سيد عبدالله
شاهه
هڪ حقيقي
قومپرست سياستدان
غلام حسين لغاري
سياسي توڙي سماجي حيثيت رکندڙ واهڙ ضلعي ڄامشورو جو
سائين مرحوم سيد عبدالله شاهه ڪنهن به تعارف جو محتاج ناهي جيڪو هڪ ننڍي ڳوٺ مان
وڪالت جي لحاظ کان ڪراچي پهتو ۽ سنڌ جي وڏ وزارت ماڻڻ ۾ ڪامياب ويو. مرحوم
پيرالاهي بخش کان پوءِ هو اڳوڻي ضلعي دادو جو ٻيو وڏو وزير هو جنهن سنڌ جي ماڻهن
لاءِ پنهنجي حد تائين ڪافي پتوڙيو. بنا ڪنهن لالچ ۽ لوڀ جي سياست
ڪئي. ٿي سگهي ته مرحوم ڪجهه سياسي غلطيون يا ڪوتاهيون به ڪيون هجن پر انجي عوام
لاءِ ڪيل بي لوث خدمتن جو اعتراف ڪبو ته اها هڪ ذيادتي ٿيندي ڇاڪاڻ ته سندس دور ۾
اهليت جي بنياد تي سرڪاري ادارن ۾ بنا ڪنهن سفارش جي بي پهچ نوجوانن کي روزگار
مليو شايد ئي ڪنهن ٻئي وڏي وزير جي دور ۾ مليو هجي.زراعت جي لحاظ کان به صوبي ڪافي
ترقي ماڻي جنهن ۾ نين زرعي جنسن جا ٻج متعارف ٿيا، روڊ رستن جو نه صرف ڄار وڇايو
ويو پر وڏي انگ ۾ صحت مرڪز قائم ٿيا ۽ پوئتي پيل علائقن جي ماڻهن کي تعليم، پيئڻ
جي پاڻي ۽ صحت واريون سهولتون ميسر ٿيون. بوبڪ لڳ سيوهڻ ايئرپورٽ جو قيام، ڄامشورو
سيوهڻ روڊ جي اڏاوت، گورک هل اسٽيشن لاءِ رٿا جو اعلان ڪرڻ، بڊي جبل تي پوليس جو
ٽريننگ سينٽر قائم ڪرڻ، سيوهڻ جهانگارا نئنگ روڊ جي اڏاوت، منڇر جي بي گهر ٿيل
مهاڻن ۽ آبادگارن کي معاوضو ڏيارڻ به سندس
دور حڪومت جو ڪارنامو آهي.
