; سنڌي شخصيتون: رشيد ڀٽي

29 June, 2016

رشيد ڀٽي

رشيد ڀٽي
شخصيت ۽ سندس ادبي ڪاوشون
ڀٽي، رشيد: ناميارو ترقي پسند اديب، محقق، نقاد ۽ شاعر رشيد ڀٽي، حافظ عبدالحميد ڀٽيءَ جو فرزند، ۲۰ آگسٽ ۱۹۳۳ع تي ڳوٺ اروڙ، تعلقي روهڙي، ضلعي سکر ۾ ڄائو. هن شروعاتي تعليم سکر مان ورتي، ۱۹۵۹ع ڌاري لا ڪاليج سکر مان ايل ايل بي ڪري وڪالت شروع ڪيائين. هن سنڌ يونيورسٽيءَ مان ۱۹۸۴ع ڌاري سنڌي ادب ۾ ايم. اي ڪئي ۽ پهريون نمبر کڻي گولڊ ميڊل حاصل ڪيائين. سندس والد حافظ عبدالحميد -ڀٽي- پڻ مشهور صحافي ۽ اديب هو، سندس اثر هيٺ رشيد ڀٽيءَ ننڍپڻ کان ئي لکڻ شروع ڪيو. هُو “المنار” اخبار ۽ “پرهه ڦٽي” مئگزين جو ايڊيٽر، “نئين سنڌ”، ڪراچي ۽ “ الوحيد” ڪراچيءَ جو سب ايڊيٽر ۽ نيوز ايڊيٽر رهيو. هن جي پهرين ڪهاڻي “چوري” ۱۹۵۱ع ڌاري هفتيوار “روشني” سکر ۾ ڇپي. هو شروع کان ئي روشن خيال سوچ جو مالڪ رهيو. ۱۹۵۴ع ۾ ون يونٽ خلاف تحريڪ ۾ ڀرپور حصو ورتائين، جنهن ڏوهه ۾ ڪجهه عرصو جيل ۾ به رهيو. خوش مزاجيءَ ۽ کري ڳالهائڻ سبب دوستن ۾ سندس الڳ سڃاڻپ رهي.


رشيد ڀٽي سنڌي ادبي سنگت جي ٻئي منظم دور جي باني ميمبرن مان هو، سنڌي ادبي سنگت جو تنوير عباسيءَ کان پوءِ ۱۱ سالن تائين سيڪريٽري جنرل به رهيو. شمشير الحيدري، تنوير عباسي ۽ رشيد ڀٽيءَ جي دور ۾ ادبي سنگت تاريخي ڪردار ادا ڪيو. رشيد ڀٽي جن دوستن ۽ سينيئرن جي صحبت ۾ رهيو، تن ۾ محمد ابراهيم جويو، شيخ اياز، شيخ عبدالرزاق راز، ڪامريڊ حيدربخش جتوئي، مولائي شيدائي، ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي، نورالدين سرڪي، آفاق صديقي، غلام رباني آگرو، ڪامريڊ حيدربخش جتوئي ۽ ٻيا شامل هئا.
رشيد ڀٽي سياسي حوالي سان عوامي ليگ سنڌ جو به سرگرم ڪارڪن رهيو. ۱۹۷۱ع ۾ عوامي ليگ جي حمايت جي الزام ۾ ۹ مهينا جيل به ڪاٽيائين. هن نيشنل عوامي پارٽيءَ ۾ به شموليت اختيار ڪئي ۽ خان عبدالغفار خان، ولي خان، عطا  الله  مينگل، خير بخش مري، حفيظ قريشيءَ ۽ ٻين سان گڏجي عوام جي حقن لاءِ جدوجهد ڪئي. سنڌ هاري ڪميٽيءَ ۾ حيدربخش جتوئيءَ سان گڏ ڪم ڪيائين. نامور اديب ۽ سياستدان رسول بخش پليجي سان ويجهڙائپ هئڻ ڪري عوامي تحريڪ ۾ به حصو ورتائين. هن ۱۹۸۷ع ۾ سنڌ انٽيليڪچوئل فورم جو بنياد وڌو. هن فورم ٺاهڻ جو مقصد سنڌ جي نوجوانن کي انقلابي ۽ سائنسي علم جي ڄاڻ ڏيڻ هو.
۱۹۷۲ع ۾ ’سنڌي  ٻولي، قومي  ٻولي‘ تحريڪ شروع ٿي ته رشيد ڀٽي، ان تحريڪ ۾ ڀرپور حصو ورتو. ايم. آر. ڊي جي تحريڪ ۾ به سندس وڏو ڪردار آهي. هو پاڪستان رائٽرز گلڊ، سنڌ جو سيڪريٽري به رهيو. هن ڪجهه وقت سکر لا ڪاليج ۾ اعزازي پروفيسر طور به خدمتون سر انجام ڏنيون، هو سکر جو ناميارو وڪيل هو. ۱۹۷۱ع ۾ سکر بار جو جوائنٽ سيڪريٽري به رهيو.
سندس ڇپيل ڪتابن ۾: (۱) ’گهڙي گهڙي هڪ گهاءُ‘، پاڪستان رائيٽرز گلڊ، سکر (ڪهاڻيون: ۱۹۶۳ع)، (۲) ’دنيا جا عظيم افسانا‘، سنڌي ادبي بورڊ (ترجمو: ۱۹۶۶ع)، (۳) ’آڏي ڍال مَ ڍار‘، رائٽرز گلڊ، سنڌ سب ريجن، سکر (چونڊ قومي ۽ رزميه شاعري، ترتيب: ۱۹۶۶ع)، (۴) ’عاشق زهر پياڪ‘، مهراڻ پبلشرز سکر، المنار پريس سکر (پنج ائڪٽي ناٽڪ: ۱۹۶۸ع)، (۵) ’رياست ۽ آزادي‘، سنڌي ادبي بورڊ (ترجمو: ۱۹۶۸ع)، (۶) ’پاڪستان جا پراڻا شهر‘، سنڌي ادبي بورڊ (تاريخ: ۱۹۸۱ع)، (۷) ’آدرشي’ (طنز ۽ مزاح)، ڪهاڻي پبليڪيشن  بمبئي، (۸) ’ديس ستا، دل وارا جاڳيا‘ (ڪهاڻيون)، سنڌي اڪيڊمي حيدرآباد، (۹) ’اوڀاريون لهواريون‘ (تقريرون)، سنڌي اڪيڊمي، حيدرآباد، (۱۰) ’سياري جي رات‘ (طنزيه ۽ مزاحيه ڪهاڻيون)، شهباز پبليڪيشن حيدرآباد، (۱۱) ’سياسي مسئلن جو حل‘ (سياسي مضمون)، ملير ڪتاب گهر، ڪراچي، (۱۲) ’سچ جو فلسفو‘ (ترجمو) عظمت ادبي اڪيڊمي، حيدرآباد، (۱۳) ’ڪميونسٽ پڌرنامو‘ (ترجمو)، عوامي ڪتاب گهر، حيدرآباد، (۱۴) ’چتر ليکا‘ (ترجمو: هندي ناول)، زندگي پبليڪيشن، حيدرآباد، (۱۵) ’وِيرن جي وسندي‘ (ترجمو: ويٽنامي ناول) عظمت ادبي اڪيڊمي، حيدرآباد، (۱۶) ’سنڌ جا پراڻا شهر‘ (مولائي شيدائي جا تاريخي مضمون، ترتيب) سچل نيشنل سيمينار ڪميٽي، خيرپور، (۱۸) ’ڀلاري ڀونءَ‘ (پرل ايس بڪ جي ناول جو ترجمو: ڪلال سان گڏ)، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، (۱۹) ’پاپ ۽ پيڙا‘ (ناول)، (۲۰) ’-باغي-‘ (نذرالاسلام: ترجمو)، (۲۱) ’جيءُ جياريو جن‘ (وڇڙيل ساٿين لاءِ شرڌانجليون: ۱۹۹۰ع)، (۲۲) ‘Birth of a Great Poet (Kalhora Period ۱۷۰۰-۱۷۸۴)’، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، ڄامشورو ۲۰۰۲ع، (۲۳) ’جهوڪ جهريو‘ (تاريخ)، عظمت ادبي اڪيڊمي، حيدرآباد، (۲۴) ’بين الاقوامي  انقلاب جو راههِ عمل‘، روشني پبليڪيشن، ڪنڊيارو، (۲۵) ’تضادن بابت‘ (تضادن جو فلسفو)، عظمت اڪيڊمي، حيدرآباد، (۲۶) ’تصوف  اور ڪلاسيڪي سنڌي شاعري‘ (اردوءَ ۾: سنڌي ادبي سنگت: ۲۰۱۰).
ان کان سواءِ رشيد ڀٽيءَ شيخ اياز جي ڪتاب “خط، انٽرويو ۽ تقريرون” جي پهرئين ڀاڱي ۾ ۱۱۸ صفحن جو شاهڪار مهاڳ لکي، ان ۾ دنيا ۽ سنڌي ادب جي روشن خيال ۽ ترقي پسند ڪردار ۽ ان ۾ شيخ اياز  ۽ ساٿين جي جدوجهد تي روشني وڌي آهي. اهڙيءَ طرح هن شيخ  اياز جي سنگيت ناٽڪ “ ڀڳت سنگهه کي ڦاسي” تي ۳۱ صفحن جو تفصيلي مهاڳ لکي  ڀڳت سنگهه ۽ ساٿين جي جدوجهد کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. سندس هي ٻئي مواد سنڌي ادب ۾ تاريخي حيثيت رکن ٿا. ان کان سواءِ رشيد ڀٽي، محمد ابراهيم جويي ۽ رسول بخش پليجي پان پوءِ ٽيون اهم اديب آهي، جنهن شيخ  اياز جي شاعريءَ جو اڀياس لکي سندس شاعراڻي عظمت کي ڀٽائيءَ کان پوءِ ويهين صديءَ ۾ سڀ کان وڌيڪ اهميت ڏني آهي. هن پنهنجي دوست لعل جوڻيجي جون لکيل يادگيريون “انگلينڊ جا اڍائي سال” پڻ ترتيب ڏئي ڇپايو هو.
ان سميت رشيد ڀٽيءَ جو ٻيو به کوڙ سارو قلمي پورهيو آهي. سنڌي، اردو ۽ -انگريزي ٻوليءَ ۾ ادب، ثقافت، تاريخ، سياست ۽ قديمي آثارن جي موضوع تي هن مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ سوين مضمون لکيا. هن بابت ناليواري شاعر ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ جو چوڻ هو ته “ڪامريڊ حيدربخش جتوئي ۽ ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻيءَ کان پوءِ رشيد  ڀٽي ئي پاڻ پتوڙيو آهي”.
ناليواري اديب ۽ سندس ويجهي دوست غلام رباني آگري “جهڙا گل گلاب جا” (حصو ٻيو) ۾ رشيد ڀٽيءَ لاءِ لکيو آهي ته “  ڀٽي ٻين لاءِ سنڌ جو نامور اديب هو، ڪهاڻيڪار هو، مزاحيه نگار هو، سنڌ جو محب وطن هو، مظلومن جو حمايتي هو، پر مون سان سندس هڪ ئي نسبت هئي. ڀٽي منهنجو يار هو”.
ناليواري ڪهاڻيڪاره ماهتاب محبوب جو چوڻ آهي ته “عام زندگيءَ جيان سياسي زندگيءَ ۾ پيش ايندڙ ناساز حالتن سان هن ڪڏهن به ڪمپرومائيز نه ڪيو، پر لکڻين ۾ به اوليت پنهنجي نظرين کي ڏنائين جنهن ۾ ڦير ڦار آڻڻ لاءِ ڪنهن به قيمت تي تيار نه هو”. ڊاڪٽر خليل انصاريءَ لکيو آهي ته “رشيد ڀٽي قومي ۽ انقلابي ادب جي مهندارن جي اڳواڻ دستي جو جرنيل هو”. عظيم شاعر شيخ  اياز تي رشيد ڀٽيءَ جي وفات وڏو ذهني صدمو رسايو جو هو سندس جگري دوست هو. هن رشيد جي ياد ۾ ڪيترا بيت  لکي کيس خراج پيش ڪيو آهي.
سنڌ جو هي ارڏو اديب، صحافي ۽ سياستدان ۱۶ فيبروري ۱۹۸۸ع تي وفات ڪري ويو. کيس چئن پٽن ۽ ٻين نياڻين جو اولاد آهي.
(بي بي سي سنڌي جي ٿورن سان)


رشيد ڀٽي
سندس ياد ۾
شاهين لطيف
رشيد ڀٽي ناميارو ترقي پسند اديب، محقق، نقاد ۽ شاعر رشيد ڀٽي، حافظ عبدالحميد ڀٽيءَ جو فرزند، ۲۰ آگسٽ ۱۹۳۳ع تي ڳوٺ اروڙ، تعلقي روهڙي، ضلعي سکر ۾ ڄائو. هن شروعاتي تعليم سکر مان ورتي، ۱۹۵۹ع ڌاري لا ڪاليج سکر مان ايل ايل بي ڪري وڪالت شروع ڪيائين. هن سنڌ يونيورسٽيءَ مان ۱۹۸۴ع ڌاري سنڌي ادب ۾ ايم اي ڪئي ۽ پهريون نمبر کڻي گولڊ ميڊل حاصل ڪيائين. سندس والد حافظ عبدالحميد ڀٽي پڻ مشهور صحافي ۽ اديب هو، سندس اثر هيٺ رشيد ڀٽيءَ ننڍپڻ کان ئي لکڻ شروع ڪيو. هُو ”المنار“ اخبار ۽ ”پرهه ڦٽي“ مئگزين جو ايڊيٽر، ”نئين سنڌ“، ڪراچي ۽ ”الوحيد“ ڪراچيءَ جو سب ايڊيٽر ۽ نيوز ايڊيٽر رهيو. هن جي پهرين ڪهاڻي ”چوري“ ۱۹۵۱ع ڌاري هفتيوار ”روشني“ سکر ۾ ڇپي. هو شروع کان ئي روشن خيال سوچ جو مالڪ رهيو. ون يونٽ خلاف تحريڪ ۾ ڀرپور حصو ورتائين، جنهن ڏوهه ۾ ڪجهه عرصو جيل ۾ به رهيو. خوش مزاجي ۽ کري ڳالهائڻ سبب دوستن ۾ سندس الڳ سڃاڻپ رهي.
رشيد ڀٽي سنڌي ادبي سنگت جي ٻئي منظم دور جي باني ميمبرن مان هو، سنگت سنڌ جو تنوير عباسيءَ کان پوءِ ۱۱ سالن تائين سيڪريٽري جنرل به رهيو. شمشير الحيدري، تنوير عباسي ۽ رشيد ڀٽيءَ جي دور ۾ ادبي سنگت تاريخي ڪردار ادا ڪيو. رشيد ڀٽي جن دوستن ۽ سينئرن جي صحبت ۾ رهيو، تن ۾ محمد ابراهيم جويو، شيخ اياز، شيخ عبدالرزاق راز، ڪامريڊ حيدربخش جتوئي، مولائي شيدائي، ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي، نورالدين سرڪي، آفاق صديقي، غلام رباني آگرو ۽ ٻيا شامل هئا.
رشيد ڀٽي سياسي حوالي سان عوامي ليگ سنڌ جو به سرگرم ڪارڪن رهيو. ۱۹۷۱ع ۾ عوامي ليگ جي حمايت جي الزام ۾ ۹ مهينا جيل به ڪاٽيائين. هن نيشنل عوامي پارٽيءَ ۾ به شموليت اختيار ڪئي ۽ خان عبدالغفار خان، ولي خان، عطا الله مينگل، خير بخش مري، حفيظ قريشيءَ ۽ ٻين سان گڏجي عوام جي حقن لاءِ جدوجهد ڪئي. سنڌ هاري ڪميٽيءَ ۾ حيدربخش جتوئيءَ سان گڏ ڪم ڪيائين. نامور اديب ۽ سياستدان رسول بخش پليجي سان ويجهڙائپ هئڻ ڪري عوامي تحريڪ ۾ به حصو ورتائين. هن ۱۹۸۷ع ۾ سنڌ انٽيليڪچوئل فورم جو بنياد وڌو. هن فورم ٺاهڻ جو مقصد سنڌ جي نوجوانن کي انقلابي ۽ سائنسي علم جي ڄاڻ ڏيڻ هو.رشيد ڀٽي جي ڇپيل ڪتابن ۽ ادبي ڪاوشن جو ذڪر ڪبو ته مواد وڌي ويندو مختر طور ته. رشيد ڀٽيءَ جو جبل جيڏو قلمي پورهيو آهي. سنڌي، اردو ۽ انگريزي ٻوليءَ ۾ ادب، ثقافت، تاريخ، سياست ۽ قديمي آثارن جي موضوع تي هن مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ سوين مضمون لکيا. هن بابت ناليواري شاعر ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ جو چوڻ هو ته ”ڪامريڊ حيدربخش جتوئي ۽ ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻيءَ کان پوءِ رشيد ڀٽي ئي پاڻ پتوڙيو آهي“.
ناليواري اديب ۽ سندس ويجهي دوست غلام رباني آگري ”جهڙا گل گلاب جا“ (حصو ٻيو) ۾ رشيد ڀٽيءَ لاءِ لکيو آهي ته ”ڀٽي ٻين لاءِ سنڌ جو نامور اديب هو، ڪهاڻيڪار هو، مزاحيه نگار هو، سنڌ جو محب وطن هو، مظلومن جو حمايتي هو، پر مون سان سندس هڪ ئي نسبت هئي. ڀٽي منهنجو يار هو“.
ناليواري ڪهاڻيڪاره ماهتاب محبوب جو چوڻ آهي ته ”عام زندگيءَ جيان سياسي زندگيءَ ۾ پيش ايندڙ ناساز حالتن سان هن ڪڏهن به ڪمپرومائيز نه ڪيو، پر لکڻين ۾ به اوليت پنهنجي نظرين کي ڏنائين جنهن ۾ ڦير ڦار آڻڻ لاءِ ڪنهن به قيمت تي تيار نه هو“. ڊاڪٽر خليل انصاريءَ لکيو آهي ته ”رشيد ڀٽي قومي ۽ انقلابي ادب جي مهندارن جي اڳواڻ دستي جو جرنيل هو“. عظيم شاعر شيخ  اياز تي رشيد ڀٽيءَ جي وفات وڏو ذهني صدمو رسايو جو هو سندس جگري دوست هو. هن رشيد جي ياد ۾ ڪيترا بيت لکي کيس خراج پيش ڪيو آهي.
سنڌ جو هي ارڏو اديب، صحافي ۽ سياستدان ۱۶ فيبروري ۱۹۸۸ع تي وفات ڪري ويو.



رشيد ڀٽي
سنڌڙي رهي اسين نه رهياسين ته ڇا ٿيو
خالد ٻانڀڻ
رشيد ڀٽيءَ تي لکڻ منهنجي وس سوچ کان تمام گهڻو مٿاهون آهي ڇو ته هو جنهن دور جو اديب ڏاهو، ڪهاڻيڪار، دانشور هڪ سچو کرو انسان هيو. انهن ڏينهن ۾ اسان جو وجود ئي ڪو نه هيو ۽ رشيد ڀٽي تي لکڻ لاءِ رشيد ڀٽيءَ جيڏي دل علمي ادبي سوچ ٿي گهرجي. هو شيخ اياز جو پڳ مٽ يار هيو ۽ شيخ اياز هن صديءَ جو سنڌ لاءِ علمي سوچ جو خزانون انمول موتي هيو ته رشيد ڀٽي ڇا نه هوندو. مان جيترو به هن کي پڙهيو ۽ سندس شخصيتن بابت ٻڌو آهي ته جاگيراڻي محلو رشيد جي اوطاق اديب ڏاهن جي ڪچهرين جو مرڪز هوندي هئي ۽ سڄي سنڌ اچي رشيد ڀٽيءَ وٽ جمع ٿيندي هئي جتي علمي ڪچهرين ادبي سنگت جي ويهڪن جا ميلا مچندا هئا. رشيد ڀٽي ترقي پسند سوچ رکندڙ انسان هيو. جنهن پنهنجي پوري گهر کي ترقي پسند ڪيو. سندس خاندان جون نڀاڻيون اڄ به سنڌياڻي تحريڪ سان لاڳاپيل هجڻ سبب پوري سنڌ ۾ پنهنجي فڪري ڏاهپ نظرياتي ميدان ۾ بختاور، ڀاڳل ۽ شاهه جي سورمين جهڙو ڪردار ادا ڪنديون رهن ٿيون. پر ان جي پٺيان سڄي رشيد ڀٽيءَ جي محنت ۽ عظمت شامل آهي. رشيد ڀٽيءَ جو مڪمل نالو عبدالرشيد ڀٽي ولد مولوي حافظ عبدالحميد هو. سندس جنم ۲۰ آگسٽ ۱۹۳۳ع ۾ سنڌ جي تاريخي گاديءَ جي هنڌ اروڙ ۾ ٿيو تڏهن ته سڄي ڄمار اورڙ جي پهاڙن وانگر ڳاٽ اوچو ڪري زندگي گذاري. رشيد ڀٽي مولائي شيدائي وانگر صحافت سان به لاڳاپيل رهيو هن پهريان پنهنجي والد جي هفتيوار نڪرندڙ اخبار المنار ۾ صحافت جي شروعات ڪئي. بعد ۾ الوحيد، نئين سنڌ اخبار ۾ سب ايڊيٽر جڏهن ته صبح سنڌ ۾ نيوز ايڊيٽر رهيو ۽ مارشلا جي دور ۾ روزاني عبرت ۽ هلال پاڪستان ۽ برسات ۾ مستقل ڪالم لکندو رهيو. رشيد ڀٽي جو تعليمي سفر ڳڻينداسين ته هن سنڌي فائنل، انٽر ڊرائنگ ايم اي، ايل ايل بي ۽ ٺيڙهي جي دارالهديٰ مدرسي مان پڻ سند حاصل ڪئي هئي. رشيد واريتڙ جي پرائمري اسڪول، ميونسپل هاءِ اسڪول، لا ڪاليج سکر، ڪراچي يونيورسٽي، سنڌ مسلم ڪاليج ڪراچي، اسلاميه ڪاليج سکر مان ڊگريون حاصل ڪيون. رشيد ڀٽي شروعاتي ڏينهن ۾ پير علي محمد راشدي، پير حسام الدين راشدي، رحيم داد مولائي شيدائي جو ويجهو رهڻ سبب علم ادب ڏانهن چاهه وڌيس. هن ڪتابن ۾ ڪهاڻين جو ڪتاب گهڙي گهڙي هڪ گهاءُ، ”مزاحيه ڪهاڻيون“ سياري جي رات، اصلوڪيون لکڻيون مزاحيه ڪالم، جڏهن ته ناٽڪ عاشق زهر پياڪ، ڪهاڻيون جو ٽيون ڪتاب، ديس ستا دلاوارا جاڳيا، مزاحيه تقريرين جو ڪتاب، اوڀاريون لهواريون، سوشلزم تي ڪتاب، سياسي، مسئلن جو حل، سچ جو فلسفو، رياست ۽ آزادي ڪميونسٽ پڌر نامو ڪتابن سان گڏ تاريخ تي، پاڪستان جا پراڻا شهر، جڏهن جهوڪ جهريو، لکيا. ان کان علاوه دنيا جا عظيم افسانه، ناول، چتر لکڻي، قومي شاعريءَ جو ڪتاب آڏي ڍال ۾ ڍال، تاريخي ترتيب ڏنل ڪتاب ”سنڌ جا پراڻا شهر” انگلينڊ جا اڍائي سال تضادن جو فلسفو، ترجمو ٿيل ويٽنامي ناول ويرين جي وسندي” شامل آهن. رشيد ڀٽي سنڌي ادبي سنگت سکر جو باني سيڪريٽري ۽ مرڪزي پهريون سنڌي ادبي سنگت جو سيڪريٽري جنرل هيو. رشيد ڀٽي ۱۶ فيبروري ۱۹۸۸ع ۾ سنڌ سکر ۽ دوستن کي الوداع چئي نئون ڳوٺ جي قبرستان ۾ وڃي آرامي ٿيو ضرور آهي. پر هن مهان شخصيت جي سنڌ جي سياست ادب صحافت، فلسفي، تاريخ ۽ همعصر دوستن تي جيڪا ڇاپ ڇڏيل آهي. اها اڃا تائين ڇانيل آهي جن به رشيد ڀٽي کي ڏٺو يا ان جي ويجهو رهيا ۽ علمي فيض حاصل ڪيو اهي اڄ به رشيد ڀٽي کي ساري ماضي جي جاگيراڻي محلي جي گهٽين ۾ گم ٿي وڃن ٿا ڇو ته رشيد سنڌ ڄائو اهو عظيم انسان هيو. جنهن پنهنجي پوري زندگي جدوجهد ۾ گذاري ڇڏي.  رشيد ڀٽي جو لکيل مقبول نظم سنڌڙي رهي اسين نه رهاسين ته ڇا ٿيو قومي تحريڪ جي ڏهاڙن ۾ سياسي ادبي جلسن محفلن ۾ ڏاڍو لکيو ۽ پڙهيو ويندو هو رشيد جي نظم ۾ سنڌ کي دعا سندس ذات ڏات ۽ سوچ جي سفر وانگر سدائين سرسبز آهي.




رشيد ڀٽي
سنڌ جو وساريل عظيم ڪردار
مير نادر علي ابڙو
رشيد ڀٽي صاحب منهنجي والد ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جو تمام ويجهو ۽ پيارو دوست هو. ۱۹۷۵ع ڌاران بابا سائين اسپيشل جج اينٽي ڪرپشن سکر ڊويزن ٿيو ته رشيد ڀٽي ۽ شيخ اياز ٻئي گڏجي اسان جي بنگلي تي آيا ۽ بابا سائين کي چيائون ته اسان تنهنجي سڄي فيملي جي دعوت ٿا ڪريون. بابا سائين پهرين رشيد ڀٽي ۽ پوءِ شيخ اياز جي دعوت قبولي رشيد ڀٽي ۽ شيخ اياز ٻئي سکر جا چوٽي جا وڪيل ۽ چوٽي جا اديب ۽ شاعر هئا مونکي منهنجي زندگي ۾ ننڍپڻ ۾ پهريان ادبي ٻاراڻا ڪتاب رشيد ڀٽي ڏنا، جيڪي هن پاڻ لکيا هئا، انهي وقت مان ٻار هئس شايد اڄ مان ڪجهه به لکي نه سگهان ها اگر رشيد ڀٽي مون کي اهي ڪتاب نه ڏي ها. اهڙي طرح مون ادبي ڪتاب پڙهڻ جي شروعات ڪئي. رشيد ڀٽي حالانڪه آزاد خيال ماڻهو هو پر پنهنجي اولاد کي اهڙي ڪڏهن به تربيت ڪونه ڏنائين، سندس گهر جي بلڪل ئي لڳ مسجد هئي، جتي سندس اولاد نماز وغيره پڙهندي هئي.
سکر ۾ جڏهن به مان ۽ منهنجو والد ويندا هئاسون ته هميشه رشيد ڀٽي وٽ اسان لاءِ ماني تيار ملندي هئي، رشيد ڀٽي درياءِ دل انسان هو، هميشه کلڻو ملڻو جڏهن ملبو هئس، پيو ٽهڪ ڏيندو دوست کي ڏسي خوش ٿيندو هو. هن جي بابا سائين سان پراڻي ياري هئي. ياد اٿم مون کي ۱۰ مارچ ۱۹۸۶ع تي بابا سائين جي وفات تي چاچا جمال ابڙو تڏهن چيئرمين اينٽي ڪرپشن سنڌ هو. تنهن سنڌ جي سڀني اديبن شاعرن، ليکڪن، ججن ۽ سياستدانن ڏانهن فونون ڪري ڇڏيون ته تاج محمد ابڙو وفات ڪري ويو. سندس جنازه نماز ۾ شرڪت لاءِ لاڙڪاڻي وڃو. رشيد ڀٽي کي اهڙو اطلاع دير سان مليو سو بابا سائين جي دفنائڻ کان ٻن ڪلاڪن کان پوءِ لاڙڪاڻي اچي پهتو جڏهن خبر پيس ته کيس کي دفنائي ڇڏيوسين، ته تڏي تي ويٺل رشيد ڀٽي روئي ويٺو ۽ چيائين ته اسان جو دوست اڄ اسان جي وچ ۾ ڪونه آهي، مون سان ته وڏو ظلم ڪيو جو هن جو آخري ديدار به ڪرڻ ڪونه ڏنو، رشيد ڀٽي اديب ته پنهنجي جاءِ تي تمام وڏو هو پر هو اديب کان وڏو سنڌ جو خادم هو، جواني کان ئي وٺي جا به تحريڪ سنڌ جي جياپي لاءِ شروع ٿي تنهن ۾ رشيد ڀٽي اڳيان اڳيان رهيو. پٺتي پير ڪرڻ واري هن کي ابي امان ستي ئي ڪونه ڏني هئي. ڳالهه ڪرڻ جو بنهه کرو، جا ڳالهه دل ۾ هوندس سا چئي ڏيندڙ. دل ۾ منافقن وانگر ڪونه رکندو هو. اهڙا ماڻهو هاڻي ڪٿي آهن،سندس ها ته معنيٰ ها نه ته معنيٰ نه.
مونکي ۽ منهنجي ننڍي ڀاءُ حيدر علي کي بابا سائين سکر ۾ انگلش ميڊم اسڪول ۾ داخل پئي ڪيو پر رشيد ڀٽي انهيءَ جي سختي سان مخالفت ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ اسان ٻئي ڀائر سنڌي ميڊيم اسڪول ۾ پڙهياسين. رشيد ڀٽي جو چوڻ هو ته ٻار پرائمري تعليم پنهنجي ٻولي ۾ پڙهي پوءِ ڀلي انگريزي ۾ پڙهي ته پڙهي. اڄ منهنجو ڀاءُ حيدر علي حيدرآباد ۾ وڪيل آهي ۽ مان اينٽي ڪرپشن کاتي ۾ سرڪل آفيسر آهيان. اسان ٻئي ڀائر پنهنجي فيلڊ ۾ ڪامياب آهيون. رشيد ڀٽي جا پاڪستان جي سڀني سياستدانن ليڊرن توڙي اديبن سان وڏا واسطا هئا پر کاٻي ڌر سان هن جا خاص واسطا هئا پر افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته سنڌ جي اهڙي عظيم سپوت کي اڄ اسان جي سنڌ بنهه وساري  ڇڏيو آهي. نه ته ڪو اخبار ۾ ئي سندس جي زندگي تي مضمون ٿو اچي نه ئي وري ڪا سندس ورسي وغيره ملهائي ٿي وڃي، آخر اسان ڪيڏانهن پيا وڃون؟ پنهنجن هيرن ۽ محسنن کي ايئن پيا وساري ڇڏيون ڄڻ اهي هن ڌرتي تي ڄاوا ئي ڪونه هئا ڄڻ انهن هن ڌرتي تي قوم جي ڪا خدمت  ڪئي ئي ڪونه هئي. آخر اسان ايڏا بي حس ڇو ٿي ويا آهيون؟! ان جي سنڌي قوم جي روايت ته جيئرن سان جهيڙو مئلن تي ميلو رهي آهي پر رشيد ڀٽي سان ته اها به روايت الائي ڇو ڪونه ٿي لڳي هاڻي ڪم هي ڪرڻو آهي ته خصوصن سکر جي اديبن اياز گل ۽ ادل سومرو کي کپي ته رشيد ڀٽي جي يادگار ڪميٽي ٺاهين ۽ رشيد ڀٽي صاحب جون  هر سال ورسيون ملهائن. سندس جي زندگي کي نوجوان ٽهي کي روشناس ڪرائين جيئن نئين ٽهي جي رهنمائي ٿي سگهي، نه ته اسان جي نوجوان ٽهي لاءِ ڪا راهه نه بچندي سواءِ سنڌ جون سرحدون ٽپي (وي سي آر، وي سي ڊي، ٽي وي، ڪيبل) ۽ ٻيون شيون ڏسي جن کي ڏسي ڌاري قوم جون روايتون اپنائڻ. مان انهن سڀني جي مخالفت ڪو نه ٿو ڪريان ڇو جو هن سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي دؤر ۾ ٻين قومن سان ڪلهي ۾ ڪلهو ملائي هلجي پر اسان جون پراڻيون روايتون جيڪي سنڌ ۾ صدين کان هلنديون پيون اچن، تن کي به ڪونه وسارجي. اگر اڄ اسان رشيد ڀٽي کي ياد ڪونه ڪيو ته رشيد ڀٽي مرحوم سان نا انصافي ٿيندي ۽ جهڙوڪ سنڌ سان نا انصافي ٿيندي ڇو جو رشيد ڀٽي سنڌ جي روايتن جو امين هو.
منهنجا ڪجهه جملا رشيد ڀٽي جي هماليه جبل جيڏي وڏي شخصيت آڏو ڪجهه ڪين آهن پر پوءِ  به هن جي ياد ته تازي ڪن ٿا.
(سنڌ، مهراڻ، هلال پاڪستان، سنڌو، هلچل، عبرت، عوامي آواز، تعمير سنڌ)



رشيد ڀٽي
ادبي مورچي جو هيرو - تاريخ جا ورق
عبدالغني مڱريو
سنڌ کي جنگي مورچن تي دولھ دريا خان جنرل هوش محمد شيدي جھڙا عظيم ۽ سورهيه جنرل ته مليا پر سنڌ جي ادبي ۽ صحافتي مورچي تي هڪ اهڙو عظيم دلير ۽ سورهيه شخص ٿي گذريو آهي، جنهن سنڌ خاطر وڏيون تڪليفون ڪاٽيون، نه جھڪيو نه وڪاميو ۽ آخري دم تائين سنڌ جي حقن لاءِ ادبي ۽ صحافتي مورچي تان وڙهندو رهيو ۽ لکندو رهيو، سنڌ جو اهو سورهيه رشيد ڀٽي آهي، رشيد ڀٽي جو جنم ۱۹۳۳ ۾ سنڌ جي تاريخي شهر اروڙ ۾ ٿيو، سندس والد حافظ مولوي عبدالحميد ڀٽي پريس جي ڌنڌي ۽ ٻارن جي پڙهائي لاءِ سکر آيو، جاگيراڻي پاڙي ۾ المينار پريس جو بنياد وڌو، اروڙ سان ڀٽي جي خاندان جو تعلق زمينداري مٽي مائٽي ۽ درگاھ عارف فقير ڀٽي جيڪا ڪالڪا ديھ مندر جي سامهون آهي، ان جي ڪري اڄ به قائم آهي، رشيد ڀٽي جو والد مولوي حافظ عبدالحميد ڀٽي هڪ وڏو عالم دين ۽ حافظ قرآن هو، سندس ٻه چاچا به عالم ۽ حافظ هئا، منهنجي خوشبختي آهي جو منهنجو جنم رشيد ڀٽي جي گھر ڀرسان جاگيراڻي پاڙي جي اسڪول واري گھٽي ۾ ٿيو، سندس وڏو پٽ خالد ڀٽي منهنجو ننڍپڻ جو دوست ۽ هم ڪلاسي آهي، اسين روز ملڻ وارن دوستن مان آهيون، مون ناظره قرآن جي تعليم رشيد ڀٽي جي سڳي چاچي استاد محمد عارف ڀٽي کان پاڙي جي الوري مسجد ۾ حاصل ڪئي، رشيد ڀٽي اسان ٻارن لاءِ ته عجيب نرالو ٿلهو متارو ۽ وڏن شهپرن سان عجب ۾ وجھندڙ انسان هو، پاڙي ۾ ايندي ويندي اسان کيس ڏسي بيهي رهندا هئاسين، هن اسان کي ڪڏهن ڪو دڙڪو نه ڏنو، هن پاڙي جي ٻارڙن تي پيار جا مخصوص نالا رکيا هئا، مون کي هو پهاڙي ڪوٺيندو هو، ڀائيٽي ڊاڪٽر انيس ڀٽي کي ديو، عزير ڀٽي کي هو هولارام ڪوٺيندو هو (هولارام سکر جو مشهور وڪيل ۽ شيخ اياز جو استاد هيو) هڪ ٻار کي هو چرڪٽ به چوندو هيو، مون کي ۵۰ ۽ ۵۵ سال اڳ جا اهي منظر اڄ به ياد آهن، سندس آفيس تي پاڪستان رائيٽرس گلڊ جي تختي ۽ ٽهڪن جو گونجار اڄ به ياد آهي، پريس سندس والد جي حوالي هوندي هئي، جيڪا هڪ ئي وقت پريس ادارو ۽ اوطاق هئي، شام جو ڇڻڪار ڪري پريس جي اڳيان کٽون رکيل هونديون هيون، سڄو پاڙو حال احوال ۽ ڪچهري لاءِ ايندو هيو، رشيد ڀٽي جي والد مولوي عبدالحميد ڀٽي بيد جو ڏنڊو جنهن تي چمڙي جو ڪور چڙهيل هوندو هيو، هميشه پاڻ سان گڏ رکندو هيو، پريس ۾ رشيد ڀٽي جو سئوٽ بدر الدين ڀٽي پير سان ڇپائي واري مشين هلائيندو هيو، شيهي جي اکرن سان ٺهيل بلاڪ ۽ ان جي ڇپائي مون کي اڄ به ياد آهي، جيڪا قطب خاني جي ڇپائي هٿ سان لکي ليٿو ذريعي مختلف مذهبي ڪتاب شمسيه ڪتب خاني جي نالي سان ڇپبي هئي، اها مون ڪونه ڏٺي.
رشيد ڀٽي جو والد هڪ تمام وڏو مذهبي اسڪالر هيو، هن جو لکيل ڪتاب تحفت الفتيه جيڪو شرعي مسئلن ۽ فتوائن جو ڪتاب آهي، ستن جُلدن تي مشتمل آهي، اهو هٿ سان لکيل ڪتاب مڪمل ستن جلدن سان مون وٽ اڄ به موجود آهي، ان جا اٺن کان وڌيڪ ايڊيشن ڇپيا آهن، هڪ ٻيو حديثن جو ڪتاب مروت السنت به مولوي عبدالحميد ڀٽي جو لکيل آهي، ان جا پنجن کان وڌيڪ ايڊيشن ڇپيا آهن، تحفته الفقيه سنڌ جي مدرسن ۾ اڄ به پڙهايو ويندو آهي، رشيد ڀٽي تي علم ۽ دانش جو اثر موروثي هيو پر هن جديد ادب پڙهيو ۽ پنهنجو پاڻ کي سنڌ جي خدمت لاءِ وقف ڪري ڇڏيو، هو پنهنجي پيءُ جو پيارو پڳدار پٽ هيو، رشيد ڀٽي جي شروعاتي تعليم سکر ۽ ٺيڙهي جي ديني مدرسي ۾ ٿي پر پوءِ به مولوي کيس اعليٰ تعليم لاءِ آزاد ڇڏي ڏنو، چون ٿا ته مولوي عبدالحميد، رشيد ڀٽي کي چيو ته پٽ پنهنجو نالو عبدالرشيد ڀٽي لکندو ۽ چورائيندو ڪر، رشيد الله جو نالو آهي. رشيد ڀٽي قانون جي تعليم ڪراچي مان ورتي، سکر ۾ پڙهائي ان دوران کيس شيخ اياز جھڙو دوست ۽ پير حسام الدين راشدي جھڙو رهنما مليو، جن جو المينار پريس تي گھڻو اچڻ وڃڻ هيو، ڪراچي ۾ نور الدين سرڪي ۽ ٻين اديبن جي دوستي سائين احسان بدوي جي رهنمائي ۾ رشيد ڀٽي هڪ سچي ۽ بيباڪ ليکڪ جي روپ ۾ سامهون آيو، هن سڄي عمر لکڻ ۽ پڙهڻ لاءِ وقف ڪري ڇڏي، وڪالت کي هن تمام گھٽ وقت ڏنو، ڪجھ ذاتي، ضروري ڪيسن ۽ بار ۾ شيخ اياز سان ڪچهري لاءِ ڪورٽ ويندو ضرور هيو، مون کي سکر جي هڪ وڪيل ٻڌايو هو ته کيس ڪوڙ کان سخت نفرت هوندي هئي ان عيوض ۾ قانون جي شاگردن کي سکر جي لا ڪاليج ۾ پروفيسر جي حيثيت ۾ پڙهايو ۽ اتر سنڌ ۾ هزارين وڪيل رشيد ڀٽي جا شاگرد آهن، رشيد ڀٽي سنڌ جي ادبي سياسي ۽ صحافتي مورچي تان ويهي اڳواڻ وارو ڪردار ادا ڪيو، ووٽر لسٽون ون يونٽ جي تحريڪ بنگال سان ظلم ۽ ايم آر ڊي جي تحريڪ دوران هن جون لازوال خدمتون ۽ قربانيون آهن، هو ڪيترائي ڀيرا گرفتار ٿيو، قيد جون تڪليفون ڪاٽيون، ۷۱ جي جنگ دوران شيخ اياز سان سکر جيل ۾ هڪ سال کان وڌيڪ عرصو جيل ۾ رهندي هن جي لکيل جيل ڊائري اسين لوچون لوھ جيڪا ۴۶ سالن کان پوءِ ويجھڙائي ۾ شايع ٿي آهي، ان سنڌ جي سياسي ادبي ۽ سماجي حلقن ۾ وڏي اٿل پٿل پيدا ڪري ڇڏي آهي، هن جون اڳڪٿيون ۽ سنڌ خلاف سازشن جي نشاندهي سچ ثابت ٿيون آهن، اهو ڪتاب گھڻو اڳ ڇپجڻ گھربو هو، رشيد ڀٽي سنڌي ادبي سنگت کي پالي جوان ڪري نوجوانن جي هٿن ۾ ڏنو، رشيد ڀٽي جي کاتي ۾ ۳۰ کان مٿي ڪتاب اچن ٿا، جيڪي سڀ جو سڀ ڇپيل آهن، ڪافي اهم ڪتاب سندس وفات کانپوءِ شايع ٿيا آهن، ان لاءِ رشيد ڀٽي جي پٽن خالد، سچل، طارق ۽ راڻي کي سلام آهي، ڪجھ ڪم اڌ ۾ ڇڏيل آهي، اهو پوءِ رشيد ڀٽي ئي پورو ڪري سگھي ٿو، جنهن رشيد ڀٽي کي نه پڙهيو اهو صرف ٻه ڪتاب جيل ڊائري ۽ شيخ اياز جي ڪتاب خط، تقريرون ۽ انٽرويو جو ۱۱۶ صفحن جو ڊگھو ۽ طويل مهاڳ پڙهي ڏسي، کيس رشيد ڀٽي جي علمي ادبي ۽ سياسي صلاحيتن جو پتو پئجي ويندو.
رشيد ڀٽي مختلف اخبارن ۾ ايڊيٽر، سب ايڊيٽر ۽ نيوز ايڊيٽر به رهيو، هن جا لکيل مضمون آرٽيڪل ۽ ايڊيٽوريل جيڪي صبح سنڌ، الوحيد، نئين سنڌ، عبرت، هلال پاڪستان اخبارن ۾ ڇپيل آهن، اهو سڄو مواد اڻ ڇپيل حالتن ۾ سندس پوئنرن وٽ موجود آهي، نٿو ڇپجي، ڇوته سچ آهي، ان جي ڇپجڻ سان سنڌ جي تاريخ، صحافتي تاريخ ۽ ٻئي جدوجھد جو تفصيل قوم اڳيان آيو ته ايندڙ نسل اديب، شاگرد، استاد ۽ صحافي ان مان گھڻو ڪجھ پرائي سگهن ٿا، سکر جو هڪ دوست رشيد ڀٽي تي پي ايڇ ڊي ڪري رهيو آهي، سندس گائيڊ رشيد ڀٽي جو ويجھو ساٿي ۽ پاڙيسري ڊاڪٽر ادل سومرو آهي، اسان سڀني کي ان جو انتظار آهي، سنڌ جو هي ادبي جنرل ۽ لازوال شعر ”سنڌڙي رهي اسين نه رهياسين ته ڇا ٿيو“ جو سرجيندڙ ۵۴ سالن جي ننڍي عمر ۾ شگر، دل ۽ قيد جي تڪليفن جي ڪري ۱۹۸۸ ۾ هي جھان ڇڏي ويو، مون پنهجي اباڻي گھر جي در اڳيان شيخ اياز کي اوڇنگارون ڏئي روئندي ڏٺو، چون ٿا ته اياز ائين ڪڏهن به نه رُنو هيو، يار جي وڇوڙي کيس گھايل ڪري ڇڏيو هيو.


رشيد ڀٽي
اڄ بابا کي اسان کان وڇڙي ۳۱ ورهيہ گذري چڪا!!
ناميارو ترقي پسند اديب، محقق، نقاد ۽ شاعر رشيد ڀٽي، حافظ عبدالحميد ڀٽيءَ جو فرزند، ۲۰ آگسٽ ۱۹۳۳ع تي ڳوٺ اروڙ، تعلقي روهڙي، ضلعي سکر ۾ ڄائو. هن جي پهرين ڪهاڻي ”چوري“ ۱۹۵۱ع ڌاري هفتيوار ”روشني“ سکر ۾ ڇپي رشيد ڀٽي سنڌي ادبي سنگت جي ٻئي منظم دور جي باني ميمبرن مان هو، سنگت- سنڌ جو تنوير عباسيءَ کان پوءِ ۱۱ سالن تائين سيڪريٽري جنرل به رهيو. شمشير الحيدري، تنوير عباسي ۽ رشيد ڀٽيءَ جي دور ۾ ادبي سنگت تاريخي ڪردار ادا ڪيو. رشيد ڀٽي جن دوستن ۽ سينيئرن جي صحبت ۾ رهيو، -تن- ۾ محمد ابراهيم جويو، شيخ اياز، شيخ عبدالرزاق راز، ڪامريڊ حيدربخش جتوئي، مولائي شيدائي، ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي، نورالدين سرڪي، آفاق صديقي، غلام رباني آگرو، ڪامريڊ حيدربخش جتوئي ۽ ٻيا شامل هئا رشيد -ڀٽي- سياسي حوالي سان عوامي ليگ سنڌ جو به سرگرم ڪارڪن رهيو. ۱۹۷۱ع ۾ عوامي ليگ جي حمايت جي الزام ۾ ۹ مهينا جيل به ڪاٽيائين. هن نيشنل عوامي پارٽيءَ ۾ به شموليت اختيار ڪئي ۽ خان عبدالغفار خان، ولي خان، عطا -الله- مينگل، خير بخش مري، حفيظ قريشيءَ ۽ ٻين سان گڏجي عوام جي حقن لاءِ جدوجهد ڪئي. سنڌ هاري ڪميٽيءَ ۾ حيدربخش جتوئيءَ سان گڏ ڪم ڪيائين. نامور اديب ۽ سياستدان رسول بخش پليجي سان ويجهڙائپ هئڻ ڪري عوامي تحريڪ ۾ به حصو ورتائين. هن ۱۹۸۷ع ۾ سنڌ انٽيليڪچوئل فورم جو بنياد وڌو. هن فورم ٺاهڻ جو مقصد سنڌ جي نوجوانن کي انقلابي ۽ سائنسي علم جي ڄاڻ ڏيڻ هو۹۷۲ع ۾ ’سنڌي ٻولي، قومي ٻولي‘ تحريڪ شروع ٿي ته رشيد ڀٽي ان تحريڪ ۾ ڀرپور حصو ورتو. ايم آر ڊي جي تحريڪ ۾ به سندس وڏو ڪردار آهي. هو پاڪستان رائٽرز گلڊ، سنڌ جو سيڪريٽري به رهيو. هن ڪجهه وقت سکر لا ڪاليج ۾ اعزازي پروفيسر طور به خدمتون سر انجام ڏنيون، هو سکر جو ناميارو وڪيل هو. ۱۹۷۱ع ۾ سکر بار جو جوائنٽ سيڪريٽري به رهيو سندس ڇپيل ڪتابن ۾: (۱) ’گهڙي گهڙي هڪ گهاءُ‘، -پاڪستان- رائيٽرز گلڊ، سکر (ڪهاڻيون: ۱۹۶۳ع)، (۲) ’دنيا جا عظيم افسانا‘، سنڌي ادبي بورڊ (ترجمو: ۱۹۶۶ع)، (۳) ’آڏي ڍال مَ ڍار‘، رائٽرز گلڊ، سنڌ سب ريجن، سکر (چونڊ قومي ۽ رزميه شاعري، ترتيب: ۱۹۶۶ع)، (۴) ’عاشق زهر پياڪ‘، مهراڻ پبلشرز سکر، -المنار- پريس سکر (پنج ائڪٽي ناٽڪ: ۱۹۶۸ع)، (۵) ’رياست ۽ آزادي‘، سنڌي ادبي بورڊ (ترجمو: ۱۹۶۸ع)، (۶) ’پاڪستان جا پراڻا شهر‘، سنڌي ادبي بورڊ (تاريخ: ۱۹۸۱ع)، (۷) ’آدرشي’ (طنز ۽ مزاح)، ڪهاڻي پبليڪيشن بمبئي، (۸) ’ديس ستا، دل وارا جاڳيا‘ (ڪهاڻيون)، سنڌي اڪيڊمي حيدرآباد، (۹) ’اوڀاريون لهواريون‘ (تقريرون)، سنڌي اڪيڊمي، حيدرآباد، (۱۰) ’سياري جي رات‘ (طنزيه ۽ مزاحيه ڪهاڻيون)، شهباز پبليڪيشن حيدرآباد، (۱۱) ’سياسي مسئلن جو حل‘ (سياسي مضمون)، ملير ڪتاب گهر، ڪراچي، (۱۲) ’سچ جو فلسفو‘ (ترجمو) عظمت ادبي اڪيڊمي، حيدرآباد، (۱۳) ’ڪميونسٽ پڌرنامو‘ (ترجمو)، عوامي ڪتاب گهر، حيدرآباد، (۱۴) ’چتر ليکا‘ (ترجمو: هندي ناول)، زندگي پبليڪيشن، حيدرآباد، (۱۵) ’وِيرن جي وسندي‘ (ترجمو: ويٽنامي ناول) عظمت ادبي اڪيڊمي، حيدرآباد، (۱۶) ’سنڌ جا پراڻا شهر‘ (مولائي شيدائي جا تاريخي مضمون، ترتيب) سچل نيشنل سيمينار ڪميٽي، خيرپور، (۱۸) ’ڀلاري ڀونءَ‘ (پرل ايس بڪ جي ناول جو ترجمو: ڪلال سان گڏ)، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، (۱۹) ’پاپ ۽ پيڙا‘ (ناول)، (۲۰) ’باغي‘ (نذرالاسلام: ترجمو)، (۲۱) ’جيءُ جياريو جن‘ (وڇڙيل ساٿين لاءِ شرڌانجليون: ۱۹۹۰ع)، (۲۲) ‘Birth of a Great Poet (Kalhora Period ۱۷۰۰-۱۷۸۴)’، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، ڄامشورو ۲۰۰۲ع، (۲۳) ’جهوڪ جهريو‘ (تاريخ)، عظمت ادبي اڪيڊمي، حيدرآباد، (۲۴) ’بين الاقوامي -انقلاب- جو راههِ عمل‘، روشني پبليڪيشن، ڪنڊيارو، (۲۵) ’تضادن بابت‘ (تضادن جو فلسفو)، عظمت اڪيڊمي، حيدرآباد، (۲۶) ’تصوف اور ڪلاسيڪي سنڌي شاعري‘ (اردوءَ ۾: سنڌي ادبي سنگت: ان کان سواءِ رشيد ڀٽيءَ شيخ اياز جي ڪتاب ”خط، انٽرويو ۽ تقريرون“ جي پهرئين ڀاڱي ۾ ۱۱۸ صفحن جو شاهڪار مهاڳ لکي، ان ۾ دنيا ۽ سنڌي ادب جي روشن خيال ۽ ترقي پسند ڪردار ۽ ان ۾ شيخ اياز ۽ ساٿين جي جدوجهد تي روشني وڌي آهي. اهڙيءَ طرح هن شيخ اياز جي سنگيت ناٽڪ ”ڀڳت سنگهه کي ڦاسي“ تي ۳۱ صفحن جو تفصيلي مهاڳ لکي ڀڳت سنگهه ۽ ساٿين جي جدوجهد کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. سندس هي ٻئي مواد سنڌي ادب ۾ تاريخي حيثيت رکن ٿا. ان کان سواءِ رشيد ڀٽي، محمد ابراهيم جويي ۽ رسول بخش پليجي کان پوءِ ٽيون اهم اديب آهي، جنهن شيخ اياز جي شاعريءَ جو اڀياس لکي سندس شاعراڻي عظمت کي ڀٽائيءَ کان پوءِ ويهين صديءَ ۾ سڀ کان وڌيڪ اهميت ڏني آهي. هن پنهنجي دوست لعل جوڻيجي جون لکيل يادگيريون ”انگلينڊ جا اڍائي سال“ پڻ ترتيب ڏئي ڇپايو هوان سميت رشيد ڀٽيءَ جو ٻيو به کوڙ سارو قلمي پورهيو آهي. سنڌي، اردو ۽ انگريزي ٻوليءَ ۾ ادب، ثقافت، تاريخ، سياست ۽ قديمي آثارن جي موضوع تي هن مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ سوين مضمون لکيا. هن بابت ناليواري شاعر ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ جو چوڻ هو ته ”ڪامريڊ حيدربخش جتوئي ۽ ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻيءَ کان پوءِ رشيد ڀٽي ئي پاڻ پتوڙيو آهي. ناليواري اديب ۽ سندس ويجهي دوست غلام رباني آگري ”جهڙا گل گلاب جا“ (حصو ٻيو) ۾ رشيد ڀٽيءَ لاءِ لکيو آهي ته ”ڀٽي ٻين لاءِ سنڌ جو نامور اديب هو، ڪهاڻيڪار هو، مزاحيه نگار هو، سنڌ جو محب وطن هو، مظلومن جو حمايتي هو، پر مون سان سندس هڪ ئي نسبت هئي. ڀٽي منهنجو يار هوناليواري ڪهاڻيڪاره ماهتاب محبوب جو چوڻ آهي ته ”عام زندگيءَ جيان سياسي زندگيءَ ۾ پيش ايندڙ ناساز حالتن سان هن ڪڏهن به ڪمپرومائيز نه ڪيو، پر لکڻين ۾ به اوليت پنهنجي نظرين کي ڏنائين جنهن ۾ ڦير ڦار آڻڻ لاءِ ڪنهن به قيمت تي تيار نه هو“. ڊاڪٽر خليل انصاريءَ لکيو آهي ته ”رشيد ڀٽي قومي ۽ انقلابي ادب جي مهندارن جي اڳواڻ دستي جو جرنيل هو“. عظيم شاعر شيخ اياز تي رشيد ڀٽيءَ جي وفات وڏو ذهني صدمو رسايو جو هو سندس جگري دوست هو. هن رشيد جي ياد ۾ ڪيترا بيت لکي کيس خراج پيش ڪيو آهي سنڌ جو هي ارڏو اديب، صحافي ۽ سياستدان ۱۶ فيبروري ۱۹۸۸ع تي وفات ڪري ويو. کيس چئن پٽن ۽ ٻين نياڻين جو اولاد آهي.
سنڌي ادبي سنگت جي اڳوڻي مرڪزي سيڪريٽري جنرل کي خراج تحسين پيش ڪندي يادن کي ورايون ٿا مرڪزي ويب سائيٽ ٿورن سان


رشيد ڀٽي
جي پنهنجو نور نچوئي ويا
مهر خادم
سنڌي ادبي سنگت سکر جي هفتيوار گڏجاڻي ان وقت جي سيڪريٽري سائين ادل سومري شروع ڪئي، وقتي صدارت لاءِ ڊاڪٽر تنوير عباسي صاحب کي ڪرسيءَ تي ويهڻ لاءِ چيو ويو، ان مهل اُن ڪرسيءَ تي اڳ ۾ ئي سائين رشيد ڀٽي ويٺو هو. ڪرسي خالي ڪرڻ جو آسرو نه سمجهندي ڊاڪٽر تنوير عباسي صاحب چيو ته: ”ادا! ڀٽي ڪرسي خالي ائين ڪو نه ڪندو، تنهن ڪري مان اتي ئي ٺيڪ آهيان.“ سڀني جي چهري تي مُرڪ تري آئي، سائين رشيد ڀٽي به کِليو.
اسان جي جڏهن به ساڻس ملاقات سنڌي ادبي سنگت ۾ يا ڪٿي ٻاهر ٿيندي هُئي ته هميشه پنهنجائپ ۽ پيار سان ملندو هو، ڳالهائيندو ۽ پُڇندو هو. نون لکندڙ نوجوانن جي همت افزائي ۽ پنهنجائپ واري رويي سان اصلاح ڪري سندن قد عالم چني کان به چار آڱر مٿي ڪري ڇڏيندو هو، جنهن ڪري نوان لکندڙ دوست اڃان وڌيڪ ذهني صلاحيتون ڪم آڻيندي اڳتي وک وڌائيندا هُئا. رشيد ڀٽي جي هجڻ جي ڪري تنوير عباسي جهڙي دانشور سان به رهاڻيون ۽ ڪافي ڪجهه سکڻ لاءِ ملي ويندو هو. اڪثر اسان جي سنڌي ادبي سنگت سکر جي گڏجاڻين ۾ تنوير عباسي جو به اچڻ ٿيندو هو.
دنيا جي هر خطي جي خوشبو پنهنجي پنهنجي ٿئي ٿي، جنهن جو ثبوت ان ڌرتيءَ تي ڦٽندڙ گُلن جي خوشبوءِ مان ملي سگهي ٿو. نه صرف ڌرتيءَ ۽ گلن ۾ خوشبوءِ ٿئي ٿي پر ڪن ماڻهن ۾ به ايتري خوشبوءِ ٿئي ٿو جو سندن ڏاهپ جي سرهاڻ اوسي پاسي جي ماحول ۽ معاشري جي ڪافي خامين کي صاف ڪري پنهنجو اثر انهن تي ڇڏيندي آهي. اهي اديب ۽ دانشور ئي آهن، جيڪي معاشري جو خاڪو ئي بدلائي ڇڏيندا آهن، انهن جي ڏاهپ جو اثر سندن موت کان پوءِ به جَهڪو ناهي ٿيندو. هن ڌرتيءَ جي رشيد ڀٽي جي من ۾ به اهڙي ئي ڏاهپ جي خوشبوءِ موجود هُئي، جيڪا ماڻهن جي دلين جي مير صاف ڪري ماڻهپي وارو ماڻهو بڻائڻ لاءِ هميشه ڪوشش ڪندي رهي.
پنهنجين ڪهاڻين جي ذريعي ڏُکويل ۽ ٿڪل ذهنن کي تازو ڪرڻ لاءِ مزاح جو موضوع ڏيئي هر چهري کي مُرڪ ڏيندو رهيو. اها ٻي ڳالهه آهي ته سندس من ۾ ڪيترائي ڏُک ۽ پيڙائون موجود هيون پر پوءِ به سڀني چهرن کي مُرڪ ڏيڻ لاءِ لکندو رهيو. سندس ڪهاڻين جا اڪثر ڪردار پنهنجي معاشري جا سادا سودا، عام رواجي ماڻهو رهيا. پنهنجي معاشري جي حقيقتن ۽ سچائين کي طنز و مزاح جو روپ ڏيئي کِل ئي کِل ۾ ضمير جي چُهنڊڙي سمائي ڇڏيندو هو.رشيد ڀٽي جي ادبي حيثيت مٿانهين هجڻ جي باوجود به کيس ڪا وڏائي ڪونه هُئي، نه ته ڪي اديب انتظامي ڪرسي يا ادبي اوچائي جي ڪري پنهنجي برادري جي حساس ماڻهن کي ئي نه سڃاڻيندي کين ذهني ڏنڀ ڏيندا آهن. عام ماڻهن جي اڳيان ڪنهن محفل ۾ ته وڏا ڀاڪر پائي ملندا پر سندن جاءِ يا آفيس ۾ ته ويهڻ لاءِ به ڪونه چوندا. ملڻ ۽ ڳالهائڻ جو انداز ڪنهن وڏيري يا سرمائيدار کان گهٽ ڪونه، هٿ ملائڻ لاءِ ڊگهو ڪندا پر ڳالهائيندا ڪنهن ٻئي سان يا سندن اکيون فائيل ۽ ڀت ۾ کپيل هونديون. اُهي وڏيون دعوائون ۽ ڀاڪر سياسي نعري وانگر صرف پڙاڏا ئي رهجي ويندا آهن.
اديب، شاعر ۽ دانشور معاشري جو اهو حساس طبقو آهي، جنهن تي چڱائيءَ ۽ برائيءَ جون ننڍيون ننڍيون ڳالهيون به اثر انداز ٿينديون آهن، جن کان عام ماڻهو ته لنوائي سگهي ٿو پر حساس ماڻهن جي ذهن تي اُهي ننڍيون شيون به اثر ڇڏين ٿيون. اديب، شاعر ۽ دانشور پنهنجي قوم کي سينگاريندڙ ۽ سنواريندڙ فرد آهن، جن جي پوري حياتيءَ جو گهڻو حصو معاشري جي اصلاح، قومي آجپي ۽ ذهني آزاديءَ جهڙن ڪوششن ۽ تعميري لاڙن جي کوجنا ۾ گذري وڃي ٿو.
رشيد ڀٽي جي لکڻين ۽ پينٽنگس ۾ به اندر جي سچائي، پيار، قومي سجاڳي ۽ فطرت جي سونهن سمايل آهي. سندس شاعري ۾ قومي درد، قوم جي جياپي ۽ ٻڌيءَ لاءِ تڙپ ۽ پنهنجن سان پيار جي سڳنڌ ۽ سونهن واضح نظر اچي ٿي. سندن نظم جو هڪ شعر آهي ته:
آباد ٿئي وطن، سر سبز ٿئي چمن،
گُلشن ۾ گُل ٽڙن، پويان مزو وٺن.
اُن باغ ۾، اسين نه رهياسين ته ڇا ٿيو،
سنڌڙي رهي، اسين نه رهياسين ته ڇا ٿيو.
اداري نيو فيلڊس طرفان شايع ٿيل ڪتاب ”موتي جي مهراڻ جا“ ۾ ڄم جي تاريخ ۴ جولاءِ ۱۹۳۳ع سکر لکي وئي آهي، جيڪا غلط آهي. سندس ڄم جي تاريخ ۽ هنڌ ۲۰ آگسٽ ۱۹۳۳ع ڳوٺ اروڙ، تعلقو روهڙي ضلعو سکر آهي. لطيف سائين جي فڪر کي سولائي سان سمجهائڻ لاءِ جهڙي نموني سان ڊاڪٽر گربخشاڻي محنت ڪئي، اهڙي ئي نموني سان شيخ اياز صاحب جي تخليقن ۽ شخصيتن کي رشيد ڀٽي سنواري عام پڙهندڙن جي آڏو آندو ۽ رشيد ڀٽي جي دوستي، حميد سنڌي کي ادبي ميدان ۾ اڳتي وڌائڻ جو رستو ڏنو.
اسان جي قوم جا ماڻهو بيٺي جا ئي يار ۽ دوستيءَ جون وڏيون دعوائون ڪندڙ ئي رهيا آهن. افسوس جي ڳالهه ته اُها آهي ته اسان جي باشعور ۽ سڄاڻ ماڻهن ۾ به صرف سوڍا وارو جوش ئي رهيو آهي. عمل جي طرف وک وڌڻ جي بجاءِ پٺتي رهي آهي. دوستيءَ جي دعوائن جا هر ڪنهن وٽ انبار پر سچائي ۽ عمل جو من ۾ ڪو سَلو به ڪونه. سائين رشيد ڀٽي جي پهرين ۽ ٻي ورسي ۾ رشيد ڀٽي اڪيڊمي ۽ لائيبريري وغيره جا اعلان ٿيا ته جيئن سندن ادبي خدمتن ۽ نالي کي سهڻي نموني سان زندهه رکي سگهجي ۽ اهو پڪو پهه ڪيو وڃي ته آئنده ڪنهن به اديب، شاعر ۽ دانشور کي حڪومت جي رحم ۽ ڪرم تي ڇڏي، ائين بي موت نه مارائينداسين، جيئن اسان کان رشيد ڀٽي جهڙو ادب جو پيارو ساٿي اسان جي اکين اڳيان هليو ويو ۽ ٻيون به ڪيتريون ئي ڪارائتيون ڳالهيون ڪيون ويون پر اڄ تائين اُهي صرف ڳالهيون ئي رهيون. عمل جو ڪوبه سوجهرو ڏسڻ ۾ ڪونه آيو. اسان جي اُن ئي عمل واري سوچ کان پري رهڻ جي ڪري افضل قادري جهڙو تخليقڪار به اسان کان جدا ٿي ويو. هينئر به ڪجهه اديب ۽ شاعر موت ۽ زندگيءَ جي لهرن ۾ وقت گذاري رهيا آهن. جيڪڏهن هينئر به اسين سچائي سان عمل ڏانهن قدم کڻون ته ڪيترن ئي دلين کي راحت ڏيئي مُرجهايل چهرن تي مُرڪ جي لالاڻ ڦهلائي سگهون ٿا.




رشيد ڀٽي

شخصيت ۽ ادبي ڪاوشون

خالد ٻانڀڻ

رشيد ڀٽيءَ جنهن دور جو اديب ڏاهو، ڪهاڻيڪار، دانشور هڪ سچو کرو انسان هيو. انهن ڏينهن ۾ اسان جو وجود ئي ڪو نه هيو ۽ رشيد ڀٽي تي لکڻ لاءِ رشيد ڀٽيءَ جيڏي دل علمي ادبي سوچ ٿي گهرجي. هو شيخ اياز جو پڳ مٽ يار هيو ۽ شيخ اياز هن صديءَ جو سنڌ لاءِ علمي سوچ جو خزانو انمول موتي هيو ته رشيد ڀٽي ڇا نه هوندو. مان جيترو به هن کي پڙهيو ۽ سندس شخصيتن بابت ٻڌو آهي ته جاگيراڻي محلو رشيد جي اوطاق اديب ڏاهن جي ڪچهرين جو مرڪز هوندي هئي ۽ سڄي سنڌ اچي رشيد ڀٽيءَ وٽ جمع ٿيندي هئي جتي علمي ڪچهرين ادبي سنگت جي ويهڪن جا ميلا مچندا هئا

رشيد ڀٽي ترقي پسند سوچ رکندڙ هيو. جنهن پنهنجي پوري گهر کي ترقي پسند ڪيو. سندس خاندان جون نڀاڻيون اڄ به سنڌياڻي تحريڪ سان لاڳاپيل هجڻ سبب پوري سنڌ ۾ پنهنجي فڪري ڏاهپ نظرياتي ميدان ۾ بختاور، ڀاڳل ۽ شاهه جي سورمين جهڙو ڪردار ادا ڪنديون رهن ٿيون. پر ان جي پٺيان رشيد ڀٽيءَ جي سڄي محنت ۽ عظمت شامل آهي.

رشيد ڀٽيءَ جو مڪمل نالو عبدالرشيد ڀٽي ولد مولوي حافظ عبدالحميد هو. سندس جنم ۲۰ آگسٽ ۱۹۳۳ع ۾ سنڌ جي تاريخي گاديءَ جي هنڌ اروڙ ۾ ٿيو. تڏهن ته سڄي ڄمار اورڙ جي پهاڙن وانگر ڳاٽ اوچو ڪري زندگي گذاري. رشيد ڀٽي مولائي شيدائي وانگر صحافت سان به لاڳاپيل رهيو. هن پهريان پنهنجي والد جي هفتيوار نڪرندڙ اخبار المنار ۾ صحافت جي شروعات ڪئي. بعد ۾ الوحيد، نئين سنڌ اخبار ۾ سب ايڊيٽر ٿيو جڏهن ته صبح سنڌ ۾ نيوز ايڊيٽر رهيو ۽ مارشل لا جي دور ۾ روزاني عبرت ۽ هلال پاڪستان ۽ برسات ۾ مستقل ڪالم لکندو رهيو.

رشيد ڀٽي جو تعليمي سفر ڳڻينداسين ته هن سنڌي فائنل، انٽر ڊرائنگ ايم اي، ايل ايل بي ۽ ٺيڙهي جي دارالهديٰ مدرسي مان پڻ سند حاصل ڪئي هئي. واري تڙ جي پرائمري اسڪول، ميونسپل هاءِ اسڪول، لا ڪاليج سکر، ڪراچي يونيورسٽي، سنڌ مسلم ڪاليج ڪراچي، اسلاميه ڪاليج سکر مان ڊگريون حاصل ڪيون.

رشيد ڀٽي شروعاتي ڏينهن ۾ پير علي محمد راشدي، پير حسام الدين راشدي، رحيم داد مولائي شيدائي جو ويجهو رهڻ سبب علم ادب ڏانهن چاهه وڌيس. هن ڪتابن ۾ ڪهاڻين جو ڪتاب گهڙي گهڙي هڪ گهاءُ، ”مزاحيه ڪهاڻيون“ سياري جي رات، اصلوڪيون لکڻيون مزاحيه ڪالم، جڏهن ته ناٽڪ عاشق زهر پياڪ، ڪهاڻيون جو ٽيون ڪتاب، ديس ستا دلاوارا جاڳيا، مزاحيه تقريرين جو ڪتاب، اوڀاريون لهواريون، سوشلزم تي ڪتاب، سياسي، مسئلن جو حل، سچ جو فلسفو، رياست ۽ آزادي ڪميونسٽ پڌر نامو ڪتابن سان گڏ تاريخ تي، پاڪستان جا پراڻا شهر، جڏهن جهوڪ جهريو، لکيا. ان کان علاوه دنيا جا عظيم افسانه، ناول، چتر لکڻي، قومي شاعريءَ جو ڪتاب آڏي ڍال ۾ ڍال، تاريخي ترتيب ڏنل ڪتاب ”سنڌ جا پراڻا شهر” انگلينڊ جا اڍائي سال تضادن جو فلسفو، ترجمو ٿيل ويٽنامي ناول ويرين جي وسندي” شامل آهن. رشيد ڀٽي سنڌي ادبي سنگت سکر جو باني سيڪريٽري ۽ مرڪزي پهريون سنڌي ادبي سنگت جو سيڪريٽري جنرل هيو.

رشيد ڀٽي ۱۶ فيبروري ۱۹۸۸ع ۾ سنڌ سکر ۽ دوستن کي الوداع چئي نئون ڳوٺ جي قبرستان ۾ وڃي آرامي ٿيو. پر هن مهان شخصيت جي سنڌ جي سياست ادب صحافت، فلسفي، تاريخ ۽ همعصر دوستن تي جيڪا ڇاپ ڇڏيل آهي. اها اڃا تائين ڇانيل آهي جن به رشيد ڀٽي کي ڏٺو يا ان جي ويجهو رهيا ۽ علمي فيض حاصل ڪيو اهي اڄ به رشيد ڀٽي کي ساري ماضي جي جاگيراڻي محلي جي گهٽين ۾ گم ٿي وڃن ٿا ڇو ته رشيد سنڌ ڄائو اهو عظيم انسان هيو. جنهن پنهنجي پوري زندگي جدوجهد ۾ گذاري ڇڏي.

رشيد ڀٽيءَ جو لکيل مقبول نظم ”سنڌڙي رهي اسين نه رهياسين ته ڇا ٿيو“ قومي تحريڪ جي ڏهاڙن ۾ سياسي ادبي جلسن محفلن ۾ ڏاڍو لکيو ۽ پڙهيو ويندو هو. رشيد جي نظم ۾ سنڌ کي دعا سندس ذات ڏات ۽ سوچ جي سفر وانگر سدائين سرسبز آهي.

 

(ڏھاڙي عوامي آوز ڪراچيءَ ۾ ۱۶ فيبروري ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)

 


رشيد ڀٽي

سنڌ جو متحرڪ ڪردار

حسيب ناياب منگي

مرحوم سائين رشيد ڀٽيءَ جو نالو سنڌ ۾ نه صرف ادب جي حوالي سان چمڪي رهيو آهي پر سياست ۽ شخصي زندگيءَ ۾ به هن جي نالي هڪ روشني نظر اچي رهي آهي. ڪردار ۾بلنديءَ، جدوجهد ۽ پاڻ پتوڙي نيون روايتون قائم ڪرڻ جي روشني! پنهنجي ديس جي رکوالي ڪرڻ جي روشني! انسانيت جي روشني! تحريڪن ۾ حصو وٺي سوڀ حاصل ڪرڻ جي روشني! قلم سان جهالت کي مات ڏيڻ جي روشني! خيالن سان غمن کي مات ڏيڻ جي روشني! هو پنهنجي ذات ۾ اداري جي حيثيت رکندڙ ته هو ئي هو پر هن جو فڪر به هڪ انجمن آهي. اهڙا شخص سنڌ ۾ ڪڏهن ڪڏهن پيدا ٿيندا آهن جيڪي پنهنجي لياقتن سبب سنڌ کي گهڻو ڪجهه ڏئي ويندا آهن. سائين رشيد ڀٽي سنڌ جو سچو عاشق ۽ وفادار پٽ هو. هن جي سوچن ۽ خيالن ۾ ئي نه پر ارادن ۽ فيصلن ۾ به سنڌ سان محبت عيان ٿئي ٿي.

سائين رشيد ڀٽي سنڌ ۾ متحرڪ ڪردار ٿي اڀريو. وڪيل ته هيو ئي بار جو عهديدار ۽ سکر لا ڪاليج ۾ قانون جا شاگرد تيار به ڪندو هو پر سياسي، سماجي۽ ادبي تحريڪن ۽ تنظيمن جو حصو بڻيو ته پنهنجي روشن خيالي سان اونداهيءَ ۾ لاٽ جيان ٿي روشني ڦهلائيندو رهيو. ون يونٽ خلاف هلندڙ تحريڪ ۾ حصو وٺي ثابت قدم رهيو توڻي جو جيل به ويو پوءِ به سختيون سهندي سنڌ سان ٿيندڙ هر ناانصافيءَ تي خاموش نه ويٺو. ايم آر ڊي جي تحريڪ ۾ به سندس ڪردار ادا ٿيل آهي. عوامي خدمت جي جذبي تحت پاڻ عوامي ليگ، نيشنل عوامي پارٽي، سنڌ هاري ڪميٽي ۽ عوامي تحريڪ جو حصو رهي ظلم، ڏاڍ، جبر، ناانصافيءَ سميت سنڌ جي غريب طبقي مٿان ٿيندڙ هر وار تي وقت جي حڪمرانن ۽ ذميوار ماڻهن جي اکين ۾ اکيون ملائي پنهنجو سنڌ، سنڌي عوام ۽ خاص ڪري غريب ماڻهن کي انصاف ڏيارڻ وارو چٽو موقف پيش ڪرڻ ۾ ڪامياب ويو. گهڻن ئي سياسي اڳواڻن جي ويجهڙائي سندس حصي ۾ آئي جنهن کيس پنهنجي ارادن ۽ عملي قدمن ۾ اڃان وڌيڪ مضبوط بڻايو.

سائين رشيد ڀٽي پنهنجي حياتيءَ ۾ انسان دوست ٿي رهيو، وٽس ڪو ڪجهه سکڻ آيو ته پنهنجي علمي قابليت آهر هن تنهن جي مدد ڪئي، ننڍن سان ننڍو وڏن سان وڏو پيو لڳندو هو. کل ڀوڳ ۾ به اصلاحي پهلو کي قائم رکڻ وارو شخص هو. سچو ۽ کرو انسان! پنهنجي همعصرن ۾ منفرد سوچ جو مالڪ هو. وڏي سوچ سان گڏ وڏي دل جو مالڪ هو. هٿ جو سخي هو. دوست علمي، ادبي، سماجي، سياسي ۽ عام زندگيءَ جي حوالي سان پروگرام يا ڪم ڪار سانگي سکر پهچن ته رشيد ڀٽي جي اوطاق جا در سڀني لاءِ کليل رهندا هئا.

سائين رشيد ڀٽي جون ادبي خدمتون ڪنهن کان به ڳجهيون ڪين آهن. هن شروعاتي دور ۾ ڪهاڻيون لکيون، شاعري به ڪئي. ڪالم به تحرير ڪيا ته تاريخ، ادب، سياست ۽ قديم آثارن تي هن تمام گهڻو لکيو. ۳۰ کان مٿي سندس ڪتاب ڇپيل آهن. جن تي سنڌي ادب کي ناز آهي. هن جي تخليقي ۽ ترجمي واري پورهئي جا موضوع سندس شخصيت جي پهلوئن وانگر تمام گهڻا آهن. سنڌي ادبي سنگت سميت گهڻيون تنظيمون سندس فڪري ضيائيءَ سبب روشن ٿيون. گهڻا ئي ادبي چهرا رشيد ڀٽيءَ جي دوستيءَ ۾ اچي ادبي ميدان ۾ چمڪي پيا. اخبار هجي مئگزين رشيد ڀٽي سان وابستگي ۾ آيون ته سون ٿي پونديون.

سائين رشيد ڀٽي جي نثر ۾ ئي نه پر نظم ۾ به مزاح جو عنصر موجود آهي. پاڻ ٻين شاعرن جي سنجيده ڪلام تي به مزاحيه ڪلام لکيا هيائين.

وري ياد آيا بهانا اوهان جا،

هي ماما اوهان جا هي نانا اوهان جا.

اسان لاءِ ڦمڻيءَ جي ٽڪري آ ڪافي،

هي ڪلبون ۽ هي جيمخانا اوهان جا.

ـــــــــــــــــــــــــــــ

تنهنجي دنيا زيبا ريشم،

مون وٽ بوٽ نڪو فل سوٽ الا.

منهنجي دنيا خيران ساران، تنهنجي دنيا نيلو شبنم،

مون وٽ بوٽ نڪو فل سوٽ الا.

هن پنهنجي حياتيءَ جا خوبصورت لمحا، پنهنجن، پراون، ساٿين ۽ يارن سان گڏ گذاري خوب عزت ڪمائي. هن جي سوچ جو محور سنڌ هئي سا تحرير ۾ به نظر اچي ٿي. هن سنڌ جي نوجوان کي علم حاصل ڪرڻ ۽ سياسي توڙي سماجي حوالي سان شعور پيدا ڪرڻ جو جيڪو سبق ڏنو سو اڄ به سندس لکڻين ۾ موجود آهي. پاڻ ۲۰ آگسٽ ۱۹۳۳ع تي ڳوٺ اروڙ تعلقي روهڙي ضلعي سکر ۾ ڄائو هو سندس والد حافظ عبدالحميد ڀٽي هو. ايم.اي ۽ ايل ايل بي جون سندون حاصل ڪيون هيائين. اديب، سماجي ڪارڪن، سياسي اڳواڻ، قانوندان هئڻ سان گڏوگڏ پنهنجي دور جو صحافي به هو. پاڻ ۱۶ فيبروري ۱۹۸۸ع تي لاڏاڻو ڪري ويو. ڌڻي در دعا آهي ته کيس جنت الفردوس ۾ اعليٰ مقام عطا ٿئي ۽ سنڌ جو نوجوان سندس ڇڏيل پورهئي مان فيضياب ٿيندو رهي. 


(ڏھاڙي عوامي آواز ڪراچيءَ ۾ ۱۶ فيبروري ۲۰۲۳ع تي ڇپيل)


رشيد ڀٽي

دادا سنڌي

سال ۱۹۶۴ع ۾ سنڌي ماستري جي انٽرويو لاءِ سکر سڏ ٿيو ته ادا وڏو گڏجي هليو. رشيد ڀٽيءَ سان ملڻ واري تمنا موقعي ۽ تاڙ هئي ته ۱۹۶۷ع ۾ ٽريننگ لاءِ سکر سڏ ٿيو. بس، پوءِ ته وارو ملي ويو ۽ رشيد جي زيارت ڪرڻ جي ڪوشش شروع ڪيم. ان وچ ۾ منهنجا ڪجهه ڪچا ڦڪا مضمون روزانه مهراڻ ۽ روزانه نواءِ انقلاب سکر ۾ ڇپجندا رهيا ۽ هڪ ٻه ادبي خط ۽ فيچر ماهوار ”روح رهاڻ“ ۾ به ڇپيا. روح رهاڻ رسالو تنهن وقت ترقي پسند ادب جو ترجمان هو. جنهن جديد لاڙن کي سنڌي ادب ۾ فروغ ڏنو ۽ ترقي پسند اديبن جي حوصله افزائي ڪئي. مان به ”روح رهاڻ“ جي ادب کي پڙهي تصوراتي دنيا کان ٻاهر اچي. ڌرتي ۽ ڌرتي وارن لاءِ سوچڻ لڳس. هن رسالي جي ادب کي پڙهي خبر پئي ته جنم ڀومي ڇا ٿيندي آهي ۽ ان جي ماڻهن جا سور ڌرتي ڄائين کي ڇو تڙپائيدا آهن ۽ روح رهاڻ ٻڌايو ته رشيد ڇا آهي ۽ ان جو ناتو روح رهاڻ سان ڇو آهي! خير سائين اها ڊسمبر جي شام هئي. مون جاگيراڻي محلي ۾ رشيد ڀٽي جي آفيس کي کليل ڏٺو ۽ ائين ئي هڪ همراهه ڪلين شيو، جان ۾ ڀريل، کدڙ جي سلوار قميص ۽ مجيب جئڪٽ ۾ ملبوس، ٿلهن شيشن واري عينڪ سان، رشيد ڀٽي چئي مليو، مون چيو داداسنڌي. ائين گهرو ٿي ويو ڄڻ سالن کان سونهان هئاسون! ڄڻ هن منهنجي واٽ پئي نهاري! بس مون ائين سمجهيو ته ” تون تنين جي تات، تن پڻ آهي تنهنجي.“ ڪچهري ڪرڻ ويٺو. سنڌ، سنڌي ٻولي، سنڌي ادب، سنڌي ماڻهو، سنڌيت، ٻيو ڪو موضوع ئي ڪونه هو. ايوب جو دور حڪومت هو. سنڌ ۾ ٻڪر ٻوساٽ هئي. سنڌ ۽ سنڌ واسين سان نسورو ناحق هو. سنڌين کي ائين چٿيو پئي ويو. جيئن نانگ جي منڍي چئجي ۽ واهن وانگر سنڌين ائين ڪٺو پئي ويو. جيئن ڪنهن وڏيري جي پٽ جي وهانءُ ۾ مفت جا ٻڪرا ڪسجن! سنڌ جو نالو کڻڻ ئي ڏوهه هو. ۽ سنڌ جي ڳالهه ڪرڻ، ڪاريهر جي ٻر ۾ ٻانهن وجهڻ جي برابر هو. پر رشيد ڪونڌر ۽ ڪوبو مڙس، سنڌ بابت ڳالهائيندو رهيو، لکندو رهيو. سنڌ لاءِ وڙهندو رهيو. وڙهندو (قيد ۾) رهيو. ڏکندو رهيو، روئيندو رهيو.

 رشيد جي هڪ ملاقات منهنجي ڪايا پلٽي ڇڏي، مان جيئن ڳوٺاڻو هوس، مطالعو گهٽ هو، ٺڪر پڻي، ملائيت ۽ تنگ نظري ڪري جديد ادب جي اهميت ۽ افاديت کان اڻ واقف هوس. ان ڪري قومي ۽ قومي مسئلن کي ادب جي روشني ۾ پرکڻ جي ڄاڻ ۽ صلاحيت گهٽ هئي. پر رشيد مون کي ٻڌايو ته ادب جو سماجي ڪارج ڇا آهي؟ ۽ ادب براءِ زندگي ڇا کي چئبو آهي؟ صحتمند ادب جي تقاضا ڇا آهي. رشيد جي هڪ ڪچهري مون کي جاهليت جي اونهي غار مان ڪڍي، روشني جي کليل فضا ۾ آندو، ۽ اسلامي رواداري ۽ وحدت نسل انساني جي راهه ڏيکاري. سچ آهي ته هن مون کي ڍور مان انسان بنايو.

رشيد هر نوجوان جي ڪتاب تي ڪجهه لکڻ ۾ خوشي محسوس ڪندو هو ۽ هر انهي رسالي ۽ اخبار ۾ لکڻ جي ڪوشش ڪندو هو. جنهن جو واسطو سنڌ ۽ سنڌ جي مسئلن سان هوندو هو. نه صرف ايترو پر ان ۾ پنهنجن دوستن کي به لکڻ جي نينڍ ” ڏيندو هو. اهو ئي سبب آهي جو مون کي نبي بخش کوسي جي هفتيوار رسالي ” صبح سنڌ “ ۾ لکڻ لاءِ زور ڀريائين ۽ جڏهن منهنجا ان ۾ ڪجهه تاريخي مضمون ڇپيا تڏهن ڏاڍو خوش ٿيو. پوئين دور ۾ سکر مان هڪ رسالو ” پرهه ڦٽي “ ڪڍيائين. مون کي حڪم ڪيو ويو ته ان لاءِ تاريخي مضمون لکان. مون کيس ”عربن جا سنڌ سان ناڻِي وارا ناتا“ (عنوان پاڻ ترتيب ڏنائين) مضمون ڏنو. جڏهن مليو تڏهن ڀاڪر پائي چيائين ته ”دادا انگ انگ ٺاري ڇڏيوئي، مون کي اهو ڏک ناهي ته راشدي صاحب کان پوءِ، عربن جا پول ڪير پڌرا ڪندو.“

رشيد منهنجو دلبر ساٿي، پيارو دوست، ادبي محسن ۽ گهڻگهرو هو. مون کي عزت ۽ قرب ڏيندو هو. منهنجي هر وقت همت افزائي ڪندو هو. هڪ دفعي افسانن جو مجموعو ”گهڙي گهڙي هڪ گهاءُ“ ڏيئي چيائين ته هي پڙهه ۽ افساني جي ٽيڪنڪ ۽ لکڻ جي فن کي سامهون رکي، ڪهاڻي لک. مون هڪ ڪهاڻِ لکي کيس ڏني، پاڻ ان جي اصلاح ڪيائين. پوءِ اها ڪهاڻي مون سکر ۾ ادبي سنگت جي هڪ ويهڪ ۾ به پڙهي هئي. جنهن کي ان وقت جي جي دوستن ڏاڍو پسند ڪيو. ان کان پوءِ رشيد جي زور ڀرڻ تي، مون کيس ٻه ٽي ڪهاڻيون لکيون. پر ڳوٺ ۾ اچڻ ڪري، رشيد سان واسطو ٽٽي ويو ۽ ائين مان ڪهاڻي نويس نه ٿي سگهيس. رشيد ڏکي ويل ۾ دوستن جي مدد ڪندو هو. ۽ واهه جو ڪندو هو. هڪ دفعي مان انگريزي ماستري لاءِ انٽرويو لاءِ سکر آيس. ساڻس حال اوريم، پاڻ منهنجي منع ڪرڻ جي باوجود به واسطيدار آفيسر سان ملي سفارش ڪري، سليڪٽ ڪرايائين. ٻيهر پروموشن لاءِ وس ويندي متعلقه آفيسرن کي فون ڪندو رهيو. ڪجهه خط اڄ به مون وٽ موجود آهن. هن مان صاف ظاهر آهي ته رشيد کي سنڌي نوجوانن لاءِ ڪيڏي نه عزت ۽ محبت هئي. ۱ جنوري ۱۹۸۷ع ۾ مون کي سنڌي ادبي سنگت طرفان ”پارس ايوارڊ“ مليو. پاڻ ان تقريب ۾ موجود هئا ۽ ڀاڪر پائي مبارڪ ڏنائون. ساڳئي سال آل سنڌ ٻالڪ سنگت طرفان ”پوپٽ ايوارڊ“ مليو. پاڻ ان تقريب ۾ به موجود هئا ۽ سڀ کان اڳ ۾ تاڙيون وڄايائون. خيرپور ۾ تنوير عباسي صاحب رشيد جي موجودگيءَ ۾ مون کان پڇيو ته دادا اڄڪلهه ڪهڙو ڪتاب ٿو لکين؟ مون عرض ڪيو ته ”۱۸۵۷ع جي جنگ آزادي ۽ سنڌ“. چيائين ته پوءِ ڪتاب ڇپراءِ. تنهن تي رشيد تنوير کي چيو ته ”خوشي سان، پئسا تون ڪڍ.“ بهرحال رشيد جو قرب ۽ سڪ وارو ورتاءُ ڪڏهن نه وسرندو. (نومبر ۱۹۹۴ع)



1 comment: