; سنڌي شخصيتون: قربان پيرزادو

28 June, 2016

قربان پيرزادو

قربان پيرزادو
جاکوڙي جن جي ذات
مهتاب اڪبر راشدي
قربان پيرزادي لاءِ لکندي، مون کي پنهنجي يادگيرين کي ڪيئي سال پوئتي وٺي وڃڻو پيو. سال ۲۰۰۱ع جي ڳالهه آهي، سنڌ جي اطلاعات کاتي ۾ منهنجي سيڪريٽريءَ طور تقرري ٿي. اطلاعات کاتو، پنهنجي ڪم ڪار جي حوالي سان حڪومت جو سڀ کان وڌيڪ باخبر، تيز ۽ حساس محڪمو سمجهيو ويندو آهي. ان جي اهميت ڪو سمجهي ته وڏي آهي ۽ جي نه سمجهڻ چاهي، ته پوءِ کڻي اڄ جي اطلاعات کاتي کي ڏسو، جنهن ۾ اڄ خبر به نه ٿي پوي ته سيڪريٽري ڪير آهي؟ مان جنهن وقت جي ڳالهه ٿي ڪريان، ان زماني ۾ ڪنهن به محڪمي جو سيڪريٽري ڄڻ ته ان کاتي جو انتظامي بادشاهه سمجهو ويندو هو. وزير بيشڪ وزير هجي، پر جي آفيسر برجستو هوندو هو ته وزير به ان سان کونس گهڻي ڪو نه ڪندو هو. اطلاعات کاتي ۾ وري سيڪريٽريءَ جا دست و بازو ان جا ڊائريڪٽر اطلاعات هوندا آهن. منهنجي زماني ۾، مونکي اڪثر ڪري سٺا آفيسر مليا. سکر ڊويزن ۾ ڊائريڪٽر جي حيثيت سان قربان پيرزادي صاحب سان تعارف ٿيو. شائسته، شانائتو، نهٺو، پنهنجي ڪم جو ڄاڻو.


ياد اٿم جڏهن سکر وڃڻ ٿيو ته پيرزادي صاحب، پنهنجي آفيس به ڏيکاري ۽ پريس ڪلب ۾ صحافي حضرات سان ملاقات جو اهتمام به ڪيائين. ان دوران جنهن شيءَ کي مون محسوس ڪيو اُها هيءَ هئي ته قربان پيرزادي صاحب جو صحافين سان وهنوار، بلڪل پروفيشنل هو. هر صحافي هن سان عزت سان پيش پئي آيو. هن جي مهذب ۽ پيشه ورانه پختگيءَ سبب، هن پنهنجي عزت ۽ مقام کي بلڪل مٿاهون رکيو. اهو ئي سبب هو جو، حڪومتي ترجيحات کي سمجهه سان سنڀالڻ، صحافي برادريءَ جي گُهرجن جو ادراڪ رکڻ ۽ خبرجي ترسيل ۽ پنهنجي کاتي کي، هر ضروري ڳالهه کان باخبر رکڻ ۾ پيرزادي صاحب ڪڏهين به ڪا ڪوتاهي ڪا نه ڪئي.
سندس واسطو، انور پيرزادي سان آهي، مون تي اهو رازگهڻو دير سان منڪشف ٿيو. عام طرح سان ماڻهو، اڪثر پنهنجي اهميت وڌائڻ لاءِ پنهنجي ڄاڻ سڄاڻ، دوست احباب ۽ خاندان جي ڪن ڄاتل سڃاتل ماڻهن جا نالا پنهنجي آفيسر جي ڪن تائين پهچائڻ ۾ دير ئي ڪونه ڪندا آهن. پر قربان پيرزادي، ان حوالي سان به پنهنجي تعارف کي پاڻ تائين ئي محدود رکيو ۽ انور جو حوالو ڪٿي به نه ڏنائين.
زندگيءَ جو هڪ وڏو حصو، پنهنجن مٽن ما ئٽن، دوستن ۽ هم پيشه دوستن سان ملندي جُلندي ۽ ڪم ڪندي گذريو وڃي. ان دوران انسان پنهنجي شخصيت جي ڪيترن ئي مختلف روپن ۾ انهن جي سامهون ايندو آهي. مختلف صورتحال ۾ هن جو ماڻهن سان ڪار وهنوار ئي ان جي شخصيت جي اصل حقيقت کي ظاهر ڪندو آهي. قربان پيرزادي متعلق سندس دوستن ۽ احبابن جا هن متعلق تاثرات ان ڳالهه جو ثبوت آهن. هن جو دوستن سان دوستيءَ جو ناتو نڀائڻ، تازو ڇپيل ڪتاب ”ڇنڻ مُور نه سکيا“ ۾ سندس ڏک سک ۾ ساٿ ڏيڻ، ضرورت پوڻ تي هر ڪنهن کي ڪم اچڻ ۽ ان سڄي سلسلي ۾ اخلاق ۽ فضيلت جي پهلوءَ کي مٿاهون رکڻ ئي قربان پيرزادي کي نمايان ڪري ٿو. سندس پنهنجن مضمونن ۾ گهڻي ڀاڱي “سنڌ” ئي هن جي اظهار جو موضوع آهي. ان تي حيرت ڪا نه ٿيم. ٻلهڙيجيءَ جي پيرزادن کي سندن امڙين سنڌ سان محبت جي اهڙي سُتي پياري آهي جو هر ننڍو وڏو، ان جي عشق ۾ غلطان آهي. هنن جي سوچ جي ابتدا به سنڌ سان ٿي ٿئي ته انتها به ان تي آهي.
ٻلهڙيجي کي “لِٽل ماسڪو”، جنهن به سبب سان چيو ويو هوندو، پر اها به هڪ حقيقت آهي ته ان ننڍڙي ڳوٺ جي هڙني مردن توڙي عورتن جي سوچ ۽ خيالات جي پرواز اشتراڪيت ۽ انسان ذات جي ڀلائيءَ واري سوچ سان ئي هم آهنگ رهي آهي ۽ ان سوچ سان واڳيل رهڻ جو اظهار، توهان کي پيرزادي صاحب جي تحريرن ۾ باربار ملندو. سندس دوستن جي مضمونن مان پڙهندڙن کي اها به خبر پوندي ته، قربان، گهمڻ ڦرڻ جو به شوقين آهي ته مهمان نوازي به خوب ڪري ڄاڻي. اطلاعات کاتي جي نوڪريءَ به ان سلسلي ۾ سندس ڪافي مدد ڪئي. مختلف جاين تي وڃڻ، اتي جي معلومات هٿ ڪرڻ، حڪومتي ڪار پردازن کي به ان کان باخبر رکڻ ۽ پاڻ سان گڏ، ٻين جي معلومات ۾ به واڌارو آڻڻ کي قربان پيرزادي صاحب پنهنجي فرض ادائي سمجهي ڪيو آهي. سندس ڪتاب انهن سڀني ڳالهين جو مظهر آهي.


قربان پيرزادو
جيڪو ڇنڻ مور نه سکيو
خالد ٻانڀڻ
ماڻهوءَ جو من پرکڻ، ان جي اندر جون ڳالهيون سمجهڻ صورت ۽ سيرت جو چڱي ريت اندازو لڳائڻ ان جي اخلاق پيار مان پرکي سگهجي ٿو. پاڻ من جا موجي، من پنهنجو موجي آهي. موهه ۽ مرڪ جڏهن چپڙن جي ڪنارن سان ڳالهيون ڪرڻ لڳي، تڏهن هڪڙو احساس جنم وٺندو آهي ته هي انسان ڪيڏو نه خوشنصيب آهي، جنهن وٽ سدائين قرب ۽ پنهنجائپ ورهائڻ جا اندر ۾ ڄڻ ته ڪي انيڪ خزانا آهن. اهڙن سٻاجهڙن انسانن مان هڪڙو قربان پيرزادو به آهي، هو جڏهن سکر ۾ سڌ سماءُ کاتي جو ڊائريڪٽر هيو ته مون کي ياد ناهي ته اسان ڪڏهن هن سان ڪنهن ڏهاڙي تي نه مليا هجون. جيڪڏهن اسان سندس آفيس يا آستاني تي نه ويندا هئاسين ته هو اچي آفيس پهچندو هو ۽ مرڪندي چوندو هو ڇو ڀلا ٻاجهه ڪانگهاري ڪري ڇڏي اٿوءُ؟ تڏهن اسان سندس معياري ٿي پوندا هئاسين. هو رڳو سڌ سماءُ جو ڊائريڪٽر نه هيو پر ڪتابن سان دلچسپي، پڙهڻ لکڻ هن جي زندگي جو حصو آهن. مون هن جهڙو هن دور ۾ لطيف شناس نه ڏٺو. لطيف سرڪار جي شعرن ۾، ڪنهن لفظ ۾، منجهندا هئاسين ته منهنجي پهرين فون سائين قربان پيرزادو ڏانهن ويندي هئي. جيڪو لطيف جي بيتن جون معنائون اهڙي سهڻي انداز ۾ ٻڌائيندو ۽ سمجهائيندو هو جو اصل واهه واهه ٿي ويندي. سليم ڀٽو لطيفي جڏهن سکر ۾ ايڪسائيز کاتي ۾ آفيسر ٿي آيو ته منهنجي ان سان پهرين ملاقات به قربان پيرزادو جن ڪرائي هئي. تقريبن شام جو لطيفي جي ڪتابن سان ڀريل هڪ ننڍڙي ڪمري ۾ ڪچهري ڪرڻ لاءِ قربان جن سان گڏ ويندو هئس، جتي سليم ڀٽو لطيفي ۽  قربان پيرزادو جن جي وچ ۾ لطيف سرڪار جي فن فڪر، شعرن تي وڏا وڏا بحث ٿيندا هئا. اسان اڪثر ڪري خاموشي سان ٻڌندا هئاسين. جتي ٿوري گهڻي عقل آهر ضرورت پوندي هئي ته بحث ۾ حصو وٺندا هئاسين. قربان پيرزادو اڄ به پنهنجي ذات ۾ هڪڙي علم ادب ۽ پيار جي يونيورسٽي آهي، هو ڪيترا سال اڳ سڌ سماءُ کاتي مان ريٽائرڊ ٿي موهن جي دڙي ڀرسان وڃي پنهنجو ڳوٺ ٻلهڙيجي وسايو، پر سندس گڙدن جي تڪليف گهڻو وقت کيس اتي رهڻ نه ڏنو، هينئر هو ڪراچي جي گهميل هوائن ۾ ڊائلاسز تي رهي ٿو. ڌڻيءَ در دعا آهي، کيس جلد صحتيابي نصيب ٿي ۽ زندگي جون اڃا کوڙ ساريون بهارون ماڻي. تازو سندس زندگي تي قربان صاحب جي پنهنجي لکڻين تي ڪتاب ”ڇنڻ مور نه سکيا“ ڇپجي مارڪيٽ ۾ آيو آهي، پر مون تائين نه پهتو هو. مان جڏهن ڪجهه ڏهاڙا پهرين سکر جي سڌ سماءُ واري آفيس ۾ ڪم سانگي ويس ته سيد آصف شاهه جي ٽيبل تي ڪتاب پيل ڏٺم. آصف شاهه، قربان پيرزادو جي شاگردي ۾ رهندي هن وقت سکر اطلاعات کاتي جو ڊائريڪٽر آهي. مان نه رڳو هجت ڪري اهو ڪتاب اتان کنيو، پر آصف شاهه فون تي قربان پيرزادو جن سان ڳالهه به ڪرائي. فون تي وڏي عرصي کان پوءِ تمام گهڻي ڪچهري ٿي. سندس آواز ۾ اڃا تائين ساڳي کل مذاق ۽ هجتن جا انبار مليا. ڪتاب ”ڇنڻ مور نه سکيا“ ۾ جن به دوستن قربان پيرزادو تي لکيو آهي، اهو پورو سچ ۽ هن جي شخصيت سان انصاف ڀريو آهي. قربان پيرزادو اڄ به انور پيرزادي کي پنهنجو استاد ٿو سمجهي. بدر ابڙي لکيو آهي ته قربان پيرزادي جي عمر ايتري لڳي ڪونه ٿي، جيتري ٻڌائين ٿا. چون ٿا ته ۱۹۴۸ع ۾ جنم ورتائين ۽ انور جڏهن سنڌ يونيورسٽي ۾ انگريزي پڙهائيندو هو، تڏهن قربان اتي انگريزي ادب ۾ داخلا ورتي ۽ ايم اي ڪري نڪتو. معنيٰ ته قربان پيرزادو انگريزي ادب جو به وڏو ڄاڻو آهي. هو جڏهن انفارميشن جو ڊائريڪٽر هو تڏهن به فقيري هن جي وجود جو حصو هئي. وڏن وزيرن، مشيرن، ڪامورن جي گڏجاڻين ۾ نوڪري جي نسبت سان ويندو ضرور هو پر هو تڪڙ ڪري ڊائريڪٽر هجڻ جي حيثيت سان ڪڏهن به اڳي ڪرسي تي وڃي ويهندي ڪو نه ڏٺو. هميشه ڪنڊائتي ڪرسي ڳولي وڃي، ان تي ويهي رهندو هو. شور شرابي کان هميشه پاسيرو رهندو هو. اڪيلائي هن جي بهترين ڪرت هوندي هئي، نه ته اسان وٽ ڪوئي رڳو سترهين گريڊ ۾ وڃي ٿو، تڏهن به آڪڙ ۾ ڪنڌ جي هڏي سڄائي ڇڏي ٿو. ڪنڌ ۾ ڄڻ ڪلي لڳل هجيس پر هن فقير ماڻهوءَ وٽ اهڙيون ارڏايون ڪو نه هيون. ڇو ته هو پاڻ خانداني، ڳوٺ جو زميندار ۽ تمام وڏي حيثيت رکندڙ آهي. پر ان کي ڪڏهن به محفلن ۾ ظاهر ڪونه ڪيو. هڪ سچي کري انسان جون اهي به خوبيون هونديون آهن ته هر ڳالهه سڌي منهن تي چئي ڏئي، جيڪا ڳالهه قربان پيرزادو جي طبيعت جو حصو آهي. مونکي اها خبر ڪتاب ڇنڻ مور نه سکيا مان پئي ته هو شاعر به آهي. نوڪرين دوران هن ڪڏهن نه ٻڌايو ته شاعري به ڪندو آهيان. ڪتاب ۾ عبدالڪريم گدائي تي لکيل نظم پڙهي ڏاڍي خوشي ٿي ته هو ڪيڏو پختو شاعر آهي، سندس لڪيل راز کي پڙهندڙن جي آڏو رکان ٿو ته
ڏات
جنهن وقت
ٿي ماٺي ٿئي
فن کي
ان وقت
ڄڻ ڪو
ڪک ٿو سنگهي
روح ٿو ريهه ڪري
پاڻ ٻري
جيءَ جهري
جان کي جهنجهوڙ ڪري
اتي مورخ
هيئن چوي
فن کي شايد فالج ٿيو آ
واهه واهه ڪمال جو فن ۽ خيال آهي آخر تائين ٿيل شعر سان نباهه سچ پڇو ته مون کي ڏاڍو وڻيو آهي. هن ڪونج جهڙي سٻاجهي شخص ڪوئل جهڙي لات رکندڙ قربان پيرزادو ۴ سيپٽمبر ۱۹۴۸ع تي موهن جي دڙي جي قدامت تهذيب ڀرسان لاڙڪاڻي ضلعي جي ٻلهڙيجي ۾ جنم ورتو. هن ڳوٺ کي لٽل ماسڪو به چوندا آهن. ڇو ته ٻلهڙيجي علم ادب سياست جي حوالي سان پوري سنڌ ۾ نرالي تاريخ ۽ حيثيت رکي ٿو. اهو انور پيرزادو هجي، ڪامريڊ گلاب پيرزادو هجي، محب پيرزادو يا کڻي قربان پيرزادو هجي، وري نوجوانن جي کيپ ۾ زلف پيرزادو، سهيل پيرزادو، الطاف پيرزادو ۽ ٻيا کوڙ نالا حوالي طور ڳڻائي سگهجن ٿا. قربان پيرزادو ۱۹۸۱ع ڌاري سڌ سماءُ کاتي ۾ سکر ۾ تڏهن آفيسر ٿي آيو هو، جڏهن اسان کي صحافت جي ”ص“ جي به خبر ڪو نه هئي. سندس جنم ته 4 سيپٽمبر تي ٿيو هو پر رٽائرڊ وري ۳ سيپٽمبر ۲۰۰۸ع ۾ ٿيو. هن نوڪري جهڙي نيڪ دلي خوب سچائي ۽ ايمانداري سان ڪئي، شايد ڪو اهڙو آفيسر اڄ جي دور ۾ هجي، جيڪو چئي ته مان قربان پيرزادو جهڙي صاف شفاف نوڪري سرانجام ڏئي رهيو آهيان. مون کي اهڙو ماڻهو ڳولهيو ڪونه ٿو لڀي. جيڪو قربان پيرزادو جهڙو آدرشي ۽ اصول پرست هجي. سدائين قرب جون ڪچهريون، پيار جا ميلا مچائڻ هن جي زندگيءَ جو مشغلو رهيو آهي. دوستن کي سڏڻ، ڪٺو ڪرڻ ادبي ميڙاڪن ۾ هلي وڃڻ اهو به پابندي سان ۽ وقت تي پهچڻ هن کان ڪوئي سکي. چوندا آهن اندر ۾ ڀلي کڻي سوين درد ڀريل ڇونه هجي پر مک تي مرڪ لازمي آهي. قربان پيرزادي ۾ اها خوبي آهي ته مک تي سدائين مرڪ هوندس، پڪا ڀوڳ ڪرڻ، وڏا ٽهڪ ڏيڻ زندگي ۾ ڄڻ نوان رنگ ڀري ڇڏيندو آهي. هي ناچيز بندو ساڻس عمر ۾ ننڍو هجڻ جي باوجود هن کان گهڻو ڪجهه سکيو آهي. ڌڻي در دعا آهي ته هو ايئن سدائين کلندو ملندو، ٽهڪ ڏيندو رهي. هو اڃا کوڙ سارا ڪتاب پنهنجي سنڌي سٻاجهي ٻولي کي ارپيندو رهي.


قربان پيرزادو
هڪ دور جي پڄاڻي - هڪ مور شخص جي موڪلاڻي
الطاف پيرزادو
قربان پيرزادو، جنهن کي پنهنجي امڙ پيار مان قربڻ سڏيندي هئي سو قربڻ اڄ ٻلهڙيجي کان، سنڌ کان هميشه لاءِ وڇڙي ويو. قربان صاحب جي سڄي زندگي جدوجهد ۽ محنت ۾ گذري، هن ننڍپڻ کان جواني تائين زندگي جي راھ ۾ ايندڙ هر ڏکيائي، هر مشڪل کي چيلينج سمجهي کنيو، ۽ انهن جو مڙس ٿي مقابلو ڪيو. نتيجي ۾ کيس اهڙي ڪامياب ۽ لازوال زندگي نصيب ٿي، جيڪا ڪنهن کي نصيب ٿيندي آهي ۽ نصيب وارن کي ئي نصيب ٿيندي آهي .
هو ايماندار ۽ فرض شناس آفيسر به هو ته ذميوار پيءَ به. هو ڪچهري جو ڪوڏيو محفل جو مور اهڙو انسان هو جنهن کانسواءِ اوطاق ۽ ڪچهري ٻئي ٻسيون ڀاسنديون هيون. قربان صاحب هر ٽهي جو ماڻهو هو، هر عمر وارن جو يار، ڪمال جو انداز بيان رکندڙ هن ماڻهو جي شائسته گفتگو کي سندس ٽوٽڪائي ۽ ڀوڳائي انداز اهڙي ته رونق بخشيندو هو جو هن کانسواءِ ڪچهري ڄڻ ته بي رونق لڳندي هئي.
سياست، ادب ۽ لوڪ ڏاهپ هن جي پسند جا موضوع هوندا هئا . هو سماجي خدمت ۽ ڳوٺ جي فلاح بهبود لاءِ به سرگرم رهيو. ڳوٺ لاءِ بجلي جي سهولت هجي يا ڳوٺ سڌار سنگت يا وري انڊس ڊولپمينٽ ايسوسرئيشن يا سوشل ميڊيا هر محاذ تي سرگرم رهيو. هن هر ٽهي ۽ نسل سان پاڻ کي ڳنڍي رکيو. سوشل ميڊيا جي ذريعي هن ڳوٺ سان ۽ ڳوٺ وارن سان پاڻ کي ڳنڍي رکيو. ٻلهڙيجي واٽسيپ گروپ تحت سرگرمين ۾ به پيش پيش رهيو. هو گذريل ٻن ٽن کان بيمار هيو پر بيماري کي پاڻ تي حاوي ٿيڻ بدران پاڻ بيماري تي حاوي رهيو.
قربان صاحب ڪتاب به هو اديب به هو سرجڻهار به. هو دوستي جي کيتر ۾ وري اهڙو ته شاهوڪار هو جو سڄي سنڌ ۾ جتي به وڃو اوهان کي سندس دوست يار ضرور ملندا. انور پيرزادو ۽ قربان صاحب ننڍپڻ جا اهڙا پڳ مٽ ۽ لنگوٽيا يار هئا جن ٻلهڙيجي ۾ شعور جي لاٽ ٻاري. فرسوده ريتن ۽ رسمن کان بغاوت ڪري ٻلهڙيجي کي نئون دڳ، رنگ ۽ روپ ڏنو.
قربان صاحب اڄ اسان کان وڇڙي ويو آهي. هن جي وڇوڙي ٻلهڙيجي جي اوطاقن کي به ٻسو ڪيو آهي ڪراچي ۾ ٻلهڙيجي واسين جي مچندڙ ڪچهرين کي به. هو اڄ پنهنجي جيون ساٿي کي به وڇوڙي جو وھ ڏئي اڪيلو ڇڏي ويو، جنهن کانسواءِ سندس پل به نه سرندي هئي. اڄ ٻلهڙيجي اداس آهي، ٻلهڙيجي سوڳوار آهي. ٻلهڙيجي پنهنجي هن صدوري ۽ سلڇڻي پٽ کي هميشه ساريندي رهندي.

قربان پيرزادو
زندگيءَ جي عملي تفسير جهڙو
راز علي گُل ڀٽو
تو تي ڇا قُربان ڪجي، ڏَسي ڇا ڪجهي.
جان ودل قربان ڪجهي، ڏَسي ڇا ڪجي.
هن بيت جهڙو هڪڙو ماڻهو ۱۴ جنوريءَ ۲۰۱۸ع تي اوهان اسان سڀني کان بنا موڪلائي راهه عدم جو راهي ٿي ويو، اڄ هو مخدوم شاهه جمال جي اباڻي قبرستان ۾ اهڙي ابدي ننڊ ۾ سُتل آهي، جتان کيس واهان اسان مان يا ڪير به جاگائي يا اُٿاري نٿو سگهي.
حياتي گذارڻ وڏي ڳالهه ناهي،
ٻين لئي جيئڻ ئي اصل زندگي آ.
ٻين کي حياتي ارپڻ جو گڻ هر ڪنهن انسان ۾ ناهي ٿيندو،  جيڪو قربان پيرزادي صاحب ۾ هئو. مگر هو علمي طور ان گُڻ سان مالا مال هُيو، ڪسي پڪي، ڏک سک ۾ سٿ نباهڻ وارو هي مانيٺو ماڻهو هر روح جي راحت بڻجي رهيو، ۱۹۷۹ع يا ۱۹۲۰ع ڌاري ان وقت ساڻس واچتي ملاقات ۾ مونکي اها پروڙ بنهه ڪا نه هُئي ته اڳتي هلي اسان ٻئي سڪ جي هڪڙي ئي سڳي ۾ پوئجي وينداسين، اهو اسان جي شاگرديءَ وارو زمانو هُيو،
۱۹۹۸ع ۾ جڏهن منهنجي بدلي سکر ۾ ٿي ته پتو پيو ته سائين به سکر ۾ ڊپٽي ڊائريڪٽر اطلاعات جي ڪرسيءَ سان قابو آهي. دوستن جي معرفت هڪٻئي سان رابطو ٿيو، ميل جول ٿي ۽ پوءِ ته اهڙا ڪڙيا سي ۽ جڙياسي جو ڪڏهن سائين منهنجي آفيس ۾ ته ڪڏهن مان سندس آفيس ۾ مٿان ٻين محبتن کي به ميڙي وٺندا هُئاسين، اهڙيون ڪچهريون لڳنديون هُيون جو ٻئي سرڪاري وقت جي خيانت ڪري وٺندا هُئاسين، سنڌي ادبي سنگت سکر شام جي گڏجاڻي يا ڪنهن ٻئي ادبي ميڙاڪي ۾ گڏجي ويندا هُئاسين، مٿان وري مون ۲۰۰۳ع ۾ عشق پبليڪيشن رسالو گمبٽ مان جاري ڪيو ته ان کي رجسٽر ڪرائڻ ۾ ڪافي ڪارائتا مشورا ڏنائين، سي به مفت ۾، سندس ياداشت ۾ پاڪستاني حاڪمن جي ٽيهارو سالن جي لڪل تاريخ محفوظ آهي، اسان جو پاڻ ۾ يادگيريون لکڻ تي وڏو بحث ٿيندو هُيو، سائين ٿڌيرو مڙس لکڻ کان لهرائيندو هُيو، نيٺ دوستن جي گڏيل ستوهه ۽ اصدار تي هڪ ڪتاب ”ڇنڻ مُور نه سکيا“ جي عنوان سان سهيڙي ۽ ڇپائي ورتو، سندس هي ڪتاب مسقتبل ۾ سنڌي ادب ۾ چڱي جاءِ والاريندو.
جيڪڏهن اسان کانئس يادگيريون لکرائڻ ۾ ڪامياب ٿيون ها ته سنڌي ادب جي تاريخ کي هڪ شاهڪار ڪتاب ملي پوي ها، ڇو ته سندس دفتر هڪ ادبي مورچو هُيو، جتي ادبي اوسر ترويج، ترقي ۽ سياسي لاهن چاڙهن تي وڏا وڏا بحث ۽ ٽيڪا ٽپڻيون ٿينديون هُيون. هو ايئرڪنڊيشنر کي “ٿڌي پيتي” سڏيندو هُيو، دوستن کي صلاحڻ مهل چوندو هُيو ته يارو اچو ٿڏي پيتي هلي ٿي چاءِ تي ڪچهري ٿا ڪريون، ڪچريون هن جو جياپو هُيون،
ڪجهه سالن لاءِ بيماريءَ جي جنگ دوران ٻلهڙيجيءَ سان ٻه اکيون ڪرڻ تي مجبور ٿيو، ان لاءِ هيئن ڇو نه چوان ته؛
درد دلين جو طالبوُ
دليون ڳولي ٿو
چين چورائي دلين جو
موهن جي دڙي جي چيڪي مٽيءَ مان ڳوهيل هي ماڻهو پنهنجي ڀاوءَ ۽ سُلوڪ جي ڪري ماڻهن جي دلين ۾ عُمر به ايڏي ئي ماڻيندو، هن جي يادن جا آثار به مُنهين جي دڙي جيترا پڪا ۽ پختا آهن، جن کي گردش ايام ۽ زماني جا جهلا جهولا ميثاري نٿا سگهن. ڏکارا هن لاءِ سندس ساڻيهه ۽ سٿ ته لازمي آهن، مگر اسان جهڙا سڌڙيا به سندس جدائي جي درد کان آجا ناهن.
اوهان اسان جي سنگت جو هتي هجڻ سندس گهراڻي لاءِ ته آٿت ضرور آهي، ليڪن سندس سنگت کي صرف هُن جي قيمتي گهڙين ۽ يادگيرين جو سهارو آهي، جيڪي بيشڪ اسان جي دوستيءَ جي دم لاءِ وڏو اثاثو آهن. انهن يادگيرين کي قلم جي قبضي ۾ ڪري هڪٻئي ۾ ورهائي سگهون ٿا. هڪڙي يادگيري اها به آهي ته سيپٽمبر ۲۰۰۷ع  ۾ هي مانائتو ماڻهو نوڪريءَ کان آجو ٿيو ته راقم الحروف هڪ شام ملهائڻ جي خواهش ظاهرڪئي ته هن مانائتي ماڻهوءَ دلي طور اها دعوت قبول ڪئي، ان شام ۽ رات ملهائڻ جي سموري ترتيب ۾ سندس راءِ ۽ صلاحون شامل هيون. اها شام گمبٽ شهر جي باءِ پاس تي موجود هوٽل جي ڇت تي ۱۱ سيپٽمبر ۲۰۰۷ع  فرشي نشت جي صورت ۾ منعقد ڪئي وئي، جيڪا شام جو ڇهين وڳي شروع ٿي ۽ صبح جو پنجين وڳي تائين جاري رهي، جنهن ۾ سئو کان وڌيڪ سندس دوستن عزيزن ۽ ڳوٺاڻن شرڪت ڪئي. هن ليک ۾ اسان جنهن شخصيت جو ذڪر ۽ فڪر ڪيو، جيڪو توهان ۽ اسان جو پيارو، ڌرتيءَ ڄائو، جيڪو سٺ سال اسان اوهان ۽ الائي ڪيترن کي کلائيندي کلائيندي ۱۴ جنوري بروز اڱارو ۲۰۱۸ع تي راڄ رُئاري سڀ ڪسرُون ڪڍي وڃي شهر حمو شان جو مڪين ٿيو آهي، اهو دلين ڌڻي آهي، سائين قربان علي پيرزادو، شل جنت ڀيڙو هجي. ۲۳ فيبروري، بروز جمعو، سندس چاليهي جي نسبت سان لکيو ويو.

قربان پيرزادو
ويو وڻجارو اوهري
شهباز پيرزادو
جنهن سماج ۾ سنجيده، نظرياتي، اصولن جي پڪن، قول ۽ فعل ۾ مضبوط ۽ ذميواريون بهتر نموني سان نڀائيندڙ ماڻهن جي کوٽ هجي اتي جيڪڏهن ڪو اهڙن اصولن سان مالا مال ماڻهو موڪلائي وڃي ٿو ته سڄو سماج ماتمي جلوس جو ڏيک ڏئي ٿو جنهن ۾ هر ماڻهو سينو ڪُٽي فطرت سان احتجاج ڪري ٿو پر فطرت هر ماڻهوءَ لاءِ پنهنجا پنهنجا قانون ٺاهيا آهن، جن کي چاهيندي نه چاهيندي به قبول ڪرڻو پوي ٿو اهڙو ئي نه چاهيندي قبول ٿيندڙ  ڏينهن ۱۶ جنوري ۲۰۱۸ به آهي جنهن ڏينهن تي هڪ ذميوار، ذهين، آدرشي ۽ باڪردار ماڻهو قربان پيرزادي جي ساهه جو پنڇي جز کان جدا ٿي ڪُل ڏانهن  اڏري ويو ۽ سندس اهڙي اڏام سچائي ايمانداري رواداري ۽ ماڻهپي کي به روئاري وڌو.
قربان پيرزادو هڪ اهڙو انسان جنهن  پنهنجي زندگيءَ ۾ ڪڏهن به آدرشن کي پٺي نه ڏني. سچائي جو دامن نه ڇڏيو ۽ نه ئي ڪو اهڙو ڪم ڪيو جنهن تي ماڻهوءَ کي ڪنڌ جهڪائڻو پئجي وڃي.
زندگي جي ڪنهن به موڙ تي  هي مايوس نه ٿيو ڇو جو هن جيڪي به قدم کنيا اهي شعوري طور کنيا ۽ شعوري طور کنيل قدمن کانپوءِ مايوسي ويجهو ئي ڪا نه ايندي آهي.
قربان پيرزادو ڪچهرين جو مور ماڻهو هو. گفتو کڻڻ جو ڏانءُ اهڙو هوندو هيس جو سموري ڪچهريءَ جو مرڪز لڳو پيو هوندو  هو ٻارن سان ويهندو ته ٻاراڻيون پر سبق سان ڀرپور ڳالهيون ڪندو، اوطاق تي ويهندو ته سماج، سائنس، ادب، سياست، معيشت، بيوروڪريسي، لطيف ۽ سچل سائين سندس ڪچهرين جا موضوع هوندا. هر مڪتبهء فڪر جي ماڻهوءَ سان ان جي ذهنيت مطابق ڪچهري ڪرڻ جو تمام وڏو ڏانءُ هوندو هيس.
آئون جڏهن ننڍو هوندو هيس ته قربان صاحب پنهنجي ننڍپڻ جا تجربا ٻڌائيندا هو. جڏهن ڪتاب پڙهڻ لڳاسين ته هو پنهنجو ۽ پنهنجي دور جو ادبي سفر سمجهائيندو هيو. مطلب پنهنجيون ۽ پنهنجي دور جون ڳالهيون اسان کي ٻڌائيندو به هيو ۽ اڻ سڌي طرح اها تلقين به ڪندو هيو ته هنن شين کي ڌيان ۾ رکو. ادب جي دنيا جو ذڪر نڪرندو هيو ته بابا قربان چوندو هو ته اڄڪلهه سڀڪو صاحب ڪتاب ٿيڻ جي چڪر ۾ اچي ويو آهي! مطالعو گهٽجي پيو جڏهن ته اشاعت ڏينهون ڏينهن وڌي پئي. ان ڳالهه مان اوهان اندازو لڳائي سگهو ٿا ته هن اسان کي پنهنجي سماج جي حالت مطابق مطالعو وڌائڻ جي هدايت ڪئي ۽ تڪڙي اشاعت کان پرهيز ڪرڻ جو به چيو.
ڏسو سادن لفظن ۾ ڪيڏي وڏي ڳالهه سمجهائڻ جو هنر رکندڙ هيو قربان پيرزادو. ها قربان پيرزادو اهو ماڻهو هيو جنهن جي نظر هڪ ئي وقت بدلجندڙ سماجي ۽ عالمي حالتن تي هئي. هو پنهنجي ڳالهه دنيا  جي حالتن سان ڀيٽڻ بعد پيش ڪندو هيو، ڪڏهن به غلط بياني نه ڪندو۔ جيڪڏهن ڪا ڳالهه سندس مطالعي هيٺ آيل نه هوندي ته اهو چوڻ ۾ به نه لهرائيندو ته منهنجي اها شئي پڙهيل ناهي . هڪ دفعي امر جليل صاحب پنهنجي پروگرام ۾ شهيد هوش محمد شيدي کي ”هٿ جو ٺاهيل هيرو ڄاڻايو“ شام تي بابا قربان صاحب سان ڪچهري ٿي. مون کيس چيو امر جليل پنهنجن ڳالهين تان پاڻ ڦري رهيو آهي. هن ڪنهن زماني ۾ ”هوشو شيدي جي آخري شام“ نالي ڪهاڻي لکي هئي. ترت پڇيائين ته  اهو ڪتاب اوهان وٽ آهي جنهن ۾ اها ڪهاڻي شايع ٿيل آهي مون هائو ڪئي ۽ بابا صاحب مونکان ڪتاب وٺي هڪ ئي ويهڪ ۾ پڙهيو.
اهو شين جي تهه تائين پهچڻ جو عشق هيو جيڪو بابا صاحب جي من ۾ آخر تائين موجود هيو ڇو جو هو پاڻ مشاهداتي ماڻهو هيو. ڳالهيون ٻڌندو هيو پر راءِ تڏهن ڏيندو هيو جڏهن پاڻ ڪٿي نه ڪٿي ان ڳالهه بابت پڙهيو هوندائين، نه پڙهڻ جي صورت ۾ پنهنجي ڳالهه زبردستي نه مڃرائيندو هو البته ايترو ضرور چوندو هيو ته ان معاملي  بابت پڙهي پوءِ ڪچهري ڪبي.
قربان پيرزادو هڪ شاگرد کان وٺي انفارميشن جي آفيسر تائين سچائي ۽ مخلصيءَ کي پاڻ ساڻ کڻندو هليو. هن وٽ پنهنجي دوستن عزيزن جو وڏو مان هوندو هيو. هن پنهنجي ڳوٺ ۽ آس پاس جي ماڻهن جي وس آهر مدد به ڪئي، ڪامريڊ گلاب ٻڌائيندو آهي ته جڏهن ڪامريڊن تي لٺ پئي وسي اسين سڀ جيل ۾ هئاسين، ڪير اسان جي وارثي ڪرڻ لاءِ تيار ڪونه هيو اتي قربان صاحب نوڪريءَ جي پرواهه نه ڪندي سرڪاري گاڏين تي اسان سان جيل ۾ ملاقات ڪرڻ لاءِ ايندو هيو ۽ ضرورت جو سامان به مهيا ڪندو هيو.
سنڌي، اردو، سرائڪي ۽ انگريزي ٻولي جا ادبي ڪتاب قربان صاحب دلچسپيءَ سان پڙهندو هيو هن جي دل ۾ ٻولين ۽ قومن لاءِ ڪا به نفرت نه هئي. چوندو هو ته دنيا جي ڪنهن به ٻوليءَ کي نظرانداز نٿو ڪري سگهجي. سڀني ٻولين جي پنهنجي پنهنجي حيثيت آهي. جيترو ٿي سگهي انهن ٻولين کي پڙهجي ۽ انهن سان ويجهڙائي ڪجي. جيڪڏهن اسان هڪ ٻوليءَ کي نظرانداز ڪنداسون ته معني اسان هڪ قوم جي قومي حيثيت کي پٺي ڏنيسين. سو جيڪڏهن پنهنجي قومي تشخص جي ڳالهه ڪريو ٿا ته ٻين قومن جو به پاڻ جيترو قدر ڪريو..
تعليمي ۽ شعوري يافته ماڻهو سماج جي هر فرد کي تعليم يافته ڏسڻ چاهيندو آهي اهڙي ئي خواهش قربان پيرزادي جي به هئي. هو چاهيندو هيو ته هر ماڻهو لکي پڙهي تعليم يافته ٿئي. مرد توڙي عورت ۾ تعليم جي ميدان ۾ ڪا به اڻ برابري نه هجڻ گهرجي. تعليم ئي آهي جيڪا انسان کي بهتر رستي ڏانهن وٺي وڃي سگهي ٿي ۽ جهالت جي زنجيرن کي ٽوڙڻ ۾ مددگار ثابت ٿي سگهي ٿي.
قربان پيرزادو پنهنجي خاندان جو پهريون نوجوان هيو، جيڪو يونيورسٽي جي اعليٰ تعليم پرائي نوڪري جي تمام وڏي عهدي تي رسيو. هن جو تعلق غريب گهراڻي سان هيو تنهن باوجود به هن همٿ نه هاري. پڙهائي سان اهڙو پيچ پاتو جنهن پيچ جو ٽٽڻ ناممڪن ٿي پيو.
تاريخ شاهد آهي ته اڪيلا ماڻهو سماجن کي تبديل ڪندا رهيا آهن ۽ انهن جي پيدا ڪيل تبديلي منجهان نسلن جا نسل فائدو وٺندا آهن. قربان پيرزادي جيڪا تعليم جي لاٽ ٻاري ان لاٽ منجهان اڄ سندس اولاد سميت پورو خاندان فائدو وٺي رهيو آهي. سندس چار ئي پٽ اعلي تعليمي يافته آهن ۽ پنهنجي والد وانگر تعليم جي ميدان ۾ شاگردن سان پيش ايندڙ مسئلن ۾ انهن جي ممڪن مدد ڪندا آهن. اها قربان صاحب جي ٺاهيل تعليمي واٽ آهي جيڪا سندس گهر کان سندس ويڙهي تائين منتقل ٿيندي پئي اچي ۽ ان سڄي منتقليءَ پٺيان ڪٿي نه ڪٿي سڌي يا اڻ سڌي طرح قربان پيرزادي جو وڏو ڪردار آهي جنهن کي وساري نٿو سگهجي.
نوري ۽ ناري جوڳيئڙا جهان ۾
ٻري جن ٻاري آئون نه جيئندي ان ريءَ
قربان پيرزادي ڪڏهن به نه ڪن چيرايو ۽ نه ئي گيڙو اوڍيو پر پوءِ به هو تصوف جو پرچارڪ هيو. انتها پسنداڻي سوچ جي هميشه مخالفت ڪيائين ۽ انسان جي بنيادي آزادي واري فلسفي تي يقين رکندڙ هيو. جهيڙي جهٽي کان پاسو ڪبو. درگذر ڪرڻ تي وڌيڪ ڌيان ڏبو. اسان سميت هر نوجوان کي اها هدايت ڪندو رهيو ته شين جو جائزو سهپ مان وٺندا ته وڏيون ڳالهيون به ننڍڙيون نظر اينديون. پر جيڪڏهن جذباتيت جي بنياد تي فيصلا ڪبا ته ننڍڙين ڳالهين تي به وڏو معاملو اٿي سگهي ٿو.
سندس فقيراڻي مزاج جي اها نشاني آهي ته پاڻ بيماري جي بستر تي پنهنجي دوستن جهڙي وڏي پٽ ڀائو حسن علي کي هدايت ڪيائين ته منهنجو وڇوڙي تي غم نه ڪجو ڇو جو وڇوڙو ئي ميلاپ آهي. اوهان مونکي فقيري انداز سان لحد ۾ لاهجو. قربان صاحب جي چاليهي تي صوفي فقيرن جي سنگ سان سچل جي ڪلامن جي سرگم تي ڀائو حسن رقص ڪندو شاهه جمال جي ميدان تائين آيو ۽ والد جي مزار تي چادر چاڙهيائين، اهو منظر انتهائي حساس ۽ ڏوکوئيندڙ هيو، هر اک آلي هئي .هڪ طرف قربان صاحب جي وڇوڙي جو ڏک هو ٻئي پاسي ڄڻ سندس ڪُل سان ملاقات جو جشن به هيو جيڪا سندس وصيعت به هئي جنهن جو پوراءُ ان جي گهر ڀاتين ان انداز ۾ ئي ڪيو جيڪو هن چاهيو.
بيشڪ هن ڌرتيءَ جي گولي تي اهڙن انمول ماڻهن جي کوٽ آهي جيڪي پاڻ کي هٿرادو جوڙيل نظام جي ويجهو ڏسڻ نٿا چاهين ۽ سندن اصول ئي سندن زندگيءَ جو طريقڪار آهن. بابا قربان پڄاڻان سندس هر دوست ۽ عزيز ڏکارو آهي. ڇو جو هن جي شفقت ڀريو هٿ هر ماڻهو مٿان رهيو، سڀڪو هن کي پنهنجو يار سمجهندو هيو هڪ ئي ملاقات ۾ جيڪڏهن ڪو ماڻهو قربان پيرزادي جي محبتن جي ڪڙن ۾ قيد نه ٿيو ته ڄڻ ملاقات ئي نه ٿي! اها هن جي خاصيت هئي.
پر بابا صاحب جو وڇوڙو هڪ تقاضا به ڪري ٿو ۽  هڪ پيغام کي عام ڪرڻ جي نصيحت به ڪري ٿو. اهو پيغام سندس آدرشن سان سرشار پيغام آهي، اهو پيغام جنهن منجهه لالچ لوڀ ناهي، اهو پيغام جنهن ۾ لطيفات آهي، اهو پيغام جنهن منجهه ذاتي خواهشن کان مٿي مجموعي مفاد آهن. اهو پيغام جنهن ۾ رواداري سهپ ۽ پريتڻو آهي.
اچو ته ان قربان صاحب جي پيغام کي عام ڪري ساڻس محبت جو اظهار ڪيون.
کاھوڙِيُنِ خَفِّيءَ سين، سوجھي لَڌو سُبُحانُ؛
عاشِقَ اَھڙي اَکَرين، لَنگِھيا لا مَڪانُ؛
ھُوءِ ۾ گَڏِجِي ھُوءِ ٿِيا، بابُو جي بِريانُ؛
سَڀوئِي سُبُحانُ، آيو نَظَرُ اُنَنِ جي.
______
مُون سي ڏِٺا، ماءِ! جنِين ڏِٺو پِرينءَ کي؛
رَھِي اَچِجي راتڙِي، تن جُنگَنِ سَندِيءَ جاءِ؛
تنِين جِي ساڃاءِ، تُرھو ٿِئي تارِ ۾.


ڪاڪو قربان پيرزادو
سالگرهه جي حوالي سان ڪجهه دل جون ڳالهيون!
ھمسفر گاڏھي
سنڌ مختصر آ، ڦري گهري ماڻهو جو ڪٿي نه ڪٿي مکاميل ٿيو وڃي. ايئن ئي سموري سنڌ ۾ مروج چوڻيون، محاورا ۽ لفظ به مختلف هنڌن تي ساڳي نوعيت ۽ معنيٰ ۾ استعمال ٿيندي ٻڌڻ لاءِ ملن ٿا. ايئن آئون تجربي آڌار چوان ٿو، ڇو ته اسان ٻاروتڻ ۾ پنهنجي والد جو ڪو ڀاءُ نه هجڻ باوجود سندس سوٽن کي احترام وچان سمورا ڀائر توڙي ويجها عزيز “ڪاڪو” ڪري سڏيندا هئاسين. ايئن اهو لفظ مونکي ۹۰ع جي ڏهاڪي ۾ تڏهن ڪنن سان ٽڪرايو جڏهن آئون روزاني عوامي آواز ۾ ڪم ڪندي سائين انور پيرزادي کي ويجهو ٿيس، کيس ٻلهڙيجي جا سمورا پيرزادا عزت ۽ احترام وچان “ڪاڪو انور” ڪري سڏيندا هئا ۽ انور صاحب جي ڪري ئي قربان پيرزادي صاحب سان ميل ملاقات ٿيندي هئي. گهڻو پوءِ مون ٻلهڙيجيءَ سان واڳيل پنهنجي ڪافي صحافي دوستن خاص طور سؤٽ زلف پيرزادي ۽ الطاف پيرزادي واتان قربان صاحب لاءِ به “ڪاڪو قربان” چوندي ٻڌو، تڏهن مونکي پڪ ٿي وئي ته ٻلهڙيجيءَ جا پيرزادا به ٺيٺ ٻهراڙيءَ واري ان ڪلچر جو مان سدا مٿاهون رکيو ٿا اچن، جنهن ۾ ڪٽنب جي هر وڏڙي کي احترام وچان ڪاڪو ئي سڏبو آهي.
جيتوڻيڪ قربان پيرزادي صاحب سان منهنجي ويجهڙائپ جو ٻيو حوالو منهنجو نهايت دلبر دوست ظهير ميراڻي آهي، جيڪو اڃا به مونکي سوٽ ڪري سڏيندو آهي ۽ آءُ به کيس پنهنجي سڳن سوٽن وارو مانُ ڏيندو آهيان. ان اکر پٺيان هڪ پسمنظر آهي، ٿيو ايئن ته صحافت جي دنيا ۾ سائين ف م لاشاري ۽ سائين انور پيرزادو، هڪٻئي کي سوٽ سڏيندا هئا-اسان ٻنهي دوستن به اهو اَکر اتساهه طور کانئن اُڌار ورتو ۽ اڄ ڏينهن تائين اُن جو مانُ به رکندا اچون. ظهير وٽ به قربان صاحب سان کوڙ ڪچهريون ٿينديون هيون. ياد ٿو پويم ته جڏهن پاڻ سڌ سماءُ واري کاتي ۾ ڊائريڪٽر هئا تڏهن اسان ٻنهي دوستن سنڌ سجاڳ اخبار ۾ پارٽنرشپ ڪئي هئي جيڪا هلي ته مختصر عرصو، ان وقت سائين صفدر شاهه سنڌ انفارميشن کاتي ۾ اشتهارن واري شعبي جو جو ڊائريڪٽر هجي، جيڪو پيرزادي صاحب جو ڪلهه تائين به پڳ مٽ يار هو ۽ اڄ به آهي. بنا ڪنهن لوڀ لالچ جي انهن ٻنهي صاحبن اسان جي جيڪا مدد ڪئي اها ڪڏهن به نٿي وساري سگهجي. پر آءُ اهو سڄو ڪريڊٽ پيرزادي صاحب کي ڏيندس ڇو ته ان سان جيڪڏهن قرب جي ڪا تند جُڙيل نه هجي ها ته شايد ايئن ممڪن نٿي سگهي ها.
قربان پيرزادو، جيڪو آءُ سڃاڻان گهٽ ۾ گهٽ اهو ڪامورو هوندي به ڪڏهن ڪامورو نه رهيو، ڇاڪاڻ ته هي نهايت ٻاجهارو شخص سدائين ڦلدار وڻ وانگر جهڪيل ئي رهيو. دوست، يار ته پنهنجي جاءِ تي پر سندس وٽ جيڪو به ايندو هو عزتون ماڻي ويندو هو. اهو ئي سبب آهي جو هو اڄ جڏهن پنهنجو ڪيريئر پورو ڪري رٽائرمينٽ جي زندگي گذاري رهيو آهي تڏهن به سندس وٽ دوستن احبابن توڙي سندس اڳوڻي کاتي سان واڳيل ماڻهن جي جهرمٽ نظر اچي ٿي. حالانڪه رٽائرڊ ماڻهن وٽ ڪير لڙي به نه ويندو آهي، جيڪا خود سماجي بي حسي آهي. هن لاجواب شخص کان زندگيءَ جي اوڀارين لهوارين بابت گهڻو ڪجهه پرايوسين، اهو وکر پوءِ زماني سازيءَ جو هجي يا ماڻهن کي مانُ ڏيڻ جو، بهرحال سڄي زندگي لاءِ هڙ ۾ ٻڌي رکيو آهي، جيڪو قدم قدم تي ڪم اچي پيو.
ٻلهڙيجي جنهن جو سنڌ ۾ “لٽل ماسڪو” طور الڳ ٿلڳ تعارف موجود آهي، تنهن ڳوٺڙي ۾ ڪاڪي قربان پيرزادي ۴ سيپٽمبر ۱۹۴۸ع تي چاچي حسن علي پيرزادي جي گهر اک کولي-پاڪستان جو جنم ٿيو ۴۷ع ۾ ۽ قربان پيزادي صاحب جو جنم ٿيو ۴۸ع ۾، ان حساب سان پاڻ پاڪستان کان فقط هڪ سال ننڍو آهي، يعني لاوا ڪانڊا، همعصر ۽ هم عمر. قربان صاحب سڄي ڄمار کاٻي ڌر جي سياست سان واڳيل رهيو، ايم آر ڊي ۾ به ڪامريڊن جي ڪم ايندو رهيو- ليڪن خاموش سپاهي طور پنهنجو ڪردار ادا ڪيائين، ڪڏهن به پنهنجي ڪيل چڱائي کي ڪٿي به ڪئش نه ڪرايائين. ڏتڙيل طبقي ۽ سنڌ جي ڀلائي چاهيندڙ هي دلبر شخص اڄ به سماج ۾ مثبت تبديليءَ جا خواب اکين ۾ ٽاڪيو ويٺو آهي. جيتوڻيڪ عمر جي هن حصي ۾ سندس طبيعت به ٺيڪ نٿي رهي، کيس هفتي ۾ ٻه ڀيرا ڊائلاسز جي ڪرب مان گذرڻو پوي ٿو. آئون ويجهڙ ۾ به ساڻس قرب ڪچهري ڪري آيو آهيان. ورهين کانپوءِ ملياسين. تڏهن به سندن ساڳيو پيار ۽ قرب. شال سندن صحت سلامت رهي، ۽ وڏي ڄمار ماڻين. ڇو ته اهڙا ماڻهو سنڌ جهڙي سماج ۾ ورلي ڄمندا آهن، جيڪي پنهنجي ذات کان گهڻو اڳتي ڏور رس نگاهه رکندا آهن.




قربان پيرزادو

سندس ورسي ۽ ٻلهڙيجي ۾ ٿيندڙ جشن وصال جي صوفياڻي محفل

شهباز پيرزادو

ڍولڪ جي وڄت، ڇير جو ڇمڪو، ڪوهياريءَ جو آلاپ ۽ گيڙو رتي الفيءَ جو هڪٻئي سان ڪيترو تعلق آهي سو ته بيان ڪرڻ مشڪل آهي پر انسان جي جذبن جو موسيقيءَ جي سرن سان لاڳاپو ڪيترو آهي سو هر ماڻهو اکيون آليون ڪري ٻڌائي سگهي ٿو،

”سانون نچ ڪي يار مناوڻ ڏي” وارو تصور يار کي ريجهائڻ لاءِ آهي به الائي نه پر پنهنجي ذات کي ريجهائڻ لاءِ ضرور آهي. موسيقي جون صدائون انساني جذبن جي ترجماني کان ويندي گهايل دلين جي مرهم به آهن، سياري جي سانت ۾ سرن جو وکرڻ اندر ۾ سڪ ۽ سار جي اُها حرڪت پيدا ڪندڙ هوندو آهي جنهن ۾ انساني اندر مان لالچي ۽ لوڀ سان سرشار دنياوي زنگ به لهندو آهي ۽ وري اندر ۾ هڪ اهڙو منصف قائم ٿيندي به محسوس ٿيندو آهي جيڪو نامناسب عملن جو فيصلو اندر مان آواز جي صورت ۾ ڏيندو آهي جنهن بعد انسان کي صاف دل هجڻ جو دليل ڪنهن قاضيءَ کان وٺڻ جي ضرورت ناهي پوندي پر انسان پنهنجي اندر ۾ منصفاڻي حرڪت محسوس ڪندو آهي

مفتي منجھ وهائي ته قاضيءَ ڪاڻيارو نه ٿئين

اسان جي ڳوٺ ٻلهڙيجيءَ ۾ ٿيندڙ صوفياڻي محفلن جي تاريخ لڳ ڀڳ اڌ صدي پراڻي آهي جنهن ۾ شادين مرادين، ميلن ملاکڙن، ۽ درگاهن جي عرس مبارڪ تي صوفياڻي راڳ جو اهتمام مانيءَ جي اهتمام کان وڌيڪ ڌيان طلب رهيو آهي. سنڌ جا تقريبن سڀ گويا اسان جي ڳوٺ ۾ راڳ جي محفل ڪري چُڪا آهن اوطاق جي ڪلچر ۽ درگاهن جي هجڻ ڪري اسان جي ڳوٺ جو اڻپڙهيل عام ڳوٺاڻو به شاھ، سچل جا بيت ۽ راڳ جي بندشن بابت آسانيءَ سان ڄاڻي وٺندو آهي شايد سمبارا جي پاڙي ۾ هجڻ ڪري سندس چوڙن جو ساز ٻلهڙيجيءَ جي ڳوٺاڻن جي ڪنن ۾ هميشه کان رهندو آيو آهي جنهن ساز کين موسيقيءَ جي شناس کان ويندي ثقافتيءَ رسمن جي بلڪل قريب رکيو آهي، راڳ ۽ رقص گيڙوءَ رتيءَ سنڌ جي سڃاڻپ جا نشان آهن جن جي موجودگيءَ ۾ سنڌي ماڻهو ڪفر ۽ اسلام ۾ ابتا پير ڌرڻ بدران پرينءَ راھ ڏانهن مائل ٿيو جيڪا راه منصور، سرمد، عنايت، ۽ دراشڪوه جي راه به آهي. . .

‏جديد شهرڪاري نظام جي شروعات سبب جهڙي طرح پوري سنڌ اندر ثقافت رسمن ۽ تاريخي ريتن جي شڪل ۾ کوڙ ساري تبديلي آهي ساڳئي طرح اسان جي ڳوٺن ۾ به ايڪوسائونڊ جي آوازن فنڪارن جي ڳلي بابت سمجھ ئي ڦري ورتي آهي، ثقافتي ورثن جي جڳھ حاڪم طبقي جي ان ثقافت ولاري آهي جنهن سان غريب طبقي جي ماڻهن جو ڪوئي به واسطو ناهي ۽ محفلون، ميلا ۽ ملاکڙا مخصوص طبقن لاءِ منعقد ٿي رهيا آهن. . . .

‏پر ۲۰۱۸ ۾ اسان جي ڳوٺ جي اندر هڪ اهڙي صوفياڻي محفل جو بنياد به پيو جنهن ۾ هر طبقي ۽ هر عمر جو ماڻهو شريڪ ٿيندو آهي، ۽ هي محفل ڳوٺ جي تاريخ ۾ سڀ کان نرالي ان معني به آهي ته هن محفل کي "جشن وصال” سان منسوب ڪيو ويو

۱۶ جنوري ۲۰۱۸ قربان پيرزادي جي وفات جو ڏينهن آهي جيڪو پوري سنڌ اندر ايمانداري ۽ اصولن سان سرشار شخصيت طور سڃاتو وڃي ٿو ‏سندس شخصيت جي مختلف پاسن تي ڪافي ماڻهن لکيو آهي جيڪو مواد ڪتابي صورتن ۾ سهيڙيل به آهي پر سندس شخصيت جي آخري وصيعت واري پاسي کي به هزگز نٿو وساري سگهجي

‏هي راڳ جي محفل قربان پيرزادي جي وصيعت مطابق ٿئي ٿي جنهن چيو هيو ته موت جز جو ڪل سان ميلاپ آهي ۽ اهڙي ميلاپ تي ڏک ڪرڻ بدران رقص ڪرڻ گهرجي. مذهبي رياست ۽ ڪوڙين ورايتن جي ڄار ۾ ڦاٿل سماج اندر هن قسم جي وصعيت تي عمل ڪرڻ ڪو آسان معاملو ناهي پر شاه لطيف ۽ سچل جي پيغام کي سمجهندڙ سنڌ اندر هميشه اهڙي قسم جا ڏڻ ملهايا ويا آهن جيڪي جمود جي شڪار سماج اندر تحرڪ به پيدا ڪندا آهن ته ساڳئي وقت مستقبل ۾ پنهنجي ديس جي ثقافتي رسمن سان جڙيل هجڻ واري خواب کي ساڀيائون طرف وٺي وڃڻ جي هڪ ڪوشش به هوندا آهن. . .

‏روايتي انداز کان بلڪل الڳ هن محفل جو مزاج به پنهنجو آهي، قربان پيرزادو يادگار ڪاميٽي هر سال جنوري جي مهيني ۾ گذريل ٽن سالن کان هي صوفياڻي محفل ڪرائي رهي آهي جنهن جي شروعات قربان پيرزادي جي چاليهي کان ٿي، ‏قربان پيرزادو نه ڪنُ چيرائي صوفي ٿيو هئو نڪي گيڙو رتي الفي اوڍي طالبي جي طمع ڪندو هيو هو انگريزي ادب منجهان گريجوئيٽ هجڻ سان گڏ ڊاريڪٽر انفارميشنس هئو پر سندس ڪردار به سندس ڪپڙن وانگر هميشه بي داغ رهيو هن ايمانداري سان نوڪري ڪرڻ سان گڏ ايمانداريءَ سان ادبي ۽ سماجي ڪم به ڪيا. سندس من لالچ کان پاڪ ۽ شفاف هئو ۽ هو سمجهندو هئو ته ايمانداري جو جهنڊو کڻڻ ئي انسان جو اصل ڪم آهي ۽ اگر شعبي سان جڙيل ماڻهو ايمانداري سان فرض ادا ڪن ته هوند ڪو به سماجي مسئلو جنم ئي نه وٺي

‏راڳ اندر اجارڻ جو وسيلو آهي ۽ راڳ سان دليون ڌوپجي اجريو به ٿينديون آهن جنهن جي سالن پراڻي تاريخ به آهي. يونان اندر راڳ بيمارن جي علاج طور به استعمال ٿيو آهي ۽ شايد هن قسم جي وصيعت دلين تان زنگ لاهي محبوب بابت ويچارڻ جو شروعاتي قدم به آهي محبوب جيڪو اندر جا راز ڄاڻين ٿو ۽ انسان جي ڪردار جي جوڙجڪ ۾ مک ڪردار ادا ڪري ٿو ان کي ڪيڏي نه احتياط سان ريجهائڻو پوي ٿو اُها ڳالھ هڪ سچي صوفيءَ جي دل ئي سمجهي سگهي ٿي

‏‏صوفي چائين سڌ ڪرين صوفين ايءَ به صلاح

‏ڪاٽي رک ڪُلا، وجھ اُڇلي آڳ ۾

‏سنڌ جي صوفي فڪر جا سڀئي مظهر هن محفل ۾ نظر ايندا آهن جنهن ۾ ڳوڙها ۽ رقص به گڏ گڏ هوندو آهي ته شاه جا بيت ۽ راڳ جا آلاپ به هوندا آهن ‏هي انوکي محفل ٻلهڙيجيءَ جي تاريخ ۾ هڪ الڳ حيثيت رکي ٿي جنهن ۾ وڇوڙي جي ڏينهن کي جشن طور ملهائي فطرت جي اصولن جي وڏي دامن سان آجيان به هوندي آهي ته قربان پيرزادي جي شخصيت کي ياد به ڪيو ويندو آهي

‏سج لٿي کان پهرين صوفي فقير ڀائو حسن جي اوطاق کان راڳ ڳائيندا چاچا قربان جي مزار تي ايندا آهن جتي چادر چاڙهڻ کان پوءِ وصال جا ورلاپ ۽ يادگيرين جون صدائون ڍولڪ جي وڄت، هارمونيم جي سرن ۽ صوفياڻي ڪلامن سان گڏ هلنديون آهن، ڪڏهن خودساخته رقص هوندو آهي ته ڪڏهن وصال وارا بيت، هر اک آلي به هوندي آهي ته ساڳئي وقت هر ماڻهو سرن ۾ مسرور به هوندو، شهيد سرويچ پيرزادي، انور پيرزادي ۽ لطف پيرزادي ۽ مير محمد پيرزادي جون مزارن به اُتي آهن جن تي به حاضر ٿيندي آهي جيڪي پڻ ٻلهڙيجيءَ جي سڃاڻپ جا وڏا حوالا آهن. . . .

‏ٽن سالن کان هلندڙ هن محفل جو آغاز شاه جي بيتن سان ٿيندو آهي جنهن ۾ قربان پيرزادي جا دوست، ڳوٺاڻان، ۽ سندس خاندان جا ماڻهو وڏي انگ ۾ موجود هوندا آهن، هن محفل ۾ استاد شفيع فقير، استاد اسماعيل مڱڻهار، سڪندر شفيع فقير، مجيد سيال، غلام رباني چانڊيو، فقير جاويد عباسي، خالد ڀٽي، ۽ ارباب شيخ فن جو مظاهرو ڪري چڪا آهن جڏهن ته هن سال ۲۰ جنوري تي صبح جو قربان پيرزادي جي ياد ۾ يادگار ڪاميٽي طرفان مفت اکين جي ڪئمپ ۽ محفل موسيقي جو اهتمام به ڪيو ويو آهي،

‏هن محفل ۾ راڳ ۽ رقص سان گڏ سنڌ جو صوفياڻو ڏيک به هوندو آهي وڏي ٻاريل مچ جي ڀر ۾ ويٺل سمورا ماڻهو عاجزي، اخلاق، ۽ آردشي ڳالهيون به ڪندا آهن ۽ وچ وچ ۾ بيت به اهڙو ئي پڙهندا آهن جنهن ۾ محبوب جي قدمن تان قربان ٿيڻ جي ڳالھ هجي پوءِ محبوب ڀلي هر ڪنهن جو مختلف هجي. . . .

‏هن سال ٿيندڙ محفل ۾ توڻيءَ جو قربان پيرزادي جو ٻيو نمبر پٽ جمشيد علي پيرزادو جسماني طور موجود نه هوندو ڇو جو ڪجھ مهينا اڳ سندس اوچتي لاڏاڻو ڳوٺ جي وڻن ۽ پکين کي به روئاري وڌو هيو هو ذهين ۽ مخلص نوجوان هيو. راڳ ۽ شاعري سندس دل جي رونهن هئا ۽ جشن وصال جي محفل ۾ پنهنجن دوستن سان گڏجي پنهنجي والد کي شعرن، رقص ۽ يادگيرين سان ڀيٽا به ڏيندو هيو، جنهن جي لاڏاڻي تي پڻ راڳ جي محفل منعقد ڪري نه رڳو هن کي ياد ڪيو ويو ۽ سندس پسند جا گيت چورائي تڏي تي ويٺل ماڻهن اوڇنگارون ۾ کيس گيتن جي ڀيٽا به ڏني

‏هي ڀائو حسن ۽ قربان پيرزادو يادگار ڪاميٽيءَ جو ڪمال آهي جيڪا قربان پيرزادي جي وصيعت تي عمل ڪرائڻ کان ويندي سنڌ جي صوفي فڪر کي ڦهلائڻ جو ڪردار به ادا ڪري رهي آهي جنهن فڪر ۾ دين ڌرم کان اوچو ٿي انسان جي اتم سمجهيو ويندو آهي

‏ڪاڪي سوز ٻروچ جي ڀنل اک، راز علي گل ڀٽي جا ڇڏائجي ويل لفظ ۽ قرار پيرزادي جا سگهاري انداز ۾ پڙهيل شاھ جا شعر، ۽ قربان پيرزادي جي سڀني چاهيندڙن جي دلين ۾ پاسا ورائيندڙ سندس انيڪ يادون هن محفل جو حصو هوندا آهن جيڪا محفل قربان پيرزادي جو وڏو پٽ ڀائو حسن وڏي منصوبابندي ۽ نفاست سان منعقد ڪندو آهي هر ماڻهوءَ ڏانهن ڏيان ۽ سمورن فنڪارن کي وقت تي اسٽيج تي سڏڻ کان ويندي ڪرائي ڀاڙي جو بندوبست به سندس مٿان ئي هوندو آهي. . .

‏هي سنڌ جي صوفياڻي مزاج جي عڪس جهڙي محفل آهي جنهن ۾ يار ريجهائڻ لاءِ بم حملي يا وڏي ڏاڙهي رکائڻ جي ضرورت ڪونهي پر ايمانداري سان فرض کي نڀائڻ جي ضرورت آهي ۽ فرض آدرشن ۽ اصولن کي زندگيءَ جي سفر ۾ شامل ڪرڻ جو آهي. . . . . .

کاهوڙين خفيءَ سين، سوجهي لڌو سبحان،

عاشق اهڙي اکرين، لنگهيا لامڪان،

هوء ۾ گڏجي هوء ٿيا، بابو جي بريان،

سڀوئي سبحان، آيو نظر انن جي،

 

(ڏھاڙي عوامي آواز ڪراچيءَ ۾ ۱۶ جنوري ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)

 

No comments:

راءِ ڏيندا