; سنڌي شخصيتون: حسين بخش خادم، محمد عثمان ميمڻ، حاڪم علي جسڪاڻي، مير حاجن مير، رجب آزاد،
Showing posts with label حسين بخش خادم، محمد عثمان ميمڻ، حاڪم علي جسڪاڻي، مير حاجن مير، رجب آزاد،. Show all posts
Showing posts with label حسين بخش خادم، محمد عثمان ميمڻ، حاڪم علي جسڪاڻي، مير حاجن مير، رجب آزاد،. Show all posts

05 April, 2016

حسين بخش خادم

حسين بخش خادم

سنڌي سنگيت جو ”خادم“

محمد عثمان ميمڻ



جيتوڻيڪ فنڪار کي هاڻي پنهنجو آواز جھر جھنگ پهچائڻ لاءِ ايتري محنت نه ٿي ڪرڻي پوي، مختلف چئنلس ۽ ميموري ڪارڊ اچڻ بعد فنڪار لاءِ پنهنجو آواز ٻين تائين پهچائڻ تمام سولو ٿي پيو آهي، نه ته ماضيءَ ۾ فنڪار ويچارا پنهنجون عمريون وڃائي ڇڏيندا هئا، تڏهن ئي وڃي ڪا شهرت کين پلئه پوندي هئي. ماضيءَ ۾ ايتريون سهولتون ته ڪانه هيون، جيتريون هن دؤر ۾ نڪري پيون آهن، پر تنهن هوندي به ڪيترن ئي اهڙن فنڪارن پنهنجي محنت سان ايترو ته نالو ڪمايو، جو اڄ به سندن ساڳي ئي اهميت ۽ افاديت آهي. اهڙن فنڪارن ۾ حسين بخش خادم جو نالو سر فهرست آهي. هيءُ پنهنجي دؤر جو مشهور ڪافي گو شاعر ۽ لوڪ راڳي ٿي گذريو آهي. حسين بخش خادم ولد پير بخش ڀنگر ۱۵ جنوري ۱۹۳۰ع تي ڳوٺ آراضي تعلقي سيوهڻ، ضلعي ڄامشوري ۾ پيدا ٿيو.