; سنڌي شخصيتون: اسرار شام - مير اعظم علي ٽالپر

26 June, 2016

اسرار شام - مير اعظم علي ٽالپر

اسرار شام
ٻاراڻي ادب ۾ وڏو نالو
مير اعظم علي ٽالپر
دنيا ۾ هر روز ڄمڻ ۽ مرڻ جو قدرتي عمل جاري آهي، پر دنيا ۾ ايندڙ ۽ ويندڙ ڪي ڪي انسان ۽ انهن جا ڪم اهڙا هوندا آهن، جيڪي سندن پٺيان هميشه ياد ڏياريندا رهندا آهن. انهن انسانن ۾ وري ڪو اهڙو انسان هجي، جنهن جو واسطو ادب سان هجي ۽ هو پنهنجي پويان پنهنجو اڻ مٽ خزانو اڇي پني (ڪاغذ) تي لکت ۾ ڇڏي وڃي ۽ ان جي لکيل تحرير وارو ادب اکين اڳيان اچي ته سندس هئڻ جو احساس دل ۾ پيدا ٿيندو آهي. اهڙين شخصيتن جي سلسلي ۾ منهنجو پاڙيسري، منهنجي شهر ٽنڊوڄام ۾ جنم وٺندڙ لالا اسرار ميمڻ، جنهن جي پيدائش جو گهر علم ۽ ادب جي وچ ۾ هو، جتي سراج الحق ميمڻ، فهميده حسين ميمڻ، ڀاءُ عبدالسلام ۽ ڀاءُ عبدالسبحان ميمڻ جنم ورتو هجي.


لالا اسرار ميمڻ پنهنجي نالي پٺيان 1972ع ۾ لساني جهيڙي ۾ زرعي ڪاليج (ان وقت) جي ٻن بي گناهه شاگردن کي شام 5 وڳي شهيد ڪرڻ سبب پنهنجي لاءِ تخلص طور شام منتخب ڪري ڇڏيو. ان کانسواءِ اسرار ميمڻ بطور شام ٿيڻ سان گڏوگڏ پنهنجو مَٽُ پاڻ هو. اڄ 17 جون جمعي ڏينهن اسرار شام جي ٻي ورسي آهي. مون کي اڄ به چٽو ياد آهي ته اسرار شام جي آخري ڏينهن ۾ هن ڪوڙي ۽ دوکيباز دنيا مان موڪلائڻ کان صرف ٽي ڏينهن اڳ آئون، مٺل جسڪاڻي سان گڏ سندس گهر ميمڻ پاڙي ۾ ملڻ ويو هئس. هو منهنجو ننڍي هوندي جو حُجتي يار هو ۽ منهنجي لکڻ ۽ سندس لکڻ ۾ فرق محسوس ڪندي چوندو هو ته ’يار منهنجي ٻاراڻي رسالي ۾ ڪرڪيٽ لاءِ لک، ڇو ته ڪرڪيٽ راند ٻارن کي گهڻي پسند آهي‘ هو اهو به چاهيندو هو ته ڪرڪيٽ راند سکڻ جي حوالي سان سندس ٻارن واري پرچي ۾ مضمون شايع ٿين، ان لاءِ مون کيس هڪ پراڻو رسالو شورش ڪاشميري (ڪشمير) جو ’چٽان‘ به ڏنو هو ته ان تان مضمون ۽ ڏنل اسڪيچ هو هلائي، پر هن ان بدران مون تي زور ڀريو ته آئون خود لکان. جنهن لاءِ آئون اڄ به شرمندو آهيان ته لکي نه سگهيس ۽ هو خاص طور اهو طعنو هر عيد نماز پڙهڻ کانپوءِ گلي ملڻ وقت ڪن ۾ ڏيندو هو ته ”اعظم 12 مهينا ٻيا گذري ويا، مضمون نه مليو.“ اسرار شام جو سياري ۾ مچ ڪچهري جي لاءِ سڀني کي سڏڻ به خاص ڪم هوندو هو ۽ هو ان ۾ منهنجي لاءِ منهنجن پٽن کي به دڪان تي زور ڀري دعوت ڏئي ۽ وٺي اچڻ جو چئي ويندو هو، پر مون جهڙو سوير سمهڻ وارو ماڻهو انهن محفلن ۾ پهچڻ کان هميشه محروم رهيو.
اسرار شام بطور هڪ استاد جيڪو وقت اسڪول يا شاگردن کي ڏنو، سو پنهنجي جاءِ تي، پر هن جيڪو ڪم ٻاراڻي ادب ۽ صحافت لاءِ ڪيو سو هميشه ياد رهندو، هن ٻارن ۾ لکڻ جو شعور پيدا ڪيو ۽ لکڻ لاءِ ٻارن ۾ حوصلو ۽ صلاحيت پيدا ڪرائي ته ڪهاڻي، نظم ڪيئن تحرير ڪجي؟ ان کانسواءِ هڪ ٻار کي سٺو آرٽسٽ ٿيڻ لاءِ تصويرون ڪيئن ٺاهڻ سيکارجن ۽ هڪ فنڪار ٿيڻ لاءِ ٻار ۾ ڇا ڇا هئڻ گهرجي؟ اهڙين سڀني خوبين کي ملائي اسرار شام ٻارن لاءِ هڪ ادارو هو. اڄ ٻي ورسي تي اسان اسرار شام کي ڀيٽا ڏيڻ لاءِ سندس آخري آرامگاهه تي گلن جي چادر چاڙهڻ کانسواءِ سنگت ساٿ چند گهڙيون گڏ ويهي اٿي وينداسين، پر اسرار شام جو اصل مقصد جيڪو سندس مشن ٻارن ۾ شعور بيدار ڪرڻ هو، اها بيداري واري لاٽ سندس سنگت ۽ پٺيان وارن مان ڪير ٻاريندو؟ ڇا اسان فقط مرحوم ٿيڻ وارن جي ورسين ملهائڻ ۽ گلن جي چادر ٻارهين مهيني چاڙهي پنهنجو فرض نڀائڻ کي ترجيح ڏيندا رهنداسين يا ڪجهه ٻيو به ڪري سگهون ٿا؟
اسرار شام جي منظور چيمبر حيدرآباد واري بند پيل آفيس ۽ رڪجي ويل ٻاراڻي ادب وارو ڪتاب وري ڪيئن هلن، ان لاءِ ڪجهه ڏينهن پهرين اها آفيس کولڻ ۽ ٻارن جو ڪتاب ”سيرت“ ٻيهر ڇاپڻ لاءِ سائين حيات علي شاهه بخاريءَ راقم کي چيو هو ۽ ان لاءِ اسرار شام جي وارثن سان رابطو قائم ڪيو ويو، جن وري نصير مرزا کان پڇڻ کانپوءِ ڪو فيصلو ڪرڻ جو چيو هو، جنهن جو تاحال ڪو جواب نه مليو. ورنه اسرار شام جي هن ٻي ورسي تي سندس پٺيان ڇڏيل ادبي ورثي مطابق سندس لاءِ ڪو ڪتاب ضرور پڙهڻ لاءِ ملي وڃي ها.

ٻاراڻي ادب لاءِ سنڌ ۾ ڪيترائي نالا اڻ مٽ آهن، جن ۾ محمد بخش جوهر ۽ آر ايڇ احمد جو ڪتاب گهر، اسماعيل بن واصف، اياز يا نوالي، لياقت يوسفاڻي (ڏيپلو) ان کانسواءِ سائين پير مظهرالحق عبرت ۾ ٻارن جو صفحو، سائين بشير ڀٽي (هلال حيدرآباد) حسام سومرو هلال ڪراچي، احمد خان شيخ (آفتاب) هنن سڀني ٻارن ۽ ٻاراڻي ادب لاءِ وڏو ڪم ڪيو آهي. انهن سان اسرار شام جو مقابلو هجي يا نه هجي پر خود اسرار شام پنهنجو پاڻ ۾ هڪ نالو آهي. اسان اسرار شام جي ٽئين ورسي تي سندس ئي اداري پاران ڪو ڪتاب ٻارن لاءِ ڇپائي ڀيٽا ڏيڻ وقت گلن جي چادر سان گڏ هٿن ۾ اهو ڪتاب به کڻي بيهنداسين، اها صرف اميد ڪريون يا حقيقت ثابت ٿيندي، سو وقت ظاهر ڪندو؟

No comments:

راءِ ڏيندا