; سنڌي شخصيتون: ڊاڪٽر مبارڪ علي - مختيار ملاح

26 June, 2016

ڊاڪٽر مبارڪ علي - مختيار ملاح

ڊاڪٽر مبارڪ علي
سنڌ جي تاريخ کي عمر ارپيندڙ
مختيار ملاح
تاريخ دنيا جو قديم مضمون آهي. تاريخ مان ماضيءَ جي واقعن جو علم ملندو آهي، جنهن جي ڪري هال ۾ بهتر قدم کڻڻ جو موقعو ملي پوندو آهي، ملڪ کي سنوراڻ لاءِ ماضيءَ جي غلطين جي خبر پوندي آهي. سنڌ بابت لکيل تاريخون ڏاڍيون ذاتي نوعيت جون لکيل آهن. عربن جي سفرنامن ۾ لکيل واقعن ۾ ليکڪ جي سڌي طرح موجودگي نه هئڻ ڪري روحانيت تي منبي ڳالهيون آهن، جن مان اڪثر اعتبار جوڳيون نه آهن. فارسي ۾ لکيل تاريخن ۾ حملا آورن جي بهادري، مسلمان بادشاهن جي سخاوت ۽ دربار جون تعريفون ڏنل آهن. انهن تاريخن مان  عام عوام جو احوال غائب آهي. انگريزن جون لکيل تاريخون سياسي مفادن، مقصدن تحت لکيل آهن. بعد ۾ سنڌي ۽ اردو ۾ لکيل تاريخون عربي فارسي ۽ انگريزي ۾ لکيل ڪتابن تان سيڪنڊري تحقيق آهن. جدت ۽ معروضيت سان تمام ٿورو مورخن ڪم ڪيو آهي، جن ۾ هڪ نالو ڊاڪٽر مبارڪ عليءَ جو به آهي، جنهن جو شمار پاڪستان جي نالي وارن مورخن ۾ ٿئي ٿو.


ڊاڪٽر مبارڪ علي هندستان راجستان صوبي جي شهر ٽونڪ ۾ 21 اپريل 1941ع ۾ پيدا ٿيو. 1947ع ۾ ملڪ جو ورهاڱو ٿيو. مبارڪ علي جو والد ۽ پنهنجي اهل و عيال سميت هجرت ڪري حيدرآباد سنڌ ۾ اچي آباد ٿيو. 1956ع ۾ اديب جو امتحان پاس ڪيائين، جيڪو ان دور ۾ وڌيڪ انگريزي جو پيپر پاس ڪرڻ سان ميٽرڪ جي برابر هوندو هو. 1957ع ۾ سٽي ڪاليج، حيدرآباد ۾ داخل ٿيو ۽ انٽر جو امتحان پاس ڪيائين. ان کانپوءِ 1963ع سنڌ يونيورسٽي جي شعبي ”تاريخ“ مان ايم اي جي ڊگري حاصل ڪيائين. ان زماني ۾ تمام گهٽ شاگرد تاريخ جي مضمون ۾  داخلا وٺندا هئا. ايم اي هسٽري ۾ پهرين پوزيشن کڻڻ تي کيس ساڳي شعبي ۾ ليڪچرار مقرر ڪيو ويو. 1972ع ۾ اعليٰ تعليم لاءِ هو لنڊن هليو ويو. ان کان پوءِ جرمنيءَ جي يونيورسٽي روهر يونيورسٽي بوچم مان تاريخ جي شعبي ۾ 1975ع ۾ پي ايڇ ڊي ڪيائين. سندس موضوع هو ”مغل دور جو هندوستان“ وطن واپسيءَ تي کيس يونيورسٽي آف سنڌ، ڄامشورو جي شعبه تاريخ جو سربراھ مقرر ڪيو ويو.
ليڪچر دوران سندس ڪلاس شاگردن سان ڀريل هوندو هو. ٻين مضمونن جا شاگرد به سندس ڪلاس ۾ شامل ٿي ويندا هئا. يونيورسٽيءَ جي ڪينٽن ۾ به شاگردن کي سکيا ڏيندو هو. اڳتي هلي يونيورسٽي جي انتظاميا سان سندس اختلاف ٿي پيا ۽ هن خلاف مختلف الزام هنيا ويا. هو يونيورسٽيءَ جي پروفيسري ڇڏي، سنڌ کي الوداع چئي لاهور منتقل ٿيو جتي گوئٽي انسٽيٽيوٽ، لاهور ۾ سربراھ جي حيثيت ۾ 1995ع تائين ڪم ڪيائين. اڄڪلهه تاريخ رسالي جو ايڊيٽر آهي. هن رسالي جا 50 کن شمارا شايع ٿي چڪا آهن. ڊاڪٽر صاحب جا ستر کن ڪتاب پڻ شايع ٿي چڪا آهن.
ڊاڪٽر مبارڪ علي کي پنهنجي علمي ۽ ادبي خدمتن جي عيوض ڪيترائي ايوارڊ به ملي چڪا آهن، جن ۾ ”فيض ايوارڊ 1988، پير حسام الدين راشدي گولڊ ميڊل 1993ع، ڪميونل ايوارڊ (2002) ۽ ڪمال اعتراف (2012) اهم آهن. ڊاڪٽر مبارڪ علي جو شمار پاڪستان بلڪه برصغير  جي انهن مؤرخن ۾ ٿئي ٿو، جن نه صرف پاڪستان پر برصغير جي زوال جي سببن کي پنهنجي تحريرن اندر اجاگر ڪيو آهي. سندس لکڻيون پڙهي خبر پوي ٿي ته ماضيءَ جي حڪمرانن ڪيئن پنهنجي حڪومتن کي طول ڏيڻ لاءِ تاريخ جي حقيقتن کي تبديل ڪري ڇڏيو پوءِ انهن حڪمرانن جو تعلق دور قديم سان هجي يا جديد سان حڪمرانن جي نفسيات ساڳي رهي آهي. سنڌ جي تاريخ کي به ڊاڪٽر مبارڪ عليءَ نئين انداز ۾ پيش ڪيو آهي. سنڌ جي تاريخ لاءِ هو لکي ٿو ته ”سنڌ جي تاريخ ۾ ٽي نقطا اسان جي سامهون اچن ٿا. هڪ اسلامي، ٻيو سنڌي قوم پرستي جو ۽ ٽيون سيڪولر انهن ٽنهي نظرين جي روشني ۾ تاريخي واقعن جو تجزيو ڪيو وڃي ٿو ته انهن جي تشريح هڪٻئي کان مختلف  ٿي وڃي ٿي. ڊاڪٽر صاحب سنڌ جي تاريخ بابت ڪيترائي نوان سوال اڀاريا آهن سندس ڪجهه ڪتابن جو جائزو وٺون ٿا.

تاريخ ڪي نظريات:
ڊاڪٽر مبارڪ جو هي ڪتاب نگار شات، لاهور مان ان وقت شايع ٿيو هو، جڏهن هو سنڌ يونيورسٽيءَ جي شعبي تاريخ ۾ پروفيسر طور ڪم ڪري رهيو هو. هن ڪتاب ۾ ڊاڪٽر مبارڪ عليءَ تاريخ جي علم کي سمجهڻ لاءِ 15 مفڪرن، ابن خلدون، ويچو، ڪانٽ، برڊر، هيگل، مارڪس، بڪ هارڊٽ، ويبي لوسڪي، اسپنگلر، ڪولنگ، رينائر، اي ايڇ ڊائس، ڪروچي، ٽوائن بي ۽ ول ڊيورانٽ جي نظرين کي پيش ڪيو آهي.

تاريخ ڪيا ڪهتي هي:
هي ڪتاب 1993ع ۾ تخليقات لاهور طرفان شايع ٿيو هو هن ڪتاب ۾ ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جي عروج ۽ زوال، اردو زبان جي طبقاتي سياست ۽ سست قومن جي تصور اهياءَ (جاڳرتا) جي تحريڪ، نو آبادياتي دور، هڪ تجزيو، 14 آگسٽ، يومِ حساب، اقليتون ۽ تحريڪ پاڪستان، سنڌي قومپرستي ۽ مهاجر سڃاڻپ، مذهبي رواداري جهڙن موضوعن تي لکيو ويو آهي. هن ڪتاب ۾ سندس به انٽرويو به شامل آهي.

تاريخ اور روشني:
ڊاڪٽر مبارڪ عليءَ جو هي ڪتاب نگارشات، لاهور پاران 1986ع ۾ شايع ٿيو، هن ڪتاب ۾ تاريخ ۽ تاريخ جي فلسفي، تاريخ گردش جي نظرئي، تاريخ جي مذهبي نظريي، تاريخ ۾ ترقيءَ جي نظريي، تاريخ جي مادي نظريي، تاريخ، تبديلي، زباني تاريخ ۽ تاريخ جا نقصان فائدا ۽ ”پاڪستان ۾ تاريخ جي الميي“ تي لکيو ويو آهي. هن ڪتاب جو مطالعو شاگردن لاءِ وڏي اهميت رکي ٿو. هي ڪتاب ان وقت لکيو ويو هو، جڏهن پاڻ سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ ”شعبه تاريخ“ جو چيئرمين هو.

تاريخ اور روايات:
ڊاڪٽر مبارڪ علي جو هي ڪتاب جبران بڪ ڪمپني، حيدرآباد مان 1983ع ۾ شايع ٿيو. هن ڪتاب ۾ اخلاقي ۽ ثقافتي قدرن، نسل، خاندان ۽ ذات پات، فياضي، سخاوت، نمڪ حلالي، مجلس آداب، فن تعمير، الناس عليٰ ابن ملو ڪهم، هندستان ۾ فارسي، غير ملڪي اقتدار ۽  نظريي جي جاڳرتا ممڪن آهي، تاريخ نويسي، تاريخ ڪيئن پڙهجي، مسلمان حڪمران خاندان ۽ سندن زوال، اسلامي تاريخ يا مسلمانن جي تاريخ جهڙن موضوعن تي لکيو ويو آهي، هي ڪتاب پڻ شاگردن جي سکيا لاءِ اهم آهي.

لطف الله ڪي آپ بيتي
هي ڪتاب ڪيپٽن اسٽوڪ جي ڪتاب Autobiography of Lutfullah جو ترجمو آهي.

تاريخ سنڌ مغل دور:
ڊاڪٽر مبارڪ علي هندستان ۾ مغل دور جي حڪومت تي پي ايڇ ڊيءَ جي ڊگري حاصل ڪئي هئي. مغلن سنڌ تي به اٽڪل هڪ سؤ سال حڪومت ڪئي، بکر ۽ سيوهڻ لاءِ الڳ الڳ گورنر مقرر ٿيندا هئا ۽ سنڌ جي حيثيت  هڪ صوبي واري هئي. ڪلهوڙن جي دور ۾ به مغلن جو اثر نمايان هو. ڊاڪٽر مبارڪ علي پنهنجي ڪتاب ۾ سنڌ ۾ مغلن جي دور جو به ڀرپور جائزو ورتو آهي. سندس ڪتاب ”تاريخ سنڌ مغل دور“ آگهي پبليڪشن حيدرآباد پاران شايع ٿيو هن ڪتاب ۾ سنڌي تاريخ جي مغليه دور جو تجزيو ڪيل آهي. ڪتاب پنجن بابن مغل فتوحات هڪ تجزيو، مغلن، پاران سنڌ جي فتح، سنڌ ۾ مغلن جي حڪومت جو نظام، سنڌ جي سماجي حالت ۽ ”صنعت حرفت ۽ واپار“ ڏنل آهي.

سنڌ خاموشي ڪي آواز:
ڊاڪٽر مبارڪ عليءَ جو هي مشهور ڪتاب فڪشن هائوس، لاهور پاران 1994 ۾ شايع ٿيو، هن ڪتاب ۾ سنڌ جي تاريخ جي مختلف موضوعن تي 21 مضمون ڏنل آهن. ڪتاب جي پيش لفظ ۾ لکيو اٿائين ته ”سنڌ جي تاريخ تي هي مضمون ڏهن سالن جي عرصي ۾ لکيا ويا آهن ۽ انهن جو مقصد هي آهي ته تاريخ جي راويتي ۽ قديم نقطئه نظر جي بدران روشن خيال ۽ ترقي پسند نقطه نظر سان تاريخ جو مطالعو ڪيو وڃي ۽ ان جو تجزيو ڪيو وڃي ته حڪمران طبقي مالي وسيلا پاڻ  تائين محدود ڪري ڪيئن عام ماڻهن کي هميشه لاءِ غريب رکندا آهن. اهو استحصالي طبقو اڄ به سنڌ جي معاشري کي اڳتي وڌڻ کان روڪيو ويٺو آهي. جڏهن به انهيءَ طبقي جي خلاف آواز بلند ٿيندو آهي ته ان کي روايتي عقيدي ۽ ثقافت جي نالي تي دٻايو ويندو آهي.
هن ڪتاب جا پهريان ٽي باب سنڌ جي لکيل تاريخ بابت آهن. هن سوال اڀاريا آهن ته سنڌ جي تاريخ ڪيئن لکڻ گهرجي، سنڌ جون تاريخون ڪيئن لکيون ويون آهن، سنڌ جي تاريخ جو پس منظر ڇا آهي“ ڊاڪٽر صاحب سنڌ تي لکيل تاريخن جي خوبين ۽ خامين جو ذڪر ڪرڻ کانپوءِ ٻڌائي ته سنڌ جي تاريخ ڪيئن لکڻ گهرجي. هو لکي ٿو ته ”سنڌ جي تاريخ لکڻ وقت سنڌ جي ثقافتي تاريخ تي وڌيڪ توجهه ڏين جي ضرورت آهي. سنڌ جي تاريخ کي حڪمرانن جي سياسي تاريخ مان ڪڍي عوام تائين کڻي اچڻ گهرجي. مثال طور ڳوٺن جي زندگي قبائلي نظام، عوام جا طور طريقا ۽ رسمون، موسيقي، رقص، لباس، غذا، انهن جون ثقافتي سرگرميون ميلا، ڏڻ، رسمون، عوامي زنديءَ جي انهن پهلوئن تي تحقيق ڪئي وڃي ۽ تاريخ جي انهن لڪل رازن کي سامهون کڻي اچجي، جيڪي اڄ تائين لڪيل  آهن“
ڊاڪٽر مبارڪ عليءَ جو خيال آهي ته سنڌ جي مورخن جديد حالتن جي تناظر ۾ سنڌ جون تاريخون ناهن لکيون. هو لکي ٿو ته هن وقت سنڌ جي مؤرخن ٻن قسمن جو رستو اختيار ڪيو آهي. يا ته تاريخ کي مذهبي نقطه نگاھ سان لکي رهيا آهن يا وري قومپرستي جي نظر سان اهي ٻئي نظريا تنگ نظريءَ تائين محدود آهن.
سنڌ جي تاريخي پسمظر واري باب ۾ هو لکي ٿو ته: ”سنڌ جي تاريخ جو الميو اهو رهيو آهي ته هتي نه صرف غير ملڪي حڪمرانن حڪومت ڪئي آهي. پر انهن مقامي ماڻهن سان به برو سلوڪ رکيو ۽ انهن کي اڳتي اچڻ کان روڪيو ۽ سندن صلاحيتن کي وڌڻ نه ڏنو ويو. ارغون، ترخان، مغل، ڪلهوڙا ۽ ٽالپر دور تائين فقط انهن کي پذيرائي ملندي هئي، جيڪي وچ ايشيا، ايران، افغانستان يا اتر هندستان کان آيل هئا. جن جي مادري زبان فارسي هوندي هئي. انهن ماڻهن کي ئي حڪومت ۾ اعليٰ عهدا ملندا هئا ۽ اهي ئي حڪومت ۾ شامل هوندا هئا ۽ مقامي ماڻهن کي پاڻ کان الڳ رکندا هئا.“
هن ڪتاب ۾ ڊاڪٽر مبارڪ علي عربن جي دور کان اڳ ۽ پوءِ وارن حملي آورن جي سنڌ تي ٿيل اثرن جو جائزو ورتو آهي، جن سان سنڌي معاشري جي مڙني پهلوئن ۾ تبديلي  آئي، هو لکي ٿو ته ”ارغونن جي فتح کانپوءِ سنڌ جي معاشري ۾ هڪ اهم تبديلي آئي، ان کان اڳ سنڌ جي ثقافت تي عربن جا گهرا اثر هئا ۽ غير ملڪي حڪمرانن ۾ انهن جو تعداد وڌيڪ هو پر ارغونن جي آمد سان سنڌ جو رشتو وچ ايشيا، ايران، افغانستان سان ٿيو، جيتوڻيڪ اهي اثرات محمود غزنوي، محمد غوري ۽ اُچ ۽ ملتان جي حڪمران ناصر الدين قباچه جي دور ۾ شروع ٿيا هئا، پر ارغونن کانپوءِ وچ ايشيا جي روايت، اقتدار ۽ ثقافت سنڌ ۾ مضبوطيءَ سان قائم ٿي، عربيءَ جي جاءِ تي فارسي سنڌ جي سرڪاري زبان بڻجي وئي.
سومرن جي دور کان وٺي ٽالپرن جي دور تائين سنڌ جي سرڪاري زبان فارسي هئي. سنڌ ۾ چيو ويندو هو ته ”فارسي، گهوڙي چاڙسي“ سنڌ جو علم ۽ ادب عربي ۽ فارسيءَ ۾ لکيو ويندو هو. ان ڏس ۾ ڊاڪٽر مبارڪ علي لکي ٿو ته ”سنڌ جي حڪمرانن سنڌي زبان جي بجاءِ فارسي کي درٻاري زبان طور قائم رکيو، جنهن جي ڪري ان عرصي ۾ جيڪو به ادب تخليق ٿيو، اهو فارسيءَ ۾ هو. بلڪ انهن جي خواهش اها رهي ته کين ايران ۾ سڃاڻپ ۽ مقبوليت ملي. تاريخ جو انتقام اهو نڪتو ته اڄ انهن شاعرن ۽ عالمن کي ايران ۾ ڪو ئي سڃاڻي ڪونه ٿو نه وري ڪو سنڌ ۾. ڇو جو سندن تخليقن ۾ سنڌي معاشري ۽ سنڌ جي مٽيءَ جي خوشبوءِ ڪانه هئي. ان لاءِ تاريخ جو حصو ته آهن پر ماڻهن جو دلين ۾ جڳهه ڪو نه اٿن.“
ڪتاب ۾ ڊاڪٽر مبارڪ علي راءِ، برهمڻ، عرب، ناصر الدين قباچي، مغل دورن جو سياسي، سماجي، معاشي ۽ ثقافتي حوالن سان جائزو ورتو آهي. هو راءِ دور ۾ ملڪي خوشحالي لاءِ لکي ٿو ته ” جڏهن ملڪ ۾ امن و امان هجي ۽ پاڙيسري ملڪن سان جنگ به نه هجي ته اهڙي صورتحال جا اثر ملڪي داخلي حالتن به پوندا آهن. ان لحاظ کان چئي سگهجي ٿو ته راءِ دور ۾ رعايا خوشحال هوندي. هاري ۽ هنر مند پنهنجي پنهنجي پيشي ۾ مصروف زندگي گذاريندا  هوندا. اهڙي طرح هن چچ جي حڪومت جي به تعريف ڪئي آهي. عربن جي سنڌ جي باري ۾ مروج راجين کي به هو رد ڪري ٿو ۽ لکي ٿو ته اسان وٽ موجود تاريخي شاهدين جي بنياد تي اهو چئي سگهجي ٿو ته عربن جو شروع کان ئي سنڌ کي فتح ڪرڻ جو ارادو هو، مگر ناسازگار حالتن جي ڪري هو ائين ڪري نه سگهيا ۽ انتظار ڪندا رهيا.“
اهڙي طرح ڊاڪٽر صاحب مغل دور حڪومت، سندن فتح، سندن سنڌ ۾ انتظام سلطنت، سندن دور ۾ سماجي حالتن ۽ صنعت ۽ حرفت جو ڀرپور جائزو ورتو آهي. ان کان پوءِ ڪلهوڙن جي دور جو به مختلف رخن کان جائزو ورتل آهي. سندس خيال آهي ته ڪلهوڙا هئا ته مقامي ماڻهو پر پاڻ کي مٿاهون ثابت ڪرڻ لاءِ ”عباسي خاندان“ سان ملائيندي خوشي محسوس ڪندا هئا. ڊاڪٽر مبارڪ عليءَ جو مضمون ”ڇا نائونمل غدار هو“ به جنهن دور ۾ شايع ٿيو ، ان وقت ئي وڏي بحث جو ڪارڻ بڻيو.  ان مضمون سنڌ جي تاريخ ۾ هڪ نئين لاڙي کي جنم ڏنو هو ته سنڌ جي تاريخ  کي ٻيهر لکڻ جي ضرورت آهي. ڪتاب ۾ سندس ٻيا مضمون جهڙوڪ ”پرتگيزي ۽ سنڌ، سنڌ ۾ انگريزن جي پهرين تجارتي ڪوٺي ۽ سنڌ ۾ پهريون تجارتي مشن“ سنڌ ۾ يورپي سياح وغيره به سنڌ جي نئين تاريخ کي ظاهر ڪن ٿا، جنهن کي نئين انداز سان پيش ڪيو ويو آهي، ڪتاب ۾ خاص طور تي دور جديد ۾ سنڌي قومپرستي جا مختلف رخ بيان ڪيا ويا آهن. سنڌ ۾ لساني بنيادن تي  ٿيڻ واري سياست کان علاوه سماجي معاملن جو به جائزو ورتل آهي.
ڪتاب لاهري بندر ۽ عمرڪوٽ جو به تاريخي حوالن سان ذڪر ڪيو ويو آهي. سنڌ ۾ ڌاڙيلن ۽ هارين جي بغاوتن جو پڻ احوال ڏنل آهي. مجموعي طور تي هي ڪتاب سنڌ جي تاريخ ۾ اهم جڳهه والاري ٿو ڪتاب جو سنڌي ترجمو پڻ ٿيل آهي، جيڪو پروفيسر اعجاز قريشيءَ انتهائي آسان ۽ وڻندڙ ٻوليءَ ۾ ڪيو آهي.
سنڌ ڪي سماجي و ثقافتي تاريخ:
ڊاڪٽر مبارڪ عليءَ جو هي ڪتاب فڪشن هائوس، لاهور پاران 2003ع ۾ شايع ٿيو آهي. هي ڪتاب به سندس اڻ کٽ محنت ۽ تحقيق جو نتيجو آهي. هن ڪتاب ۾ سنڌ جي سماجي ۽ ثقافتي تاريخ انهن ئي مورخن، سياحن ۽ محققن جي حوالي سان ٻڌائي آهي، جيڪي يورپي عملدارن ۽ عالمن پنهنجي ڪتابن، سفرنامن، يادگيرين ۾ سنڌ بابت لکيو هئو. مطلب ته هي ڪتاب انهن يورپي سياحن جي بيانن جي روشني جي بنياد تي ترتيب  ڏنل آهي، ڊاڪٽر صاحب پنهنجي ڪابه ذاتي راءِ نه ڏني آهي.
هن ڪتاب ۾ مختلف سياحن، عملدارن ۽ محققن جي بيانن جي روشني ۾ سنڌ جي جاگرافي، حدون، آبهوا، درياھ، زراعت، زرعي پيداواري مصنوعات، درآمد برآمد، جانور، پلو ۽ ٻيون مڇيون، روڊ، رستا، ڳوٺ شهر، سنڌي ماڻهو، آبادي، مرد، عورتون، هندو مسلمان، برهمڻ، سيد، بلوچ، غلامي، رواداري، موسيقي، ناچ، گانو، لباس، زبان، نشي بازي، سازو سامان، سنڌ جا مختلف شهر ٺٽو، حيدرآباد، ڪراچي، شڪارپور، روهڙي، سيوهڻ، خيرپور ميرپورخاص، لاڙڪاڻو ۽ ٽالپر حڪمران، سندن انتظام، فوج، پوليس، محصول، عدالت مطلب ته هر قسم جي ڄاڻ ڏني آهي اها معلومات ايڊورڊ آرچر لانگي، هيوگو جيمسز، رچرڊ برٽن، ٽي پوسٽنس، ڪئپٽن اسٽوڪ، جان ووڊ، اي ڊل هوسٽ، وليم پوٽنجر، جيمس برنس، چارلس مين، ناٿن برو، ابن منوچي، مارتريف ۽ ٻين مغربي سياحن جي ڪتابن تان کنيا ويا آهن. هي ڪتاب ڪيترن ئي حوالن کان منفرد آهي، ڇو جو سياسي ڳالهين ۽ چالبازين کان نڪري عام عوام جي نفسيات، ثقافت ۽ ٻولي وغيره جي تصوير ڏيکاري وئي. ثقافت ۽ سماجيات کي چٽيندي مغربي سياحن سنڌ جي غربت، جهالت ۽ پسماندگيءَ جا زنده مثال به ڏنا آهن ته حڪمرانن جي عياشين ۽ شغلن جا احوال به ڏنا آهن.
ان کان علاوه مغربي سياحن جي سنڌ جي باري ۾ تعصب ۽ هڪ طرفي رويي جي به خبر پوي ٿي.
سنڌ ڪي تاريخ ڪيا هي:
ڊاڪٽر مبارڪ عليءَ جو هي ڪتاب تاريخ پبليڪيشنز، لاهور پاران 2012ع ۾ شايع ٿيو. هن ڪتاب ۾ ڪجهه مضمون اهڙا آهن، جيڪي اڳ سي ماهي تاريخ ۾ شايع ٿي چڪا هئا. هن ڪتاب ۾ اٺ مضمون ڏنل آهن، جيئن سنڌ جي تاريخ نويسي، سنڌ جي تاريخ نويسي، هڪ جائزو، عربن جي سنڌ جي فتح، اليگزينڊر هيملٽن جا سنڌ جا مشاهدا (ترجمو)، علائقائي تعلق، سنڌ جي معاشيات ۽ معاشرو، سنڌي مهاجر شناخت، تضاد، ۽ هڪجهڙايون، وادي سنڌ جي تهذيب ۽ جلال الدين خوارزم هيرو يا ڌاڙيل شامل آهن.
هن ڪتاب ۾ سندس مرڪزي خيال آهي ته سنڌ جي تاريخ کي سامهون آڻڻ لاءِ نئين (نون) نظرين جي ضرورت آهي، ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته ماخذن ۽ سندن مورخن جي ذهنيت جي تجزئي جي ضرورت آهي.
سه ماهي تاريخ:
سنڌ نمبر ۽ ايڊيٽر ڊاڪٽر مبارڪ علي جي هي ماهي تاريخ جو سنڌ نمبر فڪشن هائوس طرفان 2003ع ۾ شايع ٿيو، جنهن کي ڊاڪٽر مبارڪ علي صاحب ايڊٽ ڪيو آهي. هن ڪتاب ۾ ڊاڪٽر مبارڪ علي صاحب کانسواءِ سي ايل ماڙي والا، ڪلارڊ ڪووٽس، ايڇ ٽي سورلي، مظهر يوسف، ڊاڪٽر تنوير جوڻيجو، پروفيسر اعجاز قريشي، اليگزينڊر هملٽن، ٽي پوسٽنس جا مضمون ڏنل آهي. ڊاڪٽر مبارڪ عليءَ جا اڪثر مضمون سندس ڪتاب ”سنڌ ڪي تاريخ ڪيا هي“ ۾ آيل آهن. جڏهن ٻين عالمن ۽ اديبن  جا ڪتاب به آهم آهي. ڪتاب جي ٻئي ”حصي ۾ سنڌ جي تاريخ جي اهم ماخذن جهڙوڪ ”چچ نامو“ تحفته الڪرام تاريخ معصوميءَ جي ڪجهه اهم حصن جو ترجمو ۽ سماجي پسمنظر ڏنو ويو آهي.
ڊاڪٽر صاحب سنڌ جي تاريخ تي انگريزي ۾ ڪيترو ئي مواد لکيو آهي، جن جو مختصر احوال هيٺ ڏجي ٿو.
Social Cultural History of Sindh
هي اهو ڪتاب آهي، جنهن جو بعد ۾ اردو ترجمو ”سنڌ جي سماجي ثقافتي تاريخ“ جي نالي سان شايع ٿيو هو. هن ڪتاب ۾ ترتيب ۽ تدوين جو خوبصورت ڪم ٿيل آهي. هن ڪتاب ۾ سترهين ۽ ارڙهين صدي جي يورپي سياحن جي سفرنامن، ڊائرين، تاثرن ۽ مشاهدن تي سڌي طرح انگريزيءَ ۾ حوالا کڻي سنڌ جي ثقافتي ۽ سماجي تاريخ جوڙي وئي آهي.
Sindh Observed
هي ڪتاب ڊاڪٽر مبارڪ عليءَ جو ترتيب ڏنل ڪتاب آهي. هي ڪتاب 1993ع ۾ گوتم پبلشرز، لاهور پاران شايع ٿيو. هن ڪتاب ۾ ورهاڱي کان اڳ جا لکيل اهي مضمون آهن جيڪي ”سنڌ هسٽاريڪل سوسائٽيءَ“ لاءِ پڙهيا ويا هئا يا لکيا ويا هئا، انهن جي چونڊ ڏني ويئي آهي. ڪتاب ۾ ڪل 19 مضمون آهن، جن ۾ اين ايم پلنبورا، اي بي آڏواڻي، بي ڊي مرچنداڻي، ماريوالا، ايڇ ٽي لئمبرڪ، محمد ياسين ۽ ٻين جا سنڌ بابت لکيل مضمون ڏنل آهن، جيڪي سڀ اعليٰ معيار جا آهن.
The English Factory of Sindh
هي ڪتاب انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي پاران 1983ع ۾ شايع ٿيو. هن ڪتاب ۾ شروع کان آخر تائين انهن سڀني واقعن ۽ حالتن جو ذڪر  ملي ٿو، جن سان ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ سنڌ ۾ ڪاروباري مقصدن تحت تجارتي ڪوٺي قائم ڪئي ۽ پوءِ تجارتي ڪوٺي سياسي  مقصدن لاءِ استعمال ٿي. هن ڪتاب ۾ وليم فوسٽر جي ڪتاب ”دي انگلش فيڪٽريز ان انڊيا“ مان اقتباسات ورتل آهن. ڪتاب 17 هين صديءَ جي سنڌ جي معاشي، سماجي ۽ سياسي حالتن جي معلومات فراهمي ڪري ٿو. ڊاڪٽر هڪ هنڌ لکي ٿو ته انگريز شروع کان ئي سنڌ سان تجارتي تعلقات رکڻ جا خواهشمند هئا. ان وقت سنڌ جو مشهور شهر ٺٽو هو، جيڪو پنهنجي آبادي ۽ تجارت جي ڪري پوري هندستان ۾ مشهور هو. ان مشهور بندر، لاهري بندر جتان سامان جي تجارت نار وارن ملڪن ۽ گوا گجرات جي ساحلي شهرن سان هوندي هئي انهيءَ ڪري انگريزن کي سنڌ ۾ تجارت جي دلچسپي هئي ته جيئن اتي به قبضو ڪري سگهن.“
Crow’s Account of Sindh
ناٿن ڪرو بمبئي حڪومت ۾ سول سروسز جو اعليٰ آفيسر هو. هوُ هڪ وفد وٺي سنڌ ۾ آيو هو ۽ ٽالپر حڪمرانن کان ڪراچي ۾ فيڪٽري جا اجازت گهُري. هن کي سنڌ ۾ فيڪٽري کولڻ جي اجازت ملي. هو 17 مهينا سنڌ ۾ رهيو ۽ سنڌ بابت معلومات گڏ ڪندو رهيو. اها معلومات هو بمبئي حڪومت کي موڪليندو هو. هن پنهنجي قيام دوران جيڪا رپورٽ تيار ڪئي. ان تي سرڪاري طور Imprecation at Work. Crow’s Report and dispatches on Sindh کي ڊاڪٽر مبارڪ علي ايڊٽ ڪري نئين تعارف سان يڪ ٽريڊرسن لاهور طرفان 1987ع ۾ شايع ڪرايو.
Sindh Analyzed
هي ڪتاب ۾ ٻن انگريز عملدارن ميڪ مرڊ ۽ دلهوسئي جي سنڌ جي سفرنامن/رپورٽن کي ترتيب ڏنو ويو آهي. هي ڪتاب تخليقات، لاهور جي پاران 1994ع ۾ شايع ٿيو.

انهن ڪتاب کان علاوه به ڊاڪٽر مبارڪ علي سنڌ جي تاريخ بابت ڪيترائي مضمون ۽ مقالا لکيا آهن. ساڳئي وقت هن ڪيترائي ليڪچر، سيمينار ۽ تقريرون ڪيون آهن، جن ۾ هن سنڌ جي تاريخ کي مختلف رخن کان نروار ڪيو آهي خاص طور تي ڊاڪٽر مبارڪ  علي سنڌ جي سماجي تاريخ تي وڌيڪ اثرائتو ڪم ڪيو آهي.

No comments:

راءِ ڏيندا