جانيءَ جي جدائي
نسيم بخاري
سنڌ جي مشهور شاعر اياز جاني جي اوچتي وڇوڙي واري خبر دل تي وِڄَ جيان ڪڙڪي
آهي، اياز جي جان رڳو ادبي تخلص ئي نه هو، پر هو حقيقت ۾ به جاني هو، جيڪو به هن سان
مليو آهي، اُهو جهٽ ۾ جانيءَ جو ٿي ويو آهي. هن جو اخلاق، لهجو، انداز ۽ خلوص وسرڻ
جهڙو ناهي، هو رڳو معصوم دل جو ئي مالڪ نه هو، پر پنهنجي ڪردار ۾ به سراپا معصوم هو.
هٺ ۽ هوڏ کان ڪوهين ڪوڙ پري هو. موت اٽل ۽ اڻٽر آهي، پر اياز جانيءَ جو موت هزارين
جيءَ جهوري ويو آهي، هن جي عمر وڃڻ ۽ وڇوڙي واري نه هئي. هن جو جوانيءَ وارو موت سنڌ
جي ساڃاهه جي دل ۾ تڏا وڇائي ويو آهي.
