; سنڌي شخصيتون: محمد خان جوڻيجو ارشاد احمد بوزار

05 April, 2016

محمد خان جوڻيجو ارشاد احمد بوزار

محمد خان جوڻيجو
ارشاد احمد بوزار
JunejoPM.jpg18 مارچ 1993ع تي اڳوڻو وزيراعظم ۽ پاڪستان مسلم ليگ جو صدر محمد خان جوڻيجو وفات ڪري ويو هو. مرحوم پاڪستان جي سياست ۾ اهم مقام رکندو هو. دوست توڙي دشمن سندس ايمانداري، شرافت ۽ سادگي جا قائل هئا. هر ڪو کيس عزت جي نگاهه سان ڏسندو هو. محمد خان جوڻيجو هڪ غير متنازع ۽ قابل احترام شخصيت جو مالڪ هو.
محمد خان جوڻيجو 18 آگسٽ 1932ع تي ضلعي سانگهڙ جي ننڍڙي شهر سنڌڙيءَ ۾ پيدا ٿيو. سندس والد جو نالو دين محمد خان هو، جنهن کي خانصاحب دين محمد خان چيو ويندو هو. خان صاحب جي وفات وقت محمد خان اڃا صغير هو، کيس والده نهايت لاڏ ڪوڏ سان پاليو. ميرپورخاص مان ابتدائي تعليم حاصل ڪرڻ کانپوءِ وڌيڪ تعليم لاءِ محمد خان کي ڪراچي موڪليو ويو، جتي هن سينٽ پيٽرڪ اسڪول مان تعليم حاصل ڪئي. مرحوم جو خانداني پيشو زمينداري هو، جنهن جي ترقي لاءِ هو لنڊن پڙهڻ ويو، جتي هن زراعت ۾ وڏي ڊگري حاصل ڪئي. محمد خان جوڻيجي ٻاويهه سالن جي ڄمار ۾ سياسي ميدان ۾ پير پاتو. پهرين سانگهڙ ڊسٽرڪٽ بورڊ جو ميمبر چونڊيو ويو بعد ۾ کيس چيئرمين چونڊيو ويو. 1962ع ۾ مرحوم اولهه پاڪستان جي اسيمبلي جو ميمبر منتخب ٿيو. صدر فيلڊ مارشل ايوب خان جي دور ۾ ريلوي جو وزير رهيو. مرحوم تمام ٿورو وقت پيپلز پارٽي ۾ به رهيو پر جلد ئي پارٽي کي الوداع ڪيائين.


1978ع ۾ ضياءُ الحق جڏهن گهڻ جماعتي حڪومت ٺاهي ته پي اين اي جي پاران جوڻيجو به وزير ٿيو پر صرف ڏهه مهينا وزير رهڻ کانپوءِ اجتماعي استعيفائن ۾ پاڻ به مستعيفي ٿي ويو. کيس حقيقي مقبوليت 1985ع ۾ ملي جڏهن غير جماعتي اليڪشن ۾ مرحوم ضلعي سانگهڙ مان بنا مقابلي قومي اسيمبلي جو ميمبر منتخب ٿيو. وزيراعظم لاءِ گهڻن ماڻهن جا نالا گردش ۾ هئا پر ڪُڻو وڃي محمد خان جوڻيجي جي نالي جو نڪتو، جنهن کي ان وقت جي صدر فوجي ڊڪٽيٽر محمد ضياءُ الحق پاڪستان جي وزيراعظم لاءِ چونڊيو. مرحوم 23 مارچ 1985ع تي وزيراعظم جو حلف کنيو. 24 مارچ تي قومي اسيمبلي کان اعتماد جو ووٽ وٺي اڳتي هلڻ جو فيصلو ڪيو. عام خيال هو ته هو جنرل ضياءَ الحق جيئن چوندو تيئن جوڻيجو صاحب ڪندو، پر انهن قياس آرائين جو جوڻيجي صاحب قومي اسيمبليءَ جي پهرين خطاب ۾ خاتمو آندو. هُن تاريخي خطاب ۾ چيو ته ”سويلين حڪومت ۽ مارشل لا گڏ گڏ نٿيون هلي سگهن.“ انهيءَ کي فقط هڪ اعلان ئي سمجهيو ويو، جنهن 30 ڊسمبر 1985ع تي حقيقت جو روپ ورتو ۽ ملڪ تي اٺن سالن کان مڙهيل مارشل لا کان ڇوٽڪارو مليو. ٻئي ڏينهن تي مرحوم 27 سالن کان نافذ ايمرجنسي جو خاتمو آڻي پاڪستاني عوام کي ٻٽي خوشي بخشي. ايمرجنسيءَ جي خاتمي سان عوام جا حق مڪمل طور تي بحال ٿيا ۽ ملڪ ۾ جمهوريت جي ٻوٽي جي افزائش ٿيڻ لڳي. جيتوڻيڪ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي دور کي مڪمل جمهوريت جو دور چيو ويندو آهي پر مرحوم به پنهنجي دور اقتدار ۾ ايمرجنسيءَ جو خاتمو نه آڻي سگهيو هو.
محمد خان جوڻيجو مرحوم هڪ محب وطن، جمهوريت پسند ۽ اصول پسند سياستدان هو جنهن ڪري هن ملڪ کي جموريت جي پٽڙيءَ تي آڻي جماعتي نظام جي شروعات ڪرڻ لاءِ مسلم ليگ ۾ جان وڌي. جوڻيجو صاحب صحافت جي آزادي تي ڀرپور يقين رکندو هو هن پنهنجي دور حڪومت ۾ صحافت تي ڪڏهن به ڪا پابندي نه مڙهي. اڪثر ڪري چوندو هو ته جمهوريت جي فروغ ۽ استحڪام لاءِ صحافت جي آزادي نهايت ضروري آهي. هن هميشه اخبارن ۽ صحافين تي جبر، تشدد ۽ دٻاءُ خلاف آواز بلند ڪيو ۽ انهن جي مذمت پڻ ڪئي. محمد خان جوڻيجو مرحوم هڪ بي مثال ۽ بهترين حڪمران ثابت ٿيو، جنهن حڪومت کي حڪومت نه پر عوام جي خدمت سمجهي ۽ پوري دور اقتدار ۾ انهن جي ڀلائي لاءِ بنيادي اهم قدم کنيا. پنج نڪاتي پروگرام انهيءَ جو مظهر آهي جنهن جي ذريعي پوري ملڪ ۾ اسپتالون ۽ اسڪول تعمير ڪيا ويا. روڊن جو ڄار وڇائي ڳوٺن کي شهرن سان ملائڻ شروع ڪيو ويو. ڳوٺ ڳوٺ نگر نگر بجلي جي فراهمي شروع ڪئي ويئي. غريبن کي مفت گهر ٺاهي ڏيڻ جي اسڪيم پڻ شروع ڪئي. بيروزگاري لاءِ سندس ڪيل ڪوششن کي پڻ وساري نٿو سگهجي. نئين روشني اقراءَ اسڪول شروع ڪيا ويا جن سان نه صرف خواندگيءَ ۾ اضافو ٿيو پر بيروزگاري ۾ پڻ ڪمي آئي. انهن منصوبن لاءِ تمام گهڻن پيسن جي ضرورت هئي، جنهن کي پوري ڪرڻ لاءِ ڪفايت شعاري کان ڪم وٺندي جوڻيجو صاحب وزيرن ۽ آفيسرن کي پابند بڻايو ته هو وڏين گاڏين بجاءِ ننڍيون گاڏيون استعمال ڪن. انهيءَ سلسلي ۾ ٻيا به اهم قدم کنيا.
29 مئي 1988ع تي صدر جنرل ضياءَ الحق پنهنجي هڪ حڪم ذريعي قومي اسيمبلي، چئني صوبائي اسيمبلين سميت وزيراعظم ۽ چئني وڏن وزيرن کي هٽائي ڇڏيو ته انهيءَ وقت جوڻيجو صاحب هڪ مقبول ليڊر بڻجي چڪو هو پر هن ڪنهن به احتجاج کان گريز ڪيو، جنهن جو سبب سندس عقلمندي، دورانديشي ۽ باريڪ بيني هئي، جيڪڏهن جوڻيجو صاحب ڪا تحريڪ هلائي ها ته جنرل ضياءَ لاءِ مارشلا وارو ڪارو قانون مڙهڻ مسئلو نه هو ۽ ائين جمهوريت جو سِلو ڦُٽڻ کان اڳ ئي سڙي وڃي ها. تنهنڪري جوڻيجي صاحب عدالت جو دروازو کڙڪايو، جنهن پنهنجي فيصلي ۾ صدر جي فيصلي کي بلاجواز قرار ڏيندي کيس بي ڏوهي ثابت ڪيو پر عام چونڊون مٿي تي اچي ويون هيون، جنهن سبب سندس حڪومت بحال نه ڪئي وئي. 1988ع جي جماعتي اليڪشن ۾ جوڻيجو صاحب، پي پي اُميدوار مرحوم شاهنواز جوڻيجو جي مقابلي ۾ هارائي ويو، جنهن جو سبب فقط پير صاحب پاڳاري جي ناراضگي ۽ ايم ڪيو ايم جي هٺ ڌرميءَ هئي. 1990ع ۾ جوڻيجو صاحب، علي نواز شاهه کي شڪست ڏيئي هڪ دفعو ٻيهر قومي اسيمبلي جو ميمبر بڻيو، انهيءَ کانسواءِ مرحوم پنجاب ۾ پڻ ڪاميابي حاصل ڪئي. محلاتي سازشن سبب ميان نواز شريف کي ان وقت مسلم ليگ پاران وزيراعظم چونڊيو ويو، جنهن جو نالو مرحوم محمد خان پاڻ اسيمبلي ۾ پيش ڪيو. 18 مارچ 1993ع تي سوا چار وڳي جوڻيجو صاحب آمريڪا جي شهر بالٽي مور جي اسپتال ۾ انتقال ڪري ويو، کيس ڪينسر جهڙي خطرناڪ بيماري سان جنگ ڪرڻي پئي، جنهن ۾ مرحوم فتح حاصل ڪئي پر کيس دل جي دوري اسان کان هميشه لاءِ جدا ڪري ڇڏيو. مرحوم جي انتقال کي 23 سال جو عرصو گذري چڪو آهي پر اڄ به مرحوم پنهنجي چاهيندڙنن جي دلين ۾ سمايل آهي. محمد خان جوڻيجو جمهوريت، ايمانداري، سچائي، دور انديشي جا جيڪي بي مثال روشن اصول ڇڏي ويو آهي، تن تي عمل ڪري موجوده حڪمران توڙي سياستدان ملڪ ۽ عوام جي خدمت ڪري سگهن ٿا.


No comments:

راءِ ڏيندا