلندا هزارين برن ۾ بِهارين

عجب تن جي عادت ڪيان ڳالھ ڪهڙي،

مسيحائي اڳ مون ڏٺي ڪانه اهڙي،

جياريو ٿو جيارين ۽ مارين جيارين

جي ڪنهن مهل سُهڻا هو اڏري اچن ٿا،

ته دل جي پکيءَ کي سو وٺيو وجهن ٿا.

تون هڪ مهل ٻئي باز ڪٽين ٿو اڏارين.

اصل کان ئي اڻ موٽ بي پير آهن‏،

خداشل ڪري ڪين ڪنهن تي هو ڪاهن،

اهي خوني ڌاڙيل ڪئين ٿو ڌتارين.

انهن ۾ وڏا گوڙ ۽ شور آهن،

ڪي ڌاڙي تي نڪتا وڏا چور آهن،

ڏڪايو ڇڏين جي ٿو ابرو اُلارين.

تون هڪڙو به ڍڪ ڏين آ مون لاءِ غنيمت،

مٺا منهنجي لاءِ بس اهائي آ نعمت.

تون پنهنجي اکين مان جي ’خادم‘ کي پيارين.

جاڳ مسافر! ويل وهاڻي،

 سچ جو سودو سار سنڀار،

دم گهڙي جو آهين مهمان، ، ڪر سجاڳي ٿي نه نادان،

ڪر اٿي ڪا قرب جي ڪار، ڇو تون آهين ڄاڻي واڻي

 جاڳ مسافر! ويل وهاڻي

ڪو پا ڪپر تي بيٺو آهين، عشق جي دريا ۾ پير نه پائين،

هڻ ٽٻي تون لنگھ هن پار، ساجن ٿيندءِ سير ۾ ساڻي،

 جاڳ مسافر! ويل وهاڻي

ننڊ فٽي ڪر يار نڀاڳي، جانب کي ڏس جاڳي جاڳي،

دل جو دلبر دم نه وسار، ڄاڻو ٿي، هن ڄاڻ کي ڄاڻي،

 جاڳ مسافر! ويل وهاڻي

واٽ تان ورنديون خيال جون کوٽيون، محبت واريون ڪينڪي موٽيون

واڳون وحدت ڏي ئي وار، محبت جي هن موج کي ماڻي.

 جاڳ مسافر! ويل وهاڻي

’خادم‘ ٿي جنهن يار کي ڳوليو، تن جي دل ۾ ٻهڳڻ ٻوليو،

دل جو دلبر ناهي ڌار، بحر مٿان ڪرين پاڻي پاڻي،

سنڌ ۾ غزل جي شروعات ڪلهوڙن جي دور ۾ نور محمد خسته کي سنڌي غزل جو پهريون شاعر چيو وڃي ٿو، سانگي گدا، سچل، خليفي، ۽ ٻين شاعرن غزل سان خوب نڀايو جڏهن بچي راس رات ٿيو. اياز استاد نارائڻ شيام، تنوير، امداد حسيني، وفا ناٿن شاهي، وفا پلي، محسن ڪڪڙائي، نياز همايوني، ۽ ٻين غزل سان خوب نڀايو. سنڌي شاعري ۾ غزل اها صنف آهي. جا علم عروض تي لکي ويندي آهي. بيت، وائي، ڪافي، ڇند تي لکي ويندي هئي. هاڻ اڪثر سنڌي شاعري جو ن صنفون علم عروض ۽ ڇند وديا تي لکيو وڃن ٿيون. حسين بخش خادم غزل سان نڀاءُ ڪيو آهي. ٻولي سادي سلوڻي، نفيس استعمال ڪئي اٿس. غزل جي اصول کي اڳيان رکي لکيو اٿس. ان مان معلوم ٿئي ٿو ته فقير حسن بخش غزل جو سريلو شاعر هو. جنهن غزل کي غزل جي رنگ ۾ ئي لکيو آهي.

بهار ۾ گلن کي مون بيقرار ڏٺو،

قرار ڪنهن کي نه هو، رڪو حالِ زار ڏٺو

نسيم – صبح پريشان، گلن ۾ درد ولم

چمن اداس ۽ هر گل کي تارتار ڏٺو

سواءِ غرض تي ڪٿي دوستي رهي آهي

گهڻو مون وقت زماني کي باربار ڏٺو

اي دوست هن جي لبن جي مان ڇا ڪيان تعريف

مون يار لعل بدخشان به شرمسار ڏٺو

نظر جو تير هڻين خوش ٿي بار بار کلئين

اسان لاءِ موت، اوهان ٿي صنم،. شڪار ڏٺو

اسان کي عشق و محبت ملي ويا ورثي ۾

اکيون کليون ته اسان بس رڳوئي پيار ڏٺو

اهو ڪٿي آهي جو دل ۾ راز کي سانڍي

اڃا ته هڪڙو به اهڙو نه رازدار ڏٺو

الائجي ڪيائين ڀلجي ويو غير وٽ ”خادم“

خدا جو شڪر جو ماحول ساز گار ڏٺو

منهنجي حال جو محرم نه ڪوئي، مان بيمار جدا بيزار جدا

ڇو مون کان رقيبو ٿا منهنجو ڪيو، ديدار جدا دلدار جدا

هڪ درد الم ٻيو سور ۽ ٽيو آهِ فغان نٿو نڪري دم

ٿي پنجون ويو مون کان هوت هينئين جو هار جدا، منٺار جدا

هي منهنجي غريبي اميري اٿو ۽ منهنجي فقيري اميري اٿو

هي ٿيا منهنجا مُطيع سڀئي ادا نادار جدا، زردار جدا

ٿو زلف سياھ جو دام وجهي، دل قيد ڪري ٿئي ڏنگ هنيا

پيو هڪڙي اڇل سان منهنجي ڳلي ۾ ڄار جدا ۽ مار جدا

ڇو دور خزان جو واءُ وريو، بستان سڄو ويران ٿيو

هن حالت کي ڏسندي ٿي رنا گل، خار جدا، گلزار جدا

اي محب مٺا الله ڪري شل واءُ نه توکي ڪوسو لڳي

تون ملڪ سڄي جو آهين سهي، سردار جدا پڳدار جدا

منهنجو فال نه آهي حال آهي، منهنجي حال ۾ ڪوئي خيال آهي

منهنجي مستي کان مدهوش ٿيو، ميخوار جدا، سرشار جدا

منهنجو صبر سمورو راز اٿو منهنجو راز سمورو ساز اٿو

منهنجي ساز ۾ ڪو آواز اٿو، انڪار جدا اقرار جدا

فقير حسين بخش قادم جا ڪئين ڪلام مشهور هيا. سنڌ جي وڏن وڏن فنڪارن سندس شاعري کي بهترين انداز سان ڳايو آهي. استاد محمد يوسف، استاد فيروزگل، مصري فقير، استاد محمد جمن، وحيد علي، صادق علي، جلال چانڊيو، فقير عبدالغفور، حميرا چنه، فوٽو زرداري، ضامن علي، ۽ بين کوڙ سارن فنڪارن سهڻي انداز سندس ڪلام ڳايو آهي. مختصر وچور هن ريت آهي.

”منهنجا محب مٺا، تنهنجي ملڻ لاءِ مون وڏا وس ڪيا“

(استاد محمد يوسف)

عشق محبت وارو قدم اٿئي ياد صنم يا وسري ويئي

 (فوٽو زرداري)

تنهنجي هر فراق ۾ ماھ لقام نڪي غم ٿو وڃي نڪي دم ٿو وڃي

(صادق علي)

ويھ نه وڃ، منهنجا مٺا اڃا توسان دل جون ڳالهيون ڪرڻيون اٿم

 = = = = = =(مصري فقير)

(حميره چنا) = = = = = =

(فوٽو زرداري) = = = = = =

(ضامن علي) = = = = = =

(استاد محمد يوسف) = = = = = =

هي اکڙيون ٿڪي پيو ن نهاري نهاري (محمد جمن)

منهنجي محب مٺا منٺار شل ڪو رحم پوئي (وحيد علي)

حياتي حسن وارن سان گذرڻ ڪو گناھ ڪونهي (وحيد علي)

فقير صاحب جي شاعري ايتري ته مقبول ۽ مشهور هئي جو هڪ ڪلام پنج پنج فنڪار ڳائيندا هئا. ڳائڻ وارا پنهنجي دؤر جا وڏا گائڪ هوندا هئا. جهڙي تهڙي شاعري کي ککندا به نه هئا. پر حيسن بخش جي شاعري دل سان ڳائيندا هئا. فقير صاحب جي غزل ۾ فارسي آميزش به نظر اچي ٿي. بزم شعراءِ ۾ طرح تي لکيو ويندو، فقير کي به بزم شعراءِ جو اثر نظر اچي ٿو. ليڪن هن فيض بخشاري وانگر سڄو جو سڄو غزل فارسي ۾ نه لکيو آهي. ليڪن ڪٿي ڪٿي لفظ استعمال ڪيا اٿس غزل بابت اياز قادري لکي ٿو ته

”غزل لفظ عربي مان نڪتل آهي ۽ تغزل جي معنيٰ آهي. عشق جون ڳالهيون ڪرڻ خاص طرح سهڻن سان، پر هڪڙو ٻيو لفظ آهي. جيڪو آهي ’لخزالا‘ جنهن جي معنيٰ آهي ڪَتڻ يا وٽڻ (ڌاڳي کي ڪتڻ يا وٽڻ) مون کي پڪ آهي ته ’لغزل‘ جو لفظ اصل ۾ انهيءَ غزالا لفظ مان ورتو ويو آهي. ڌاڳي ڪتڻ يا نوڙي وٽڻ واري معنيٰ ان کان پوءِ اختيار ڪئي وئي آهي. هڪ ٻيو لفظ غزل آهي. جنهن جو اُچار يورپ وارا غزيل ڪندا آهن. ڪن ماڻهن جو خيال آهي ته عزل ان لفظ مان نڪتو آهي پر جيڪڏهن ان مان نڪتو آهي. (يقيناً) ان مان نه نڪتو آهي. تنهن هوندي به هرڻي (غزلا) جي اڇانگ ۽ غزل گوشاعر جي خيالن جي پرواز ۾ ڪافي مناسب آهي، قادري، ۱۹۸۴: ۶)

مون کي سدائين تنهنجو هي انتطار آهي

توکي ڏسڻ لاءِ دلبر دل بي قرار آهي

لالا جا گل ڪري پيا لالي ڏسي لبن جي

هر گل ۾ خوشبو تنهنجي تو ۾ بهار آهي

توکي گهڻو وساريم پر پوءِ به صاد آئين

مون کان نه ٿو جو وسري سو تنهنجو پيار آهي

پياري پرينءَ جو پاتو بيهوش ٿي ويس مان

پر هوش کي سنڀاليم، ٻانهن جو هار آهي

دلبر مريض عشق جو ذارن داوا به تو وٽ

منهنجو علاج دلبر، تنهنجو ديدار آهي

ڪروڙين حسين آيا، محبوه کي ڏسڻ لاءِ

سڀني چيو ته سهڻو ’خادم‘ جو يار آهي

اوهان سان جَب هر هر مٺا نه ڪبي

خطا معاف ٿئي اهڙي خطا واري نه ڪبي

مون تنهنجي پير تي هڪڙي چمي ڏني تون وڙهئين

جا ڳالھ توکي ڪري ٿي خفا، وري نه ڪبي

اسين ته آهيون پيارا اوهان جي قرب ۾ مئا

مٺا تون چئه مُئي جي گلا وري نه ڪبي

خدا جو شڪر جو آخر اوهان جي دل ته ڀني

اوهان زبان سان چئو ٿا، جفا وري نه ڪبي

بنا گهرائي اچي وياسون، ناگورا لڳئه

خطا ڪا اهڙي اي ماھ لقا، وري نه ڪبي

شهيد ناز کي بي گور بي ڪفن جو ڏٺئي

خدا سان واعدو ڪيائين ادا وري نه ڪبي

اسان جي روڄ تي سيلاب ٿو جهان ۾ اچي

فراق، يار ۾ آھ وبڪا وري نه ڪبي

حنا بجاءِ تون خادم جو خون لاءِ پرين!

تمنا پوري ٿئي، التجا وري نه ڪبي

فقير حسين بخش خادم سنڌي فلمن م پلي بيڪ سنگر تي ڪلام ريڪارڊ ڪرايا. پنهنجي مڌر آواز ۾ فلم ”تنهنجو ڳالهيون سڄڻ”۾ ٽي نغما ريڪارڊ ڪرايا جيڪي پڻ مشهور ٿيا.

مونسان مٺا ملڻ ۾ ڪرين ٿو حجابه ڪهڙو

هن نغمي جي نالي چيو وڃي ٿو ته هي نغمو فقير جي پنهنجي شاعري آهي پر ان لاءِ پڪو ثبوت ناهي مليو ٻه ٻيا جيڪي نغما فلم تنهنجو ڳالهيون سڄڻ ۾ ڳايا هئا سي هي هئا.

چل ويک مري دا چلتا

پي چانھ چري

فقير حسين بخش جي زندگي جو سفر گائڪي ۽ شاعري وارو سهانو رهيو. ڳائيندي وڄائيندي ۱۲ مارچ ۱۹۹۲ع تي محمد فقير کٽياڻ جي درگاھ ڳوٺ محمد سليمان کٽياڻ ۾ دم ڌڻي حوالي ڪيو. کيس اباڻي ڳوٺ آراضي ۾ مدفن ڪيو ويو. فقير کي مخدومن جي مريد هئڻ ڪري ”سروري”سڏيو ويندو هو. هالاجي مخدومن جا مريد سروري سڏائيندا آهن.

متفرق شاعري

سگهو ٿي سير ۾ ساڻي قلندر لعل سيوهاڻي

حقيقت حال ٿو ڄاڻي قلندر لعل سيوهاڻي

نڪي هٿ ۾ نڪي هڙ ۾ نڪا صحبت نه ڪا واهر

هي جهولي ٿي فقيراڻي، قلندر لعل سيوهاڻي

اگر قسمت قتل آهي. ته ان کي هر طرح ٺاهيو

اٿو جهولي ککي هاڻي قلندر لعل سيوهاڻي

ڪئي آ التجا خادم مقدر مير بدلايو

پرين سان ڪر ڪا پرچاڻي قلندر لعل سيوهاڻي

ارادو آهي پختو، دوست! منزل سان اسان جو ڇا

فقط آ جستجوئي حق، باطل سان اسان جو ڇا

اگر زنده به هو آهي مگر زنده به آ مرده

جا ذڪر يار کان خالي، انهيءَ دل سان اسان جو ڇا

شهيد ابروءِ جانان من آهيون هميشه ئي

اسان جو چاهي مقتل سان ۽ قاتل سان اسان جو ڇا

مئي گلرگ سان مون کي ڪيو مخمور ساقي آھ

شراب ساغر ومينا سان محفل سان اسان جو ڇا

چمون ٿا مصحفِ رخ کي ڪيون ٿا دور روزانا

رخ تابان تان صدقي مان ڪامل سان اسان جو ڇا

نگاھ تير سان رخمي ڪري ۽ پو نه ٿو باسين

مان ڦٿڪان پيو چئين ٿو تون ته بسمل سان اسان جو ڇا

تون مونکي ابروءِ هڻي ٿو چئين ته ڪير آهي

اهوئي ڪافي آهي چئو ته گهايل سان اسان جو ڇا

هٿان مولا عليءَ جي ٿي ويا آسان سڀ مشڪل

اي ’خادم‘ خوش ٿي چئه تون هاڻ مشڪل سان اسان جو ڇا

اکڙيون ٿڪي پئيون نهاري نهاري

سڄڻ رات گذري سڄڻ توکي ساري

وڃڻ ڪارڻ وئين تون وري نه آئين جاني

مناسب نه ٿئي يار دنيا اٿئي فاني

ڪيل قول پنهنجا ڇو ويٺي وساري

وٿي وارناهي. برھ پيو ولوڙي

اسان جو ته انگ انگ ڇڏيائين نهوڙي

اهو نينهن جو شينهن ماري يا کاري

نظر ۾ اي نرمل رڳو توئين آهين

مان تنهنجو ئي آهيان تون ڀائين نه ڀائين

اتي بيٺو آهيان جٿي وئي بيهاري

پکي پنهنجي پنڃري مان اڏامي ويندو

ته ڏُک توکي ڏاڍو سڄڻ يار ٿيندو

جي ٻڌندين ته ’خادم‘ ويو تنهنجو گذري

نتيجو:

فقير حسين بخش خادم عوامي انگ جو شاعر هو. سندس شعر، شهر، ٻهراڙي، جهر جهگ، واهڻ وستي عام طرح ٻڌو ويندو. آهي. سندس شاعري چاھ سان فنڪار ڳائيندا هئا ۽ ڳائن ٿا.

فقير حسين بخش ڪافي جو بهترين شاعري هو سندس شاعري ۾ موضوع حسن، عشق، مجاز، ۽ تصوف، وارا هئا.

سندس شاعري ۾ ڪجھ فارسي لفظن جو استعمال آهي.

فقير حسين بخش جي تعارف جا ٻه اسڪول آف ٿاٽ آهن هڪ گائڪي ٻيو. شاعري. ٻنهي شعبن ۾ ڪامياب هو سندس هڪ هٿ ۾ چپڙي ۽ پئي يڪتارو، صوفي ويس پهريل هوندو هئس.

مخدوم طالب الموليٰ جو شاگرد ۽ مريد هو.

سندس شاعري وڇوڙي درد، جدائي جو اڪثر ورد ملي ٿو.

فقير جي طبيعت ۾ نماڻي هئي ۽ شاعري ۾ عاجزي نظر اچي ٿي. محبت ۽ پيار جو پيڪر هو. نفرت جو انڪاري محبوبه جو متوالو هو.

 حوالا:

طالب الموليٰ، مخدوم، ۲۰۱۲: درناياب عرف ياد رفتگان، سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو.

هالائي، سوز ۲۰۱۷: ساز ۽ آواز، انسٽيٽيوٽ آف سنڌ الاجي سنڌ يونيورسٽي ڄام شورو.

طالب الموليٰ، مخدوم، ۲۰۱۲: در ناياب عرف ياد رفتگان، سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو.

طالب موليٰ، مخدوم، ۲۰۱۲: در ناياب عرف ياد رفتگان، سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو.

هالائي سوز ۲۰۱۷: ساز ۽ آواز، انسيٽيويٽ آف سنڌ الاجي سنڌ يونيورسٽي ڄام شورو.

آمنه، اعظم علي، سنڌي موسيقي جا سر ۽ تار، سنڌيڪار جليل الرحمٰن شيخ، ثقافت کاتو، حڪومت سنڌ.

هالائي سوز، ۲۰۱۷ع ساز ۽ آواز، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي سنڌيونيوسٽي ڄام شورو.

گرامي، غلام محمد، ۱۹۹۰: مهراڻ شاعر نمبر، سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو.

طالب المولي، محمد زمان مخدوم، ۲۰۱۴: ڪافي، طالب الموليٰ اڪيڊمي هالا.

قادري، اياز حسين، ۱۹۸۴: سنڌي عزل جي اوسر، جلد ۱ انسٽيٽيوٽ آف سنڌ الاجي ڄام شورو.



حسين بخش خادم سروري

ڪافيءَ جو ڪلاسيڪل شاعر ۽ فنڪار

رجب آزاد

سيوهڻ جو خطو هڪ پاسي وڏو هڪ تاريخي ورثو رکي ٿو ته ٻئي طرف قلندر لعل شهباز جي ڪري ملڪين مشهور آهي. هن جا آسپاس وارا شهر آراضي، بختيار پور، بوبڪ، ٽلٽي۽ ڀان به وڏي تاريخ رکن ٿا هنن شهرن مان ڪيتريون ئي تاريخي شخصيتون جنم وٺي مشهوري ماڻي امر بنجي چڪيون آهن، ڪن علم وادب ۾ اعلي مقام ماڻيو آهي ته ڪن سياسي ۽ سماجي حوالي سان پنهنجا نقش ڇڏيا آهن، ته ڪي وري لطيف فن ۾ پاڻ ملهائي تاريخ رقم ڪري ويا آهن. اهڙن املھ انسانن ۾ آراضي شهر سان تعلق رکندڙ سنڌ جو بهترين ڪافي گو شاعر۽ فنڪار حسين بخش خادم به آهي جنهن جو نالو تاريخ ۾ سونن حروفن سان رقم ٿيل آهي. پاڻ جيتوڻيڪ ڪنهن به تعارف جو محتاج ته نه آهي پر پڙهندڙن ۽ ٻڌندڙن لاء ضرورت مطابق تعارف ڏيڻ ضروري ٿو سمجهان.

حسين بخش خادم آراضي تعلقي سيوهڻ اڳوڻو ضلعو دادو۽ هاڻوڪي ضلعي ڄامشوري ۾ ۱۵ جنوري ۱۹۳۰ع تي جنم ورتو، سندس والد صاحب ميان پير بخش ڀنگر هڪ مسڪين ماڻهو هو جيڪو سندس ٻاروتڻ جي عمر ۾ ئي وفات ڪري ويو هو، کيس پنهنجن مامن پاليو. حسين بخش خادم صرف مختصر پرائمري تعليم حاصل ڪري سگهيو هو ۽سندن مامن پنهنجي ڳوٺ ۾ پير حبيب الله شاه جي خدمت ۾ ڏئي ڇڏيو هو.

کيس ڳائڻ وڄائڻ جو شوق ننڍ پڻ کان ئي دامنگير هو، پر هو اڃا وقت جي انتظار ۾ هو. نيٺ وقت کيس وٺي وڃي هالا شهر بزرگ مخدوم نوح سروريء جي گادي نشين مخدوم غلام محمد مغموم المعروف گل سائين (والد طالب المولا) جن جي خدمت ۾ پهچايو جتي عزت ۽ شهرت سندس انتظار ڪري رهي هئي. ڪجه سال گل سائين جن جي خدمت ۾ گذاريائين ۽ فيض پڻ حاصل ڪيائين. سندن وصال بعد مخدوم محمد زمان طالب المولي جن جي شفقت هيٺ رهڻ لڳو. مخدوم صاحب جن سندس ڪار خدمت مان اڳ ئي بيحد متاثر هئا۽ کين شاعري ۽ گائڪيء جي خوبين سبب ساڻس پيار سان پيش ايندا هئا. حسين بخش خادم سروري جي ذمي مخدومن جي زمينن جو حساب ڪتاب رکڻ، مهمانن جي خاطر مدارت ڪرڻ، سان گڏوگڏ مشاعرن توڙي راڳ ويراڳ جون محفلون پڻ شامل هيون، جن ۾ خادم صاحب خود به دل جي سچائيء سان حصو وٺندو هو. مخدوم صاحب جن شاعريء توڙي راڳداريء بابت مفيد مشورن ۽ اصلاح سان گڏ کيس هڪ وسيع ميدان پڻ فراهم ڪيو، جنهن جي نتيجي ۾ هو محنت ڪري ملڪين مشهور ٿيو. راڳداريء جي سکيا به ان وقت جي نالي واري فنڪار مصري فقيرکان حاصل ڪيائين ۽ڏسندي ڏسندي سنڌ جي صوفي ڳائڻن جي صف ۾ شامل ٿي ويو. مصري فقير به مخدوم طالب المولي جن جي تڪيي جو خاص راڳي ۽ مريد هو.

مٿينء ڳاله جي تصديق حسين بخش خادم صاحب بقلم خود مهراڻ شاعر نمبر جي صفحي نمبر ۴۴۲ تي پنهنجن ئي لفظن ۾ هن طرح ڪئي آهي ته.. . (شاعريء جو شوق به سائين طالب المولي جن جي صحبتن جي اثر هيٺ پيدا ٿيو. اول اول سندن ڪلام ڳائبو هو ۽ محفلن ۽ مجلسن ۾ خوب رنگ ڄمندو هو ۽ ان کان متاثر ٿي ڪافيون لکڻ شروع ڪيم ۽ پوء محفلن ۾ ڪڏهن سازن تي ته ڪڏهن بنا سازن جي ڳائيندو هوس. سائين طالب المولي جن منهنجا استاد ۽ مرشد آهن، جن جي تربيت، اصلاح ۽ نيڪ نظر هن خادم کي گهڻو نوازيو آهي.)

حسين بخش خادم نه فقط ڪافيء جو شاعر هو پر، هن ڪافيء کان علاوه، بيت، وائي، غزل۽ نظم پڻ شاندار لکيا آهن. چاهيان ٿو ته خادم صاحب جا ڪجه اسم اهان سڄڻ کي به ٻڌايان.

غزل.. . .

۱. اوهان سان حُجَ ھر هر مٺا وري نه ڪبي،

خطا معاف ٿئي اهڙي خطا وري نه ڪبي.. .

۲. بهار ۾ به گلن کي مون بيقرار ڏٺو،

قرار ڪنهن کي نه هو هرڪو حال زار ڏٺو.. . .

ڪافيون.

۱. جاڳ مسافر ويل وهاڻي

سچ جو سودو سار سنڀار

.

کنيو نيڻ نازڪ جڏهن ٿو نهارين

ته هلندا هزارين برن ۾ بيهارين.. .

بيت

۱. ويه نه وڃ منهنجا مٺا تو ۾ منهنجو ساه

پورو ٿئي پساه پو وڃڻ جون وايون ڪجان.. .

اها الڳ ڳاله آهي ته ڪافي ئي سندس سڃاڻپ آهي. مرحوم حسين بخش خادم ۱۹۵۵ع کان ريڊيو پاڪستان ڪراچي تي پهرين ڪافي(منهنجل هاڻي ڀنڀور ۾ ڇاهي) رڪارڊ ڪرائي، ۽ پوء حيدر آباد ريڊيو تان ڪيترا ئي ڪلام رڪارڊ ڪرايا جن ۾ اڪثريت ڪافين جي آهي. ڪافين جي مزاج کي سمجهي ڳائڻ به هڪ اهم هنر آهي، ڇاڪاڻ ته ڪلام جي مزاج کي سمجهڻ ۽ لفظن جي روح کي سمجهي پيش ڪرڻ وارو هنر ايئين آهي، جيئن سون تي سهاڳو. اهو ئي سبب آهي جو خادم فقير جا ڳايل ڪلام اڄ به باقاعدي ٻڌا ۽ پسند ڪيا وڃن ٿا. سندس شاعريء کي دوام آهي، ان ڪري ئي اڄ به ميڊيا، توڙي محفلن ۾ ڳائي وڄائي وڃي ٿي. حسين بخش خادم شاعر، گائڪ سان گڏو گڏ موسيقار به هو سندس ڳايل ڪلامن جون ڌنون به گهڻو ڪري سندس ئي ٺهيل آهن. . .

حسين بخش خادم نه صرف سائين طالب المولا کي ڳايو يا پاڻ کي ڳايو، پر نه ايئين نه آهي، شاه، سچل، ميان صاحب ڏنو فاروقي، شاه فريد، بابا بلهي شاه، اياز، پيرل پياسي، ولي محمد ۽ ٻين شاعرن کي به برجستي انداز ۾ ڳائي امر ڪري ڇڏيو آهي.

 اتي وري حسين بخش خادم کي به ڪيترن فنڪارن جهڙوڪ عابده پروين مۡحمد يوسف، صادق علي، وحيد علي، قمر سومري ۽ ٻين ڳائي سندس شاعريء کي بلنديء تي رسايو آهي.

اها به ڳاله ڪندو هلان ته حسين بخش خادم ڪجه سنڌي فلمن لاء به پلي بئڪ سنگنگ ڪئي آهي انهن ۾ سر فهرست فلم تنهنجون ڳالهيون سڄڻ آهي جنهن ۾ ميل فنڪار لاء سندس هي چار مشهورڪلام ڪلام ملن ٿا.. . .

۱. مون سان مٺا ملڻ ۾ ڪرين ٿو حجاب ڪهڙو.

۲. مڻيار آيو مڻيار وي.. .

۳. چل ويک مري دا چلتا.. .

۴. پيءُ چانهن چري.. .

ان کان علاوه ٻين سنڌي فلمن جي گانن ۾ پڻ ڪورس ۾ يا لوڪ گيتن ۽ صوفي گيتن ۾خادم صاحب جا گيت ۽ آواز شامل رهيو.

ڳائڻ جي حوالي سان حسين بخش خادم بين الاقوامي طور سنڌ جي نمائندگي ڪئي. هن ۱۹۷۵ع ۾جرمني، ۱۹۸۵ع ۾ اٽلي، فرانس، هالينڊ، ۱۹۸۶ع ۾ آمريڪا ۽ ٻين ملڪن جا دورا ڪيا ۽ اتي سنڌي راڳ جي خوشبوء پکيڙي سنڌ جو مان مٿانهون ڪيو.. .

حسين بخش خادم پنهنجي زندگيء ۾ فني خدمتن جي ڪري ڪيترائي ايوارڊ ماڻيا، پر سڀ کان وڏو ايوارڊ اهو آهي جو اڄ به سندس ڪلام کي قدر جي نگاه سان ڏٺو وڃي ٿو. شوق سان ڳادو وڃي ٿو.. . .

سنڌ جو هي صوفي با صفا انسان جنهن جي من ۾ محبت جي مڌ جا مٽ ڀريل هئا ۽ جيڪو هر ڪنهن کي وڃڻ وقت ايئين چوندو هو ته.

ويھ نه وڃ او منهنجا مٺا

اڃا توسان دل جون ڳالهيون ڪرڻيون اٿم..

سو سنڌ جي صوفياڻين محفلن کي سوڳوار ڪري ۱۲مارچ ۱۹۹۲ع تي دارالبقا ڏانهن اسهيو. سندس وفات درگاه محمد فقير کٽياڻ تي ٿي هئي، جتان سندس جسد خاڪي آڻي آراضيء ۾ مخدوم هائوس (هالا جي مخدومن جو تڪيو) جي پوئين حصي ۾ دفن ڪيو ويو.. .

مرحوم حسين بخش خادم جو نالو جيسيتائين دنيا سلامت آهي، تيسيتائين زنده رهندو ۽ ادب ۽ فن لاء ڪيل سندس خدمتن کي تاقيامت ساراهيو ويندو.. . .

 

(ڏھاڙي ھلال پاڪستان ڪراچيءَ ۾ ۲۲ اپريل ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)


حسين بخش خادم

سنڌ جو ھڪ جادو اثر آواز

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا

ناليوارو شاعر ۽ راڳي حسين بخش خادم سروري ولد پير بخش ڀنگر، ڳوٺ سليمان خان کٽياڻ، تعلقي سيوهڻ ضلعي دادوءَ ۾ ۱۵ جنوري ۱۹۳۰ع تي ڄائو. هيءُ شروعات ۾ ڳوٺ آراضي، تعلقي سيوهڻ جي پير رئيس حبيب الله شاهه جو خدمتگار هو. شاهه صاحب هڪ ڀيري ڪنهن ڪم سانگي کيس مخدوم نوح جي درگاهه جي گادي نشين مخدوم غلام محمد ’مغموم’ڏانهن موڪليو. جنهن کان پوءِ اتي ئي ترسي پيو ۽ مخدوم صاحب جي خدمت ۾ رهي فيض ورتائين. ان کان پوءِ مخدوم طالب الموليٰ جي گادي نشينيءَ واري وقت ۾ سندن ذاتي زمينن جي سار سنڀال لهندو هو. ان دوران مخدوم طالب الموليٰ جي صحبت کيس رڱي ريٽو ڪيو ۽ اڳتي هلي مخدوم طالب الموليٰ جي حلقه ارادت ۾ آيو ۽ سندس صحبت ۽ ڪچهريءَ جي اثر هيٺ بيت، غزل ۽ ڪافيون چيائين. شاعريءَ جي تربيت ۽ اصلاح به مخدوم طالب الموليٰ کان وٺندو هو. سندن ئي مشوري سان شاعريءَ ۾ ’خادم’تخلص اختيار ڪيائين. مخدوم صاحب جي صحبت ۾ رهندي ڳائڻ به شروع ڪيائين ۽ پنهنجي توڙي مخدوم طالب الموليٰ جي شاعري پاڻ ڪمپوز ڪري ڳايائين. سندس ڪلام ۽ ڌُنون اڄ به نهايت مقبول آهن، جن جي پيروي نئين ٽهيءَ جا ڪيترا راڳي ڪندي نظر اچن ٿا. مخدوم طالب الموليٰ جا ڪلام نهايت ترنم سان سازن تي ڳائيندو هو. سندس شمار سنڌ جي سٺن ڳائڻن ۾ ٿيندو هو. سنڌ ثقافت کاتي جي تعاون سان دنيا جي ڪيترن ملڪن ۾ پنهنجي فن جو مظاهرو ڪري داد حاصل ڪيائين. ريڊيو ۽ ٽي. وي تي مقبول ٿيو. هيءُ ’بزم طالب الموليٰ’جو به سرگرم رڪن هو. هيءُ ۱۲ مارچ ۱۹۹۲ع تي وفات ڪري ويو. سندس مدفن اباڻي ڳوٺ ۾ آهي.

(استاد خالد جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۳۰ آڪٽوبر ۲۰۲۲ع تي کنيل)

 

No comments:

راءِ ڏيندا