; سنڌي شخصيتون: ڪاسس ڪلي عرف محمد علي ڪلي - ثريا ڪپري

26 June, 2016

ڪاسس ڪلي عرف محمد علي ڪلي - ثريا ڪپري

ڪاسس ڪلي عرف محمد علي ڪلي
باڪسنگ جو عظيم ديومالائي ڪردار
ثريا ڪپري -آمريڪا
دنيا جي عظيم باڪسر محمد علي تي جيترو لکجي اهو گهٽ آهي، جيترو ڳالهائجي اهو ٿورو آهي. اصل ۾ ٿورڙن ماڻهن کي اها خبر آهي ته هو عظيم باڪسر سان گڏ ٻيو به گهڻو ڪجهه هيو. هو انسان به هيو. معصوم به هيو. ٻارن جيتريون ۽ جهڙيون خواهشون به رکندو هيو. هن جي دل ۾ جنهن انسان جي دل هئي، تنهن کيس انسانيت ئي سيکاري. هن ڪنهن به شخص، گروپ، رنگ ۽ نسل توڙي ملڪ ۽ کنڊ سان نفرت نه ڪئي. هن کي رڳو نفرت هئي ان نفرت سان جيڪا ڪاري چمڙيءَ وارن سان روا رکي ويندي هئي. هن ان نفرت جا بخيا اڊيڙي ڇڏيا، ان نفرت جي پاڙن کي ڪمزور ڪيو ۽ هڪ راندگير سان گڏ هڪ عظيم انسان ٿي اڀريو.


اڃا ته آمريڪا ۾ نسل پرستي جا ڪارا ڪڪر ڇانيا پيا آهن، اڃا ته گوري ذهنيت نانگ-ڦڻ ڪڍيو بيٺي آهي، جنهن وسيلي ننڍپڻ کان ئي اهو سبق پاڙهيو ويندو آهي ته ”توهان هر ڪنهن سان کيڏو، گهمو ڦرو، پر ڪاري ۽ ناسي چمڙي وارا مختلف آهن“. مان پاڻ  ڪجھ سال اڳ  پنهنجي پڙهائي دوران يونيورسٽي جي هڪ گوري استاد کان هي لفظ باقائده ٻڌي چڪي آهيان ته ”توهان ته اسان جي غلاميءَ لاءِ پئدا ڪيا ويا آهيو“.
محمد علي جو جنم 17 جنوري 1942ع ۾ آمريڪي صوبي ڪئنٽَڪي جي شهر لوُئيِ وِل ۾ ٿيو. هي شهر آميريڪي رياست ڪنٽڪي ۾ آهي، جنهن جو ڪي ايف سي ياKentucky fried chicken (KFC) سڄي دنيا ۾ مشهور آهي. محمد علي جي ڄم واري وقت، اڃا پاڪستان ٺهڻ ۾ پنج سال بچيل هيا، سنڌ ۾ به چمڙي جي لحاظ کان نسل پرستي ۽ بي رحماڻي ورتاءُ جي ڪري حر تحريڪ زورن تي هئي، سورھيه بادشاه اڃا حيات هيا.
هي اهو زمانو هيو جو آمريڪا ۾ ڪنهن به ڪاري شخص کي هر قسم جي باٿ روم ۾ وڃڻ جي اجازت نه هئي. کين ڪاري چمڙي وارن لاءِ الگ مخصوص باٿ روم ڳولڻو پوندو هو. محمد علي به ان ڳالھ جو ذڪر پنهنجي بي بي سي کي ڏنل  هڪ انٽرويو ۾ ڪيو آهي ته هن ڪيئن هڪ ڀيري پنهنجي ڪئڊلئڪ گاڏي ۾ پئٽرول وجهرائي پئٽرول پمپ واري کان باٿ روم جو پڇيو هو ته هن چيو ته ”اهو خراب آهي“ ڪم نٿو ڪري، ان کان علاوه هڪ آمريڪي ڪاري چمڙي واري ڳائڻي اَريٿا فرئنڪلِن جيڪا اڃا حيات آهي تنهن هڪ دفعي انٽرويو ۾ سٺ واري ڏهاڪي جي آمريڪي دور جي باري ۾ ٻڌايو ته مان هڪ ميوزڪ ڪنسرٽ ۾ پنهنجي گوري مئنيجر کي چيو ته مون کي واش روم وڃڻو آهي ته هن چيو ته هن عمارت ۾ باٿ روم صرف گورن ۽ گورين جي لاءِ آهن، تون منهنجي رومال تي ڪري ڇڏ!!
نه صرف ايترو پر ظلم جي انتها تڏهن ٿيندي هئي جڏهن ڪنهن به ڪاري جي ڪنهن گوري جي هٿان ناحق قتل جي ايف آءِ آر نه ڪٽي ويندي هئي. ڪارن کي صرف رونشي لاءِ آچر تي چرچ کان ٻاهر اچي هٿ پير کان جهلي زنده چيريو ويندو هو. ڪارن جون عبادت گاهون اڃا تائين الڳ آهن، سو ان زماني ۾ به هيون، سو  ڪوُ ڪَلڪس ڪِلئن نالي هڪ تنظيم ڪارن جي عبادت گاهن کي ماڻهن سميت سر عام باهيون ڏيڻ ۾ مشغول هئي  پر ڪوبه پڇڻ وارو نه هيو.
جڏهن ڪارن آمريڪين انگريزن کان آزاد ٿيندڙ هندستان کي ڏٺو ۽  هڪ ناسي چمڙي واري ڏٻري شخص مهاتما گانڌي  کي اجگر جيڏي هندوستان کي آزاد ڪرائڻ ۾ ڪاميابي ڏٺي، وري ان کان پوءِ  پنجاھ ۽ سٺ واري ڏهاڪي ۾ آفريڪا جي ملڪن کي گورن خلاف ڪامياب جدوجهد ڪندي ڏٺو ته هنن ۾ به چئن صدين کان جاري ذلت کي ختم ڪرڻ جي  همٿ وڌي ۽ هنن  ظالم گورن خلاف سِول رائيٽس تحريڪ جو آغاز ڪيو ۽ نتيجي ۾ ڪارن جي ٻارن کي به گرفتار ڪري جيل موڪليو ويو.
هنن جو مطالبو صرف ايترو هو ته اسان کي به گورن جي اسڪولن ، يونورسٽين ۾ پڙهڻ جو موقعو ڏيو، اسان کي به هر واش روم استعمال ڪرڻ ڏيو، اسان کي به هر ريسٽورينٽ تانڪافي وٺڻ ڏيو، ڪارن ۽ گورن جا الڳ علائقا ختم ڪريو، اسان کي به شهر اندر ۽ ٻاهر گورن جي علائقن ۾ رهڻ جي اجازت ڏيو. اها سول رائيٽس تحريڪ هڪ پادري ڪاري چمڙي واريمارٽن لوٿر ڪنگ جونئر هلائي. هڪ نيم مسلمان تنظيم ”نئشن آف اسلام“ جيڪا اسلام جا اصل اصول گهٽ پر گورن خلاف ڪارن آمريڪين کي اڀارڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندي هئي، اها به ان جدوجهد ۾ شريڪ هئي.
محمد علي جيڪو اول ”ڪاسس ڪلي“ هيو تنهن 1964ع م اسلام قبول ڪيو. اسلام قبولڻ کان هڪ ڏينهن اڳ هڪ ٻئي وڏي باڪسر ”سوني لسٽن“ کي شڪست ڏني هئي. کيس اسلام لاءِ آماده ڪندڙ ”مالڪوم ڏهين“ هن کي هڪ ڏينهن کيس ”ڪاري چمڙي وارن جو هيرو“ جو اعزاز ڏنو هيو.
مڇ جي وار وانگر لچڪدار، ٻارن جيئان معصوم، ننڍي کان ننڍي ٻار کان وٺي وڏي عمر جي ماڻهوءَ جي عزت ڪرڻ وارو محمد علي 12 ورهين ۾ هڪ چور سان وڙهيو، ان کي ڦيهه ڪڍيائين ۽ ان ڏينهن کان هن پنهنجي بازوءَ تي ڀروسو ڪرڻ لاءِ پنهنجي مُڪي کي ايترو وزندار ڪري ڇڏيو جو سندس سامهون ڪير به بيهي نه سگهيو.
آميريڪي صدر باراڪ اوباما هن جي لاڏاڻي تي تبصرو ڪندي چيو آهي ته ”هڪ اهڙي شخصيت هيو جنهن کي ان ڳالهه تي ويساهه هيو ته ڪرڻ کان پوءِ ڪر موڙي وري اٿڻ سان سوڀ حاصل ٿئي ٿي“
1964ع ۾ هن اسلام قبول ڪيو. هو عالمي چئمپين به هيو. پر هن جي هڪ وڏي عالمي لڙائي 1967ع ۾ شروع ٿي جڏهن هن آمريڪي فوج ۾ ڀرتي ٿيڻ کان انڪار ڪيو، جن کي ويٽنام جي آزادي پسندن کي ڪچلڻ لاءِ موڪليو پئي ويو.
هن ويٽنام خلاف وڙهڻ تي پنهنجو بيان جاري ڪندي چيو هو ته؛ ”هو مونکي فوجي وردي ڇو ٿا پارائين؟ هو مون کي 10 هزار ميل پري ناسي رنگ جي ويٽنامين مٿان بم گولا اڇلائڻ لاءِ ڇو ٿا موڪلين؟ هتي  آميريڪا ۾ ڪاري چمڙي وارن سان ڪُتن کان به خراب ورتاءُ ڪيو پيو وڃي ۽ انهن کي بنيادي سادا انساني حق به نه ٿا ڏنا وڃن“
هن جي انڪار تي کيس گرفتار ڪيو ويو. کيس پنجن ورهين جي سزا ٻڌائي وئي. سندس عالمي اعزاز واپس ورتو ويو. هن جي باڪسنگ تي بندش لڳائي وئي. هو ان زماني ۾ به سڄي عالم جي نسلن جي واسطي سگهارو آواز بڻجي ويو، جيڪي ويٽنامين تي ظلم خلاف هيا. هو نه ورچيو، نه ٿڪو، نه وري آڻ مڃيائين. هن سڄي اميريڪا ۾ ان آميريڪي ڪاهه خلاف آواز اٿاريو، جنهن جي ڪري آميريڪي صحافين جيڪي اول کيس وطن دشمن ۽ مغرور جي لقب سان نوازيندا هيا، هن سميت جيڪي به ماڻهو ويٽنامين کي دشمن سمجهندا هيا، سي محمد علي جي ڳالهين مان متاثر ٿي پنهنجي راءِ کي بدلائڻ لاءِ راضي ٿيا هيا.
هن ويٽنام جي عوام ۽ آميريڪي ڪارن جي لاءِ جنهن موقف کي کنيو ان کي هٿان نه ڇڏيو. نيٺ سندس ڳالهين رنگ لاتو. جنگ جي خلاف گورن ماڻهن ۽ ان وقت جي يونيورسٽِي جي شاگردن شديد احتجاج ڪيا جن ۾ سنڌ ڄائي محترما بينظير ڀٽو به شامل هئي جيڪا ان وقت آمريڪي شهر بوسٽن جي هارورڊ يونيورسٽي ۾ تعليم پرائي رهي هئي. آخرڪار انهن احتجاجن جي نتيجي ۾ اها جنگ انتهائي غير مقبول ٿي وئي ۽ آمريڪي ماڻهو ويٽنام جي جنگ تان واپس موٽندڙ آمريڪي فوجين تي ٿڪون اڇلائڻ تي لهي آيا.
ورهين کان پوءِ آميريڪا جي نوجوان نسل سميت سڄي دنيا کي اها سچائي ملي ته آميريڪا پاران ويٽنامين سان وڙهڻ بدترين عمل هيو. هن جو عزم اٺن ورهين ۾ ثابت ٿيو. هن کي وري باڪسنگ جي اجازت ملي. اها باڪسنگ آکاڙي کان ٻاهر سندس پهرين سوڀ هئي  ۽ 1974ع ۾ هن ٻيهر عالمي اعزاز حاصل ڪري ورتو.
محمد علي هڪ رانديگر به هيو پر سندس راءِ هئي ته هر رانديگر جون ڪي نه ڪي سماجي ذميداريون پڻ هجڻ گهرجن. هو ڪاري چمڙيءَ وارن جو حمايتي هيو. انهن سان ٿيندڙ انياءَ جي خلاف هيو. سندس ان سڀاءَ جي ڪري آميريڪي شهري پڻ سندس لاءِ ديوانا هوندا هيا. جڏهن به باڪسنگ جو مقابلو ٿيو ۽ آميريڪي اخبارن ”سروي“ ڪيا ته ڪاري چمڙيءَ جي هر انسان اهو ئي چيو ته ”عليءَ کي کٽڻ گهرجي، ڇوته هو اسان جو آهي“
عظيم سورمي مارٽر لوٿر ڪنگ جي حامي ۽ سندس پيغام کي ڦهلائيندڙ محمد علي جو هڪ ٻيو روپ سندس عالمي سياست پڻ هيو. جڏهن ڏکڻ آفريقا جو سورمو نيلسن منڊيلا 26 ورهين جي قيد کان آزاد ٿيو ته هي ساڻس ملڻ ويو. جڏهن ته نار جي پهرين لڙائي 1991ع ۾ اتي قيد ٿيل 15 آميريڪي يرغمالين کي آزاد ڪرائن ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندي عراق پهتو. هن ڪيوبا تي آميريڪي بندشن هوندي اتي جي عوام جي صحت سهولتن لاءِ ڪيئي امدادي ڪم ڪيا ۽ اتي وڃي انهن مسڪينن ۾ اهي دوائون ۽ سامان ورهايو، جيڪي هوند ان بنا مري وڃن ها. هن افعانستان ۽ اتر ڪوريا جا پڻ دورا ڪري ٻنهي ملڪن سان سهڪاري سفارت کي وڌائڻ جون ڪوششون پڻ ڪيون.
سو محمد علي آمريڪي تاريخ جو هڪ ديو مالائي ڪردار ٿي اڀريو ۽ سڄي ملڪ کي پنهنجي سحر ۾ مبتلا ڪري ڇڏيائين.
پر محمد علي جهڙن انسانن جي جدوجهد جي ڪري واردات جو طريقيڪار بدلايو ويو آهي. اهو محمد علي جهڙن بولڊ ما ڻهن جي  ڏنل قربانين جو نتيجو آهي جو هاڻ  غير گورن کي  آمريڪا ۾ باٿ روم جي تڪليف نه آهي، کين منهن تي گار نٿي ملي
اهڙي ملڪ ۾ محمد علي جو ڄمڻ هڪ معجزي کان گهٽ ناهي. محمد علي کي الله ڏات ڏني هئي، هن پنهنجي دولت ۽ شهرت کي چڱي ريت استعمال ڪيو، غريب ماڻهن جي مدد ڪئي. پارڪنسنز جي بيماري لاءَ ڪروڙين ڊالر گڏ ڪيا. دين جي پرچار ڪئي ۽ عالمي سامراج سان ويڙه ۾ رب سندس مدد ڪئي، هو دنيا ۾هر دل عزيز هيو ۽ ڌڻي به هن کي عزيز رکيو.
باڪسنگ آکاڙي ۾ پوپٽ وانگر ترندڙ، نرتڪين وانگر ناچ ڪندڙ ۽ ماکي جي مکن جيئان مخالف راندگير تي خطرناڪ حملا ڪندڙ ويهين صديءَ ۾ باڪسنگ تي راڄ ڪندڙ ۽ ٽي ڀيرا عالمي چئمپين رهندڙ اڳوڻو هيوي ويٽ چئمپين محمد علي 74 ورهين جي ڄمار م ساهه کڻڻ جي تڪليف سبب آميريڪا جي اسپتال ۾ گذاري ويو. هن 1964، 1974 ۽ 1978ع ۾ عالمي مقابلا کٽيا، سندس 1971ع ۾ ”جو فريزيئر“ سان مقابلو ”صديءَ جو سڀ کان اعليٰ مقابلو“ ڪوٺيو ويو. عظيم باڪسر محمد عليءَ کي ”ڪينٽڪي“ رياست ۾ سندس جنم ڀومي شهر لوئي ول ۾ ڪالهه مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو.

اسان جي دعا آهي ته رب تعاليٰ محمد علي کي جنت الفردوس ۾ اعليٰ مقام عطا ڪري. آمين



باڪسنگ جي دنيا جي عظيم رانديگر جو وڇوڙو!
عالمي واءُ سواءُ
دنيا جي عظيم ترين رانديگرن ۾ شمار ٿيندڙ باڪسنگ ليجنڊ ۽ ٽي ڀيرا عالمي چيمپئن بڻجندڙ محمد علي ڪُلي ڪالهه ڇنڇر ڏينهن 74 ورهين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. هو امريڪي شهر فونيڪس جي هڪ اسپتال ۾ ڪيترن ئي ڏينهن کان علاج هيٺ هو، هُن کي ساهه جي تڪيلف هُئي.
محمد علي ڪلي امريڪي رياست ڪنٽڪي جي شهر لوئسويل ۾ هڪ عيسائي گهر ۾ پيدا ٿيو ۽ پنهنجي والد ڪيسيئس مارسيلس ڪلي سينئر جي نالي تي ڪيسيئس مارسيلس ڪلي جونيئر سڏجڻ لڳو. هُو 17 جنوري 1942ع تي پيدا ٿيو. چون ٿا هُو جڏهن 12 سالن جو هو ته هُن جي سائيڪل چوري ٿي وئي. هُن هڪ پوليس واري کي چيو ته جيڪڏهن چور ملي ويو ته هُو اُن کي سبق سيکاريندو. جو مارٽن نالي اُن پوليس آفيسر، جيڪو مقامي جم ۾ باڪسنگ جي تربيت ڏيندو هو، اُن ننڍڙي محمد علي کي صلاح ڏني ته هُو چور کي مزو چکائڻ کان پهريان بهتر آهي ته باڪسنگ سکي. ڪُلي هُن جي مشوري تي بنا دير عمل ڪيو ۽ باڪسنگ جي تربيت حاصل ڪرڻ شروع ڪئي ۽ ٻن سالن کان پوءِ هُن هڪ ٽورنامينٽ ۾ حصو ورتو. مارٽن چوي ٿو، ”هو سڀني کان جدا نظر ايندو هو، ڇو ته هُن اندر ٻين ڇوڪرن کان وڌيڪ جذبو هو. مون جن ڇوڪرن کي تربيت ڏني، اُنهن ۾ هو سڀني کان وڌيڪ محنتي هو.
1960ع ۾ هُن کي روم اولمپڪس جي لاءِ امريڪي ٽيم ۾ شامل ڪيو ويو. پهريان ته هُن جهاز جي سفر کان ڀؤ سبب انڪار ڪيو، پر پوءِ جومارٽن جي پُٽن مطابق هُن هڪ سيڪنڊ هينڊ پيراشوٽ خريد ڪيو ۽ جهاز ۾ اُڏام دوران اُهو پائي ويٺو. سندس محنت رنگ لاٿو ۽ پنج سيپٽمبر 1960ع تي هو پولينڊ جي زبيگنيئف پيتريڪو وسڪي کي هارائي اولمپڪ لائٽ ويٽ چئمپين بڻجي ويو. جڏهن هو وطن وريو ته هُن جو هيرو جيان استقبال ڪيو ويو، پر جڏهن هُو پنهنجي رياست ڪينٽڪي پهتو ۽ هُن کي هڪ ريسٽورنٽ ۾ ميز تي ويهڻ کان روڪيو ويو ته هُن کي صدمو رسيو. اُن زماني ۾ امريڪا ۾ نسل پرستي عروج تي هُئي. هُن 1975ع ۾ پنهنجي جيون ڪٿا ۾ دعويٰ ڪئي ته هوٽل وارن جي اهڙي رويي سبب هُن پنهنجو سونو تمغو درياهه ۾ اُڇلائي ڇڏيو هو. اُن ئي سال هُن پنهنجو پروفيشنل باڪسنگ ڪيريئر شروع ڪيو، جنهن جي شروعات هُن ٽني هنسيڪر کي ڇهين رائونڊ ۾ مات ڏئي ڪئي. اِئين هڪ پٺيان ٻيو هو مقابلو کٽيندو ويو.
اُن زماني ۾ ويٽنام ۾ جنگ جاري هُئي، جنهن ۾ هر امريڪي کي حصو وٺڻو هو. پر محمد علي فوج ۾ ڀرتي ٿيڻ کان اِهو چئي انڪار ڪيو ته ”منهنجي ويٽ ڪانگ سان ڪا به جنگ ناهي.“ جنهن تي هُن کي اعزازن کان محروم ڪيو ويو ۽ کيس پنج سال قيد جي سزا ٻُڌائي وئي. جيڪا بعد ۾ عوامي احتجاجن سبب ختم ڪئي وئي.
باڪسنگ رنگ کان ٻاهر ڪُلي نسل پرستيءَ جي سخت خلاف هو، جيڪا 1960ع جي ڏهاڪي ۾ امريڪا جي وڏي حصي ۾ عام هُئي. اُن زماني ۾ نيشنل آف اسلام نالي تنظيم سان هو وابسته ٿي ويو هو، جنهن جو مطالبو هو ته ڪاري رنگ جي ماڻهن خلاف نسل پرستي ختم ڪئي وڃي. هُن اسلام قبول ڪندي پنهنجو نالو محمد علي رکي ڇڏيو ۽ چيو ته سندس پراڻو نالو غلاماڻو هو.
1974ع ۾ محمد علي ڪلي جارج فورمين کي شڪست ڏئي هڪ ڀيرو ٻيهر پنهنجو وقار ۽ شهرت حاصل ڪري ورتي. اُن وقت محمد علي جي عمر 32 سال هُئي ۽ هو اُن عالمي چيمپئن جو اعزاز ٻيهر کٽڻ وارو ٻيو شخص هو.
1978ع ۾ محمد علي کي اُن وقت وڏو ڌچڪو لڳو جڏهن هُو پاڻ کان 12 سال ننڍي ڄمار واري ليون اسپنڪس کان هارجي ويو، پر 8 مهينن کان پوءِ محمد علي اسپنڪس کي شڪست ڏئي هڪ ڀيرو ٻيهر پنهنجي وڃايل اعزاز سان گڏ ٽي ڀيرا عالمي اعزاز حاصل ڪندڙ رانديگر واري تاريخ به رقم ڪئي. اُن وقت هُن جي ڄمار 36 سال هُئي.
1980ع ۾ هُن کي صحت جو مسئلو پيش آيو. ڊاڪٽرن هُن کي ”پارڪنسنس سنڊروم“ (رعشه) ۾ مبتلا ٻڌايو. باڪسنگ کان ڪنارو ڪرڻ وقت محمد علي دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ شهرت رکندڙ شخص هو. سڄي دنيا جي مسلمانن ۽ ڪاري رنگ وارا اڄ به محمد علي جو انتهائي احترام ڪن ٿا.
 محمد علي پنهنجي دور ۾ دنيا جي مشهور ترين شخصيت هو. زبردست باڪسنگ صلاحيت کان علاوه هُن ۾ بلا جي خوداعتمادي به هوندي هئي. هُن پنهنجي باري ۾ چيو هو ته ”مان عظيم ترين آهيان.“ ۽ جنهن شخص ٽي عالمي چيمپئن شپ جا ٽائٽل حاصل ڪيا هُجن، ڪير هوندو جيڪو هُن جي اِن ڳالهه تي شڪ ڪري سگهي.
هُن کي اسپورٽس السٽريٽڊ ”اسپورٽس مين آف دي سينچري“ جي خطاب سان نوازيو ته برٽش براڊ ڪاسٽنگ هُن کي اسپورٽس پرسنالٽي آف دي سينچري جو خطاب ڏنو. محمد علي مقابلي کان پهريان ۽ اُن کان بعد ۾ ڏنل بيانن جي حوالي سان به مشهور هو. هو رنگ ۾ جنهن نموني پنهنجا جوهر ڏيکاريندو هو، اهڙي ئي نموني رنگ کان ٻاهر پنهنجي بيانن سان ماڻهن کي محظوظ ڪندو هو.
هُن کان هڪ ڀيري پُڇيو ويو ته هو ڇا ٿو چاهي ته ماڻهو کيس ڪيئن ياد ڪن. اُن تي هُن چيو ته ”هڪ اهڙي ماڻهوءَ طور، جنهن پنهنجي ماڻهن جو ڪڏهن به سودو نه ڪيو. جيڪڏهن اهو زياده آهي ته پوءِ هڪ سُٺي باڪسر طور. هُن چيو هو ته مون کي اِن ڳالهه تي ڪو به اعتراض نه هوندو ته ڪو منهنجي خوبصورتيءَ جو ذڪر نه ڪري.
محمد علي جي لاڏاڻي تي دُنيا جي مختلف ماڻهن تاثر ڏنا، جن مان ڪجهه جو ذڪر اسين هتي ضروري سمجهون ٿا. ڊيوڊ ڪيمرون جو چوڻ هو ته  محمد علي نه صرف رنگ ۾ چيمپئن هو، هو شهري حقن جو به چيمپئن ۽ گهڻن ماڻهن لاءِ رول ماڊل هو. باڪسنگ پروموٽر فرينڪ وارن جي راءِ هُئي ته، هُن غالبن براڪ اوباما جي امريڪي صدر بڻجڻ جي راهه هموار ڪئي.
بل ڪلنٽن پنهنجي تاثر ۾ چيو ته، جڏهن هُن 1960ع ۾ اولمپڪ گولڊ ميڊل کٽيو ته باڪسنگ جي شوقينن کي خبر پئجي وئي ته هو خوبصورتي ۽ اندازِ رفتار ۽ قوت جو اهڙو امتزاج ڏسي رهيا آهن، جيڪو ٻيهر ڏسڻ لاءِ نه ملندو. اڳوڻو عالمي چيمپئن فلوڊ مي ويدر چوي ٿو ته، ڪو ٻيو محمد علي نه ايندو. پوري دنيا جي ڪاري رنگ جي برادريءَ کي هُن جي ضرورت هُئي. هو اسان جو آواز هو.
-  اسان هڪ تمام وڏي شخصيت کان محروم ٿي ويا آهيون. محمد علي جي صلاحيتن سان باڪسنگ کي فائدو رسيو، پر ايترو نه جيترو انسانيت کي اُن کان فائدو پهتو: اڳوڻو عالمي چئمپن ميني پيڪيائو.
اڳوڻي باسڪٽ بال رانديگر ڪريم عبدالجبار دلچسپ تاثر ڏيندي چيو ته، منهنجو قد ست فُٽ ٻه انچ آهي، پر مان جڏهن هُن جي ڀرسان بيهندو هوس ته پاڻ کي ڊگهو تصور نه ڪندو هو.
-  مان جن ماڻهن سان مليس، علي غالبن اُنهن مان عظيم ترين انسان هو. اڳوڻو هيوي ويٽ چيمپئن جارج فورمين
- عظيم ترين پنهنجو آخري رائونڊ کيڏي ورتو. محمد علي عظيم ترين ايٿليٽ هو، جيڪو راندين کان بالاتر ٿي ويو. گيري لِنيڪر، اڳوڻو برطانوي فٽبالر

اِها حقيقت آهي ته محمد علي فقط رانديگر ئي نه پر هڪ عظيم انسان پڻ هو، جنهن ويٽنام خلاف فوج ۾ شامل ٿيڻ کان انڪار ڪري اِهو ثبوت ڏنو ته، جيڪڏهن انسان همت ۽ حوصلي کان ڪم وٺي ته عالمي طاقتون به اُن جي آڏو هارجي سگهن ٿيون. دنيا هُن کي عظيم رانديگر طور سدائين ياد رکندي.

No comments:

راءِ ڏيندا