الهه ڏنو خاصخيلي
تون پڇين ٿو پرين مان هليو ڇو ويس
علي ڏنو جروار
خبر ناهي
سنڌ جي سريلن آوازن کي ڪنهن جي نظر لڳي وئي آهي. ويجهڙائيءَ ۾ سنڌ جا سٺا ۽ ناليوارا
راڳي حادثن جو شڪار بڻجي رهيا آهن. سرمد سنڌي ۽ صادق فقير کانپوءِ الهه ڏنو خاصخيلي
به روڊ حادثي جو شڪار ٿيو آهي. سنڌ جا راڳي خبر ناهي ڇو اسان کان ائين بي درديءَ سان
وڇڙي رهيا آهن. الهه ڏنو خاصخيلي 25 جنوري 1966ع ۾ سنڌ جي هڪ سٺي راڳي ۽ موسيقار علي
محمد خاصخيلي جي گهر ۾ پيدا ٿيو، سندس تعلق ميرپور بٺوري سان آهي، جنهن کي ڪنهن وقت
سنڌ جو ويٽنام سڏيو ويندو هو. جيئن ته الهه ڏني هڪ اهڙي گهر ۾ اک کولي جنهن ۾ اڳ ئي
راڳ ۽ ساز موجود هو، تنهن ڪري هي به ننڍپڻ کان ئي انهن ۾ دلچسپي وٺڻ لڳو. الهه ڏني
خاصخيليءَ جي استاد غلام حسين رنگريز ٻڌايو ته هي 10 سالن جي عمر کان ئي موسيقيءَ
۾ دلچسپي وٺڻ لڳو. ياد رهي الهه ڏني خاصخيلي کي شاعري، غلام حسين رنگريز چونڊي ڏيندو
هو، جنهن کانپوءِ هُو ڌنون ٺاهي ۽ انهيءَ گيت، غزل وائي ۽ ڪافيءَ کي عوام آڏو پيش ڪندو
هو. الهه ڏني خاصخيلي جو والد جيڪو موسيقيءَ ۾ سنڌ جي ڀلوڙ راڳي استاد محمد جمن جو
شاگرد هو، جنهن جو اثر الهه ڏني ۽ سندس خاندان جي ٻين ڳائڻن تي به موجود آهي.
الهه ڏني
جو پيءُ ٽريننگ ڪاليج بٺوري ۾ موسيقيءَ جو استاد هو، تنهن ڪري هِن کي به ميٽرڪ پاس
ڪرڻ سان ئي ماستريءَ جي نوڪري ملي وئي، جڏهن ته سندس رڳ رڳ ۾ موسيقي سمايل هئي، جنهن
جي ڪري الهه ڏني کي 22 سالن جي عمر ۾ ئي ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي ڳائڻ جو موقعو مليو.
ان وقت ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جو اسٽيشن ڊائريڪٽر عنايت بلوچ هو، جنهن کيس چانس ڏنو.
الهه ڏنو خاصخيلي سنڌ جو نيم ڪلاسيڪل ۽ لوڪ فنڪار هو، سندس گائيڪيءَ ۾ لوڪ توڙي ڪلاسيڪل
رنگ شامل هئا. هُو سدائين سٺي شاعري ڳائيندو هو، جنهن ڪري کيس سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پسند
ڪيو ويندو هو. الهه ڏني خاصخيلي، شاهه لطيف، سچل سرمست، شيخ اياز، سرويچ سجاولي، غلام
حسين رنگريز، سيد اڪبر ۽ آڪاش انصاريءَ جي شاعري ڳائي خوب داد حاصل ڪيو. سندس ڳايل
ڪيترائي گيت سنڌ توڙي هند ۾ مشهور آهن، جن ۾ سرويچ سجاوليءَ جو ”جنت الفردوس آهن، ٻئي
ڪنڌيون مهراڻ جون“ شيخ اياز جو ”ڪينجهر تنهنجي ڪنڌيءَ تي ڪو ته تماچي اچڻو آ“ غلام
حسين رنگريز جو ”هِن دل ۾ سڄڻ ارمان لکين آهن“ ۽ آڪاش انصاري جو ”پرين تون پڇين ٿو
ته مان هليو ڇو ويس“ تمام مقبوليت ماڻي.
الهه ڏني
خاصخيلي کي ننڍپڻ کان ئي سٺا استاد ۽ ساٿي مليا، جن جي رهنمائي سبب هُن تمام گهڻي ڪاميابي
حاصل ڪئي، انهن رهنمائي ڪندڙن ۾ غلام حسين رنگريز کانپوءِ ٻيو نالو سيد اڪبر جو آهي،
جيڪو پڻ سنڌ جو بهترين شاعر، استاد، مقرر، موسيقيءَ جو ڄاڻو ۽ لطيف جو پارکو هو، انهن
جي صحبت ۽ رهنمائيءَ ۾ الهه ڏني تمام گهڻي ڄاڻ حاصل ڪئي ۽ نالو ڪمايو. هونئن ته سڄي
سنڌ ۾ ڪيترائي نالي وارا فنڪار موجود آهن، پر لاڙ سنڌ جي حوالي سان الهه ڏني خاصخيلي
جي خاندان جي موسيقيءَ ۾ تمام گهڻي اهميت آهي. الهه ڏنو خاصخيلي ملڪ کان ٻاهر به موسيقيءَ
جي هاڪ ڄمائي چڪو آهي.
اسان سڀئي
سندس بي وقتي ۽ ڏکوئيندڙ وڇوڙي تي افسوس ۾ ورتل آهيون. ڏک جي هِنن گهڙين ۾ الهه ڏني
خاصخيلي جي خاندان سان برابر جا شريڪ آهيون، هنن ڏکين لمحن ۾ هن جي پونئيرن کي صبر
۽ تحمل جي اپيل ڪريون ٿا. الهه ڏني خاصخيلي پنهنجي زندگيءَ جا 30 سال موسيقيءَ کي ارپيا
آهن، جنهن ڪري سنڌ سدائين کيس مانائتن جذبن سان ياد ڪندي رهندي. الهه ڏني خاصخيلي جي
خاندان جي ٻين فردن مان به اِها اُميد ڪجي ٿي ته هُو پنهنجي روايت کي جاري رکندي سنڌ
موسيقيءَ جي خدمت ڪندا رهندا ۽ سنڌ واسين کي به هِيءَ اپيل ڪجي ٿي ته هِن سدا بهار
خاندان جي ڀاتين جو هر هنڌ دل جي گهرائين سان آڌر ڀاءُ ڪيو وڃي. موسيقي هڪ اهڙي شيءِ
آهي، جيڪا سدائين موجود رهندي آهي. اميد آهي ته سنڌ جا رهواسي الهه ڏني خاصخيلي جي
ڳايل ڪلامن ۽ گيتن کي ٻڌندا رهندا ۽ کيس داد ڏيندا رهندا.
هِن وقت
هونئن به سنڌ ۾ ڪلاسيڪل راڳين ۽ سٺن فنڪارن جي کوٽ آهي، جيڪي ڪجهه بچيل آهن، اُهي به
اسان کان هِن انداز ۾ وڇڙي رهيا آهن، انهيءَ جي دانهن ڪنهن در ڏجي. هِن ڪيسٽي دور ۾
الهه ڏني خاصخيلي، سرمد سنڌي، صادق فقير جهڙا فنڪار پيدا ٿيڻ ڏاڍو ڏکيو مسئلو آهي.
هي فنڪار به تمام گهڻي محنت ڪرڻ کانپوءِ منظر تي آيا آهن، جن جي وڇڙڻ تي هر سنڌ واسي
ڳوڙها ڳاڙڻ تي مجبور آهي. ڇاڪاڻ ته جيڪو اصل ۽ نج راڳ آهي، اُهو ڳائڻ وارا هاڻ آهستي
آهستي ختم ٿي رهيا آهن ۽ انهن جي جاءِ اهڙا ڳائڻا ۽ فنڪار وٺي رهيا آهن، جن کي موسيقيءَ
جي ستن سرن جي به ڄاڻ نه آهي. کين ڪابه خبر نه آهي ته راڳ ڪهڙيءَ شيءِ جو نالو آهي،
ڪهڙو راڳ ڪهڙي وقت ڳائبو آهي، ڪهڙو راڳ اسر جو ڳائبو آهي ته ڪهڙو راڳ سنجهي وقت ڳائبو
آهي. پراڻا راڳي استاد منظور علي خان، ڍول فقير، استاد محمد يوسف، استاد محمد جمن،
استاد محمد ابراهيم ۽ ٻيا اهڙا راڳي هئا، جيڪي ديپڪ راڳ کي پنهنجي ٽائيم تي ڳائيندا
هئا ته وري راڻي کي آخري وقت تي يعني فجر مهل ڇيڙيندا هئا. پر هاڻوڪن لوڪ توڙي ٻين
فنڪارن کي فن متعلق ڪابه ڄاڻ نه آهي، بس مڙئي زبان مان آواز ڪڍي ڄاڻن، باقي وڌيڪ کين
ڪا گهڻي واقفيت راڳ مان ناهي. ائين به ناهي ته سنڌ مان راڳ جو مڪمل خاتمو ٿي ويو آهي،
اڃا به سنڌ ۾ شفيع فقير ۽ مانجهي فقير جهڙا راڳي موجود آهن، پر پوءِ به سنڌ ۾ الائي
ڇو مون کي سٺن راڳين جي کوٽ محسوس ٿي رهي آهي. اسان وٽ اتفاق سان ڪا اهڙي اڪيڊمي وغيره
به ناهي، جيڪا باقاعدگيءَ سان ڪلاسيڪل ۽ نيم ڪلاسيڪل راڳ جي ڪا سکيا ڏئي، باقي پنهنجي
طور تي راڳ سکي آيل ۽ پيدا ٿيل ڳائڻن مان هاڻي ڪيترائي موڪلائي چڪا آهن ۽ باقي وڃي
ڪجهه بچيا آهن، سي به گهڻي ڀاڱي تڪليفن، بيمارين ۽ مشڪلاتن ۾ مبتلا آهن. خود الهه ڏني
جو والد صاحب علي محمد به ڪافي عرصي کان تڪليفن ۾ مبتلا آهي. آئون الهه ڏني خاصخيلي
جي وڇوڙي تي شيخ اياز جي هيءَ سٽ دهرائيندس ته، ”ڏور ٿيندا وڃن، روز جوڳيئڙا، تون اڃان
پيو جئين هاءِ ڙي هينئڙا“. مون کي هِي سٽون لکندي ڏک ۽ تڪليف ٿي رهي آهي ته الهه ڏني
خاصخيلي جهڙا املهه موتي منهنجي شهر ٽنڊوالهيار ڀرسان روڊ حادثي جو شڪار ٿي ويا آهن،
هن کان وڌيڪ ٻي ڪابه ڏک ۽ افسوس جهڙي ڳالهه نه آهي. بس آڪاش انصاريءَ جون هي سٽون ذهن
تي تري رهيون آهن ته، ”تنهنجي ڪاڪل جي قيدي ٿيڻ کان اڳي، تون پڇين ٿو پرين مان هليو
ڇو ويس، مان هليو ڇو ويس....“
الهه ڏنو خاصخيلي
سنڌ جو ڀلوڙ راڳي
صاحب خان
ڀٽي
صوفين جي
ڌرتي ۾ ڪيترائي اهڙا فنڪار، گلوڪار ۽ شاعر پيدا ٿيا، جن جي خدمتن کي اڄ به ياد ڪيو
پيو وڃي، ناليواي فنڪار صادق فقير جي وڇوڙي جا زخم اڃا ڀريا ئي نه هئا ته مٿان وري
سنڌ جي ٻئي ناليواري فنڪار الهه ڏني خاصخيلي جي
روڊ حادثي ۾ فوت ٿيڻ جي اڀاڳي خبر آئي. صادق فقير سعودي عرب ۾ روڊ حادثي ۾ فوت
ٿيو هو جنهن جي وڇوڙي تي سڄي سنڌ صدمي ۾ وٺجي وئي هئي هاڻ هڪ ڀيرو ٻيهر اهڙي فضا قائم
ٿي وئي آهي. سنڌ ۾ ڪيترائي فنڪار آهن جن پنهنجي ڪلامن ۾ سنڌ جي خوبصورتي کي بيان ڪيو
آهي ۽ انهن ۾ الهه ڏنو خاصخيلي به هڪ آهي جنهن سنڌ جي هر هڪ ڪنڊ کي پنهنجي ڪلامن ۾
ڳايو آهي، سندس گيت ٻڌي ڪراچي کان ڪشمور تائين جي هر هڪ نظاري کي تصور ڪري سگهجي ٿو.
الهه ڏني جي ڳايل گيتن ۾ سنڌ جي هر هڪ فرد جو درد سمايل آهي.
هن شاعري
جي اهڙي ته چونڊ ڪئي شايد ئي سنڌ ۾ ڪو اهڙو ٻيو فنڪار هجي جنهن الهه ڏني خاصخيلي جهڙي
شاعري جي چونڊ ڪئي هجي. الهه ڏنو خاصخيلي هڪ ٿڏي مزاج جو ماڻهو هو، سندس ويجهن دوستن
جو چوڻ آهي ته الهه ڏني خاصخيلي جو هر هڪ شخص سان دوستاڻو رويو هو. جيڪو به شخص ساڻس
ملندو هو ته ٻئي ڀيري ان شخص کي ٻيهر ساڻس ملڻ جو شوق پيدا ٿيندو هو. سندس باري ۾ دوستن
وٽان تمام گهڻو ٻڌو آهي، مون هن جا ڪيترائي گيت به ٻڌا آهن، سندس آواز ٻڌي دل چوندي
آهي ته سندس ڳايل گيت هر هر ٻڌجن، ڇاڪاڻ ته الهه ڏني خاصخيلي جي آواز ۾ هڪ جادو آهي،
جيڪو هر هڪ شخص کي پاڻ ڏانهن مائل ڪري وٺي ٿو. الهه ڏني خاصخيليءَ جو خال ڪڏهن به نه
ڀرجي سگهبو پر سندس ڳايل ڪلام هميشه ياد رکيا ويندا. ڇاڪاڻ ته سندس فني خدمتون ڪڏهن
به ويساڻ جهڙيون نه آهن. الهه ڏني جي اوڇتي وڇوڙي تي فنڪارن، اداڪارن توڙي سڄي سنڌ
۾ ڏک جي لهر پکڙيل آهي ۽ هر هڪ شخص جي اک ۾ لڙڪ آهن، جيڪي کيس ڀيٽا پيش ڪري رهيا آهن.
”جنت الفردوس
آهن ٻئي ڪنڌيون مهراڻ جون“ جهڙا راڳ ارپيندڙ سنڌ جو ڀلوڙ راڳي الهه ڏنو خاصخيلي ٽنڊو
الهيار ويجهو روڊ حادثي ۾ اسان کان هميشه لاءِ وڇڙي ويو. آڌي رات جو جڏهن ڀلوڙ راڳي
الهه ڏنو خاصخيلي جي روڊ حادثي ۾ زخمي ٿيڻ جي خبر نشر ٿي ته مون سميت سمورا سندس مداح
اداس ٿي ويا، جئين جئين وقت گذرندو ويو تئين تئين سندس روڊ حادثي جي خبر سڄي سنڌ ۾
پکڙجي وئي، پر اچانڪ ميڊيا تي اهي خبرون هليون ته سنڌ جو ناليوارو راڳي زخمن جون سٽون
نه سهندي اسپتال ۾ دم ڏئي ڇڏيو جيڪا خبر ٻڌڻ سان هر اک آلي ٿي وئي، ناليواري راڳي جو
آخري ديدار ڪرڻ لاءِ سندس ڪيترائي مداح به پهتا، جيڪي به پنهنجي اکڙين جي پاڻي کي روڪي
نه سگهيا، شايد انهن اهو سوچيو به نه هو ته سنڌ جو ڀلوڙ راڳي ائين جدا ٿي ويندو. کين
اها خبر نه هئي ته جنهن سنڌ جي ٻنهي ڪنڌين کي جنت چيو هو ائين ڏور هليو ويندو.
ناليوارو
راڳي الهه ڏنو خاصخيلي ميرپور بٺوري ۾ مشهور فنڪار علي محمد خاصيلي جي گهر ۾ جنم ورتو،
جنهن کي ننڊ پڻ کان ئي ڳائڻ سان تمام گهڻو چاهه هو. هن جڏهن ڳائڻ شروع ڪيو ته کيس تمام
گهڻي موٽ ملي، الهه ڏني خاصخيلي ڪيترائي گيت
ڳايا جيڪي تمام گهڻو پسند ڪيا ويا، خاص ڪري سندس مشهور گيت ”جنت الفردوس آهن ٻئي ڪنڌيون
مهراڻ جون“ آهي، جنهن کي هر هڪ ٻڌي جهومڻ تي مجبو ٿي ويندو آهي. الهه ڏني خاصخيلي ڪيرن
ئي تقريبن ۾ ڳايو هو، سندس ڳايل گيت اڄ به گونجي رهيا آهن.
الهه ڏني
خاصخيليءَ ٻين به ڪيترن ئي شاعرن جي شاعري ڳائي، سندس بهترين چونڊيل شاعري سبب سندس
ڪلام تمام گهڻو مشهور ٿيا. سندس هر گيت مختلف ۽ نرالو آهي. الهه ڏنو خاصخيلي جي مٺڙي
آواز کي ٻڌڻ لاءِ هر دل انتظار ۾ رهندي هئي. سندس گيت سنڌ تنهنجي آ، سنڌ منهنجي آ،
به تمام گهڻو مشهور ٿيو. جنهن کي سنڌ واسين تمام گهڻو پسند ڪيو.
مرحوم الهه
ڏني خاصخيلي جي ڳايل گيتن ۾ رات جا تارا چون ٿا، تون نه ايندي، جنت الفردوس آهن ٻئي
ڪنڌيون مهراڻ جون، ماڻهو دل وارا، لڪي ڪر نه اشارا، سنڌ امڙ جي جهول ۾، هتي هر ڪو ويٺو
تماشو، تنهنجي يار جدائي ۾ ۽ ٻيا ڪيترا ئي مشهور گيت شامل آهن. ناليواري راڳي پي ٽي
وي تي به ڪيترا ئي ڪلام ڳايا ۽ سرڪاري چينل تي ڪيترن ئي پروگرامن ۾ به ڳايو، الهه ڏني
خاصخيلي جا ڪيترائي البم مارڪيٽ به آيا، جن کي عوام تمام گهڻو پسند ڪيو. سنڌ جو ڀلوڙ
راڳي الهه ڏنو خاصخيلي هن فاني دنيا کي الدعيٰ چئي ويو، جيڪو خال ڪڏهن به ڀرجي نه سهندو
پر سندس گان هميشه ياد رکيا ويندا.
No comments:
راءِ ڏيندا