ايم ڪمل
سندس ناٽڪ نويسي
ڊاڪٽر جگديش لڇاڻي
ايم ڪمل سنڌي شاعر جي حيثيت ۾ ته
هڪ اونچو مقام جوڙي سگهيو آهي، پر ننڍي ناٽڪ جڳت ۾ به هن جو مقام محفوظ آهي، ايم ڪمل
جي ايڪانڪين جو ڪئنواس سندس شاعريءَ جيان ٿي وڏو ۽ گهرو آهي، هن جي سوچ ۽ نگاهه، زندگيءَ جي چوطرف وري ٿي، ان ڪري هن جي ايڪانڪي ناٽڪن ۾ سماجي، سياسي، ڌرمي ۽ ڪيتري حد تائين
فيلسوفي ۽ منوو گيان جا نڪتا به صاف ظاهر ٿين ٿا، جيڪي ناٽڪي فن سان خوب نباهيا ويا
آهن، هن جي ايڪانڪين ۾ پيش ڪيل ڪردار، اسان
جي روز مرهه جي زندگيءَ جا جيئرا جاڳندا آهن، جن کي ليکڪ ويجهڙائيءَ تان گهري نگاهه
سان پرکيو آهي ۽ سندن نقاب پوشيءَ کي فاش ڪيو آهي، ڪڏهن ته اسان کي ائين لڳندو آهي
ڄڻ اهي سڀ اسان جا ڏٺل وائٺل آهن ۽ اسين انهن
کان بخوبي واقف آهيون، پر ناٽڪ نويس پنهنجي هنر منديءَ سان ائين کين اڀاري، اسان جي
آڏو پيش ڪيو آهي، ڄڻ اسان کين پوريءَ ريت سڃاڻي نه سگهيا آهيون، ساڳئي وقت ليکڪ، ڪوڙين
حقيقن، سماج ۽ ڪٽنب جي وهنوار کي جي اسان جي تهذيبي زندگيءَ سان جڙيل آهن، انهن کي ناٽڪي پلاٽ ذريعي
پيش ڪيو آهي. ايم ڪمل جديد ايڪانڪين ۾ فني ۽ فڪري سطح تي ڪافي تجربا ڪيا آهن، هن جي
جديد تجرباتي ناٽڪن جي سڌي سولي زبان، ذهن
کي ڌونڌاڙي، سوچڻ تي مجبور ڪندي پنهنجي اندر ۾ ليئو پائڻ تي آماده ٿي ڪري، هن جي لاءِ
مذاق براءِ مذاق ڪانهي، ان ۾ هيٺ سوچ جي لهر به موجود رهي ٿي.
مغربي نامور ناٽڪن کان متاثر ٿي
هن (Absurd) خام خياليءَ واريون ايڪانڪيون
پنهنجي نجي حالتن سان لڳائي، عالمي سطح وارا
نڪتا ڀري قلم بند ڪيون آهن، ڪانفرنس ۽ ”فائيو اسٽار“ هوٽل ۾ هن طنزيه ڌماڪا ڪيا آهن،
جي ڏسندڙن چاهي پڙهندڙن کي سوچڻ لاءِ مجبور ڪن ٿا.
هن صرف هڪ ايڪانڪي لکي آهي، جنهن
۾ مذاق مذاق خاطر آهي، جنهن ۾ هن جي خوش مزاجيءَ دل کولي ٽهڪ ڏنا آهن ۽ ڏياريا آهن،
”حڪيم اجئرام“، نالي سان لکيل ايڪانڪي، جاپوءِ ”هيلٿ سينٽر“ جي عنوان سان ڪيترن ئي
شهرن ۾ ڪاميابيءَ سان پيش به ڪئي وئي آهي، ان ايڪانڪي ناٽڪ ۾ ايم ڪمل جي محاورن تي
پڪڙ، ڊائلاگن جي ڪلا ڊرامائي فن تي دسترس، موضوع جي نسبت ۾ چمڪي بيهي ٿي، اهي مڙيئي ڳالهيون گڏجي ليکڪ جي ناٽڪي فن ۾
مهارت جو ثبوت به ڏين ٿيون.
ڳنڀير مسئلن وارن ناٽڪن ۾ سندس
”آخرين خواهش“ به ذڪر لائق ايڪانڪي ناٽڪ آهي، ان ايڪانڪيءَ مان ليکڪ جي فهم، فڪر، هوشمندي
۽ دورانديشيءَ جو بخوبي اندازو لڳائي سگهجي ٿو، اها ايڪانڪي هندي ۽ مراٺيءَ ۾ به پيش
ڪئي وئي آهي، ڪلا چاهي موضوع، ٻنهي لحاظن کان هيءَ هڪ جديد ايڪانڪي مڃي وئي آهي، ان جي وڌيڪ وستار ۾ به وڃي،
مان صرف ان جو هڪ ڊائلاگ پيش ڪندس، جنهن مان ناٽڪ جا فني نڪتا اڀري بيهن ٿا، جڏهن آخرين خواهش ۾ پنجن ڪردارن کي ڦاسيءَ
جي سزا ملي ٿي ۽ ان کان اڳ سندن ”آخرين خواهش“
پڇي ٿي وڃي،جواب ۾ هڪ قيدي چوي ٿو، ”منهنجي آخرين خواهش آهي ته اصلي گنگهار کي ڳولهيو
وڃي“ ۽ پوءِ هو ڦاسيءَ جي تختي تي چڙهي ٿو وڃي، هيءُ جواب دل کي نهايت ڇهندڙ ۽ غور
طلب ته آهي ئي، پر ساڳئي وقت اسان جي انصاف جي سرشتي تي به هڪ زور دار چماٽ آهي.
ڪمل جو ”خوشخبري“ ۽ کيل به هنديءَ
۾ چار پنج دفعا منچ تي پيش ٿي چڪا آهن، کيل ۾ چار ڪردار آهن، استاد ۽ جهمورو، پوليس
وارو ۽ مجرم اڄ ڪوڙ جو ڪيئن بول بالا آهي، هيءَ ايڪانڪي انهيءَ موضوع جي ارد گرد ڦري
ٿي، ناٽڪ ۾ سڀئي ڪردار اڀري بيٺا آهن، ۽ ايڪانڪيءَ جي مرڪزي نقطي سان چڱيءَ طرح جڙيل آهن، ان گفتگوءَ
جي جهلڪ ڏسو.
جهمورو: قسم بيوقوف ۽ ليڊر کڻندا
آهن.
جهمورو: (پوليس واري کي) توهين
ايماندار آهيو ۽ اڃا هن نوڪريءَ ۾ آهيو!!
ايم ڪمل جي اڪانڪين ۾ گفتگوءِ جي
اڻت جو اعليٰ فن ته اهي ئي پر طنز جو به اهو هڪ عمده مثال آهي، طنز ۽ مزاح جي سنڌي
ناٽڪن ۾ کوٽ پئي رهي آهي، ايم ڪمل ان کوٽ کي پورو ڪرڻ جي به ڪجهه ڪوشش ڪئي آهي.
”شوڪ سڀا“ ۾ سندس ناٽڪي ڏانءُ ڏسڻ
وٽان آهي، ان ۾ سندس طنزيه فن سهڻي نموني ۾سليقي سان آيو آهي، اسان جي سنڌي ٻولي مري
رهي آهي ۽ اسين ويٺا هڪ ٻئي جي گلي ۾ هار وجهون، ليکڪ دل ئي دل ۾ انهن تي طنزيه نموني
مشڪي ٿو، جيڪي مکوٽا چاڙهي، وڏيون وڏيون تقريرون ٿا ڪن ۽ پنهنجي مرڻينگ ٻوليءَ کي وسيلو
بڻائي پنهنجو نانءُ ڪڍڻ ٿا چاهين.... توهان صاحبن اسان جي سماج، ساهت، ڪلا ۽ تهذيب جي نشڪام سيوا ڪئي آهي، اڄ به پنهنجي قوم جي زنج وغم جي پيڙا، حال ۽ مستقبل
جي خوف جا ڌماڪا دل ودماغ ۾ سمائي، ماتمي چهري سان سر تي سماج جو بار کنيو خاموش ويٺا آهيو....
ڪڙي حقيقت سمايل آهي ان جملي ۾ ايم ڪمل، ”ساجن جو نيلام“ ۾ وري گڏهه کي پرتيڪ (Symbol) بڻائي، سماج جي ڪيترين ڳالهين
تي تيز طنز ڪئي آهي، جيڪا کلائڻ سان گڏو گڏ اسان کي سوچڻ لاءِ به مجبور ٿي ڪري جڏهن
سائين هينگ ٽو ڏئي ته پاڙي وارا هن جي مالڪ کي گاريون ٿا ڏين...... غريب جو گڏهه آهي
نه، ڪنهن ليڊر يا دادا گير جو گڏهه هجي ها ته سڀ هن جي هينگ کي راڳ جئي هن جي ساراه
ڪن ها. گڏهه جي سڀاءُ ۾، ڏسو ڪار انساني گڻ ڪيئن ٿو ڀري.
سائين گڏهه پنهجن کي آٽون ٿو هڻي، ڇو جو ماڻهن جي سنگت ۾ رهيو آهي، هن کي پيسومل جي گڏهه سان شادي ڪرڻ ناگوار آهي،
ڇو جو هوءَ رنگ جي ميرانجهڙي آهي“ ان طرح هر لحاظ کان ايم ڪمل جون ايڪانڪيون کريون ٿيون اترن، ايڪانڪين جي اڻت ظاهر ٿي ڪري ته ليکڪ
کي منچ جو ڪافي گيان آهي، هن جي ڪابه ايڪانڪي، بنا مقصد يا پنهنجي قوم جي مجموعي فڪر
۽ انساني حيات جي حد کان پري نٿي وڃي.ايم ڪمل هميشه انهن جي صحبت جو شائق رهيو آهي،
جي عالمي ادب لاءِ ذوق ۽ اديبن جي شناس رکن ٿا، اهڙن شخصن جي سنگت، سندس تخليقي قوت
۾ اضافو آڻي ٿي ۽ هن جي رچنائن ۾ طرح طرح جا فڪر به رنگ پڻ پري ٿي. هو گهري سوچ وارن شخصن مان آهي ۽ هر گهري سوچ ۽ فڪر وارو شخص تنها
پسند ٿئي ٿو، هو انهيءَ تنهائيءَ ۾ پنهنجي وجود جي تلاش ڪري ٿو، پاڻ ۾، زندگي ۾ ڪائنات
۾!
ڪنهن چيو آهي: I
think therefore I am يعني مان آهيان، جو مان
سوچيان ٿو، ٻين لفظن ۾ هن پنهنجي وجود کي سوچڻ چيو آهي، ايم ڪمل به ڪنهن نه ڪنهن رچنا
کي مڪمل ڪرڻ ۾ مشغول يا ڪ نهن نئين خيال کي لفظن ۾ اٿارڻ جي سوچ ۾ علطان رهندو آهي،
بي مطلب ميڙ، بنا ادبي مقصد جي ملاکڙن کان هو ونءُ ويندو آهي، بي سود تماشن ۾ هن جو
دم گهٽجڻ لڳندو آهي، هوءُ ادب جي ڪرندڙ معيار تي افسوس ڪندو آهي، ادب جي ناشناسن جي
ڪن قلم ڪارن دواران واهه واهه جي هڻ هڻا،هن کي پيڙا پهچائيندي آهي، هو اهڙن قلم ڪارن
کان ڪناره ڪشي ڪندو آهي، جيڪي ادب کي پنهنجي شهرت ۽ روزگار جو وسيلو ڪري، ڪجهه نه جهڙو
لکي، نانءُ ۽ ناڻو ڪمائي رهيا آهن.
ايم ڪمل ڪڏهن به ڪنهن واديا گروهه
سان جڙيل نه رهيو آهي، هو اديب آهي ۽ ادب جو معيار ۽ صحيح ڪٿ سندس مول مقصد رهيو آهي، اگر ڪن سخن شناسن، کيس
ڪي صلاحون اڇيون آهن ۽ هن کي راس آيون آهن ته هن، انهن جي مهرباني مڃي، انهن مشورن
کي اکين تي لاتو آهي، باقي جن کي مٽي ڳوهڻ به ڪين ٿي اچي سي ڪنڀر جي مٽڪي تي رائزني
ڪن ٿا، هو انهن کي پنهنجي تيزابي مرڪ سان گهائي ٿو.
No comments:
راءِ ڏيندا