آغا شهاب
الدين
سنڌ جو سدا
ملوڪ ماڻهو
پروفيسر اعجاز قريشي
سنڌ پنهنجي گود مان ڪيترا ئي املهه ماڻڪ پيدا ڪيا آهن. اسان جو هڪ
اهڙو املهه انسان محترم آغا شهاب الدين به هيو.
آغا شهاب صاحب جوانيءَ کان پاڻ کي فلاحي ڪمن ۾ مصروف رکيو ۽ ڪيترا ئي
سماجي ڪم ڪندو رهيو. هن پنهنجو ڪيريئر لوڪل گورنمينٽ کاتي کان شروع ڪيو. شروع واري
زماني کان اسسٽنٽ ڊائريڪٽر بيسڪ ڊيموڪريسي ٿيو. مڪاني حڪومت جي کاتي ۾، اها پوزيشن
هئي. ايوب خان جو زمانو هو ۽ ايوب خان بيسڪ ڊيموڪريسي جو بنياد وڌو هو ۽ اهو سڀ ڪم
لوڪل گورنمينٽ کاتي کي مليو. آغا شهاب، سنڌ جي ڪيترن ئي ضلعن ۾ انهيءَ عهدي تي
قائم رهيو. کيس سڀ کان اول دادو ضلعو مليو. پاڻ نوجوان هو ۽ آئون ننڍو هوس ۽
دادوءَ ۾ پڙهندو هوس. سندس واقفيت، منهنجي والد صاحب سان ٿي ۽ پوءِ منهنجو ساڻس
گهرو رشتو ٿيو، جيڪو آخر تائين هلندو رهيو. هو هڪ ملنسار، بيباڪ، باهمت، کرو ۽ سچو
انسان هو. آغا صاحب پنهنجي انهيءَ نوڪريءَ ۾ ڪافي اڳيان وڌندو رهيو ۽ وڃي ڊائريڪٽر
جي عهدي تي پهتو ۽ هلندي هلندي لوڪل گورنمينٽ کاتي جو سيڪريٽري ٿيو ۽ اُتان رٽائر
ڪيائين. هُن سڄو وقت، پنهنجي نوڪري بهترين انداز سان ڪئي. پاڻ نه صرف هڪ آفيسر هو
پر هڪ سٺو اديب ۽ ليکڪ پڻ هو. پاڻ سنڌي اخبارن ۾ تمام گهڻا مضمون لکيائين ۽ آخر
تائين لکندو رهيو. هن سنڌ جي تمام گهڻن ۽ اهم مسئلن تي لکيو. هو هر ڪرنٽ اشو تي
لکندو هيو، جيڪا سندس زندگيءَ جي اهم ڳالهه هئي. آغا شهاب پنهنجي وچين عمر ۾ اهو
فيصلو ڪيو ته سنڌ ۾ ۽ خاص ڪري حيدرآباد ۾ سنڌي ميڊيم اسڪولن جي کوٽ آهي ۽ ڇو نه
هتي هڪ اهم اسڪول قائم ڪجي. هن اهو سوچي پنهنجي والد صاحب آغا تاج محمد جي نالي ۾
هڪ ادارو قائم ڪيو، جنهن جو نالو آغا تاج محمد اڪيڊمي رکيو ۽ ان جي ذريعي حيدرآباد
۾ هڪ اسڪول قائم ڪيو. ان جي مکيه برانچ سنڌي مسلم سوسائٽي ۾ قائم ڪئي جيڪا هن مهل
تائين قائم دائم آهي. انهيءَ اسڪول جون پوءِ ڪيتريون شاخون قائم ٿيون ۽ حيدرآباد
جي پسگردائي ۽ قاسم آباد جي مختلف پاڙن ۾ کليون.
هن اسڪولن جو اصل مقصد اهو آهي ته سنڌي غريب ٻار پڙهي سگهن ۽ سنڌي
ٻوليءَ ۾ تعليم ڏجي ته جيئن سنڌي ٻولي قائم رهي ۽ اسان جا ٻار پنهنجي مادري زبان ۾
تعليم حاصل ڪن. مادري زبان ۾ تعليم پرائڻ اهم ڪم آهي. اقوام متحده جو پڻ اهو فيصلو
آهي ته ٻار کي پرائمري تعليم پنهنجي مادري زبان ۾ ڏجي ڇو ته هو انهيءَ ۾ هو چڱيءَ
طرح سمجهي سگهندو ۽ جڏهن هو وڏو ٿئي ته هن کي ڀلي ٻين زبانن ۾ به تعليم ڏجي يا
زبانون سيکارجن. آغا شهاب الدين جو والد آغا تاج محمد خان سنڌ يونيورسٽيءَ جو
رجسٽرار رهيو ۽ هڪ تمام برجستو آفيسر ٿي رهيو. ان جو اندازو ان مان لڳائي سگهجي ٿو
ته علامه آءِ آءِ قاضي صاحب، سنڌ يونيورسٽيءَ جو وائيس چانسلر هيو ۽ آغا صاحب
رجسٽرار. انهيءَ کانسواءِ آغا تاج محمد سنڌ جو اعليٰ پائي جو استاد، اديب ۽ شاعر
پڻ هو ۽ سندس ڪافي لکڻيون موجود آهن. سندس لکڻين ۾ تمام گهڻو اثر آهي، جيڪي تمام
سٺن رسالن ۾ محفوظ ٿيل آهن. آغا شهاب الدين انهن اسڪولن جي ڄار وڇائڻ کانپوءِ، هڪ
ٽيڪنيڪل ڪاليج قائم ڪيو، جنهن ۾ ڪمپيوٽر جي تعليم ڏني وڃي ٿي. هي ادارو قاسم آباد
۾ قائم آهي. سندس اسڪول کي هاڻي ميٽرڪ کان وڌائي انٽرميڊيٽ تائين آندو ويو آهي.
حيدرآباد شهر ۾ رهندڙ ٻار ۽ ڪجهه سنڌ جي ٻين شهرن مان لڏي ايندڙ ٻارن
جو تعداد چڱو خاصو آهي. آغا پنهنجي همت ۽ سچائي سان تعليم جي هڪ ڦلواڙي قائم ڪئي
آهي، جيڪا مختلف قسمن جا گل ۽ ٻوٽا پيدا ڪري رهي آهي.
اسڪولن کولڻ ۾ سندس گهر واري ۽ سندس نياڻي ساڻس هر وقت گڏ رهيون.
هاڻي سندس پٽ اهو ڪاروبار سنڀالين ٿا. اسڪول کولڻ جي شروعاتي ڏينهن ۾ سائين محمد
ابراهيم جويو ۽ آئون هُن سان گڏ هوندا هئاسون. سنڌ ۾ هلندڙ ادبي تحريڪن ۽ ون يونٽ
واري تحريڪ ۾ آغا شهاب جو سٺو رول رهيو آهي. آغا هونئن به محفلن جو مور هو. اڪثر
ڪري حيدرآباد ۽ ڪراچي جي ادبي ۽ سماجي پروگرامن ۾ نه صرف شموليت ڪندو هو پر پنهنجن
خيالن جو ڀرپور اظهار پڻ ڪندو هو.
سندس اڳيان سنڌ جي تعليم جي وڏي اهميت هئي ۽ ان سلسلي ۾ هو تحقيق
ڪندو رهندو هو. هتي هڪ ڳالهه ٻڌائڻ ضروري آهي ته سٺ واري ڏهاڪي ۾ هُن هڪ تحقيق ڪئي
ته اهي ڪهڙا سنڌي خاندان آهن جيڪي ڪراچي يا حيدرآباد ۾ رهن ٿا ۽ پنهنجن ٻارن سان ۽
گهر ۾ سنڌيءَ جي بدران اردو يا ڪا ٻي ٻولي ڳالهائين ٿا ۽ نالن سان انهن سڀني ماڻهن
جا نالا ۽ ڪچا چٺا ظاهر ڪيائين ۽ شايد ان ڪتاب جو نالو مِس ڪلاچي هو. اهڙي نموني
سان هو ننڍيون وڏيون تحقيقون ڪندو رهندو هو.
چند سال پهرين، آغا شهاب کي اهو خيال آيو ته ڇو نه سنڌ جي حوالي سان هڪ
ادارو ٺاهجي، جنهن ۾ پرائمري تعليم، بنيادي صحت تي ڌيان ڏجي ۽ ساڳئي وقت، سنڌ جي
ترقيءَ جو هر سال جائزو وٺجي ۽ پوءِ ان تي لکجي ۽ حڪومت اڳيان پوءِ تجويزون ڏجن ۽
حڪومت کي انهن تي عمل ڪرائڻ تي آماده ڪجي. ٿوري وقت ۾اهڙي قسم جو ادارو قائم ڪري
ورتو جنهن جو نالو رکيائون Sindh
Socio-Economic Development Foundation (سنڌ
سوشيو اڪنامڪ ڊولپمينٽ فائونڊيشن. انهيءَ تنظيم ۾ آغا صاحب، سنڌ جا چونڊيل ماڻهو
رکيا. جن ۾ سائين محمد ابراهيم جويو، مظهر الحق صديقي، جهمٽ مل وڪيل، مراد علي نظاماڻي، ڊاڪٽر محمد مجاهد صديقي، گل محمد عمراڻي،
ڊاڪٽر تاج محمد آغا، نذير احمد ميمڻ، منهنجي ڪافي منع ڪرڻ جي باوجود هُن مون کي به
هن سٿ ۾ شامل ڪيو. مون کي بهرحال خوشي ٿي ته مان سنڌ جي انهن اهم چونڊ ماڻهن سان
گڏ ڪم ڪندس. آغا صاحب کي ان اداري جو صدر چونڊيوسين ۽ سڀني ماڻهن خوش اسلوبيءَ سان
ڪم شروع ڪيو. پهريون ڪم اهو کنيوسون ته ڪجهه پئسا گڏ ڪري غريب ۽ هوشيار سنڌي
شاگردن کي ميڊيڪل ۽ انجنيئرنگ ۾ اسڪالرشپ ڏجن. هلندي هلندي ڪافي پئسا گڏ ٿي ويا ۽ پهرئين
سال ۾ چئن شاگردن کي يعني ٻه ميڊيڪل جا ۽ ٻه انجنيئرنگ جا شاگرد انٽرويو ۽ ٽيسٽ
کانپوءِ چونڊيا ويا ۽ ٻئي سال به قاعدي مطابق ٽن ٽن شاگردن کي اسڪالرشپ ڏني وئي.
اهو ڪم هلي رهيو آهي. سنڌ جا ڪجهه اهڙا ماڻهو آهن، جيڪي اسڪالرشپس يا انهن لاءِ
پئسا ڏين ٿا ۽ هي سڄو عمل هڪ شفاف طريقي سان هلي رهيو آهي. آغا شهاب جي وفات
کانپوءِ به هي ڪم هلي رهيو آهي. سندس جاءِ تي سندس نياڻي کي مقرر ڪيو ويو آهي.
اُميد ته هي ادارو هلندو رهندو ۽ پنهنجو ڪم اڪلائيندو رهندو.
آغا شهاب
الدين
سنڌ جو نبض
شناس
فوزيا آغا
آغا شهاب الدين سنڌ جو اهو سُڄڻ آهي جنهن پنهنجي سڄي ڄمار بي لوث
خدمت ڪئي، سنڌ ۽ سنڌ جي عوام ۾ ترقي، سجاڳي، حقن جي حاصلات ۽ بااختيار زندگي گذارڻ
جي طور طريقن سان گڏ سنڌ جي تاريخ، جيڪا هن پنهنجي اکين سان ڏٺي، ڪنن سان ٻڌي يا
اهو جيڪو سندس اڳيان وهيو واپريو آهي، انهن حقيقتن کي اهڙي انداز سان بيان ڪيو آهي
جو هڪ پڙهندڙ سندس لفظن جي سحر ۾ جڪڙجي وڃي ٿو. ۽ سندس مضمون جون ٻه چار سٽون پڙهي
ته اهو نه چاهيندي به آغا صاحب جو اهو ليک پڙهي پورو ڪري ٿو. هر لکڻي سچ، ۽ سٽ سٽ ڏاهپ،
دانش ۽ عقلمندي جو ڀنڊار محسوس ٿئي ٿي. آغا صاحب پنهنجي لکڻين ۾ اهڙيون حقيقتون
بيان ڪيون آهن جيڪي عوام جي اکين کان اوجهل رهيون آهن. سنڌ ۾ وڏا وڏا ڪم ٿي رهيا
آهن پر اڄ تائين نه سنڌ جي تاريخ تي باقائدي سان ڪم ٿي سگهيو آهي نه ٻولي تي ڪي ڪم
ٿي سگهيا آهن ۽ نه وري سنڌ جي تاريخ تي سائنس پٽاندر ڪا تحقيق ٿي سگهي آهي، نه وري
سنڌ بابت ڪو اهڙو مواد آيو آهي، جنهن کي اسين عالمي سطح تي پيش ڪري سنڌ جو حق ادا ڪري
سگهون. پر جهڙي طرح جي ايم سيد، پير علي محمد راشدي ۽ ٻين اديبن ساروڻيون لکيون
آهن، آغا شهاب الدين به ڄڻ انهن جي تقليد ڪئي آهي.
جيڪي اهم انڪشاف آغا شهاب الدين پنهنجي لکڻين ۾ ڪيا آهن اهي ٻين ليکڪن
وٽ گهٽ ملن ٿا. مثال طور علامه آءِ آءِ قاضي سنڌ يونيورسٽي جي بنياد وجهندڙن مان
نه هو، ۽ آءِ آءِ قاضي کي سنڌ يونيورسٽي جو وائيس چانسلر مقرر ٿيڻ کان پوءِ علامه
جو خطاب ڏنو ويو هو. ذوالفقار علي ڀٽو، ايوب خان جي دور ۾ نه پر اسڪندر مرزا جي
دور ۾ وزير ٿيو هو. ٻيو ته ذوالفقار علي ڀُٽي
اهڙن ماڻهن کي پنهنجي پارٽي ۾ آندو ۽ انهن کي اهميت ڏئي وزير ڪيائين جن کان
اڳ عوام اڻ واقف هو.
آغا صاحب پنهنجي لکڻين ۾ کوڙ ساريون نروار ۽ چٽيون ڳالهيون چيون آهن
جن کي سمجهڻ ۽ انهن کي اڳتي وڌائڻ جي ضرورت آهي.
آغا صاحب جتي سياست ۽ سنڌ جي مسئلن جي چڱيءَ طرح اپٽار ڪئي آهي، اتي
هن سماجي مسئلن تي به گهري نظر رکي آهي، ۽ هن چٽيءَ طرح ئي چيو آهي ته آخر سنڌ جا
ماڻهو وڃن ته ڪيڏانهن وڃن؟ وڏيرا ڳوٺاڻن جون نياڻيون تاڙين، ڪامورا عرضدارن ۽
مجبورن کي بري نظر سان ڏسن، هاري ٻج ڀاڻ، جيت مار دوا ۾ ڦاٿل آهن، استاد شاگردن کي
پڙهائڻ بجاءِ گسائڻ، ڪاپي ڪلچر جا ڪردار ٿين، ڊاڪٽر او پي ڊي ۾ وڃڻ کان ڪترائين، ڊاڪٽر
شاگردياڻين، مريضياڻين ۽ نرسن کي بدنيتي سان ڏسن، انجنيئر واٽر ڪورس ڀڃي عوام جو
پاڻي وڪڻي هر ڪم ۾ ڪميشن وٺن ۽ هڻي سرڪاري ادارن جي ڀينگ ڪري ڇڏين ۽ عوام ويچارو
اهو ئي درخواستون لکرائي پنهنجي حقن لاءِ هڙتالون ڪندو ٻاڪاريندو رهي ٿو. آغا صاحب
جو چوڻ آهي ته ڏاها خاموش تماشائي آهن، اهي قوم جي رهبري ۽ دلبري نه ٿا ڪن، اهي
عوام کي صحيح دڳ نه ٿا ڏيکارين، ملڪ مسئلن جي ڌٻڻ ۾ ڦاسندو ۽ مستقل الجهندو رهي ٿو
پر سياستدانن سميت هر ماڻهو عوام جي بدنصيبي ۽ هٿ وٺي سندس قسمت سان کيڏڻ وارو
تماشو ڏسندو رهي. ڪوبه اڳتي وڌي عوام جي مرض جي دوا ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي.
آغا صاحب سنڌ جي ڳوٺن، ٻهراڙين، شهرن ۾ هر هنڌ ويو ۽ هن سماجي مسئلن
جو چڱي طرح جائزو ورتو ۽ مطالعو ڪيو ته سنڌ جي عوام جا اصل مسئلا، گهرجون ڪهڙيون
آهن ۽ هن پنهنجي حال سارو انهن مسئلن جا حل به ڏسيا آهن. انهيءَ چوڻ ۾ ڪو به وڌاءُ
نه آهي ته آغا صاحب سنڌ جي عوام جي اڻ کٽ مسئلن جي حل لاءِ تڙپندو ۽ لڇندو رهيو،
جنهن جو جابجا ذڪر سندس لکڻين ۾ ملي ٿو. پر آهي ڪو آغا شهاب جي ڏسيل راهه تي سنڌ
جي عوام کي وٺي هلي، سنڌ جي عوام جا ڏک درد دور ڪري، هن اڏوهي کاڌل ڪرپٽ نظام کي
تبديل ڪري؟ سنڌ جي سينڌ سنواري عوام جي قسمت تبديل ڪري. ڏکايل ۽ اهنجن ۾ ورتل قوم
کي خوشحالي جا سبق ڪير ڏيندو، ڪير انهن جي داد رسي ڪندو، سنڌ ۾ سم جو پاڻي ۲۴ فوٽن بجاءِ ۴
فوٽن تي اچي پهتو آهي. ٽيڪنيڪل ۽ ميڊيڪل ڌنڌي واپار ۽ ڊگرين وارا ماڻهو ۽ ادارا به
هڏڪين ۾ پهتا آهن، ڇو ته جنهن ملڪ ۾ ڪامورا رشوت کي ايمان سمجهن، وڏيرا غريبن جا
حق ته ٺهيو پر انهن جي امداد ۽ زڪوات به کايو وڃن، اهي رشوت جي پئسن مان خيراتون،
حج ڪن ۽ رشوت ۾ فراواني لاءِ دعائون گهرن. اها ئي اسانجي وڏيرن، سياستدانن ۽ ڪامورن
جي سماجي حيثيت آهي. جتي رشوت حق ۽ جائز ڪاروبار سمجهو وڃي، اتي عوام جا حقيقي حق ڪٿي
وڃي بيهن ٿا. جيڪڏهن هن ملڪ جي عوام کي نفرت ۽ ڪروڌ جي ڪن ۾ ڦاسايو ويو ته اهو وقت
پري نه آهي جو عوام جي نفرت ڪنهن نئين انقلاب کي جنم ڏئي، انهن ڊوهي ماڻهن ۽
بدبودار ڪردارن مان ڇوٽڪارو حاصل ڪن.
آغا شهاب الدين اهو واحد اديب آهي جنهن نه صرف عوام جي اهنجن جي اپٽار
ڪئي آهي پر انهن مسئلن جا حل به ڏسيا آهن. جيڪڏهن عوام اڄ به آغا شهاب الدين جي ڪتابن
جو مطالعو ڪري سندس ڏسيل راهن تي هلڻ جي همت ڪري نڪري پوي ته اهو وقت پري نه آهي
جو سنڌ جا ماڻهو پنهنجا حق ماڻي سگهندا. پنهنجي تقدير پاڻ تبديل ڪري سگهندا ۽ سنڌ
ماءُ جي سينڌ سنواري سگهندا.
آغا شهاب
الدين
مخلص ۽ مڻيادار
ماڻهو
نعيم ملڪ
سنڌ جي تاريخ پنهنجي سڀاڳن، صدورن ۽ بهادر پٽن سان ڀري پيئي آهي، پر
سندس ڪجهه اهڙا به حلالي پٽ آهن، جن پنهنجي ڪمن ۽ ڪارنامن سان پنهنجي جنم ڀومي جو ڳاٽ
اوچو پئي ڪيو آهي، انهن مخلص مڻيادار ماڻهن مان هڪ نالو آغا شهاب الدين جو به آهي،
آغا شهاب الدين انهن ماڻهن مان هو، جنهن پنهنجي سڄي زندگي سنڌ ۽ سنڌي عوام لاءِ
وقف ڪري ڇڏي، هن پنهنجو ذاتي ٽائيم يا ته لکڻ پڙهڻ ۾ گهاريو يا سنڌ جي ماڻهن جا
مسئلا معلوم ڪرڻ لاءِ انهن سان ڪچهريون ڪندي گذاريو، آغا شهاب الدين سنڌ جي مختلف
هنڌن تي ڪچهري لاءِ ۵ هزار راتيون وقف ڪيون، جڏهن
ته هن جا ۱۶ڪتاب شايع ٿيل آهن ۽ ڪيترا اڻ ڇپيل حالت ۾ موجود
آهن، سڀني شايع ٿيل ڪتابن ۾ اهي ئي ڳالهيون لکيون آهن ته ڪهڙي طرح ۽ ڪيئن سنڌ جي
ماڻهن جي ذهني، سماجي، سياسي اوسر ٿئي ۽ ڪهڙي طرح سنڌ جو معاشي ڍانچو تبديل ٿئي جو
سنڌ ترقي ۽ خوشحالي جي دور ۾ داخل ٿئي، هي انهن ماڻهن مان آهي، جنهن پنهنجي زندگي
جي هڪ هڪ گهڙي سجائي ڪئي، خدمت صرف سياستدان ئي نه ڪندا آهن پر اهڙا نوڪري پيشا ماڻهو
جيڪي سرڪاري نوڪري عوامي خدمت سمجهي ڪندا آهن، جن جا دروازا هر ماڻهوءَ لاءِ کليل
رهيا آهن.
آغا شهاب الدين جو گهراڻو تعليم سان لاڳاپيل رهيو آهي، سندس والد آغا
تاج محمد خان ناليوارو تعليمدان رهيو آهي، هو ميرٽ تي خيرپور رياست جي تعليم جو ڊائريڪٽر
هو، ان وقت هن کي علامه آءِ آءِ قاضي سان ويجهڙائپ جو موقعو مليو ۽ پوءِ جڏهن آغا
تاج محمد خان سنڌ يونيورسٽي جو پهريون رجسٽرار مقرر ٿيو، تڏهن سنڌ يونيورسٽي ڪراچي
۾ هوندي هئي، جڏهن سنڌ يونيورسٽي حيدرآباد منتقل ٿي ۽ ڪراچي ۾ ڪراچي يونيورسٽي جو
بنياد پيو ته ڪراچي ان وقت پاڪستان جي گادي جو هنڌ هوندي هئي ته آغا تاج محمد خان ڪراچي
يونيورسٽي جو بنياد وجهندڙن مان هو، هي اهو ماڻهو هو جيڪو علامه آءِ آءِ قاضي کي
ذاتي لاڳاپن جي بنياد تي سنڌ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر لاءِ راضي ڪري وٺي آيو هو،
اهڙي پڙهيل لکيل جي خاندان ۾ آغا شهاب الدين ۰۳
جون ۱۹۳۹ع ۾ لاهوري محلي لاڙڪاڻي ۾ پيدا ٿيو، جڏهن ته سندس
ابن ڏاڏن جو ڳوٺ باگڙجي آهي، تعليمي ماحول ۾ اک کولڻ جي ڪري آغا شهاب الدين هر
امتحان نمايان نمبرن سان پاس ڪيو، بي اي (آنرس) فرسٽ ڪلاس فرسٽ پوزيشن، ايم اي فرسٽ
ڪلاس فرسٽ پوزيشن ۾ پاس ڪيائين، آغا تاج محمد جي لاڏاڻي کانپوءِ پبلڪ سروس ڪميشن
جو امتحان پاس ڪري ڊولپمينٽ آفيسر وليج ايڊ پروگرام طور مقرر ٿيو، هي تقريبن سڄي
سنڌ ۾ رهيو، سکر ۾ هن نمايان خدمتون سرانجام ڏنيون، چيئرمين ۽ ايڊمنسٽريٽر ميونسپل
ڪميٽي سکر، چيئرمين ۽ ايڊمنسٽريٽر ميونسپل ڪميٽي دادو، ڊويزنل ڊائريڪٽر لوڪل
گورنمينٽ، پراونشل ڊائريڪٽر انٽيگريٽيڊ رورل ڊولپمينٽ پروگرام رهيو ۽ پيپلز ورڪس
پروگرام ڪجهه عرصو وفاقي حڪومت جي زڪوات کاتي ۾ ريجنل هيڊ رهيو، ڪجهه عرصي لاءِ سنڌ
سيڊ ڪارپوريشن ۾ مئنيجنگ ڊائريڪٽر ۽ ڊي ايم جي عهدن تي رهيو، هي لوڪل گورنمينٽ جو
پهريون ملازم هو، جيڪو ۲۱هين گريڊ ۾ سيڪريٽري لوڪل
گورنمينٽ تي ۰۲ جون ۱۹۹۹ع
تي رٽائرڊ ٿيو، هن ۴۰ سال نوڪري ڪئي، هن سيڪريٽري
لوڪل گورنمينٽ دوران ملير ڊولپمينٽ اٿارٽي، لياري ڊولپمينٽ اٿارٽي، سيوهڻ ڊولپمينٽ
اٿارٽي ۽ لاڙڪاڻي ڊولپمينٽ اٿارٽي قائم ڪئي، کيس اهو اعزاز حاصل آهي ته هي پاڻ
جواني کان سنڌي ادبي سنگت جو ميمبر رهيو ۽ سڄي سنڌ ۾ نوڪري دوران جتي جتي به ويو،
اتي سنڌي ادبي سنگت جي شاخ کولرايائين، پاڻ به سنڌي ادبي سنگت جي گڏجاڻين ۾
باقاعدي ويندو هو، ان سان گڏوگڏ هن هر هنڌ ڪلچرل ڪائونسل پڻ قائم ڪيو، لکڻ پڙهڻ
سان چاهه هئڻ ڪري هن وڏو وقت لکڻ پڙهڻ کي ڏنو ۽ اڄ تائين سندس ۱۶ ڪتاب شايع ٿيا آهن، جنهن
۾ ۱- لوڪل گورنمينٽ سسٽم ان سنڌ (انگريزي ۾). ۲- پرسنپلز اينڊ پريڪٽس آف ڪميونٽي ڊولپمينٽ (انگريزي ۾). ۳- بنيادي جمهوريت. ۴-
لوڪل گورنمينٽ. ۵- ايوان ۾ پڙاڏو. ۶- ڪانسليئيشن ڪورٽس. ۷-
پئنچائت، ۸- سنڌ جي سياست. ۹- مس ڪراچي. ۱۰-
سنڌڙي جا سڏڪا ڇاپو، پهريون ۱۹۷۰ع
۽ ڇاپو ٻيون ۲۰۱۶. ۱۱-
ٻهڳڻ. ۱۲- عدالت عداوت. ۱۳- جا مون پسي سنڌ. ۱۴-
شهاب نامو. ۱۵- سنڌ جو مقدمو جلد ۲- ۱۶- سر وائيول آف سنڌ (انگريزي ۾) شايع ٿيل آهن، ڪيترا
ئي ڪتاب اڻ ڇپيل آهن، جڏهن ته آغا شهاب الدين فائونڊيشن حيدرآباد سندس ورسي تي هڪ
هڪ ڪتاب شايع ڪرائيندي رهي ٿي. آغا شهاب الدين ڪتاب لکڻ سان گڏوگڏ ڪالم به لکندو
رهندو هو، هن لڳ ڀڳ ۲۵ سال ڪالم لکيا.
جيئن ته سندس والد تعليم سان لاڳاپيل هو ۽ اهي ماڻهو جن پاڪستان کان
اڳ مسلمانن جي تعليمي حالت سڌارڻ لاءِ هڙان وڙان اسڪول قائم ڪيا هئا، جن ۾ سنڌ
مدرسي جو باني حسن علي آفندي، نور محمد هاءِ اسڪول حيدرآباد جي باني نور محمد وڪيل،
ٽنڊي باگي هاءِ اسڪول جي باني مير غلام محمد ٽالپر، سنڌ مدرسي نوشھروفيروز جي باني
ڊڀري واري الهندي شاهه جهڙا ماڻهو سندس آئيڊيل هئا. هن جي دل ۾ اهو خيال هو ته جيڪي
ماڻهو تعليمي ادارا قائم ڪن ٿا اهي ڄڻ قومن تي احسان ڪن ٿا ۽ اهي قومن جا هيرا هجن
ٿا ۽ صدين تائين قوم انهن کي سٺن لفظن ۾ ياد ڪندي رهندي آهي، هن سوچي ورتو هو ته
هي به ذاتي خرچ تي تعليمي ادارا کوليندو ۽ هلائيندو، جڏهن هن قاسم آباد ۾ پنهنجي
والد آغا تاج محمد جي نالي سان هاءِ اسڪول قائم ڪيو، جڏهن هي هاءِ اسڪول ٺهرائي
رهيو هو ته هن مرد مجاهد وٽ رهڻ لاءِ پنهنجو ذاتي گهر به نه هو، جتي سندس والد آغا
تاج محمد سنڌ يونيورسٽي ذريعي لياقت ميڊيڪل ڪاليج ڄامشورو جو بنياد وڌو ۽ ايگريڪلچر
ڪاليج ٽنڊو ڄام ۾ قائم ڪرايا، جيڪي اڄڪلهه يونيورسٽيون بڻجي چڪيون آهن، اتي آغا
شهاب الدين همت نه هاري ۽ هن پنهنجي ذاتي خرچ تي چار هاءِ اسڪول، ٻه پرائمري اسڪول،
هڪ انٽرميڊئيٽ سائنس ڪاليج، آغا تاج محمد انسٽيٽيوٽ آف انفارميشن ٽيڪنالوجي جيڪو
مهراڻ يونيورسٽي جي شراڪت سان قائم ڪيو هو، اهي اڄ به سنڌ جي شاگردن جي تعليمي اُڃ
اجهائڻ لاءِ ڪم ڪري رهيا آهن، آغا شهاب الدين سنڌ سوشيو اڪنامڪ ڊولپمينٽ فائونڊيشن
نالي هڪ ٽرسٽ قائم ڪئي آهي، جيڪا پنهنجي وس ۽ وت آهر خدمتون سر انجام ڏيئي رهي
آهي، ون يونٽ دوران جيتوڻيڪ هي سرڪاري ملازم هو، ان جي باوجود هن ون يونٽ خلاف
زوردار مضمون لکيا، ون يونٽ جي خلاف جن سياستدانن ڪم ڪيو، انهن جي حمايت ۾ مضمون
لکيا، سنڌ جي جاگرافيائي حالت جي بحالي سنڌ ادب کي زور وٺرائڻ لاءِ هن نه صرف پاڻ
پتوڙيو، پر ون يونٽ جهڙي سخت دور ۾ پنهنجا ڪتاب آندا، هن پنهنجي نوڪري جي پرواهه
نه ڪئي ۽ سچ چوڻ کان ڪڏهن نه ڪيٻايو، ون يونٽ دوران هن الڳ صوبي جي نه صرف گهر ڪئي
پر هڪ ڪتاب لکي سنڌ جي ڪابينا به ان ۾ جوڙي ڇڏيائين ۽ پنهنجي خواهشن تحت جي ايم
سيد کي سنڌ جو وڏو وزير مقرر ڪري ڇڏيائين، هن بنگالين سان ٿيندڙ ظلمن خلاف به
خاموشي اختيار نه ڪئي ۽ هي خاموشي سان پنهنجي اندر جا اڌمان قلم ذريعي ڪڍندو رهيو
۽ پنهنجا ڪتاب شايع ڪرائيندو رهيو، ان ۾ ڪوبه شڪ نه آهي ته عمر هن سان جيترو نباهه
ڪيو، هن پنهنجي عمر وسيلن کان وڌيڪ پنهنجي قوم سان نباهه ڪيو، هن جهالت خلاف جهاد ڪندي
اسڪول کوليا ته ٻئي طرف هن سنڌ جي عوام جي سجاڳي لاءِ قلمي پورهيو ڪيو، هن عمر جي
آخري حصي ۾ روزانو ڪنهن نه ڪنهن سياستدان سان ملاقات ڪري انهي کي سنڌ جي عوام جي
سجاڳي، پنهنجي حقن جي حاصلات، وسيلن جي مالڪي، ترقي ۽ خوشحالي جي دڳ تي آڻڻ لاءِ
انهن کي مشورا ڏيندو هو، پنهنجي زندگي جا تجربا ۽ عالمي ايجنڊا کان آگاهه ڪندو هو،
سنڌ جي سڀني سياستدانن، اديبن، شاعرن، صحافين، سگهڙن سان ڪچهريون هن جي روزمرهه جي
عادتن ۾ هو، هن سنڌ جي ترقي، خوشحالي لاءِ هڪ خواب ڏٺو هو، هن سڀني ماروئڙن کي
سکيو ستابو ڏسڻ پئي چاهيو، پر زندگي سندس ساٿ نه ڏنو ۽ هن جي ساهه جو سڳڙو ۲۵ جولاءِ ۲۰۱۱ع تي ٽُٽي پيو ۽ سنڌ ۽ سنڌين جو گهڻ-گهرو حيدرآباد ۾ ئي ابدي آرامي
آهي.
آغا شهاب
الدين جي ياد ۾
ڊاڪٽر امير سولنگي
آغا شهاب الدين سنڌ جي هڪ گهڻ رخي ۽ گهڻ صلاحيتي شخصيت هئي. سندس وڏن
جو واسطو افغانين سان هو. سندن ناناڻي نک وري ايراني نسل سان ملي ٿي تنهن ڪري ته
آغا صاحب جون ”نيريون اکيون“ مشهور هونديون هيون ۽ پاڻ وري سنڌ جي لاڙڪاڻي ۾ جنم
ورتائين. ايئن شهاب الدين کي وڏن ذريعي ڪابل درياهه ۽ سنڌوءَ جو پاڻي نصيب ٿيو. لاڙڪاڻي
جي لاهوري محلي ۾ پيدا ٿيل آغا شهاب الدين جو والد ان وقت ڊسٽڪرٽ لوڪل بورڊ لاڙڪاڻي
۾ ايڊمنسٽريٽر آفيسر هو. پر اڳتي هلي سندن والد خيرپور رياست ۾ ڊائريڪٽر پبلڪ انسٽرڪشن
يا ڊائريڪٽر ايجوڪيشن مقرر ٿيا ته خيرپور لڏي ويا تنهن ڪري شهاب الدين ابتدائي
تعليم ناز هاءِ اسڪول ۾ ماڻي. سندس والد جي بدلين سبب آغا شهاب الدين مختلف شهرن
جهڙوڪ خيرپور، حيدرآباد ۽ ڪراچي ۾ پڙهندو رهيو. پاڻ اسڪول، ڪاليج ۽ پوءِ يونيورسٽيءَ
جي نصابي توڙي غير نصابي سرگرمين ۾ نمايان رهيا. سٺا مقرر به هيا. پاڻ بي اي آنرس
”گولڊ ميڊلسٽ“ پڻ رهيا. ايم اي فرسٽ ڪلاس فرسٽ پوزيشن ۾ حاصل ڪيائون. پبلڪ سروس ڪميشن
ذريعي سنڌ ڳوٺ سڌار کاتي ۾ ڊولپمينٽ آفيسر طور مقرر ٿيا. آخر ۾ پاڻ مڪاني کاتي مان
سيڪريٽري طور رٽائر ٿيا.
آغا شهابالدين حيدرآباد ۾ ٽي هاءِ اسڪول، هڪ سائنس ڪاليج ۽ مهراڻ
يونيورسٽي جي سهڪار سان هڪ انفارميشن ٽيڪنالاجي ڪاليج پڻ قائم ڪيو. موسيقي ۽ فن
بابت اڪيڊمي ٺاهڻ جو پڻ ارادو هيس. پر زندگيءَ مهلت نه ڏنس.
آغا شهاب الدين هڪ سٺي ايڊمنسٽريٽر کان علاوه ناليوارو اديب، ڪهاڻيڪار
۽ ڪالم نگار به هو. سندس ڪهاڻيون سهڻيءَ جهڙن وڏن رسالن ۽ ڪالم مختلف اخبارن ۾ ڇپجندا
هيا. ڪيترن ئي ڪتابن جو ليکڪ آهي. ”شهاب نامو“ سندس مقبول ڪتاب آهي.
آغا شهاب الدين سنڌ پرست پٺاڻ هو. جڏهن مون پٺاڻن مان شادي ڪئي ته
تمام گهڻو خوش ٿيو هو. مونکي چوندو هو ته هاڻي تون به پشتو سک ۽ منهنجي گهر واريءَ
کي چوندو هو ته پٽ تون هاڻي سنڌين ۾ پرڻجي آئي آهين تنهن ڪري توتي لازم آهي ته سنڌ
سان محبت ڪر، سنڌي ٻولي سان محبت ڪر ۽ سنڌي ڳالهائڻ سک. ۽ نيٺ آغا صاحب جي اصرار
تي منهنجي گهر واري سنڌي ڳالهائڻ سکي ورتو. هڪ تقريب ۾ جڏهن آغا صاحب کي ٻڌايو ويو
ته امير جي گهر واريءَ سنڌي سکي ورتي آهي ته پنهنجي پرس مان ڪجهه هزار رپيا ڪڍي
انعام طور منهنجي گهر واري کي ڏنائين.
سو آغا صاحب سنڌ جي حلالي فرزند طور هتي گهاريو ۽ پاڻ مڃايو. سنڌ جي
ترقي لاءِ سوچيندو هو ۽ ڪم ڪندو هو. سنڌ جي قوم پرستن سان سٺا لاڳاپا هيس، ڪچهريون
هيس، آغا شهاب کي آخري ڏينهن ۾ سندس پٽ جي اغوا صفا هيڻو ڪري وڌو هو. ڏک اوريو
هيائين ته مونکي اميد نه هئي ته مون جهڙي سنڌ پرست جي پٽ کي سنڌي اغوا ڪندا ۽ مون
کان ئي ڀُنگ گهرندا.
بهرحال سنڌ جي تاريخ آغا شهاب الدين کي عزت جي نظر سان ڏسي ٿي. اڄ
آغا شهاب الدين جي پنجين ورسي جي موقعي تي حيدرآباد ۾ سندس ڪتاب ”سنڌڙيءَ جا سڏڪا“
جي مهورتي تقريب ٿي رهي آهي. آغا شهاب الدين جي پنجين ورسي تي سندس اولاد پاران
پنجون ڪتاب شايع ٿيو آهي. ايئن سندس پوئين چئن ورسين تي به چار ڪتاب ڇپجي چُڪا
آهن.
آغا شهاب
الدين جو وڇوڙو
سرفراز وسطڙو
سنڌ جو ناميارو اديب، ليکڪ ۽ مڪاني ادارن وارو اڳوڻو سيڪريٽري آغا
شهاب الدين ڪنهن به تعارف جو محتاج نه هو، سندس لاڏاڻي تي نه صرف سندس خاندان ۽
گهر ڀاتين پر صحافين، سياستدانن، اديبن، ليکڪن کي پڻ دلي صدمو پهتو آهي. ڇاڪاڻ ته
آغا شهاب الدين پاڻ قلم ڌڻي هو، سندس مختلف موضوعن تي لکيل لکڻيون اڄ به نوجوانن
لاءِ وڏي معلومات فراهم ڪري رهيون آهن.
آغا شهاب الدين سنڌ سميت مختلف صوبن ۾ هڪ سٺي آفيسر طور سڃاتو ويندو
هو ۽ خاص طور تي هُن سنڌ ۾ مڪاني ادارن واري سيڪريٽريءَ طور پنهنجون ذميواريون جهڙي
طريقي سان نڀايون، اُهي اڄ به سڄي سنڌ خاص طور تي مڪاني ادارن سان لاڳاپيل آفيسرن،
ملازمن ۽ خود مڪاني ادارن جي چونڊن ۾ حصو وٺندڙ سياستدانن لاءِ وڏي بحث جو موضوع
رهيون آهن.
آغا شهاب الدين دوستن جو دوست ۽ پنهنجن ملازمن لاءِ هڪ مخلص آفيسر
طور مشهور رهيو ۽ سندس دوستيءَ جو هڪ وسيع حلقو آهي، جنهن جو اندازو سندس لاڏاڻي
جو ٻڌڻ کانپوءِ ڪيترن سياستدانن، جن ۾ صوبائي وزير پير مظهرالحق، آغا سراج دراني،
زاهد ڀرڳڙي، ڪيترا ئي آفيسر، سياستدان فوري طور سندس رهائشگاهه جي او آر ڪالوني
پهچي ويا ۽ جي او آر ڪالوني جي بابن شاهه ڪالوني جي قبرستان ۾ سندس تدفين ۾ شريڪ ٿيندڙ
ماڻهن جي تعداد مان اندازو ٿي رهيو هو ته واقعي هُن نه صرف سرڪاري ملازمت دوران
پنهنجي فرضن، پر رٽائرمينٽ کانپوءِ سنڌي اخبارن ۽ رسالن ۾ پنهنجين لکڻين ۾ انصاف
کان ڪم ورتو. نه صرف اِهو پر آغا شهاب الدين مختلف سماجي تقريبن ۾ پڻ سٺن ليکڪن ۽
اديبن جي حيثيت والاري چُڪو هو. گڏوگڏ هُن نوجوان نسل کي تعليم جي سهوليت ڏئي پڻ
سنڌ جو مخلص انسان ثابت ڪيو. اڄ به حيدرآباد جي مختلف علائقن نسيم نگر، سنڌي مسلم
هائوسنگ سوسائٽي ۽ ٻين ڪيترن ئي علائقن ۾ سندس فرزند پروفيسر ڊاڪٽر آغا تاج محمد
جي نالي سان اسڪول مشهور آهن، جتان پڙهي نڪتل ڪيترائي نوجوان اڄ به چڱن ڀلن عهدن
تي ڪم ڪري رهيا آهن. آغا شهاب الدين جا هونءَ ته ٽئي پٽ پنهنجن پنهنجن شعبن ۾ سٺين
پوسٽن تي ڪم ڪري رهيا آهن، پر سندس پٽ پروفيسر ڊاڪٽر آغا تاج محمد صحت جي شعبي ۾
پروفيسر طور ڪم ڪرڻ سان گڏوگڏ حيدرآباد جيمخانه ۾ پڻ سرگرم ڪردار ادا ڪندو رهيو
آهي ۽ نه صرف هو اُتي چونڊن ۾ حصو وٺندو رهيو آهي، بلڪي ڪيترائي ڀيرا جيم خانه جي
عهدن تي ڪاميابي پڻ ماڻي چُڪو آهي ۽ اِهو يقين سان چئي سگهجي ٿو ته آغا شهاب الدين
جا فرزند به پنهنجي والد جيان علمي، ادبي ۽ سماجي سرگرمين ۾ پنهنجو اُهو ئي ڪردار
ادا ڪندا رهندا.
آغا شهاب الدين گذريل ڪيتري عرصي کان پنهنجا ليک عبرت اخبار لاءِ
لکندو هو ۽ هو جنهن به تقريب ۾ عبرت گروپ آف پبليڪيشن جي سرواڻ قاضي اسد عابد سان يا
قاضي خاندان سان لاڳاپيل ڪنهن به شخص سان ملاقات ڪندو هو ته هو بار بار اِهو چئي
فخر محسوس ڪندو هو ته عبرت سنڌ جي واحد ترجمان اخبار آهي، جيڪا شروع واري ڏينهن
کان وٺي سنڌ جي عوام جو ڪيس مضبوط طريقي سان وڙهندي رهي آهي ۽ اڄ به سنڌ جا ماڻهو
عبرت کي پڙهي ائين خوشي محسوس ڪن ٿا جيئن هو عبرت ۾ ڇپيل سندس آرٽيڪل ڏسڻ تي خوشي
۽ فخر محسوس ڪندو آهي.
No comments:
راءِ ڏيندا