محمد خان جوڻيجو
ارشاد احمد بوزار
18 مارچ 1993ع تي اڳوڻو وزيراعظم
۽ پاڪستان مسلم ليگ جو صدر محمد خان جوڻيجو وفات ڪري ويو هو. مرحوم پاڪستان جي سياست
۾ اهم مقام رکندو هو. دوست توڙي دشمن سندس ايمانداري، شرافت ۽ سادگي جا قائل هئا. هر
ڪو کيس عزت جي نگاهه سان ڏسندو هو. محمد خان جوڻيجو هڪ غير متنازع ۽ قابل احترام شخصيت
جو مالڪ هو.
محمد خان جوڻيجو 18 آگسٽ 1932ع تي
ضلعي سانگهڙ جي ننڍڙي شهر سنڌڙيءَ ۾ پيدا ٿيو. سندس والد جو نالو دين محمد خان هو،
جنهن کي خانصاحب دين محمد خان چيو ويندو هو. خان صاحب جي وفات وقت محمد خان اڃا صغير
هو، کيس والده نهايت لاڏ ڪوڏ سان پاليو. ميرپورخاص مان ابتدائي تعليم حاصل ڪرڻ کانپوءِ
وڌيڪ تعليم لاءِ محمد خان کي ڪراچي موڪليو ويو، جتي هن سينٽ پيٽرڪ اسڪول مان تعليم
حاصل ڪئي. مرحوم جو خانداني پيشو زمينداري هو، جنهن جي ترقي لاءِ هو لنڊن پڙهڻ ويو،
جتي هن زراعت ۾ وڏي ڊگري حاصل ڪئي. محمد خان جوڻيجي ٻاويهه سالن جي ڄمار ۾ سياسي ميدان
۾ پير پاتو. پهرين سانگهڙ ڊسٽرڪٽ بورڊ جو ميمبر چونڊيو ويو بعد ۾ کيس چيئرمين چونڊيو
ويو. 1962ع ۾ مرحوم اولهه پاڪستان جي اسيمبلي جو ميمبر منتخب ٿيو. صدر فيلڊ مارشل ايوب
خان جي دور ۾ ريلوي جو وزير رهيو. مرحوم تمام ٿورو وقت پيپلز پارٽي ۾ به رهيو پر جلد
ئي پارٽي کي الوداع ڪيائين.