; سنڌي شخصيتون: ڊاڪٽر خان محمد پنهور

26 June, 2016

ڊاڪٽر خان محمد پنهور


ڊاڪٽر خان محمد پنهور
سنڌ جو هڪ خاموش خدمتگار
عبدالمجيد پنهور
ڊاڪٽر خان محمد پنهور کي وڇڙئي اڄ ٻارنهن سال ٿي ويا آهن. سندس محبتون ۽ گُڻَ اڄ به گلاب جي گلن وانگر تازا آهن. ڊاڪٽر خان محمد پنهور جي زندگي جو مقصد هر ماڻهو جي مدد ڪرڻ ۽ اتساهڻ هئو. محبتي ۽ همدرد انسان، سدائين ڪجهه نه ڪجهه ڪرڻ جي جستجو ۾ رُڌل رهندڙ ڊاڪٽر پنهور کان زندگي ۾ قدرت وڏا ڪم ورتا ۽ انهن ڪمن هن کي اَمَر ڪري ڇڏيو. سندس عام ماڻهو سان لحاظي ورتاءُ ۽ همدردي جو وڏو سبب شايد اهو به ٿي سگهي ٿو ته جنهن ماحول ۾ هن اک کولي، اهو مذهبي تعليم ۾ تمام اڳتي هئو. ڊاڪٽر خان محمد پنهور کي شروع کان زندگيءَ ۾ محنت جي سُتي پيل هئي. رات ڏينهن نه صرف علم جي تلاش ۽ ڪجهه ڪرڻ لاءِ هميشه سرگردان رهڻ سندس طبيعت جو حصو هئو. ڳوٺ مان ئي تعليم سان گڏ صحافت ۽ ادبي زندگي ۾ ٻارڙن جي ٻاري جي شاخ قائم ڪرڻ ذريعي پير پائڻ شامل آهن.اڳتي هلي سائين جي ايم سيد ۽ ان ذريعي شيخ عبدالمجيد سنڌي جهڙن هيرن سان ملاقاتن ڊاڪٽر پنهور جي ڪجهه نه ڪجهه ڪرڻ واري جستجو کي وڌيڪ جلا بخشي.


هن کي سنڌ جي مشاهيرن سان ته ڄڻ عشق هئو ۽ ان جو وڌيڪ احساس هن کي معاشري جي بي حسي وڌيڪ احساس ڏياريندي هئي. ان جي ڪري ئي هن شيخ عبدالمجيد سنڌي سان وڌيڪ تعلق جوڙيو. شيخ صاحب برِصغير جي سياست جو سرواڻ هئو پر انتهائي سادو ۽ سٻاجهو انسان هئو. شيخ سنڌي ڊاڪٽر پنهور جو رول ماڊل چئجي ته وڌاءُ نه ٿيندو. شيخ صاحب جي زندگي ۽ جدوجهد تي هلندي ڊاڪٽر پنهور صحافت کي ئي پنهنجو مشن بڻايو. هن سياست بجاءِ سماج سڌارڪ طور معاشري ۾ تبديلي لاءِ جاکوڙيو. سندس چوڻ هئو ته سياست اسان جهڙن ماڻهن جي پهچ کان ٻاهر آهي. هن سِگا ۾ پڻ انتهائي سرگرم ڪردار ادا ڪيو ۽ سِگا ۾ سرگرمين دوران سندس مَحور ۽ مرڪز عام ماڻهن جي تعليم ۽ انهن ۾ سجاڳي رهيو. صحافت هجي يا سماجي خدمتن جو شعبو، ڊاڪٽر پنهور ٻنهي شعبن سان ڀرپور نموني نڀايو. وسيلن جي اڻهوند، ماڻهن جي بيجا اختلافن ۽ تنقيدن جي باوجود ڊاڪٽر پنهور بنا ڪنهن سان شڪايت ڪرڻ جي خدمت واري پنهنجي ڌُن ۾ اڳ کان اڳرو رهيو. ڪامورو ٿيڻ جي بجاءِ هن استاد ٿيڻ کي ترجيح ڏني. هن سنڌ يونيورسٽي ۾ صحافت جو شعبو قائم ڪيو. صحافت جي نامياري استاد پروفيسر ذڪريا ساجد چواڻي ته سنڌ يونيورسٽي ۾ صحافت جو شعبو قائم ٿيڻ سان سنڌ جي نوجوانن کي صحافت پڙهڻ ۽ سنڌ جو موقف پيش ڪرڻ جو موقعو ملي سگهيو. اهڙي ريت سماجي شعبي ۾ ڊاڪٽر پنهور اتساهه ۽ نواڻ پيدا ڪئي. هن عام ۽ باشعور ماڻهن کي سماجي ڪمن لاءِ همٿايو.
هڪ طرف هن جي تجويز تي سِگا جي پيلٽ فارم تان صحت جو سال، تعليم جو سال، ساهت سال، ڳوٺ سڌار سال ڪري ملهايو. صحت سال جي سلسلي ۾ سنڌ ۾ اکين جون مفت ڪئمپون لڳرايون. وڏن فزيشن ۽ سرجن انهن ڪئمپن ۾ ماڻهن جو مفت علاج ڪيو ۽ انهن کي دوائون ڏنيون. تعليم جو سال ملهائڻ لاءِ ڊاڪٽر پنهور سنڌ جي ڳوٺ ڳوٺ ۽ شهر شهر پهتو. ان سان ماڻهن ۾ تعليم لاءِ سجاڳيءَ جي تحريڪ پيدا ٿي. ڳوٺن جي ماڻهن پٽن سان گڏ نياڻين کي به تعليم ڏيارڻ شروع ڪئي. سنڌي ساهت سال ۱۹۸۱ع ۾ سنڌي اخبارن خاص نمبر شايع ڪيا، نوان ڪتاب شايع ٿيا ۽ سنڌي ادب ۽ سنڌي ٻوليءَ جي ترقيءَ لاءِ نئون اتساهه پيدا ڪيو. ۱۹۸۲ع ۾ ڊاڪٽر خان محمد پنهور ڳوٺ سڌار سنگت جو بنياد رکيو. ڳوٺ سڌار جي سلسلي ۾ ڊاڪٽر پنهور هر ڳوٺ ۾ ويو. سندس ڳوٺاڻي ترقيءَ جي جذبي سنڌ جي هر ٽهيءَ کي ته اتساهيو پر سنڌ جي بزرگن هن سجاڳي واري ڪم ۾ عملي طور حصو ورتو. ڊاڪٽر پنهورپنهنجي ساٿين ڊاڪٽر حسين بخش ڪولاچي، روشن ٻگهيو، رسول بخش گچيرائي ۽ اسان جهڙن ننڍڙن ڪارڪنن کي گڏ کڻي هلڻ ۽ سماج جي ترقي واري قافلي ۾ هر شعبي جي ماڻهن کي شامل ڪرڻ سندس وڏو ڪمال هئو. ڊاڪٽر پنهور سڀني ڪمن لاءِ ٽيم ٺاهيندو هئو پر هو پاڻ به سڄي عمر هڪ ورڪر رهيو. هڪ سادو، سٻاجهو، اتساهيندڙ ۽ محنتي ماڻهو ۽ اهڙو ماڻهو جنهن جي اسان کي، اسان جي سماج کي کوٽ محسوس ٿيندي رهندي. هو سڀني جو دوست ۽ همدرد هئو ۽ سڀ کيس پنهنجو سمجهندا هئا. هن جو پنهنجي دوستن سان سدائين محبت ڀريو ورتاءُ هوند هئو، اهو ڀلي سڪندر ميمڻ هجي يا شمشير، هدايت يا تاجل هجن. دوستن سان دوستي جي حوالي سان هڪ واقعي بابت ٻڌائيندو هلان ته: ڪجهه دوستن اسلام آباد ۾ سندس ڪم بابت سخت اختلاف ڪيو ۽ ايتري تنقيد ڪئي جو هو ٻارڙن وانگر روئي پيو هئو، پر ان جي باوجود مون کي خبر آهي ته هو سدائين انهن دوستن سان ساڳي عزت ۽ محبت سان هلندو هئو. سنڌيونيورسٽي ۾ نوڪري دوران پڻ هن کي الاهي تڪليف کي منهن ڏيڻو پيو. پر ان جي باوجود هن ان تڪليف جو جواب ايم فل ۽ پي ايڇ ڊي ڪري ڏنو. سنڌي صحافت کي سنڌي سماج جي ترقيءَ جو اهم مورچو سمجهندو هئو. جڏهن سنڌي رسالن ۽ اخبارن جا اشتهار بند ٿي چڪا هئا ته ڊاڪٽر پنهور سنڌي اخبارن ۽ رسالن جي جماعت ٺاهي، سنڌي صحافت تي سيمينار ڪرايا. سنڌي صحافت ۾ سنڌي ڪمپيوٽر جي استعمال جي سلسلي ۾ سنڌي صحافت تي ٿيل سيمينار کان شروعات ٿي هئي. انهيءَ سيمينار لاءِ مهتاب اڪبر راشدي جي سربراهي ۾ سنڌالاجي پاران تاريخي سنڌي اخبارن جي نمائش لڳائي وئي هئي، جڏهن ته ماجد ڀرڳڙي جنهن کي سنڌي ڪمپيوٽنگ متعارف ڪرائڻ جو ڪريڊٽ وڃي ٿو، ان سنڌي ڪمپوزنگ تي پريزنٽيشن ڏني هئي . ڊاڪٽر پنهور جي ڪم ۾ سچائي هئي. هو اڪيلي سِر هڪ اداري جو ڪم ڪندو هئو. سندس ڪم مان ائين لڳندو هئو ته هو اڪيلو شخص نه پر هڪ ادارو ڪم ڪري رهيو آهي. هن ۾ ماڻهن کي سيکارڻ جو هڪ ڏانءُ هئو. ڊاڪٽر پنهور ادارن ٺاهڻ ۾ ۽ ٽيم ٺاهڻ ۽ ٽيم کي گڏجي کڻي هلڻ ۾ تمام گهڻو يقين رکندو هئو. سندس گهڻ-پهلوئي سرگرمين جو بنيادي مقصد سنڌجي ماڻهن ۾ سجاڳي پيدا ڪرڻ، ٻڌي پيدا ڪرڻ، انهن کي سماج لاءِ اتساهڻ هئو. هو هڪ عملي ماڻهو هئو. سندس هر عمل ڪنهن نه ڪنهن مثبت ڪم لاءِ ئي هوندو هئو. ڏهه سال مسلسل بيماري ۾ رهڻ جي باوجود نه هن ۾ سماج مان ڪا نا اميدي پيدا ٿي ۽ نه ئي ڪڏهن هن کي سماج سڌارڪ يا استاد هجڻ تي پاڻ کان ڪنهن قسم جي شڪايت. ڪڏهن ڪڏهن معاشري جي بي حسي جي ڳالهه نڪرندي هئي ته ڪو جواب ڏيڻ بجاءِ سندس اکين جي ڪنڊ مان ڳوڙها ڪري پوندا هئا. سنڌ ۾ ڊاڪٽر پنهور جون خدمتون سدائين ياد رهنديون هيون، هو سنڌ جو خاموش خدمتگار هو.

روزانه ڪاوش جي ٿورن سان

خان محمد پنهور
بي لوث سماج سڌارڪ
ثمينه ميمڻ
سنڌي سماج جي بهتري ۽ ترقيءَ لاءِ توڙي تعليمي ميدان ۾ ويجهي ماضيءَ ۾ پاڻ پتوڙيندڙ شخصيتن ۾ سنڌ جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ آراضي، تعلقي سيوهڻ ۾ جنم وٺندڙ ڊاڪٽر خان محمد پنهور جو ذڪر انتهائي سٺن لفظن ۾ ٿئي ٿو. ڊاڪٽر خان محمد پنهور ۲۷ جون ۱۹۴۹ع تي جنم ورتو، ٻالڪپڻ کان جواني تائين بنا ٿڪ ڀڃڻ جي، بنا ساهه پٽڻ جي، بنا ڪنهن ميار، پنهنجي مشن ۾ جنبيل رهيو، صحافت ۽ سماجي ڪم سندس رڳن ۽ روح ۾ سمايل هئا. ڳوٺ کان ويندي ڪراچي پوءِ حيدرآباد واري آخري سفر جي پڄاڻي ڄام شورو ۾ ڪيائين، تعليم جو سلسلو به مسافريءَ دوران طئي ڪيائين. پرائمري تعليم آراضي شهر، مڊل ڀان سعيد آباد، مئٽرڪ دادو، بي اي هالا ڪاليج، ايم اي ڪراچي يونيورسٽي مان ڪيائين.
قدرت ڊاڪٽر پنهور کي پيدا هڪ غريب گهر ۾ ڪيو، پر کانئس وڏا ۽ بهترين ڪم ڪرايائين. محبت پڻ ملڪ جي ناميارن شخصيتن وٽان سکڻ جو ڏانءُ هن کي قدرت طرفان خاص عطئي طور نصيب ٿيو هو. ڪنهن سان ڪيئن ڪاوڙ ۾ ڳالهائجي اهو هن کي آيو ئي ڪونه.
زندگيءَ جي شروعاتي ڏينهنِ ۾ صحافت سان پيچ اٽڪايائين ۽ آخر تائين صحافيءَ واري زندگي گذاريائين، شيخ اياز جي وائيس چانسلريءَ واري زماني ۾ شيخ صاحب طرفان سنڌ يونيورسٽي ۾ صحافت جو شعبو قائم ڪرڻ واري آڇ تي اچي سنڌ يونيورسٽي وسايائين، نوان دوست نوان ساٿي گڏجي صحافت جي شعبي کي مچايائين. انهيءَ دوران ڪيترائي رسالا ۽ ميگزين، سندس ادارت ۾ نڪتا. سرتاج، مارئي، ٻالڪ، نئون نياپو، سنڌي پبليڪيشن ۽ پارس کي آخر تائين اولاد وانگر پيار ۽ پاٻوهه سان ڏسندو ۽ ان لاءِ صلاحون ڏيندو هو، اهو ڀلي نواب شاهه ۾ نئين روشني اسڪولن واري پروجيڪٽ سان هجي يا جناح اسپتال جي آءِ سي يو ۽ ۱۶ وارڊ ۾ هجي، پر اهو ئي جملو پارس جو ڇا ٿيو. سدائين سنڌ جي تاريخ ساز شخصيتن سان رهيو ۽ انهن جي ئي واٽ تي هلندو رهيو.
شيخ عبدالمجيد سنڌي ته سندس روحاني مرشد هئو، پيري مريدي جو قائل ته ڪونه هئو. پر شيخ سنڌيءَ سان جيڪا عقيدت هئي انهن جي ذڪر لاءِ ڪي لفظ مهيا ڪونه آهن. شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ سان سندس محبت جو اندازو ان ڳالهه مان لڳائي سگهجي ٿو ته آخري ڏينهنِ ۾ اسپتال جي بستري تي هوندي، سندس ڳالهائڻ واري سگهه جواب ڏيئي چڪي هئي، بيوسي ۽ بي حسي واري اسان جي هن سماج ۾ اسان وائڙن وانگر ڪڏهن ڊاڪٽرن، ڪڏهن انتظاميه، ڪڏهن پاڻ کي پئي پاراتو ڏنوسين، انهيءَ ڏينهن ۾ شايد اپريل مهيني جا پهريان ڏينهن هئا، اسان آزمودي خاطر پڇندا هئاسين. ڀائو شيخ صاحب جي ورسي پئي اچي ڪارڊ توهان جي نالي سان ڇپائڻا آهن، پر اسان کي شيخ صاحب جي تاريخ چڱي طرح ياد ڪونهي، پوءِ اسان کيس ڪا ٻي تاريخ ٻڌائيندا هئاسين، ڀلي کڻي ڪيڏي به غشيءَ جي حالت ۾ هجي، آهستي اکيون کولي چچريل آواز ۾ ٻڌائيندو هئو ۲۴ مئي. سندس ان ئي حالت ۾ هڪ دفعو سندس استاد پروفيسر ذڪريا ساجد کيس ايل.ايم.سي اسپتال ڏسڻ هليو، ساڳيو ئي حال بند اکيون ”خان مين ذڪريا ساجد هون“ گهڻي ڪوشش جي باوجود جڏهن آواز ساٿ ڪو نه ڏنو ته اکين مان ڳوڙها ڳاڙي پنهنجي استاد جي ڀليڪار لاءِ اٿڻ جي ڪوشش ڪيائين ۽ ائين تاج جوئي وارن سان آيل ”ڪونج“ جي ايڊيٽر سرڳواسي هري موٽواڻي سان پڻ ملي ”چچريل آواز ۾ ساڻس حال احوال ورتائين. پير حسام الدين راشدي طرفان ڏنل ڪئمرا ۽ ريڊيو سڄي عمر ياد رکيائين، سائين جي ايم سيد، رئيس ڪريم بخش نظاماڻي، حاتم علوي، قاضي فيض محمد، ڊاڪٽر غلام علي الانا، پير علي محمد شاهه راشدي، علامه غلام مصطفيٰ قاسمي، سائين غلام مصطفيٰ شاهه، سائين ايڇ ايم خواجه، شمشيرالحيدري، ڊاڪٽر سليمان شيخ، هدايت بلوچ، تاجل بيوس، منصور عالم، سڪندر ميمڻ، رسول بخش گچيراڻي، روشن ٻگهيو، خالد شمس الحسن، خير محمد کوکر، ناز سنائي آخر تائين جيستائين سينسز ۾ هئا سندس حافظي تي رهيا. شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ جو جڏهن به تذڪرو ڪندو هو ته انتهائي احترام سان. شيخ صاحب جي آخري ڏينهنِ جو تذڪرو ائين ڪندو هو ته شيخ صاحب هڪ دفعي ڀلجي پيا ۽ اسان کيس ڳولڻ لاءِ سخت پريشان هجون ۽ وري چوندو هو شيخ صاحب جڏهن سخت ضعيف ٿي پيا ته نماز به اشارن سان پڙهندا هئا. شيخ صاحب جي راهه تي هلندي آخر تائين انتهائي غريبي حال ۾ پنهور صاحب زندگي گذاري. سدائين سرڪاري گهر ۾ رهيو پڇاڙي ۾ جڏهن حافظو ڪمزور ٿي ويس ته ڪيتريون ڳالهيون ڀلجي ويندو هو. ڪڏهن ڪڏهن پنهنجي نوڪري جي رٽائرمينٽ جي درخواست ٻه ٻه دفعا يونيورسٽي انتظاميه کي ڏيئي ايندو هئو. بيماريءَ جي بستري تي اشارن سان نماز ادا ڪندو هئو.
سنڌ ڳوٺ سڌار سنگتن جان ساٿي پراڻا دوست سڀ کيس نالن سان ياد هوندا هئا. جڏهن به گڏجاڻي ٿيندي هئي ته سڀني نوجوانن کي انتهائي محبت سان سمجهائڻ، رهنمائي ڪرڻ اهڙي نموني جو سندس ان حڪم تي باقاعدي پيروي ڪن. شيخ عبدالمجيد سنڌي اڪيڊمي جيڪا شيخ صاحب جي زندگيءَ ۾ ئي قائم ڪيائين، ان جي پليٽ فارم تان شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ جي شخصيت کي اجاگر ڪرڻ، سندس ڪم کي نوجوان نسل کي روشناس ڪرائڻ، سنڌ جي تاريخ ساز شخصيتن جي ياد ۾ ميڙاڪا ڪرائڻ، سنڌي صحافت جي حوالي سان قومي ليول تي سمينار ۽ ڪانفرنسون ڪرائڻ، سنڌي ٻولي، سنڌي ساهت، سنڌي ادب، سنڌي سماج جي ڀلائيءَ جي لاءِ هر وقت تڙپ، هر وقت جستجو سندس زندگيءَ جو وڏو مقصد هئو، جيستائين صحت ساٿ ڏنس آخر تائين جتي به ويو هر دوست کي ڳولي ان سان مليو، بنا ميار جي ڪير سندس خيال ڪري ٿو نٿو ڪري، ڪير هن سان ملڻ آيو نه آيو، ’اهين دي او ڄاڻي سانون اپڻي توڙ نڀاوڻ ڏي.
اسان ڪڏهن ڪڏهن کيس چوندا هئاسين ڀائو هُو ته توهان کي فون تي به ڪونه ٿا پڇن ته علامه مشرقي جو مثال ڏيندو هئو، ٻڌائيندو هو ته جڏهن علامه مشرقيءَ کان سندس سڀ ساٿي ۽ دوست پاسيرا ٿي ويا ته هو انهن کي خط لکي هدايت ڪندو هو ته فلاڻا تون فلاڻون ڪم ڪري ڇڏجان، فلاڻا تون فلاڻي کي هيئن چئجان. ڪنهن علامه صاحب کي چيو ته اهي ته هاڻي توهان کي ڇڏي ويا آهن ته جواب ڏيندو هو ته بابا انهن ڇڏيو آهي اسان ته ڪونه ڇڏيو آهي نه. تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ ته ڊاڪٽر خان محمد پنهور جو خاص نعرو هوندو هئو. پڙهو اڳتي وڌو، ڪنهن کان پڇندو هئو. ”بابا ڇا پڙهيو آهين ۽ چوندو هو سائين ايم اي ڪئي آهي. هن سبجيڪٽ“ ۾، ته چوندو هوس ”بابا ايم فل ۾ داخلا وٺ، پوءِ پي ايڇ ڊي ڪري اڳتي وڌو، رڙهو ٻين کي مدد ڪيو انهن کي اڳتي وڌايو“.
ڊاڪٽر خان محمد پنهور سڄي زندگي صاف ۽ سٿري نموني گذاري آخر تائين بيمار هوندي ڪنهن کي ميار نه ڏنائين، پر وري به ٻين جو خيال ڪيائين. ڊاڪٽر خان محمد پنهور گهڻ پاسائين شخصيت جو مالڪ هئو، صحافت، ادب ۽ سماج، ساهت ۽ ٻين شعبن ۾ هميشه محنت سان نالو ڪمايائين ۽ انهن سان نڀايائين. ۲۷ مئي ۱۹۹۹ع تي صبح جو سوا اٺين وڳي، ايل ايم سي حيدرآباد جي آءِ سي يو وارڊ ۾ دم ڌڻيءَ حوالي ڪيائين. شل نوجوانن کي سندس رهيل مشن کي پورو ڪرڻ جي توفيق ڏئي.


خان محمد پنهور
هڪ عملي انسان
 عظيم رند
خان محمد پنهور دادو ضلعي جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ آراضي ۾ هڪ غريب فرد جي گهر ۾ جنم ورتو. پرائمري تعليم پنهنجي ڳوٺ آراضي ۾ حاصل ڪرڻ کانپوءِ وڌيڪ تعليم لاءِ پنهنجي وڏي ڀاءُ جان محمد پنهور جي سرپرستيءَ ھيٺ، ڀان سيدآباد هاءِ اسڪول ۽ هالا ڪاليج مان ٿيندو، حيدرآباد پهتو ۽ سنڌ يونيورسٽيءَ مان بي اي ڪيائين. پنهنجي ٻالڪپڻ کان ئي ڏاڍو ايڪٽو هوندو هو. هو ٻارڙن جي ٻاري ۽ ٻيا پروگرام ترتيب ڏئي پنهنجو ۽ ساٿي ٻارڙن جون صلاحيتون وڌائيندو رهيو.
هن پنهنجي عملي زندگيءَ جي شروعات عبرت اخبار جي سب ايڊيٽر جي حيثيت سان ڪئي. پوءِ وري سرڪار جي سرپرستيءَ هيٺ نڪرندڙ ”نئين زندگي“ رسالي سان منسلڪ ٿيو. بعد ۾ سنڌ سرڪار جي اطلاعات واري کاتي ۾ انفارميشن آفيسر رهيو. ان زماني ۾ هو ذوالفقارعلي ڀٽي جي سنڌ جي دورن ۾ ڪوريج لاءِ گڏ هوندو هو. جتي هن جي مختلف شخصيتن سان لين دين ٿيندي هئي. پر هن جي  ذهن جو لاڙو سماجي ۽ ادبي سرگرمين طرف هوندو هو. شايد ان ڪري ئي هن سرڪاري اداري واري نوڪري ڇڏي ۽ ڪراچي هليو ويو. جتي هو سماجي ۽ ادبي سرگرمين ۾ مشغول رهيو. اتي ڪراچي يونيورسٽيءَ مان ايم اي صحافت ۾ ڪيائين، پوءِ اچي سنڌ يونيورسٽي جي ان وقت جي وائيس چانسلر شيخ اياز سان ملاقات ڪئي، جنهن کيس يونيورسٽيءَ  ۾ صحافت جو شعبو کولڻ جي ترغيب ڏني. اهڙيءَ طرح هو سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ صحافت واري شعبي جو باني چيئرمين بڻيو. ان شعبي کلڻ سان سنڌي ۽ اردو اخبارن، ريڊيو ۽ ٽيليويزن تي ڪم ڪندڙ ڪارڪنن ۽ ملازمن کي وڏو فائدو پهتو. ڪيترا ئي نوجوان سنڌي صحافت ۾ داخل ٿيا. اهو سلسلو اڄ ڏينهن تائين هلندڙ آهي. مون کي به ائين لڳي ٿو ته خان محمد پنهور جي ذهن ۾ سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن کي سجاڳ، باشعور ۽ ترقي يافته قوم طرف گامزن ڪرڻ جو پلان هو ۽ اهو گول حاصل ڪرڻ لاءِ پنهنجي مسڪيني حالت، مالي وسيلن جي اڻهوند بعد پبلڪ ٽرانسپورٽ سهاري تي ڳوٺ ڳوٺ ۽ شهر شهر وڃي حاصل ڪرڻ ٿي چاهيو.
خان محمد پنهور سنڌ جي هڪ وڏي سماجي ڀلائي واري تنظيم ”سگا“ جي ٽاپ ٽين باني ميمبرن مان هڪ باني ميمبر هو. هن سگا جي پليٽ فارم تان، حيدرآباد ۽ ان جي آسپاس ماهر ڊاڪٽرن جون ٽيمون وٺي مفت طبي ڪئمپون لڳائي، ماڻهن جي خدمت ڪئي. سگا جي ٻين مختلف فلاحي پروگرامن ۾ پيش پيش هوندو هو. کين ضياءَ الحق جي مارشل لا دور ۾ جڏهن سگا جي هائوسنگ سوسائٽي لاءِ گلشن شهباز واري هائوسنگ اسڪيم ۾ ۶۰ ايڪڙ زمين الاٽ ڪرائي. ان کان علاوه ضياءَ الحق جي زماني ۾ جڏهن سنڌ جا ڳوٺ ۽ شهر عتاب هيٺ هئا ڪو به ڌڻي سائين نظر ڪو نه ٿي آيو، تڏهن هن ۱۹۸۲ع ۾ سنڌ ڳوٺ سڌار سنگت جي نالي سان تنظيم رجسٽر ڪرائي ۽ ان جو باني چيئرمين بنيو. هن سنڌ جي ڳوٺن ۾ رهندڙ سجاڳ ماڻهن کي اپيل ڪئي ته هو پنهنجي ڳوٺن ۾ ڳوٺ سڌار سنگت جي نالي سان تنظيمون ٺاهي، پنهنجي مدد پاڻ ڪريو جي اصول تي، پنهنجي ڳوٺن جا مسئلا حل ڪن. پوءِ ته بسن ۽ لارين ۾ چڙهي سنڌ جي سوين ڳوٺن ۾ ويو ۽ اتي ڳوٺاڻن سان ڪچهريون ۽ سيمينار ڪري کين سجاڳ ڪيو. نتيجي ۾ سوين ڳوٺن ۾ تنظيمون ٺهي ويون ۽ ڪيترا ئي ڳوٺ ترقيءَ جي طرف گامزن ٿيا. جن ۾ بدين ضلعي ۾ ڳوٺ حاجي جاني رند، ڳوٺ عثمان ڪڇي ۽ ڳوٺ ولي محمد ملڪاڻي، ڄامشوري ۾ ڳوٺ سائينداد ملاح، نوشهروفيروز ۾ ڳوٺ گچيرو، ٿرپارڪر ۾ ڳوٺ سنڌ ڪولاچي، دادو ضلعي ۾ ڳوٺ فريدآباد ۽ ٺٽي ۾ ڳوٺ محمد ابراهيم جوکيو مثالي چئي سگهجن ٿا. هن ڳوٺاڻن کي ترغيب ڏني ته اوهان ڳوٺن کي سڌارڻ جي جستجو ۽ جاکوڙ ڪريو ته پوءِ سرڪاري ۽ غير سرڪاري ادارا ۽ تنظيمون اوهان جي مدد لاءِ اڳتي ضرور ايندا، باقي ماٺ ڪري ويهي رهڻ ۽ گمنامي جي گوشي ۾ رهڻ سان اوهين ۽ اوهان جا ڳوٺ فنا ٿي ويندا.
جيئن ته آئون ۽ خان محمد پنهور صاحب سنڌ يونيورسٽي ڪالوني ڄامشورو ۾ رهندا هئاسين ۽ منهنجو هن سان ڏينهن رات جو واسطو هوندو هو ۽ آخر تائين رهيو. اسان کي حيرت ٿيندي هئي ته هيءُ ڪهڙي قسم جو ماڻهو آهي جيڪو سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ صحافت شعبو به هلائي ٿو ۽ ڳوٺاڻن سان به لهه وچڙ ۾ رهي ٿو. ڪراچيءَ به دوستن يارن سان ملڻ وڃي ٿو ۽ شيخ عبدالمجيد سنڌي اڪيڊمي به هلائي ٿو. ڊاڪٽر ائنميري شمل انسٽيٽيوٽ آف لينگويج حيدرآباد کي به سنڀالي پيو ۽ ماهوار رسالو پارس به ڪڍي پيو. سرتاج اخبار ميرپورخاص شايع ڪرائي ٿو ۽ پنهنجي ايم فل جي ٿيسز به تيار ڪري پيو. سماجي ۽ ادبي گڏجاڻيون ۽ سيمينارن ۾ شريڪ به ٿئي ٿو ۽ عبرت ۾ ويچار ڪالم به لکي ٿو. شادين غمين کي مس ڪو نه ٿو ڪري. ناصر ۽ مجيد کي رات ڏينهن ڊوڙائي ٿو. وقت ڪڍي سائين جي ايم سيد، شيخ عبدالمجيد سنڌي، بٺوري ۾ غلام فريد حيدرآباد ۾ شيخ اسماعيل ۽ ڪراچي ۾ پير حسام الدين راشدي، حسين هارون ۽ ٻين ڪيترن ئي بزرگ ۽ معتبر شخصيتن سان ملاقاتون به ڪندو رهي ٿو. اهو سڀ ڏسي ڏاڍو تعجب لڳندو هو.
مطلب ته خان محمد پنهور جو سڀني ڪارڪنن کي اهو چوڻ هو ته؛ انسان جي زندگي تمام مختصر آهي، ان جو هڪ لمحو به وڏو قيمتي آهي، جنهن کي ضايع ڪرڻ نه گهرجي. آخرڪار هو برين ٽيومر جهڙي بيماري ۾ وٺجي ويو، جنهن جو لنڊن سوڌو علاج ڪرايو ويو پر هو ان بيماريءَ مان صحتياب نه ٿي سگهيو ۽ ۲۷ مئي ۱۹۹۹ع تي هن دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو. انا لله وانا اليه راجعون.


خان محمد پنهور
نه وسرڻ جهڙو شخص
عظيم سنڌي
خان محمد پنهور صاحب ڄائو نپنو وڏو آراضي ۾ ٿيو. جتي جئندل شاھ جو راڄ مٿان وڏو دٻدٻو ۽ رعب تان به هو. ڪوڙل شاھ به سنڌ اسيمبلي جو ميمبر ۽ جيلن وارو وزير جئندل شاھ جو پٽ هو. شاھ صاحبن طرفان سندن وڏڙن جي ٻه چار ايڪڙ زمين تي قبضي کانپوءِ لڏي اچي مورو سڪونت اختيار ڪيائون. سڀ کان وڏو ڀاءُ خان محمد پنهور ايريگيشن مورو ۾ دارغو هو. اهو ئي سندس لڏي اچڻ جو سبب هو. تمام مسڪين هئا وڏن ماڻهن سان پڄڻ هنن جي وس ڪو نه هو. هي ۱۹۶۶-۶۷-۶۸ جا سال هئا. ايوب شاهي لوڏن ۾ هئي. ون يونٽ خلاف سڄي قوم ڀڙڪو کائي اٿي ۴ مارچ کانپوءِ وڌيڪ ڀڀڙ ڀڙڪي اٿيو. ۽ گدائي جو اهو شعر گونجڻ لڳو ته لاٽ ٻرندي رهي ساٿ هلندو رهي. نوجوان ساٿيو. سنڌ جا وارثو.
انهيءَ اٿل پٿل ۾ خان محمد پنهور پنهنجي دوست سڪندر الزمان سڪندر مورائي سان گڏ تحريڪ کي سرگرم ڪرڻ ۾ ڪا به ڪسر ڪا نه ڇڏي. موري لڏي اچڻ وقت مسواڙي جاءِ به سڪندر جي پاڙي ۾ ورتائون. ٻئي هڪ ٻئي جا سچ پچ ته ڀائرن جهڙا مثالي دوست ۽ هم عمر هئا. مورو ۾ سڄي سنڌ کان اول فاطمه جناح جي حق ۾ سنڌ يونيورسٽي جي ڇاھٺ ستھٺ ۾ شاگردن سان گڏ جلوس ناصر مورائي جي اڳواڻي ۾ نڪتو جنهن کان پوءِ تمام جلد سڪندر زمان ميمڻ، خان محمد پنهور، غلام محمد مگسي، مظهر ميمڻ، محبوب مورائي جي اڳواڻيءَ ۾ جلوس نڪتو. جنهن نه رڳو مورو پر سڄي سنڌ ۾ اٿل پٿل مچائي ڇڏي.
هنن ئي دوستن جي گڏيل ڪوشش سان هوشو ڊي مورو ۾ ملهايو ويو. جنهن ۾ حيدر بخش جتوئي، باقر شاھ، رسول بخش پليجو، ذوالفقار علي ڀٽو، شيخ اياز، ڄام ساقي، اختر بلوچ، رياض بلوچ وغيره شريڪ ٿيا.
مورو جي هنن تحريڪن ۾ خاڪي جويو، مولانا عزيزالله ٻوهيو، هارون سومرو، غلام النبي مورائي، مٺل ڪمالاڻي، راشد مورائي، نصر الله ميمڻ (سنڌي) وغيره وغيره جي اهم ڪردار تحريڪ کي اوج ڏئي ڇڏيو آخر ون يونٽ ٽٽو تحريڪ رنگ لاتو.
خان محمد پنهور کي ان سڄي عمل ۾ مون اڻٿڪ محنتي ۽ سچي ورڪرن جي حيثيت سان نه رڳو ڏنو پر تمام گهڻو متاثر به ٿيس. مورو رهڻ دوران منهنجي هن سان دوستي سڪندر الزمان، قمرالزمان ۽ عزيز شيخ جي ڪري ٿي جا مرڻ گهڙي تائين قائم ۽ دائم رهي.
مون خان محمد پنهور کي هلندي به ڏٺو ته اڏامندي به ڏٺو. هو غريب هوندي به سنڌ جي گهڻ پاسائين شخصيت هيو. اها نعمت به قدرت طرفان ڪنهن ڪنهن جي نصيب ۾ ايندي آهي هر ڪنهن جي هي وس جي ڳالهه ناهي.
سال ۱۹۷۳ع ۾ جڏهن پنهور صاحب عبرت اخبار ۾ نوڪري ڪندو هيو ۽ هن سان گڏ لال بتي اسپتال حيدرآباد جي ديوان مشتاق وارڊ ۾ شيخ عبدالمجيد سنڌي جي عيادت ڪرڻ لاءِ گڏ وياسين ته راشد مورائي به اسان سان ساٿ ۾ گڏ هيو.
خان محمد پنهور جي هيءَ شيخ صاحب سان تفصلي پهرين ملاقات هئي جا شيخ صاحب ڊاڪٽرن جي  منع باوجود ۾ اسان سان ڪئي ملاقات دوران محمد عثمان ڏيپلائي ظفر حسن، ڊاڪٽر قادر بخش ڪاندڙو به ايندا ويا.
اها ئي  منهنجي پهرين ۽ آخري شيخ عبدالمجيد سنڌي سان ملاقات هئي. سنهڙو اڇو ململ جو پهراڻ سادي هرک جي شلوار ناس جي دٻلي جا هو هر هر ڏيندو ٿي رهيو.
هيءُ هند ۽ سنڌ جو وڏو دماغ هو جنهن لاءِ سائين جي ايم سيد لکيو ته آءٌ پنهنجي سياسي رهنمائي شيخ عبدالمجيد سنڌي کان وٺندو رهيس. ڪيڏو وڏو نالو ڪيڏي وڏي سادگي ڪمال اهو ته هن سڀ ڪجهه هوندي ڪجهه به نه ٺاهيو. پنهنجو شاهوڪار مذهب هن سندس چواڻي ته مسلمانن جي خدمت لاءِ اختيار ڪيو. هن اسان سڀني کي اسپتال ۾ ميار ڏيندي چيو چٽي طرح ياد اٿم. محمد عثمان ڏيپلائي ڏانهن اشارو ڪندي. اي بابا ڏيپلائي تون به ته منهنجي خلاف لکندو هيئن نه اوهان اسان شيخن کي اڃا مسلمان هجڻ لاءِ تيار ئي ناهيو. شيخ ميجب ۽ شيخ اياز تي به اڃا تائين ڪافر جون تهمتون آهن. شيخ صاحب پنهنجي مستي ۾ ڳالهائيندو رهيو ۽ چوندو رهيو ته اڄ مون سان سنڌ جا نوجوان ملڻ آيا آهن مان ڏاڍو خوش آهيان.
خان محمد پنهور شيخ عبدالمجيد سنڌي جي پنهنجي وت ۽ وس آهر تمام گهڻي خدمت ڪئي سو به تڏهن جڏهن قوم شيخ صاحب کي مڪمل وساري ڇڏيو هيو.
شيخ صاحب تي کوڙ ڪتاب، انٽرويو مطلب ته اٿندي ويهندي پنهور صاحب جي زبان تي رڳو شيخ عبدالمجيد سنڌي هو. هو ڄڻ ته شيخ صاحب جي گهر جو ڀاتي هجي ويندي مرڻ گهڙي تائين ڪلهي ڪانڌي ٿي شيخ صاحب کي مڪلي تي ابدي آرامي ڪري آيو.
پنهور صاحب پنهنجي زندگيءَ ۾ تمام گهڻا سماجي ۽ سياسي ڪم ڪيا. جن تي ويهي ويچاربو ته کوڙ سارا ڪاغذ ڪارا نيرا ڳاڙها ساوا ٿي ويندا. ان سان گڏ پنهور صاحب کوڙ سارن رسالن ۾ نه رڳو ڪم ڪيو پر پاڻ رسالا به ڪڍيائين. کوڙ ساريون نوڪريون به ڪيائين روشني اسڪول نواب شاھ، ضلع آفيسر دوران جا ان هن سان گڏ ضلعي پوري اندر اسڪول کولڻ سان گڏ همڻ وقت به گڏ هوندو هيس. هو ننڊ جو دشمن هر وقت ڪم ئي ڪم. آخر ۾ مان هن سان گڏ هلڻ کان لنوائيندو هيس.
فقير طبيعت جو تمام محبتي ماڻهو هو. هن سڄي سنڌ ۾ پيار ورهايو. اسان جي زندگي سڌارڻ سنوارڻ ۾ به خان محمد پنور جو وڏو ساٿ رهيو آهي مورو سندس گهر هو جنهن کي حيدرآباد ڪراچي ۽ دادو جيان خاص اهميت ڏيندو رهيو.
هن جي صدقي سڄي سنڌ جي کوڙ سارن سڄاڻ شخصين سان ڄاڻ سڄاڻ وڌي هو ئي سنڌ جون نامور شخصيتون مورو ياترا لاءِ وٺي آيو. جن ۾ هري موٽواڻي، نند جويري، نند ڇڳاڻي، ڊاڪٽر الهواريو محمدي، محمد ابراهيم جويو، سائين جي ايم سيد، حيدر بخش جتوئي، ڄام ساقي، ڊاڪٽر حسين بخش ڪولاچي، شمشير الحيدري، تاجل بيوس، اڪبر قاضي وغيره، هو سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن جي باني ميمبرن مان هيو. پر سگا جي ساٿين جو هن ڏانهن رويو ڪڏهن به درست نه رهيو. اهو ئي سبب هيو جو هن ڳوٺ سڌار سنگت ٺاهي ۽ سالن دوران سگا کان سرگرمي هٽائي ڳوٺ سڌار سنگت ۾ ڪم ڪندو رهيو.
سنڌ يونيورسٽي ۾ شعبي صحافت جو باني چيئرمين به رهيو. هن جي محنت همت ۽ قلم سان سچ پچ ته حيدرآباد ۾ ڪل سنڌ ملاکڙو ٿيو جنهن ۾ مير رسول بخش ٽالپور گورنر سنڌ، ايس ايم عباسي شريڪ ٿيا. هن ئي ملاکڙي ۾ پهلوان غلام سرور جتوئي، سڀني پهلوانن مٿان سرسي حاصل ڪري ملهه جي دنيا جو وڏي ۾ وڏو اعزاز ”چيمپيئن سنڌ پاڪستان“ جو اعزاز ماڻيو.
ننڍي عمر ۾ گهڻي ڪم ڪرڻ ڪري، کيس برين ٽيومر ٿيو. ٽي چار دفعا آپريشن کان پوءِ به بيماري ۾ بهتري نه اچي سگهي. هر طرح جي يادداشت خان محمد پنهور کان موڪلاڻي وئي. ان هوندي هو پنهنجي موري واري گهر کان منهنجي دڪان تائين بلڪل اڪيلو صحيح سلامت ايندو رهندو هو. واپسي تي آءٌ سندس گهر وٺي ويندو هيس.
آخري ملاقات پنهور صاحب سان ڄامشوري واري سندس  سرڪاري گهر ۾ اسلم عباسيءَ سان گڏ ٿي. جتي بيڊ تي آءُ هن کي هٿ ۾ هٿ ڏئي ويٺو رهيس ۽ اسلم کي پنهنجي دوستي ۽ ڪم جي باري ٻڌائيندو رهيس. اکيون کولي هو مونکي گهوري گهوري ڏسندو رهيو پر هو ڪجهه چوڻ کان لاچار هو. ان کان ٻئي ڏينهن تي ادي نسيم پنهور جو اهو ڏک ڀريو ڏوراپو به آيو. ته سنڌي ماڻهو پنهور صاحب کي وساري ويٺا آهن. پنهور صاحب ته سڀ ڪجهه پنهنجي قوم لاءِ ڪيو پر اڄ کيس ٻچن جي رهڻ لاءِ گهر به ڪونهي.
آخر هو ڏنل هٿ ۾ هٿ الڳ ڪري ۲۷ مئي تي هميشه لاءِ وڇڙي ويو. پنهور صاحب سنڌ لاءِ هڪ مثالي شخصيت سان گڏ محبت جو فرد نه پر ادارو هيو. هر ڏينهن پنهور سان پيار ڪندڙن جو تعداد وڌندو ٿو رهي. سڪندر زمان، ادي نسيم پنهور ۽ عبدالمجيد پنهور جي ڪوششن سان هر سال خان محمد پنهور ٽرسٽ طرفان سندس شاندار ورسي به ملهائي وڃي ٿي.


ڊاڪٽر خان محمد پنهور
سنڌ جو خاموش ۽ معصوم مددگار
رکيل مورائي
جيڪڏهن سيوهڻ جو پراڻو نالو ”شيوُ اسٿان“ آهي ته پوءِ پڪ سان جنهن شخص جو آءٌ ذڪر ڪري رهيو آهيان، اهو پڻ شيو ڀڳوان جو ڪو اوتار ٿي سگهي ٿو. ڇاڪاڻ ته پنهنجي حصي کان شخصي طور وڌيڪ ڪم ڪرڻ وارن شخصن کي جيستائين جديد علم ماڻهن وٽ نه پهتا هئا، ديومالائي ڪردار سڏائيندا هئا. ان ڪري جو انهن جو ڪيل ڪم ايترو گهڻو هوندو هو، جو اڄ جي هن جديد دنيا ۾ اعتبار ۾ نه اچڻ جوڳو آهي. سندن مهم جو شخصيتون اڄ به انسانن لاءِ سمجهه ۾ نه ايندڙ آهن، جنهن ڪري اهي سڀ ديو مالائي بڻيل آهن، هندو مذهب ۾ اهڙين شخصيتن کي ڪنهن نه ڀڳوان جو اوتار ڪري سڏيندا آهن ۽ اسان مسلمان انهن کي وليءُ سمجهندا آهيون، پر هيءُ شخص انهن سڀني عقيدي پرستيءَ وارن اعزازن کان پري جديد دنيا جو هڪ لکيل پڙهيل شخص هو، جنهن جو جنم ته سيوهڻ ڀرسان آراضيءَ ۾ ٿيو پر اڄ به سموري سنڌ هن معصوم ۽ سنڌ جي خاموش مددگار لاءِ اعزازي طور پنهنجي جهولي جهلي بيٺي آهي ته سندس جهوليءَ ۾ وري قدرت ڪو ٻيو اهڙو پٽ وجهي. هن شخص جنهن جا ڪيترائي حوالا ڏئي سگهجن ٿا، جي کاتي ۾ شاگرديءَ واري دور ۾ سياسي خدمتون، تعلقمي خدمتون، صحافتي خدمتون، ادبي خدمتون ۽ سماجي خدمتون ۽ ٻيو ڪيتريون ئي خدمتون جيڪي پڻ ڳڻا ئي سگهجن ٿيون، هن شخص جو نالو خان محمد پنهور هئو!
جنهن کي مون پهريون ڀيرو ۱۹۸۱ع جي سال ۾ ان وقت ڏٺو، جڏهن سنڌ جي عالمن، اديبن ۽ شاعرن ان سال کي ساهت سال ڪري ملهايو هو ۽ هو. ان سلسلي ۾ نوان جتوئيءَ ۾ ٿيندڙ ساهت ڪانفرنس ۾ مهمان خاص طور شريڪ ٿيو هو ۽ مون ان ۾ پنهنجو غالبن پهريون شعر پڙهيو هو، ان کان پوءِ هن سان سندس زندگيءَ جي آخري گهڙيءَ تائين تعلق رهيو، شايد ان جو ٻين سببن سان گڏ. هڪ سبب اهو به هجي ته اسين سڀ موري جا اديب، شاعر هن سان پيار ڪندا هئاسين ڇاڪاڻ جو مورائي هوندي هن جي ساهراڻي آڪهه هئاسين: دنيا جو مان ڀايان ٿو وڏو سچ اهو آهي ته ڪو به شخص يا ته پنهنجي ماءُ جي ٻوليءَ سان محبت ڪندو آهي يا محبوبه جي ٻوليءَ سان، يا ماءُ جي ڳوٺ/شهر کي پنهنجو ڪندو آهي، يا محبوبه جي ڳوٺ /شهر کي پنهنجو ڪندو آهي، ائين خان محمد آراضيءَ جو جنم ورتل، موري جو ٿي ويو جو ڄڻ سندس اهو ئي جنم هنڌ هجي. هن موري جي ان دور شاگرد سياست جي نهايت ئي اهم ۽ سنجيده نوجوان ڪردارن سڪندر الزمان ۽ قمر الزمان ميمڻ جي ڀيڻ سان وهانءُ ڪيو ۽ پوءِ هو اسان جو ئي ٿي ويو، اهو سندس شخصي لڳاءُ هو، ٻيءَ طرح هن شخص صحافت ۾ هلچل، نئون نياپو ۽ ٻين رسالن کان پوءِ آخر پارس رسالو ڪڍي، پنهنجي دور ۾ جيڪا سنڌي ادب جي رهنمائي ڪئي اها تاريخ جي صفحن ۾ محفوظ آهي. هن نه رڳو تعليمي طور پنهنجي خاندان کي قابل بڻايو پر سنڌ جا اڻ ڳڻيا شخص اهڙا هوندا جيڪي سندس مالي مدد سان تعليمي حوالي ۾ اڳتي آيا هوندا، سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ ماس ڪميونيڪيشن جو شعبو سندس اڻ ٿڪ محنتن جو نتيجو آهي، لاتعداد ڪتابن جي ايڊيٽنگ ۽ سهيڙ سندس نالي سان سڃاپجي ٿي، پر خاص طور تي سندس سهيڙيل شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ جي لکيڻن تي ٻڌل ڪتاب نعره ۽ مستانا ۽ شيخ صاحب بابت ڪتاب ”هونداسي حيات“ يادگار ڪتاب آهن. ڀلجان نٿو ته خان محمد پنهور پنهنجي ڊاڪٽريءَ جي لاءِ جيڪو موضوع چونڊيو هو، اهو به شيخ عبدالمجيد ئي هو، جيڪا ٿيسز پوءِ ”ٻري جن ٻاري“ جي نالي سان سنڌي ادبي بورڊ شايع ڪئي، ائين هن نه رڳو پاڻ لکڻ پڙهڻ ۽ پڙهائڻ جو ڪم ڪيو پر لاتعداد ٻين شخص کي پڻ هن الڳ الڳ شعبن ۾ اڳتي آندو. اسان جو دوست مجيد پنهور ۽ ناصر پنهور ته سندس اولاد جيان ئي آهن، مان ڀايان ٿو ته سنڌ گريجوئيٽ ايسوسيئيشن (سگا) کي جوڙيندڙن ۾ به خان محمد پنهور جو ٻين سان گڏ اوترو ئي حصو آهي ۽ آخري گهڙيءَ تائين سندس ساٿ سگا سان رهندو آيو، اڄ جي حوالي ۾ هڪ نهايت اهم ڪريڊٽ خان محمد ڏانهن اهو به وڃي ٿو ته جڏهن سنڌي ماڻهن کي اين جي اوز جو تصور به نه هو، تڏهن هن شخص پنهنجي دوستن سان گڏجي ”ڳوٺ سڌار سنگت“ نالي تنظيم جوڙي، جنهن منڇر جي مهاڻن لاءِ ۽ ان کان ٻاهر سڄي سنڌ ۾ جيڪو ڪم ڪيو اهو اڄ به يادگار آهي، جڏهن ته ان دور کان پوءِ، ٻانهن ٻيلي ٺاهيندڙ جاويد جبار ڪروڙ پتي ٿي ويو. خان محمد سان ڪم ڪندڙ ٻيا ڪيئي دوست شخصي طور اڄ ڏوڪڙن ۾ پاڻ کي تورين ٿا، پر هن سنڌ جي بيحد ايماندار پٽ، شخصي طور هڪ رپيو به پنهنجي ڪتب آڻڻ کي عيب سمجهيو. شايد ان جو سبب هن جون آئيڊل اهي شخصيتون هيون، جن سان رهي هن ائين زندگي گذارڻ جو سبق سکيو هو، جيڪي شخصيتون هيون، سائين جي ايم سيد، شيخ عبدالمجيد ۽ حسام الدين شاهه راشدي. لڳندو آهي ته هيءُ ان اخلاق، خلوص، سچائيءَ ۽ ايمانداريءَ جي آخري ڪڙي هو. مون کي ياد ٿو اچي ته سائين جي ايم سيد جي نياڻي ڊاڪٽر درشهوار سيد جڏهن انگلينڊ مان پي ايڇ ڊيءَ جي اعليٰ ڊگري وٺي سنڌ واپس آئي هئي ته ان سان پهرين ملاقات ۽ ان جو پهريون انٽرويو به خان محمد پنهور ئي ڪيو هو، جيڪو پارس جي هڪ پرچي ۾ شايع ٿيو هو، پنهنجي زندگي هر شخص جي خاندان لاءِ ته اهم هوندي ئي آهي، پر خان محمد جي زندگيءَ جيترين زندگين ۽ انهن جي خاندانن کي تعليمي، سماجي ۽ مالي طور پاڻ ڀرو ڪيو، شايد ئي سندس نسل ۽ همعصرن مان ڪو اهڙو شخص هجي، جيتوڻيڪ اڄ جا انهن ئي شعبن ۾ وڄندڙ نالا خود انهيءَ معيار تي شايد لهي سگهن. جن پنهنجي ڪم کان ڪيترائي ئي ڀيرا وڌيڪ سنڌ کان وصول ڪيو آهي.
اسيءَ واري ڏهاڪي ۾ محمد خان جوڻيجي جي وزير اعظميٰ واري دور ۾ نئين روشني اسڪول، بالغن کي پڙهائڻ لاءِ شروع ڪيا ويا ته خان محمد نواب شاهه ڪئمپ آفيس ۾ ڪم شروع ڪيو ۽ اهڙو ڪم شروع ڪيو جنهن سندس صحت کي بنهه ڊانوانڊول ڪري ڇڏيو. مون کي ياد آهي ته هڪ رات ادو عظيم سنڌي ۽ مان کيس وٽ رهياسين، اسان ڏٺو ته هو صبح جو چئين وڳي اٿندو هو، ڇهين وڳي گهر ڇڏيندو هو، سڄو ڏينهن الڳ الڳ هنڌن تي ويندو هو ۽ سج لٿي کان پوءِ واپس گهر موٽندو هو، هن جي سنڌ سان محبت، پنهنجي ڪم سان لڳاءَ ۽ اڻٿڪ محنت ڪري، اهو ئي دور سندس صحت لاءِ گهڻو نقصانڪار ثابت ٿيو، بظاهر هو اهڙو ڪو به ڏيک نه ڏيندو هو ته هو ٿڪل آهي يا جسماني طور ڪمزور ٿي رهيو آهي پر اندران اندران هو پؤڻو پوندو ويو ۽ آخر ٻاهر وڃي هن کي هڪ ڏکوئيندڙ آپريشن ڪرائڻو پيو. جيتوڻيڪ وقتي طور علاج ڪرائي واپس ته آيو پر هو مستقل طور ٺيڪ نه ٿي سگهيو، زندگيءَ جو وقت زندگي رهڻي ئي آهي ۽ ڊاڪٽر خان محدم پنهور به پنهنجن دوستن ۽ همعصرن جي وچ ۾ موجود ته هو، پر ڄڻ اندر اندر ۾ هڪ ٽٽل شخص جيان ۽ ٻاهر ٻاهر هو ساڳيو بهادر کل مک، دوستن سان، همعصرن سان ۽ پنهنجي جدوجهد سان جڙيل، زندگيءَ جي آخري گهڙيءَ تائين، شايد ڀٽائي هيءَ سٽ خان محمد پنهور لاءِ ئي چئي هئي:
جان جان دعويٰ دم، تان تان پرت پنهوار سين
هن جنهن ڏينهن پنهنجن پنهوارن سان پريت ٽوڙي اهو ستاويهين مئي جو ڏينهن هو، پر هن اهو ثابت ڪري ڏيکاريو ۽ پنهنجي آخري دم تائين پنهنجي پريت جو آبرو رکي. موٽ ۾ سنڌ سندس ان پريت کي پنهنجي پاند ۾ سنڀالي رکيو آهي. هڪ پل به ان جي اکين مان ۽ دل مان سندس چهرو ۽ سندس ياد نه وئي آهي. سنڌي ماڻهن اڄ تائين هن کي ائين ياد رکيو آهي، جيئن پنهنجي محبوبن کي، پنهنجي پيارن کي ياد رکبو آهي، ڇا اهو هن جي جدوجهد جو ثمر نه آهي؟ جو جڏهن به ۽ جنهن کي به سندس ياد ايندي آهي ته ان وقت اهي اکيون جُهڙ جيان جهمي پونديون آهن.



خان محمد پنهور

سنڌ پرست تعليم دوست شخصيت

عبداش پنھور

سنڌ کي تعليم شعور جي ضرورت آهي، تنهن ڪري پنهنجا ٻچڙا پڙهايو. پاڻ کي ڏکيو بُکيو رکي به انهن کي اسڪول موڪليو. اهڙيون ڳالهيون جنهن مهان ماڻهوءَ ڪيون ۽ اسان جي ٽهي ڪنن سان ٻڌيون، انهيءَ تعليم دوست سنڌ پرست شخصيت کي سنڌ جي لوڙهن ويڙهن، ڳوٺاڻي اوطاقي ٻوليءَ جو رکوالو لوڪ ڳوٺ سنڌ سڌار سنگت جي اڳواڻ سائين خان محمد پنهور جي نالي سان سڃاڻي ٿو. جيڪو پڻ غير معمولي حالتن مان گذريو آهي. جنھن پنھنجي پوري ڄمار فڪري پورهيو ڪندي گذاري آهي. ڇو ته پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ اسان ماڻهو خاص ڪري سموري سنڌ جا ماڻهو انتهائي غيرمعمولي حالتن ۾ رهيا آهيون ۽ اهڙين غيرمعمولي تنگ حالتن جو ڌرتي لوڪ داستان درد وقت جي پهرين وزيراعظم سان جُڙيل آهي، جنهن سنڌ جون زمنيون تيل وال ڪرڻ لاءِ ڪوڙا ڪليم شروع ڪرايا ۽ باباءِ سنڌ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جيڪو انهن غير معمولي حالتن کان ڏهه سال اڳ سنڌ هاري ڪاميٽيءَ کي سرگرم ڪري چُڪو هو، تنهن پهرين محاذ ۽ پهرين صف ۾ اهڙي قسم جي هچائن سان مها مهاڏو اٽڪايو هو. پاڪستان ۾ غير معمولي حالتون برپا ڪرڻ ۾ تيهان پوءِ سڪندر مرزا، فيلڊ مارشل جنرل ايوب، جنرل ضيا کان پرويز مشرف جهڙا ڪردار ڳڻائي سگهجن ٿا. اهڙي تاريخ ۾ اصل ڌرتي ڌڻي لوڪ کي اڳتي وڌڻ، شعوري طور ترقي ۽ تعليم سميت زندگيءَ جي مختلف شعبن ۾ اڳتي اچڻ جھڙوڪ ناممڪن بڻجي پيو هو. سنڌ جا اهي ماڻهو جيڪي وائسراءِ سان گڏ هئا، اهڙو هڪڙو ئي خاص طبقو حڪمران رهندو پيو اچي. اهڙي قسم جي اڍنگي ورتاءُ سبب خاص ڪري سنڌ پنهنجي سياسي شعور جو ردعمل ڏيڻ شروع ڪيو، جيئن تازي تاريخ ۾ ڪالاباغ ڊيم مخالف ردعمل، ٻيٽن جي والار تي ردعمل، ٻٽي انتظامي مقامي نظام تي ردعمل، تيهان اڳ نه رڳو ڪوڙا ڪليم رد ڪرائي زمين هارين ۾ مفت ورهائڻ جو ردعمل ڏنو ويو پر خاص ڪري ون يونٽ مخالف تحريڪ سنڌي ٻولي بچائڻ واري تحريڪ ۾ سنڌ جو سياسي شعور بنا بندوق هلائڻ جي بئنرز جي قوت تي نعرو لڳائي لڳائي لوڪ نروار ٿيو ته نه کپي، ون يونٽ نه کپي. سنڌ واسين جيڪو اهو ردعمل ڏنو تنهن ۾ شاندار ڪاميابيون پڻ مليون آهن. ناڪام نه ٿيا آهيو ڇو ته شاعر چيو ته ٽوڙيو ڳٽ ون يونٽ ٽوڙي ڇڏيو. ان غير معمولي ڪيفيت مان ڳوٺ سڌار سنگت جي باني سرواڻ سائين خان محمد پنهور پڻ گذريو هو، سندس جوڙيوال سائين قلندر شاهه لڪياري رهيو. شعوري ٻلهه هن سن جي سائين جي ايم سيد ۽ بکوديرو جي جتوئي کان حاصل ڪيو هو. روبرو ڪچهرين ۾ ٻڌايائين ته شاگرديءَ جي زماني ۾ صحافت جو خفت هو تڏهن سائين جي ايم سيد خط لکي ڏنو ته وڃ اخباري مالڪ کي ڏي، توکي نوڪري ملي ويندي. کلي چيائين ته نوڪري ملي ۶۰ رپيا ماهوار پگهار ڏنائون. شڪر آهي توکي ۸۰۰ ٿا ڏين، مون ۸۰۰ جي رڳو ڳالهه ٻڌي هئي. جڏهن مون کي اها پگهار ۱۶۰۰ ملي هئي، اها پهرين اخباري نوڪري جي پهرين پگهار آهي. سنڌ يونيورسٽي پروفيسر سماجي شعبو ۽ ڊاڪٽري صحافت جي شعبي ۾ ڪندڙ خان محمد پنهور جي مٺڙي لهجي ۾ ڳالهائڻ جو انداز نرالو هوندو هو. سندس ٻولي ٻاجهاري هوندي هئي. ديس دنيا ۾ صحافت جو شعبو هر دور ۾ غيرمعمولي تنگ حالتن جو اڀياسي آئينو ڏيکاريندو رهندو آهي، تڏهن چوندا آهن ته صحافي ڪڏهن به رٽائر نه ٿيندو آهي. صحافت کاٻي هٿ جو کيل آهي تمام گهٽ ماڻهن کي خبر آهي ته اهو کاٻو هٿ ڇا آهي؟ کاٻڙ ۾ ڪهڙي نموني جي گڙٻڙ هوندي آهي! صحافتي شعبي ۾ ٻوٿ ڪاريون رڍون شامل ٿي ويون آهن، حرام خوري تيز رفتاريءَ سان وڌي پئي، جنهن سبب کاٻڙ ڪمزور ۽ ساڄڙ سگهارو ٿي رهيو آهي. سنڌ هاري ڪاميٽي جو ترجمان آواز هاري حقدار ته پوءِ جي ڳالهه آهي تيهان اڳ سنڌ ۾ شيخ عبدالمجيد سنڌي جڏهن سنڌي ٻولي واري صحافت شروع ڪئي، تنهن کي جديد صحافتي صف قرار ڏيئي سگهجي ٿو. تنهن سفر ۾ اڳتي هلي عثمان ڏيپلائي وڌيو، جنهن لفظ عبرت سان اخبار لوڪ پڌري ڪئي هئي. لڳ ڀڳ عبرت ۽ هاري حقدار جو لوڪ پڌرو ٿيڻ ساڳيو دور آهي. سنڌي صحافتي انهي دور بابت سنڌ ڳوٺ سڌار سنگت جي سرواڻ تعليم دوست شخصيت خان محمد پنهور جو ڪتاب “ٻري جن ٻاري” کان رسالو پارس جا پرچا تاريخ ساز مواد آهي. پنهنجي يادگيرين ۾ جرمني ڄائي سنڌي سڀا جو حصو ٿي ويل اينميري شمل لکيو آهي ته “مون کي سموري سنڌ جي ماڳن جو سير بشمول مڪلي ۽ موهن جو دڙو خان محمد پنهور ڪرايو آهي.”

تعليم دوست شخصيت خان محمد پنهور سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ صحافتي شعبي جي باني هجڻ جو اعزاز رکي ٿو. ڇو ته جڏهن ڀٽو دور ۾ او آءِ سي اسلام آباد بيٺڪ ٿي، تڏهن ڀٽو جا گهاٽا يار ڪرنل معمر قذافي ۽ ياسر عرفات جي ميزباني جنهن آفيسر حوالي ڪئي، اهو ڪم ڀٽو طرفان تعليم دوست شخصيت خان محمد پنهور کي اهو چئي ڏنو ته سنڌي رسمن طور مهمانن جي ميزباني اوهان کي ڪرڻي آهي. جڏهن ڀٽو، خان محمد پنهور مان تمام گهڻو خوش ٿيو ته کانئس پڇيو اڄ جيڪو گهرندي اهو اوهان کي ملندو. تڏهن ھن تعليم دوست شخصيت سنڌ يونيورسٽي ۾ صحافت جو شبعو کولرائڻ جي گهر ڪئي۔ اها ڳالهه خان محمد پنهور روبرو مون کي ڪچهرين ۾ نوي جي ڏهاڪي دوران ٻڌائي هئي.

هو گرمي سرديءَ جي پراوهه نه ڪندو هو. هڪڙي ڀيري اسان جي شهر دوڙ ۾ ايل ايم سي مان ڊاڪٽري پڙهي پهتل ڊاڪٽر سيد حبيب احمد شاهه جيلاني نئون نئون نجي اسپتال جو ڪم شروع ڪيو ته اسان گڏجي ڳوٺ سڌار سنگت جي پليٽ فارم ۽ سنڌ هاري ڪاميٽيءَ جي سهڪارن سان گڏجي دوڙ ڀرسان ڳوٺ انڙ جتي صرف هاري پورهيت رهندا آهن، اتي باباءِ سنڌ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئيءَ جي ورسي جي موقعي تي مفت ميڊيڪل ڪيمپ کڻي تقريب ڪئي. ۲۱ مئي نوابشاهه ضلعي واري سخت گرميءَ دوران به خان محمد پنهور پاڻ انهيءَ تقريب ۾ خاص مهمان هو ۽ شرڪت ڪئي، سموري تقريب دوران شريڪ عمل رهيو. ڳوٺ سڌار سنگت بابت ڪچهرين دوران هو چوندو رهندو هو ته جيڪڏهن ڳوٺ آباد اسڪيم سنڌ سرڪار جي وزارت بهتر انداز سان ڪم ڪرڻ شروع ڪري ته سنڌ جا سمورا ڳوٺ بنيادي سماجي مسئلن جي عذاب کان آجپو حاصل ڪري سگهن ٿا. ڳوٺن کي روڊ هجڻ گهرجن ته جيئن زرعي پيداوار سان گڏ بيمار ۽ لاچار ماڻهو به جلد شهر پهچي اسپتال ۾ ڪنهن ڊاڪٽر وٽ پنهنجو علاج ڪرائي سگهي. وڏن ڳوٺن ۾ اسڪول هئڻ کپن ته جيئن ننڍڙا ٻارڙا بنيادي تعليم پنهنجي ڳوٺ ۾ پڙهي شهرن جي وڏن اسڪولن پهچي سگهن. جيڪڏهن سنڌي قوم جديد زماني مان ڪجهه سکڻ چاهي ۽ پرائڻ چاهي، ترقي ڪرڻ چاهي ته پوءِ تمام بهتر اوزار ۽ زيور تعليم آهي. پنهنجا ٻارڙا سڀني کي، هارين پورهتن کي ته لازمي پڙهائڻ کپن. خان محمد پنهور اهو سنيهو کڻي ڳوٺ سڌار سنگت جا ڳوٺ ڳوٺ ۾ يونٽ کولرائيندو رهيو پر جڏهن وقت جي وزيراعظم محمد خان جوڻيجو سنڌڙي واري ڳوٺ آباد پڪا ڳوٺ اسڪيمون شروع ڪيون تڏهن تعليم هن تمام زور سان اهو مطالبو ڪيو ته هاڻ دير نه ٿيڻ کپي پر سنڌ دشمن نوڪر شاهي وقت جي وزيراعظم محمد خان جوڻيجو جي رٿا رلائي ڇڏي. نئين روشني اسڪول پڻ ناڪام رٿا ثابت ٿي، جنهن جو ذميوار وقت جو وزيراعظم محمد خان جوڻيجو نه پر سنڌ دشمن سنڌ جي نوڪر شاهي آهي.

تعليم دوست شخصيت خان محمد پنهور رسالو پارس انهيءَ مقصد لاءِ ڀرپور آواز بنايو هو. هو ساڳئي وقت سگا کان سنڌي ادبي سنگت تائين سرگرم جاکوڙي ڪردار رهيو. هن جي ڳوٺ آراضي ڀرسان هڪڙي واهڙ ڳوٺ هو ته ٻئي طرف سن جا سياسي اولڙا هئا. اعجاز قريشي ساڳئي دور ۾ ساماڻيو ته سنڌ جو صحافتي ارڏو ڪردار مدد علي سنڌي پڻ ساڳئي دور ۾ ساماڻيو. خان محمد پنهور صحافتي سفر ۾ روزاني عبرت حيدرآباد سان گهڻو وقت جڙيل رهيو. جڏهن مان به عبرت سان واڳيل هوس ته ڪچهرين دوران هدايتون ڪندو رهندو هو ته سنڌي صحافت سٺو عوامي مورچو آهي، تنهن کان ڪڏهن به ڌار نه ٿجاءِ. هن اها به هدايت ڪئي ته جيڪي ڪجهه ڏسين پسين ٿو اهو لک، قلم جي قوت تمام وڏي قوت آهي. جيڪو جڳت ۾ ڏسو ٿا، پسو ٿا اهو لکو. لکڻ نه ڇڏيو، پڙهڻ نه وساريو، پڙهڻ لکڻ سان ماڻهو بهتر انسان ٿئي ٿو. تنهن ڪري وڌيڪ مان انهي حوالي سان خوش قسمت آهيان ته انهيءَ سکڻ واري ڄمار دوران کانئس گهڻو ڪجهه سکڻ لکڻ پڙهڻ جو موقعو مليو. محبتون مليون، پيار مليو، انساني دوستيءَ جو وکر مليو. صحافت ادب احترام جو رستو مليو، هُن جهڙو سماجي تعليم ۾ بهترين استاد مليو، جديد سنڌي صحافت جي محقق سان گڏ شيخ عبدالمجيد سنڌي جي صحافت، دليل شخصيت کي سمجهڻ جو پڻ شاندار موقعو مليو. هڪڙي ڀيري شيخ عبدالمجيد سنڌي جي آخري آرام گاهه تي مدد علي سنڌيءَ سان گڏ حاضري ڀري ته وڏي احترام سان مدد علي سنڌي تنهن تربت کي ادب احترام جو سلام ڪندي چيو ته ڏس هي اصل سنڌ جا هيرا آهن. هي سچا کرا ماڻهو هئا. پڙهيو ضرور هو سمجهيو شيخ عبدالمجيد سنڌي کي خان محمد پنهور ۽ مدد علي سنڌيءَ جي وسيلي. ڇو ته مدد علي سنڌي جي اندر ۾ جيڪا سنڌ آهي سا آواز جي انداز ۾ سنڌ جي وقت جي وڏي وزير ڊاڪٽر ارباب غلام رحيم جي رني ڪوٽ قلعي واري ڪانفرنس جي خطاب جو تاريخي حوالو آهي. مدد علي سنڌي اهو ڪمال جو ڪم ڪيو جو ونگي جي ڄام ۽ لسٻيلي جي ڄام کي تاريخ سان جوڙي ڇڏيو هو. جيڪي سنڌ جا ڄام آهن، سنڌي پنهنجي سڀاءَ ۾ وڏي رتبي واري پڳدار کي پاڳارو ۽ ڄام سڏيندا آهن، باقي لفظ آغا، خان، سردار وارا لفظ ۽ ٻيا اکر رتبا ٻين قومن جي تاريخ سان جڙيل آهن. سوڍو، ڪنور، راڻو به سنڌي رتبو آهي پر سڀني کان وڌيڪ رتبو ڄام جو آهي، تنهن ڪري لاکيڻي لطيف لفظ ڄام کي وڌيڪ رتبي سان پنهنجي شعر ۾ ڪتب آڻي ڇڏيو آهي. خان محمد پنهور پڻ تمام سٻاجهي ٻولي ڳالهائيندو هو ۽ ماڻهن کي سمجهائڻ جي جاکوڙ ڪندڙ رهيو ته سنڌ هاري ڪاميٽيءَ جي سرواڻ باباءِ سنڌ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئيءَ جا ساٿي هاري ورڪر ٿورو سياسي لهجي ۾ ڳوٺن ۾ ڳالهيون ڪندا آهن. اسان ڳوٺ سڌار سنگت وارا سماجي طور ڳوٺاڻن سان ملندا آهيون، ڪم ساڳيو آهي صرف انداز تبديل ٿيل آهي. هاڻ اوهان سمجهو ته فڪري طور ڪيتري سگهاري انداز سان خان محمد پنهور پنهنجي پرچارڪ دوران تمام سادي طريقي سان پيغام پهچائي ڇڏيو هو. سندس يگاني ڪردار جو ٻيو اهم جوڙي ۾ شامل عبدالغفور الستي به رهيو. يوسف سنڌي جو وڏو ڀاءُ جيڪو ون يونٽ تحريڪ ۾ ضلعي ٺٽي ۾ انتهائي سگهارو انقلابي ڪردار رهيو آهي. هي سنڌ جا خاموش فڪري فقير سپاهي رهيا آهن، جيڪي ڪڏهن به اسٽيج جا محتاج نه رهيا، پر اسٽيج انهن لاءِ محتاج رهيا. اڄ تعليم دوست شخصيت خان محمد پنهور جي ورسي آهي، جيڪو ڪڏهن وسريو ئي ناهي ته انهيءَ کي ياد ڇو ڪيون؟ 

 

(ڏھاڙي عبرت حيدرآباد ۾ ۲۸ مئي ۲۰۲۱ع تي ڇپيل)


ڊاڪٽر خان محمد پنهور

(۲۷جون۱۹۴۹ع ــ ۲۷مئي ۱۹۹۹ع) - سيوهڻ جون ادبي شخصيتون)

مير حاجن مير

ڊاڪٽر خان محمد پنهور ولد محمد يعقوب پنهور ولد چنگل پنهور تعلقي سيوهڻ جي قديم ڳوٺ آراضي ۾ پيدا ٿيو، ابتدائي تعليم آراضي مان، حاصل ڪيائين، پوءِ ڀان سعيد آباد، ۽ هالا مان ۱۹۶۸ع تي انٽر جي تعليم حاصل ڪيائين ڪراچي يونيورسٽي مان جنرلزم جي ڊگري حاصل ڪيائين کيس ننڍي هوندي ئي ادبي پروگرام ۾ شرڪت ڪرڻ جو شوق هو، سماج سڌارڪ، جي ننڍي هوندئي ڪا ستي مليل هيس. سندس شخصيت کي ٽن حصن ۾ ورهائجي ٿو. (۱) سماج سڌارڪ (۲) نوڪري (۳) ادبي دنيا.

سماج سڌارڪ: ڊاڪٽر خان محمد پنهور ننڍي هوندي ئي سماج ۽ سماجي تنظيمن سان لاڳاپيل رهيو. هن کي سماج جو درد هو. هو ٻين جا درد ڏسي خاموش نه ويهندو هو. هن جي ذهن ۽ دل ۾ سماج ۽ ماڻهن لاءِ هڪ الڳ دنيا ٺهيل هئي. هن جي اک الٽي نموني سماج کي ڏسندي هئي. سماج ۾ گدلاڻ کي صاف ڪرڻ لاءِ رات ڏينهن جاکوڙيندو رهيو. سندس سماج ۾ ڪردار گهرائي سچائي وارو رهيو، هن ڳوٺ سڌار سنگت جو ۱۹۸۳ع بنياد رکيو.هن ڳوٺ ڳوٺ ماڻهن کي ليڪچر ڏئي ماڻهن کي چيو ته پنهنجا ٻار پڙهايو ڳوٺن جو حالتون تبديل ڪريو، ۽ ان سان گڏ ڳوٺن ۾ وڏا وڏا سماج سڌارڪ ۽ اديب وٺي ويندو هو. جيئن ماڻهن تي اثر پئي. هو به ٻار پڙهائن ۽ ڳوٺن کي شهري ماحول مطابق تبديل ڪن. هن ڳوٺ سڌار سنگت جي پليٽ فارم تي ڪيئي اسڪول ۽ غريبن کي گهر ٺهرائي ڏنا. هن محمد خان جوڻيجي وزير اعظم پاڪستان جي دؤر ۾ روشني اسڪولن واري پروگرام ۾ به بهترين ڪم ڪيو. هن M.R.D خلاف تحريڪن ۾ شرڪت ڪئي. ۽ ضياالحق جي دؤر ۾ جڏهن سگا تي بين لڳل هو ته ان وقت به هو سگا سان لاڳاپيل هو. ڊاڪٽر سليمان شيخ لکي ٿو ته” ۱۹۶۸ع ۾ خان محمد پنهور سان پهرين ملاقات هئي. جڏهن سگا جو بنياد پيو ته خان محمد پنهور ان جي پهرين ميمبرن مان ئي هو. سگا ۾ جيڪو ميڊيڪل ڪئمپن جو رواج هاڻ عام ٿي ويو آهي. پر اهو خان محمد پنهور جي ذهن جي پيداوار آهي. (شيخ، ۲۰۰۴: ۳۷)

ڊاڪٽر خان محمد پنهور کي رات ڏينهن سماج جو اونو هوندو هو. ٻهراڙين ميڊيڪل ڪئمپون لڳائڻ، ادبي پروگرام ڪرائڻ ۽ ڳوٺن جي حالتن مسئلن تي بي رياءِ ٿي ڳالهائيندو هو. غريبن جي مدد هڙان وڙان ڪندو هو “خان محمد هڪ فرد” هڪ تحريڪ، هڪ علامت ۽ هڪ اتساهه ڏياريندڙ علامت هئو. سندس ڪيترائي شاگرد ۽ ساٿي سياست، صحافت ۽ سماجي ڪم جون ڏاڪڻيون استعمال ڪري وڏن سماجي رتبن ۽ مالي فائدن حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيا. اها انهن جي چونڊ هئي پر هن پنهنجي پوري شعور سان فقيري اختيار ڪئي. ۽ وقت جو اٽل فيصلو آهي ته اهائي راهه اصل فائدي ۽ وڏي عزت ۽ احترام واري آهي.”( لڪياري، ۲۰۰۴: ۲۲-۲۳) غريب شاگردن لاءِ پوئرليف فنڊ پڻ قائم ڪيائين.

نوڪري

پهرين ڊاڪٽر خان محمد پنهور ٽيلفور آپريٽر ٿيو. ان کان پوءِ سنڌ سرڪار جي اطلاعات واري کاتي ۾ انفارميشن آفيسر رهيو ۱۹۷۷ع ۾ سنڌ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر ۽ نامور شاعر شيخ اياز جي دؤر ۾ جرنلزم جو ليڪچرار ٿيو. سنڌ يونيورسٽي ۾ جرنلزم ڊپارٽمينٽ قائم ڪرڻ جي سندس ئي خواهش هئي. شيخ اياز جرنلزم ڊپارٽمينٽ قائم ڪري کيس نوڪري ڏني. ڊاڪٽر صاحب جرنلزم ڊپارٽمينٽ جو انچارج ۽ چيئرمين پڻ رهيو ۱۹۹۸ع ۱۱ سال سروس ڇڏي رٽائر ٿيو.

ادبي دنيا

ڊاڪٽر خان محمد پنهور پبلشر ايڊيٽر، ليکڪ، مرتب ۽ اسڪالر هيو. سندس لکت جو نمونو عالمانه هيو. هن شرعات ۾ ننڍا ننڍا رسالا ڪڍيا. جن ۾ بزم گلشن، منڇر ادب، ٻارن جي ٻاري، ٻالڪ نئون نياپو سنڌي پلبيڪشن ماهوار رسالو جاري ڪيائين. جنهن جا پير حسام الدين راشد نمبر ۽ شيخ عبدالمجيد نمبر صحافتي، ادبي لکڻين يادگار حيثيت رکن ٿا. سرتاج ۽ پارس نالي به رسلا ڪڍيائين

هوندا سي حيات (ترتيب) ۱۹۷۸ع

 نعرو مستانه (ترتيب) ميمڻ عبدالمجيد سنڌي جا ڪالم.

Shaik Abdul Majeed Sindhi Life & Achivements.

 ٻري جن ٻاري ۱۹۹۵ع

ٻري جن ٻاري ڊاڪٽر خان محمد پنهور جو ايم فل (M.Phil) مقالو آهي. هي مقالو “شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ جون صحافتي علمي ۽ ادبي خدمتون “ تي لکيل آهي. هي مقالو ڊاڪٽر صاحب لکيو ته پهرين هو، پر سنڌي ادبي بورڊ ۱۹۹۵ع ۾ ڇپيو آهي ان کان پهرين سندس PH.D ۱۹۹۱ع ۾ ڇپجي چڪي هئي. هن ڪتاب ۾ شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ ادبي علمي، سياسي صحافتي خدمتن کي بهترين نموني بيان ڪيو ويو آهي.

الوحيد جو، سنڌ جي صحافت، سياست ۽ علم ادب ۾ حصو ۱۹۹۱ع

مٿيون ڪتاب ڊاڪٽر خان محمد پنهور صاحب جو PH.D مقالو آهي. الوحيد اخبار جي جاري ڪرڻ جو مقصد هيئن بيان ڪري ٿو.

عام مسلمانن ۾ سياسي شعور پيدا ڪرڻ

مقامات مقدس ۽ هندستان کان آزادي لاءِ مسلمانن ۾ اتحاد پيدا ڪرڻ.

مسلمانن ۽ خاص طور سنڌ جي ماڻهن جي حقن لاءِ جدوجهد ڪرڻ.

مسلمانن جي مرڪز خلافت جي قائم ۽ دائم واسطي جدوجهد ڪرڻ.

الوحيد جي تاريخ شاهد آهي ته انهن مقاصدن حاصل ڪرڻ لاءِ وڏو جدوجهد ڪئي آهي. ان ڏس ۾ الوحيد جي ايڊيٽرن، مالڪن ۽ ٻين ڪارڪن کي جيلن جون سزائون ڏنڊ ۽ ٻيا ڏکيا ڏينهن ۽ تڪليفون ڪاٽڻيون پيون.” (پنهور، ۱۹۹۵: ۱۹۳)

ڊاڪٽر خان محمد جون ڪيل ادبي خدمتون ادبي تاريخ ۾ هڪ خاص جاءِ والارين ٿيون. هن جا مختلف پاسا صحافت، سماجيات، ڳوٺ سڌار سنگت ميڊيڪل ڪئمپون سماج کي شعور ڏيڻ لاءِ سڄي زندگي جا کوڙيندو رهيو طارق عالم ابڙو لکي ٿو ته:

اسان سڀ اهو ڄاڻندي ته خان محمد پنهور ڪو عام انسان نه، پر هن قوم جي بهتر زندگي لاءِ پاڻ پتوڙيندڙ انسان آهي. جيڪي پنهنجي سموري ڄمار ۽ جتي به رسيو “مسڪين جهان خان کوسي،” جي اڌوري خواب کي مڪمل ڪرڻ جي هر ممڪن جاکوڙ ڪندو رهيو هن عجب شخص پنهنجي علمي زندگي ۾ ڪا وڏي مسند ماڻڻ لاءِ ڪنهن جي پيرن هيٺان قالين نه ڇڪيو ڪنهن جي ڪرسي نه کسڪائي، ها پر ائين ضرور ٿيو ته جن کي هن چيچ کان وٺي هلڻ سکياريو يا جن کي هن پاڻ دعوت ڏئي پنهنجي جوڙيل جاءِ ۾ مستقبل جي تعمير ڪرڻ لاءِ وٺي اچي آباد ڪيو تن کيس اڳتي اچي لويو. خان محمد پنهور ڪنهن شخص جو نالو ناهي هڪ تحريڪ جو نالو خان محمد پنهور آهي. (عالم، ۲۰۰۴: ۸۳)

سنڌ يونيورسٽي جي جرنلزم ڊپارٽمينٽ جو بنياد وجهندڙ، سماج سڌارڪ، ايڊيٽر، عالم، محقق، استاد، سوشل ورڪر ڊاڪٽر خان محمد پنهور راهه رباني ورتي کيس سنڌ يونيورسٽي جي قبرستان ريلوي اسٽيشن ڄامشورو ويجهو مدفن ڪيو ويو. سندس وڇوڙي تي امداد حسيني لکيو ته سچ ته اهو آهي ته خان محمد پنهور به هڪ “بحر” هو هن زندگي ۾ جيڪا جاکوڙ ڪئي ۽ سنڌ لاءِ جيڪو به ڪم ڪيو ان جي اهميت آهي. پوءِ اها سگا لاءِ هجي يا ڳوٺ سڌار سنگت لاءِ هر فنڪشن ۾ سندس شرڪت لازمي هوندي هئي. (حسيني، ۲۰۰۴: ۱۲۵)

مولانا غلام مصطفيٰ قاسمي فرمائي ٿو ته خان محمد پنهور ۽ عابد لغاري ماڻهو نه جن آهن. (قاسمي، ۲۰۰۴: ۲۱)

سندس لکڻي جو نمونو هيٺ ڏجي ٿو.’الحيد‘ اخبار ۱۵مارچ ۱۹۲۰ع ۾ جاري ٿي هيءَ اخبار ڪيئن جاري ٿي؟ ڇو جاري ٿي؟ ۽ سندس وجود وٺڻ ۽ جاري ڪرڻ جا مقصد ڪهڙا هئا؟ انهن سڀني معاملن تي هن ٿيسز ۾ غور ڪري انهن معاملن تي ويچاريو ويو آهي. سڀ کان پهرين اخبار جي اجراءَ تي ڪجهه بحث ڪجي ٿو. جيئن الوحيد جي ڪهاڻيءَ ۾ منڍ کان آخر تائين پهچائي سگهجي سنڌ ۾ پهرين خلافت ڪانفرنس ۱۹۱۹ع ۾ حيدرآباد علامه الحاج حافظ مفتي مخدوم غلام محمد ملڪاڻيءَ جي زير صدارت منعقد ٿي جنهن ۾ سنڌ جا علماءَ ڪرام به اڪثريت ۾ آيل هئا. انهن ليڊرن ۾ مجاهد اسلام مولانا سيد تاج محمد امروٽي، مولانا غلام عمر سوني جتوئي وارو مولانا حامدالله لاڙائي، مولانا دين محمد وفائي. مولانا حڪيم فتح محمد سيوهاڻي، مولانا محمد صادق کڏي وارو ڪراچي مولانا محمد صديق مورائي پير غلام مجددم مٽياري، مولانا عبدالرحيم مگسي، راشدي ڀائر، شيخ عبدالمجيد سنڌي عبدالجبار وڪيل، ڊاڪٽر انور محمد وڪيل، ۽ ٻيا ڪيترائي ليڊر اچي شريڪ ٿيا. خان بهادر غلام محمد ڀرڳڙي سياست سبب انگريزن جي جيل مان آزاد ٿي انهيءَ ڏيرن اچي شريڪ ٿيو هو. پنهور ۱۹۹۱ع ۶۸)

شيخ، محمد سليمان، ڊاڪٽر، ۲۰۰۴: خان محمد پنهور، مرتب، ناصر پنهور ،ڊاڪٽر خان محمد پنهور ميموريل ٽرسٽ، ڄام شورو.

لڪياري، قلندر شاهه،۲۰۰۴: خان محمد پنهور، مرتب، ناصر پنهور ،ڊاڪٽر خان محمد پنهور ميموريل ٽرسٽ ڄام شورو.

پنهور، خان محمد، ڊاڪٽر، ۱۹۹۵: ٻري جن ٻاري، سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو.

عالم، طارق، ابڙو، ۲۰۰۴: خان محمد پنهور، مرتب، ناصر پنهور ،ڊاڪٽر خان محمد ميموريل ٽرسٽ، ڄام شورو.

حسيني، امداد، ۲۰۰۴: خان محمد پنهور، مرتب، ناصر پنهور ،ڊاڪٽر خان محمد ميموريل ٽرسٽ، ڄام شورو.

قاسمي، غلام مصطفيٰ، علامه،۲۰۰۴: خان محمد پنهور،مرتب، ناصر پنهور،ڊاڪٽرخان محمد پنهور ميموريل ٽرسٽ ڄام شورو.

پنهور، خان محمد ڊاڪٽر،۱۹۹۱: الوحيد جو سنڌ جي صحافت ، سياست ۽ علم ادب ۾ حصو.

 

(مير حاجن مير جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۲۰ پريل ۲۰۲۲ع تي رکيل/ کنيل)

 



Dr. Khan Muhammad Panhwar
A Man of Action
By: Khalid Hussain Channa
A dictum “Actions speak louder than words” rightly represents when it comes to describe the life and struggle of a great social reformer Dr. Khan Muhammad Panhwar. One of his prime missions was to reform villages of Sindh.  He made continuous field work in sizzling heat or biting cold from dawn to dusk for the neglected, downtrodden and poor class of people leading a miserable life in the remote areas of Sindh in an attempt to establish prosperous and well developed peaceful Sindh. His role for the promotion of girls-education in the remote areas of Sindh proved revolutionary. Dr Khan Muhammad Panhwar was an institute who enables lots people to aware poor villagers of their rights and work collaboratively for making model villages.
He was born on 27 June 1949 in a small village Aarazi near Sehwan taluka. He got primary education from government school Aarazi, middle from Bhan syedabad , matric from Dadu, B.A from Hala college and M.A from Karachi university. He travelled a lot and made friends in whole Sindh. It was his quality that he knew names of most the people working with him.
Dr Khan Muhammad Panhwar started practical life with journalism and remained with it till the last breath. He founded mass communication department when Shaikh Ayaz was Vice Chancellor of University of Sindh and issued magazines Sartaj, Marvie, Baalak, Naoun Niyapo. He used to bring out Paras monthly magazine.
When a ban was imposed on SGA volunteers working in government, he founded Goth Sudhar Sanghat and worked with great commitment and determination for the reformation of villages in Sindh. He opened many schools and encouraged education of girls in villages of Sindh. He worked as director to Naee Roshni Schools for many years.
He never complained, never cried but fought the battle of life bravely against all odds. He passed away on 27 May 1999 at ICU of LUMS Hyderabad but his selfless services and works in society are exemplary that blesses immortality to Dr Khan Muhammad Panhwar today and ever.


No comments:

راءِ ڏيندا