قاضي فضل الله
اهڙا ماڻهو ڪٿان آڻيون؟
لياقت راڄپر
مان چوندو
آهيان ته جيئن جيئن انسان ترقي ڪندو ۽ وٽس وسيلا گهڻا ٿي ويندا ته هن مان محبت، حب
الوطني، مذهب سان پيار ۽ رشتن جو قدر ۽ دوستيءَ واري سچائي گهٽجي ويندي ۽ صرف پئسو،
لالچ ۽ حرص هن جو اهم حصا ٿي ويندا. جيستائين ماڻهو قدرت طرفان مليل وسيلن کي استعمال
ڪري ٿو، هو سڪون ۾ آهي ۽ هو انسانيت، والدين ۽ رشتن جو احترام رکندو اچي ٿو، پر جيئن
ئي هن وٽ ڌن ۽ مال، پئسو ۽ جائيداد سان گڏ اقتدار ۽ پاور اچي وڃي ٿو، هو هر قدر وساري
ٿو ويهي. جنهن جا مثال توهان کي روزانو اخبار ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا ذريعي خبرون ڏسڻ ۾
اچن ٿا.
ههڙي گهُٽ
۽ بي اعتمادي واري ماحول ۾ اسان کي ماضيءَ جا اهي ماڻهو ياد اچن ٿا، جيڪي سادا، محبت
وارا، باادب، سٻاجهڙا ۽ انسانيت جي ڪم آيا هئا، انهن نالن جي وڏي قطار ۾ هڪ اهڙو به
شخص هو، جنهن پنهنجي سڄي زندگي عوام ۽ غريب ماڻهن لاءِ وقف ڪري ڇڏي هئي. هي شخص هو
قاضي فضل الله. مان جڏهن ايندو هئس ته سامهون هڪ بنگلو هوندو هو، جتي ڪڏهن کٽ تي يا
وري ڪڏهن ڪرسيءَ تي ويٺل نظر ايندو هو، جنهن جي چوڌاري ڪجهه ماڻهو بيٺل ۽ ويٺل هوندا
هئا، جيڪي پياڪ هوندا هئا، هر ماڻهو ڪو نه ڪو ڪم کڻي هن وٽ ايندو هو ۽ بنا ڪنهن پروٽوڪول
جي ۽ سفارش جي پنهنجا مسئلا حل ڪرائي سگهندا هئا.
مان جڏهن
سنڌ انفارميشن آفيس لاڙڪاڻي ۾ 1987ع ۾ بدلي ٿي آيس ته مون کي خبر پئي ته قاضي صاحب
جي صحت خراب آهي ته مان هن کي ڏسڻ ويس، پر هن سان ملاقات نه ٿي سگهي. ڇو جو هو ڳالهائڻ
لائق نه هو. بهرحال 24 جُون جي تاريخ هئي ۽ اها خبر لاڙڪاڻي شهر ۽ پوءِ سڄي پاڪستان
۾ جهنگ جي باهه وانگر ڦهلجي وئي. ان وقت ضياءُ الحق ملڪ جو صدر هو، محمد خان جوڻيجو
وزيراعظم هو، مون کي ڊپٽي ڪمشنر بخشل خان فون ڪري ٻڌايو ته قاضي جي جنازي نماز ۾ شريڪ
ٿيڻ لاءِ وزيراعظم محمد خان جوڻيجو لاڙڪاڻي پهچي رهيو آهي. مان اهو ڏسي حيران ٿي ويس
ته پوري پاڪستان مان تمام گهڻا سياسي، سماجي ۽ بزنس سان تعلق رکڻ وارا ماڻهو پهچڻ شروع
ٿي ويا. بهرحال هن جي جنازي نماز جناح باغ لاڙڪاڻي ۾ ٿي ۽ پوءِ هن جي تدفين قائم شاهه
بخاري جي مزار پويان قبرستان ۾ ڪئي وئي ۽ محمد خان جوڻيجو آخر تائين اتي موجود هو.
ڪو زمانو
هو جو لاڙڪاڻي جي سياست تي قاضيءَ جو ڌاڪو هوندو هو ۽ هن جي دوستن ۾ سر شاهنواز ڀٽو
به هو، جنهن هڪ دفعو پنهنجي پٽ ذوالفقار علي ڀُٽي کي وٺي قاضي جي هٿ ۾ پنهنجي پٽ جي
ٻانهن ڏئي چيو ته هن کي سياست کان واقف ڪرايو ۽ هن جي سياسي تربيت ڪيو. اها ته ڀُٽي
جي پنهنجي قابليت هئي جو هو سڀني پراڻن سياسي شخصيتن کي پوئتي ڇڏي ويو. ڪو وقت هو ته
لاڙڪاڻي ۾ محمد ايوب کهڙو ۽ قاضي فضل الله هئا، جيڪي سياسي ميدان ۾ اڳتي هوندا هئا
۽ هو ڪڏهن دوست ته وري ڪڏهن هڪ ٻئي جا دشمن ٿي ويندا هئا، پر ٻنهي ۾ هڪ خوبي هئي ته
هو غريب ماڻهن جي ٻارن کي نوڪري ڏيارڻ ۾ اڳتي اڳتي هئا ۽ هنن جي سفارش ڪڏهن به واپس
نه ايندي هئي. قاضي ته طبيعت جو مٺڙو هوندو هو ۽ ڳالهائڻ ۾ ئي ماڻهن کي پنهنجو ڪري
ڇڏيندو هو.
قاضي جو
اصلي ڳوٺ ته نوشهروفيروز هو، جتي هو 15 جنوري 1902ع تي ميان عبيدالله جي گهر ۾ پيدا
ٿيو هو. اتي ئي ابتدائي تعليم حاصل ڪئي. يعني شهدادپور ۾ پڙهيو ۽ پوءِ سنڌ مدرسة الاسلام
مان مئٽرڪ 1920ع ۾ پاس ڪري وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ هو علي ڳڙهه يونيورسٽي ويو، پر
خلافت تحريڪ ۾ شرڪت ڪرڻ واسطي تعليم اڌ ۾ ڇڏي واپس هليو آيو ۽ جڏهن خلافت واري تحريڪ
ٿوري هلڪي ٿي ته هن نيشنل ڪاليج حيدرآباد ۾ داخلا ورتي ۽ وري 1925ع ۾ بي اي، ڊي جي
(DJ) ڪاليج ڪراچي مان ڪئي. جيئن ته
هن کي قانون سان ڏاڍي دلچسپي هئي، ان لاءِ هن 1929ع ۾ شاهاڻي لا ڪاليج حيدرآباد مان
ايل ايل بي ڪئي. وڪالت جي پريڪٽس شروع ڪري ڏني. لاڙڪاڻي جي سياست ۽ قانوني ڪيسن جي
ڪري هو 30 مارچ 1931ع تي لاڙڪاڻي هليو آيو ۽ اتي ئي هميشه لاءِ رهائش اختيار ڪئي.
قاضي خلافت
جي تحريڪ ۾ ڀرپور نموني حصو ورتو ۽ ان وقت هن جو گهڻو وقت ٺٽي ۾ گذرندو هو. ان ڪري
هن ٺٽي جي ڳوٺن ۽ ٻين شهرن ۾ تحريڪ لاءِ وڏا وڏا جلوس ڪڍرايا ۽ جلسا منعقد ڪرايا، جن
۾ جذباتي تقريرون ڪري ماڻهن جي جذبي کي اڀاريندو رهيو. جڏهن مسلم ليگ جو وجود پيو
۽ اها Active ٿي ته هن کي ڪراچيءَ جيHead
office جو انچارج بڻايو ويو، جتي هن 1922ع تائين ڪم
ڪيو. لاڙڪاڻي جي سياست ۾ هن جو وڏو رول رهيو آهي. لاڙڪاڻي جي ميونسپل ڪميٽي ۾ امير
علي لاهوري ڪيترا ئي سال صدر رهندو آيو ۽ صحت جي خرابي سبب هن پنهنجي پٽ علي گوهر کي
اليڪشن ۾ بيهاريو، جنهن کي 1944ع ۾ قاضي فضل الله هارائي ڇڏيو. ان وقت هڪ ٻيو سياسي
واقعو به ٿيو، جيڪو قاضيءَ جي محنت ۽ ماڻهن جي مقبوليت جي ڪري پيدا ٿيو ۽ پهريون ڀيرو
سر شاهنواز ڀٽو 1937ع جي اليڪشن ۾ شيخ عبدالمجيد جي هٿان شڪست ٿي، جنهن جو سبب اهو
هو ته هو گهڻو وقت لاڙڪاڻي کان اليڪشن دوران به ٻاهر رهيو ۽ هن کي يقين هو ته لاڙڪاڻي
جا ماڻهو هن کان علاوه ٻئي ڪنهن کي ووٽ نه ڏيندا، پر هو ان ڳالهه کان بي خبر رهيو ته
قاضي لاڙڪاڻي جي ماڻهن تي پنهنجي سياسي ۽ سماجي ڪمن سان جادو ڪري ڇڏيو هو ۽ ان مان
فائدو وٺندي هن شيخ عبدالمجيد کي اليڪشن ۾ بيهاريو، پر ان جي سڄي اليڪشن جي مهم قاضي
هلائي هئي. جڏهن ته شيخ عبدالمجيد لياري واري سيٽ هارائي ويٺو، جيئن ته شيخ عبدالمجيد
اليڪشن کٽڻ کانپوءِ لاڙڪاڻي تي ڌيان نه ڏئي سگهيو، جنهن جي ڪري قاضيءَ جو اثر به متاثر
ٿيو ۽ ان جي نتيجي ۾ قاضي 1945ع واري اليڪشن ۾ رتوديرو- ميرپورخاص واري تڪ تان نواب
نبي بخش ڀٽي هٿان شڪست کاڌي.
ڀٽو صاحب
لاڙڪاڻي جي پراڻن سياستدانن جي وڏي عزت ڪندو هو ۽ خاص ڪري قاضي فضل الله جنهن ڀُٽي
جي سياسي ۽ قانوني رهنمائي ڪئي. هڪ ڀيرو ڀُٽي صاحب جي جڏهن قاضي سان ملاقات ٿي ته ڀُٽي
هڪڙي نئين گاڏي جي چاٻي هن جي حوالي ڪندي چيو ته هاڻي هو ڪافي ڪمزور ٿي ويو آهي ۽ هن
وٽ ڪا سواري نه آهي ۽ هو هن ڪار کي پنهنجي لاءِ استعمال ڪري، پر قاضي اها آفر بلڪل
ٺڪرائي ڇڏي ۽ چيائين ته هن سڄي عمر پنهنجي محنت ڪئي آهي ۽ ڪنهن جي ڪمائي يا خيرات تي
گذارو نه ڪندو. هن وٽ جو ڪجهه هوندو هو، ان مان سماجي ڪم ڪندو هو، جنهن ۾ ٻارن کي اسڪالر
ڏيارڻ، نوڪري وٺي ڏيڻ ۾ مدد ڪرڻ، ايگريڪلچر اصلاح ڪرايا، بادشاهي مسجد ٺٽي جي مرمت
۽ بچاءَ وارا اپاءَ شامل آهن. ٺٽي ۾ ڊسٽرڪٽ اسپتال قائم ڪرڻ ۾ ڪوششون، ڊاڪٽرن لاءِ
نوڪريون پيدا ڪرڻ لاءِ، غريب هارين ۾ سرڪاري زمينون ورهائڻ وارو ڪم ۽ لاڙڪاڻي جو ميونسپل
هال ٺهرائڻ پڻ ڪمن ۾ شامل آهي.
ڀٽي کان
پهريان قاضي فضل الله لاڙڪاڻي ۾ عوامي ليڊر هو، جنهن جا دروازا عام ماڻهن لاءِ 24 ڪلاڪ
کليل هوندا هئا، ڀلي هو اقتدار ۾ هجي يا نه هجي. هن وٽ ڪنهن به قسم جي ڪا سياسي وابستگي
نه هوندي هئي ۽ جيڪو به آيو ان جو ڪم ٿيندو هو. هو خوش لباس، خوش خوراڪ هو ۽ هن کي
ڪتابن پڙهڻ سان وڏي دلچسپي هئي ۽ هن وٽ بنگلي تي سڄو وقت ماڻهن جا انبار هوندا هئا
۽ ڪچهريون ٿينديون هيون. هن ۾ نه ته غرور هو، نه حرص ۽ لالچ ته هو ملڪيت ۽ پئسو ٺاهي
پر جيڪو به ڪمائيندو هو، مهمان نوازي ۽ ڀلائي وارن ڪمن تي خرچ ڪري ڇڏيندو هو. هن وٽ
پنهنجي رهڻ لاءِ ذاتي جڳهه نه هئي ۽ عبدالحميد جتوئي طرفان ڏنل بنگلي ۾ رهندو هو، جيڪو
هن جي وفات ٿيڻ تائين هن وٽ هو ۽ هاڻي اهو مالڪن وٽ آهي. هن شادي نه ڪئي، پر هڪ ڇوڪريءَ
کي پنهنجي ڌيءُ ڪري پاليو. زندگيءَ جي آخري ڏينهن ۾ هو پنهنجي زرعي زمين تي گهمڻ ويندو
هو ۽ قانوني صلاحون نوجوانن کي مفت ۾ ڏيندو هو.
هاڻي نه
اهڙا ماڻهو آهن ۽ نه وري سنڌ ۾ ڪي علائقا، جتي وڃي ماڻهو فخر سان چئي سگهي ته انهن
جو تعلق سنڌ سان آهي ۽ اسان فخر ڪريون ٿا. هن وقت ڪرپشن سنڌ کي وڪوڙي وئي آهي ۽ هرطرف
ڪرپٽ ڪامورا ۽ ڪرپٽ سياستدان صرف اهي ڪم ٿا ڳولهن، جتان پئسو ڪمائڻ يا وري اهي هنڌ
جتي قبضو ڪن. عوام ته هاڻي انهن کان وسري ويو آهي، هر طرف ڪمن ڪرائڻ لاءِ دڪان کليل
آهن. اسان جا ٻيلا، آبپاشي نظام، مهمان نوازي، اوطاقون، ادب، ماڳ مڪان، درياهه بادشاهه،
تعليم، صحت، صاف پيئڻ جو پاڻي، نوڪريون، ذاتي رشتا، تهذيب، رسمون، رواج ۽ جمهوريت پري
ٿيندا پيا وڃن. شال قاضي فضل الله جهڙا ايماندار ماڻهو پيدا ٿين ۽ سنڌ تان هي اڀاڳ
لهي پئي.
No comments:
راءِ ڏيندا