; سنڌي شخصيتون: پروفيسر اياز حسين قادري

29 June, 2016

پروفيسر اياز حسين قادري


هڪ ڪهاڻيڪار جي حيثيت ۾
ڊاڪٽر ناهيد پروين
اياز حسين قادري کي سنڌي جديد افساني جي بانيڪارن ۾ ليکيو وڃي ٿو. ورهاڱي کان پوءِ سنڌي ادب ۾ آيل ماٺار جي انت ۾ جن ليکڪن بنيادي ڪردار ادا ڪيو، انهن ۾ اياز قادري جو نالو شامل آهي. قادري صاحب جو تعلق هڪ علمي ۽ ادبي ڪٽنب سان هو، سندن نانو ۽ مامو ادبي دنيا جي اهم شخصيتن مان هئا، ۽ سندن علمي توڙي ادبي تربيت ۾ سندن مامي ميان غلام عباس قادري جو بنيادي ڪردار رهيو آهي. قادري صاحب، بنيادي طور تي شاعر هو، پر پاڻ وقت به وقت ڪهاڻيون به لکندو رهيو، جيتوڻيڪ سندس ڪهاڻين جو انگ ڪو تمام گهڻو ڪونهي، پر سندس هر ڪهاڻي بهترين شاهڪار ڪهاڻي آهي. “بلو دادا” سندس ڪهاڻين جو پهريون مجموعو آهي، جيڪو ۱۹۵۷ع ڌاري شايع ٿيو. جنهن کان پوءِ ان جا ڪيترا ئي ڇاپا آيا. سندن لاڏاڻي کان پوءِ قادري قلم قبيلي پاران سندن ڪهاڻين جو مجموعو “ڪهاڻي هر دور جي” جي نالي سان شايع ٿيو، جنهن ۾ بلو دادا مجموعي کان سواءِ بعد ۾ مختلف رسالن ۾ ڇپيل سندن ڪهاڻيون ۽ ڪجهه اڻڇپيل ڪهاڻيون پڻ شامل آهن. اياز قادري صاحب جنهن دور ۾ ڪهاڻين لکڻ جي شروعات ڪئي، ان دور ۾ “ٽماهي مهراڻ” ۽ “نئين زندگي” سنڌي ادب جا اهم ۽ معياري رسالا ليکبا هئا، ۽ قادري صاحب جا افسانا انهن ٻنهي رسالن ۾ باقاعدگيءَ سان شايع ٿيندا هئا.


ميمڻ عبدالمجيد سنڌي لکي ٿو. “پنجاهه واري ڏهاڪي جي شروع ۾ سنڌي ادبي بورڊ طرفان ٽماهي ’مهراڻ‘ جاري ٿيو، جنهن جو هڪ حصو افسانن لاءِ مخصوص ٿيو. ان ۾ نهايت بهترين افسانا شايع ٿيندا هئا، جيڪي سنڌي جديد افساني جو بنياد بڻيا. هن ئي رسالي ۾ ڊاڪٽر اياز حسين قادري، جمال ابڙو ۽ غلام رباني جا شاهڪار افسانا ڇپيا، جيڪي فن توڙي مقصديت جي لحاظ کان اعليٰ درجي جا افسانا آهن. انهن افسانن ۾ سنڌ جي ماحول جي عڪاسي ٿيل آهي، سنڌ جي ماڻهن کي سجاڳيءَ جو سڏ ڏنل آهي، غريبن، مسيڪنن، هارين ۽ پورهيتن جي پيڙا جي اپٽار ٿيل آهي. ڪي افسانا ڪرداري افسانا آهن، جن ۾ خاص ڪردارن جي مزاج، فطرت، ڪارنامن ۽ ڪارگذارين جي نکيڙ ڪيل آهي. هن دور ۾ شيخ راز، شيخ اياز، اياز حسين قادري، جمال ابڙو ۽ غلام رباني جهڙا باڪمال افسانا نويس، جن جديد سنڌي ڪهاڻي لاءِ نئين راهه کولي، پر پوءِ انهن مان ڪن لکڻ ڇڏي ڏنو.” (۱)
اياز قادري کي ننڍپڻ کان ئي پڙهڻ جو شوق هو، پاڻ نون ورهين جي ڄمار ۾ قصن ۽ داستانن جو اڀياس ڪرڻ شروع ڪيائون. ڪاليج واري دور ۾، ان دور جا ننڍي کنڊ جا مشهور نثر نويس سندس اڀياس هيٺ آيا، جن ۾ ٽئگور، شرت، چندر جا ڪتاب عبدالحليم شرر، راشد الخيري، نسيم حجازي، ڪرشن چندر، سعادت حسين منٽو، خواجه احمد عباس، منشي پريم چند، مئڪسم گورڪي، ٽالسٽاءِ اوهينري، موپاسان، چيخوف ۽ ٻين عظيم ناول نگارن جو اڀياس ڪيائين.
اياز حسين قادري، شاعريءَ سان گڏوگڏ افساني نگاريءَ ڏانهن به وک وڌائي. ان جو هڪ سبب اهو به هو ته اياز قادري صاحب، سنڌي ادبي سنگت جي باني ميمبرن مان هو ۽ سنگت جون هفتيوار ادبي گڏجاڻيون آرام باغ واري ايراضي ۾ واقع ڏنيرام بلڊنگ جي سندن فليٽ ۾ ٿينديون هيون، جتي وڏا وڏا اديب شريڪ ٿي پنهنجيون تخليقون پيش ڪندا هئا، ان ماحول مٿس وڏو اثر ڇڏيو. هڪ ته سندس تعلق ادبي ڪٽنب سان، ويتر ادبي گڏجاڻين جي ميزبانيءَ کين ادب جي مختلف صنفن تي طبع آزمائي جو بهترين موقعو فراهم ڪيو ۽ ان ماحول مان متاثر ٿي پاڻ ڪهاڻين لکڻ ڏانهن وڌيڪ ڌيان ڏنائون ۽ شاهڪار سنڌي ڪهاڻيون تخليق ڪيائون. ان دور ۾ سندن لکيل ڪهاڻين “بلو دادا” ۽ “مان انسان آهيان” کي پڙهندڙن ۾ تمام گهڻي مڃتا ملي. (۲)
اياز حسين قادري افسانا نويسي جي دنيا ۾ جيئن پير پاتو، تيئن ئي مقبول ٿي ويو. محترم غلام علي الانا، اياز قادري جي افسانا نويسيءَ بابت ’چونڊ سنڌي افسانا‘ ۾ لکي ٿو، “اياز حسين قادري به هن دؤر جي افسانا نگارن مان هڪ آهي. هن جا افسانا هن ملڪ جي معاشري جي سماجي بدحاليءَ جون اگهاڙيون تصويرون آهن. هو زندگيءَ جي تلخ حقيقتن جو پردو هٽائي ٿو ۽ سماج جي خرابين، پراڻين رسمن ۽ جاگيرداري نظام خلاف احتجاج ڪري ٿو.” (۳)
اياز حسين قادري فن، فڪر ۽ شخصيت تي شمس الدين عرساڻي پنهنجي تحقيقي مقالي “آزاديءَ کانپوءِ سنڌي افسانوي ادب جي اوسر” ۾ لکي ٿو سندس ڪهاڻين جا پلاٽ، اردو ڪهاڻيڪارن سعادت حسين منٽو ۽ احمد عباس جي ڪهاڻين تان ورتل معلوم ٿين ٿا، پر اياز حسين قادري هوبهو انهن جو ترجمو نه ڪيو آهي بلڪه تخليقي قوت کان ڪم وٺندي انهن ۾ اصليت جو جلوو پسايو اٿس.”(۴)
اياز حسين قادري جي افسانن جو مجموعو ’بلو دادا‘ پهريون ڀيرو ۱۹۵۷ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو. هن مجموعي ۾ جيڪي افسانا شامل هئا سي هي آهن: بلو دادا، مان انسان آهيان، هي ليڊر، ڪتي جي موت، فرشتو، ڪفن چور قانون، امڙ مان نه ڪندس، علوءَ جا عشق، بي شرم، ٻهروپي ۽ هاجران وغيره.
اياز حسين قادري پنهنجن افسانن جي باري ۾ لکي ٿو، “منهنجي افسانن جا پلاٽ نه ڌاريا آهن، نه خيالي، هي اهي تلخ حقيقتون آهن جن کي اسين پنهنجي زندگيءَ ۾ هر روز ڏسون ٿا، مون فقط ايترو ڪيو آهي جو انهن کي افسانوي رنگ ڏيئي پيش ڪيو آهي.”(۵)
اياز حسين قادري جا افسانا ڀرپور تاثر ڇڏين ٿا. اياز قادري جو مشهور ۽ مقبول افسانو ’بلو دادا‘ آهي. هن ڪرداري افساني جي شروعات ڪردار جي تعارف سان ڪري ٿو، “هو سڄي پاڙي ۾ بدنام هو. هرڪو هن کان ڪُو کائيندو هو. جهڙو تهڙو ته هن جو نالو به ڇرڪي وٺندو هو. پئسي وارا، هن کي بنهه گنڊو سمجهندا هئا. پاڙي جو داداگير ليکيو ويندو هو. سندس نالو بلاول هو، مگر کيس ڪوٺيندا هئا ’بلو دادا‘.(۶)
’بلودادا‘ جهڙو ڪردار تخليق ڪرڻ تي اياز حسين قادري کي تمام گهڻي مڃتا ملي. ان دور ۾ سندس همعصر ڪهاڻيڪارن کي به ڪردار تخليق ڪرڻ جو موقعو مليو، پر جيڪا مڃتا اياز قادري کي ملي، سندس ٻين همعصرن کي حاصل نه ٿي.
محترم ڊاڪٽر عبدالمجيد ميمڻ لکي ٿو ته، “سندس افسانن مان ’بلو دادا‘ شاهڪار افسانو آهي. هي شهري معاشري جي بدنام طبقي جي ڪردار تي ڪرداري افسانو آهي. جنهن ۾ هن ان ڪرادر جي زندگي جا واقعا جيئن جو تيئن بيان ڪندي، ان جي براين سان گڏ شخصي زندگيءَ جون خوبيون ۽ خصوصيتون به نروار ڪيون آهن.”(۷)
ڀارت جو ڪهاڻي نويس ۽ جڳ مشهور سنڌي نقاد موهن ڪلپنا پنهنجي مضمون سنڌ جي سنڌي ڪهاڻي ۾ اياز حسين قادري جي ’بلودادا‘ جي وڏي تعريف ڪئي آهي ۽ ان کي ورهاڱي کان پوءِ لکيل اهم ۽ بنيادي ڪهاڻي ڪوٺيو آهي. لکي ٿو ته، “منهنجي اڀياس موجب ورهاڱي کانپوءِ سنڌ ۾ نئين ڪهاڻي جو باني اياز حسين قادري آهي، ان کان پوءِ هن سان غلام رباني آگرو ۽ جمال ابڙو آهن.”(۸)
سنڌي ٻولي جي مشهور ۽ مقبول ڪهاڻي  نويس جمال ابڙي پنهنجو شاهڪار افسانو ’پشو پاشا‘ اياز حسين قادري جي افساني ’بلو دادا‘ کان متاثر ٿي لکيو. جمال ابڙي پاڻ انهيءَ ڳالهه جو اعتراف هڪ خط ۾ ڪيو جيڪو ٽماهي مهراڻ ۾ ڇپيو.
ڏٺو وڃي ته ادب ۾ ڪردارنگاري جي ايتري اهميت آهي جو ڪڏهن ڪڏهن ڪو فن پارو صرف ڪردارنگاريءَ جو مثال لڳندو آهي. اهڙن ئي ڪردارنگارن اديبن مان اياز حسين قادري صاحب به هڪ آهي. سندس ڪردارنگاريءَ جو شاهڪار آهي ’بلودادا‘.
قاضي خادم ’بلو دادا‘ جو جائزو وٺندي آخر ۾ لکي ٿو، “بلو دادا جو ڪردار شهري زندگيءَ جي انهيءَ پهلوءَ جي نمائندگي ڪري ٿو جيڪو ڪڏهن به نه سڌريو آهي. چمڪندڙ وسيع ويڪرن رستن، وڏين وڏين روشن عمارتن، رنگين سائن بورڊ چلڪندڙ ڪارن ۽ پُرهجوم هوٽلن جي پريان اونداهين گهٽين، بنا ڍڪ جي گٽرن ۽ بدبودار ڪچرن جي ڍير جي وچ ۾ هڪ اهڙي دنيا جيڪا ڪڏهن ختم ٿيڻ جي ناهي ۽ اتي پيدا ٿيندڙ ٻار جيڪي گند ۽ گُهٽ جا عادي هوندا آهن، جيڪي پڙهڻ بدران ٻالپڻي ۾ ئي بوٽ پالش ڪندا يا کيسا ڪتريندا آهن، جن کي ڪڏهن ڪو پلي گرائونڊ نه مليو ۽ نه وقت تي ماني. بلو دادا انهن ئي ڪردارن جو نمائيندو آهي. جي هو سماج جي غلط رسمن، غلط ڪارين تي احتجاج نه ڪري ها ته هو به هڪ گمنام شخص هجي ها. ڪروڙين گمنام انسانن وانگر. ليڪن نه. هن انهن ناانصافين تي عملي احتجاج ڪيو ۽ ردعمل جو ڀرپور اظهار ڪيو. تنهنڪري ئي بلو دادا ۽ اڄ سنڌي ادب جو هڪ نه وسرندڙ ڪردار آهي.” (۹)
تاج بلوچ ايازحسين قادري جي افساني ’بلو دادا‘ بابت پنهنجي راءِ ڏيندي لکي ٿو، “اياز حسين قادري، مرزا نادر بيگ کان پوءِ سنڌي افساني ۾ اهو پهريون ڪهاڻيڪار جنهن روشن خيال ۽ ترقي پسند معاشري جي اڏاوت لاءِ فڪري جنگ ڪئي ۽ سامراجي دلالن جي مضبوط قلعن ۾ بلو دادا جهڙو افسانو لکي ڏار وجهي ڇڏيا ۽ سامراجي ماحول خلاف مهاڏو اٽڪايو. جمال جو ’پشو پاشا‘ ۽ ربانيءَ جو ’شيدوءَ ڌاڙيل‘ بلو دادا جي Extention آهن، جنهن لاءِ جمال ڪيترا ئي ڀيرا پاڻ اعتراف ڪري چڪو آهي. ’بلو دادا‘ کي خاص طرح سان سنڌي افساني جي ڪائنات ۾، منشي پريمچند جي افساني، ’ڪفن‘ واري حيثيت حاصل آهي، حالانڪه ٻنهي افسانن ۾ ترقي پسند خيال ۽ احساس کانسواءِ متن ۽ هيئت ۾ ڪا هڪجهڙائي ناهي.” (۱۰)
ڊاڪٽر غفور ميمڻ پنهنجي تحقيقي مقالي، ’سنڌي ادب جو فڪري پس منظر‘ ۾ اياز قادري صاحب جي فڪر تي روشني وجهندي سندس ڪهاڻي بلو دادا جو تجزيو ڪندي لکي ٿو ته، “سندس ڪهاڻين جو فڪري محور انسانيت آهي. اهو انسان جيڪو ڪٿي سرمائيداريءَ طبقاتي گهٽ وڌائي ۾ پيڙهيل آهي، ڪٿي مذهب جي نالي ۾ ساڻس غيرانساني سلوڪ ڪيو وڃي ٿو ته ڪٿي غربت ۽ پريشاني ۾ غيرانساني فعل سان واسطو پوي ٿو. سندس ڪهاڻي ’بلوداد‘ جيڪا سندس سڀني ڪهاڻين مان جاندار چئي وڃي ٿي، هڪ اهڙي سماج جي حقيقي عڪاسي تي ٻڌل آهي، جيڪو طبقاتي سماج تي اونچ نيچ جي ڪري مختلف مسئلن جو شڪار آهي. ڪهاڻيڪار جو ذهن طبقاتي گهٽ وڌائي کي قبول نٿو ڪري. سندس ڪهاڻي جو ڪردار نٿو چاهي هڪ ماڻهو وٽ لکين روپيا ڀريا پيا هجن ۽ ٻيا فٽپاٿ تي سُڏڪي سُڏڪي مري رهيا هجن. هو عورت جي عظمت جو قائل آهي. نٿو چاهي ته ڪي اوباش غنڊا نياڻين کي ڪا تڪليف پهچائين. سندس ڪهاڻي جو ڪردار بلو دادا سماج جي زيادتين خلاف بغاوت ڪندڙ ڪردار آهي.”(۱۱)
محترم عبدالحليم جوش پنهنجي راءِ ڏيندي ڪتاب بلو دادا جي ديباچي ۾ لکي ٿو ته، “سنڌ جي موجوده افساني نگارن ۾ اوهان کي اهڙا ڪي ٿورا ملندا جن جي افسانن کي فن، ٻولي ۽ افاديت جي لحاظ کان معياري سڏي سگهجي ٿو. انهن ڪن ٿورن بلند پايه افساني نگارن مان اياز حسين قادري پنهنجي علمي سنجيدگي جي لحاظ کان منفرد، موضوع ۽ مواد جي اعتبار کان يگانو ۽ ادبي معياري جي نقطئه نگاهه کان ممتاز نظر اچي ٿو. اياز جي افسانن جي ٻولي ابدي هئڻ سان گڏ نهايت سليس، پر سوادي آهي، جنهنڪري سندس افسانن جي افاديت فقط ’عالمن‘ تائين محدود ڪانه ٿي رهي، پر عوام جي هر طبقي تائين پهچي سگهي ٿي. سندس انداز بيان ايڏو ته دلڪش آهي جو معمولي واقعي يا تجربي کي نهايت مؤثر انداز ۾ پيش ڪيو ويو آهي. فني خوبين افسانن جو معيار ايڏو ته بلند ڪيو آهي جو اهو بنا ڪنهن هٻڪ جي چئي سگهجي ٿو ته اياز جو فلسفو ٽيڪنيڪ خواهه پلاٽ جي لحاظ کان اردو جي چونڊ افسانن جي مقابلي ۾ پيش ڪري سگهجي ٿو.”(۱۲)
مٿين راين ۽ حوالن جي روشني ۾ اياز حسين قادري جي افسانا نويسي جو مختصر جائزو پيش ڪجي ٿو. ڪتاب ’بلو دادا‘ ۾ اٽڪل سڀني افسانن جا پلاٽ انسان جي عظمت ۽ انسانيت تي ٻڌل آهن ۽ اياز قادري جي ترقي پسند سوچ جي ڀرپور عڪاسي ڪن ٿا. بلو دادا افساني ۾ ڪردار بلو دادا کي جيڪا سيٺ ۽ شاهوڪار طبقي سان طبقاتي ننڍوڏائي جي ڪري نفرت آهي ان جو اظهار اياز حسين قادري ان ڪردار کان ڪجهه هن ريت ڪرائي ٿو، “سالا حرامي جيڪڏهن توکي ڪار نٿو هلائڻ اچي ته ڪار ڇو هلائي ٿو! سيٺ ڪُرڙي وانگر پئي ڦٿڪيو. ڇا توهان سيٺيا دنيا جي نشي ۾ ايترو ته انڌا ٿي ويا آهيو جو غريبن جي مٿان اکيون ٻوٽي ڪارون ٿا چاڙهيو! هيءَ حرامخور ڪهڙو نه بيپرواهيءَ سان ڪار ٿا هلائين. غريب ڇوڪري مٿان ڪار چاڙهيو اٿس. ان کي اسپتال ڇڏڻ بدران ڪار ڀڄائي ٿو وڃي. ايئن چئي هڪڙو زور سان چنبو وهائي ڪڍيائين.” (۱۳)
ڇاڪاڻ جو امير ماڻهن جي نظر ۾ غريب جي جان جي ڪابه قيمت ناهي ۽ هو غريبن جي رت کي پاڻيءَ کان به سستو ڀانئين ٿا. اهڙن ماڻهن جي ڏاڍ خلاف بلو دادا جي ڪردار جي صورت ۾ اياز حسين قادري انهن سان ڄڻ پاڻ مهاڏو اٽڪائي ٿو. افساني ’مان انسان آهيان‘ ۾ وري اياز حسين قادري ورهاڱي جي وقت جيڪا ٻن قومن ۽ ٻن مذهبن وچ ۾ تعصب پسنديءَ جي انتها ٿي وئي هئي ۽ انسانيت کي پشيمان ڪيو ويو. انهن حالتن جي ڀرپور جذباتي عڪاسي ڪري ٿو ۽ پنهنجي پڙهندڙن کي اهو احساس ڏياري ٿو ته مذهبي متڀيد کان تمام مٿي انسانيت آهي. اياز قادري هن افساني جي ابتدا سوال سان ڪري ٿو ۽ پڇاڙي ۾ ان سوال جو جواب پنهنجي ڪردار درويش بابا کان ڏياري ٿو، “تون ڪير آهين؟ تنهنجو نالو ڇا آهي؟ ڊاڪٽر جي جواب ۾ صرف زخمي مرڪي ڏنو. تنهنجو مذهب ڪهڙو آهي؟ زخميل وڏو ٽهڪ ڏنو. نيٺ ڊاڪٽر ۽ نرس ٻئي ڏڪي ويا. شايد ديوانو آهي، نرس چيو. ڊاڪٽر صاحب مان هندو..... نه نه.... مسلم.... نه  نه نه ڊاڪٽر صاحب مان انسان آهيان. منهنجو مذهب انسانيت آهي. ڊاڪٽر صاحب مون کي زخم ٻنهي هندو ۽ مسلمانن کان رسيا آهن. منهنجا زخم انسانيت جا زخم آهن.” (۱۴)
اڄ جتي هڪ مذهب ٻئي مذهب سان جنگ نٿو جوٽي، پر مسلمان ڀاءُ به ٻئي مسلمان ڀاءُ تي وار ڪندو نظر اچي ٿو. انسان جي عظمت ختم ٿي رهي آهي. انسانيت ڪٿي نظر نٿي اچي بلڪه دنيا ۾ جهنگ جو قانون لاڳو ٿي ويو آهي، “جيڪو ڏاڍو سو گابو.”
اياز حسين قادري جي افسانن مان صرف سچائي ظاهر ٿي رهي آهي. ڄڻ اياز حسين قادري روزمره جي واقعن کي کڻي پنهنجي ڪهاڻين ۾ پيش ڪيو آهي. معاشري ۽ سماج جا جيئرا جاڳندا ڪردار سندس ڪهاڻين جا ڪردار آهن. جيئن درويش بابا جو ڪردار، بلودادا، فرشتي جو ڪردار، مولوي ڪرم الله جو ڪردار، اهي سڀ ڪردار اسان کي پنهنجي سماج ۾ ملن ٿا. اياز حسين قادري پنهنجي افسانن جي ڪردارنگاري بابت لکي ٿو ته، “منهنجي افسانن جا ڪردار نه فرشتا آهن نه شيطان هو فقط سادا سودا انسان آهن، جن ۾ ڪيترين خوبين سان گڏ خاميون به آهن. ڪيترين خامين هوندي به خوبيون آهن. هو پنهنجي ماحول جي پيداوار آهن جن کي اسين گناهه يا ثواب سڏيون ٿا، جنهنڪري انهن کي فرشتو يا شيطان جو لقب ملي ٿو.”(۱۵)
ڏٺو وڃي ته اياز حسين قادري جي افسانن جا ڪردار جيئرا جاڳندا انساني ڪردار آهن، جن ۾ برائي ۽ چڱائي ٻئي موجود آهن. ڪهاڻي فرشتي ۾ پٽ جو ڪردار به هن معاشري جو جيئرو جاڳندو ڪردار آهي. اڄ ته سڄا سڄا ڪٽنب آپگهات ڪن ٿا. بک، غربت، افلاس ۽ بيروزگاري غريب ماڻهن جا اهي گناهه آهن جن جي سزا کيس آپگهات جي صورت ۾ ملي ٿي.
افساني، ’ڪتي جو موت‘ ۾ دراصل هڪ انسان زمينداري ظلم ۽ وڏيرڪي سماج جي ور چڙهي ڪتي جي موت مري ٿو، پر ساڳئي وقت وڏيري جو ڪتو زندگيءَ جا اهي مزا ماڻي ٿو، جنهن جو ڪو غريب تصور به نٿو ڪري سگهي. هن افساني جو ڪردار گلو سماج ۽ جاگيرداري نظام جي بي حسي جو شڪار ٿي سيءَ وگهي مري وڃي ٿو.
اياز حسين قادري جو تعلق هڪ صوفي مسلڪ سان آهي. قادري سلسلي جا درويش، فقير صفت آهن، جيڪي انسانيت جي عظمت جا قائل آهن. جن جي نظر ۾ انسان کي رنج ڏيڻ ڄڻ خدا کي ناراض ڪرڻ جي برابر آهي، انهيءَ ڪري اياز حسين قادري جي نظر ۾ سڀ انسان برابر آهن. هيڻي ۽ ڏاڍي جو ويڇو ختم ٿيڻ گهرجي. ننڍي وڏي جو ذات پات، هندو مسلم، سني ۽ شيعي جو فرق ميٽجي وڃڻ گهرجي. انسان کي قدرت اشرف المخلوقات ڪري پيدا ڪيو آهي انهيءَ ڪري ان جي عظمت برقرار رهڻ گهرجي.
اياز حسين قادري جي افسانن ۾ سندس شخصيت پڻ ليئا پائي ٿي. چوندا آهن ته لکڻيون شخصيت جو آئينو هونديون آهن ۽ اياز حسين قادري جي شخصيت ۽ فڪري لاڙو سندس ڪهاڻين مان ظاهر ٿئي ٿو.
اياز حسين قادري پاڻ ننڍپڻ ۾ يتيم ٿي ويو ۽ اها محرومي ساڻس آخري وقت تائين رهي، جنهن جو احساس پراڻي ۽ نئين ڪهاڻين ٻنهي ۾ ٿئي ٿو. اڪثر ڪهاڻين جا ڪردار يتيم ڏيکاريا آهن. ’فرشتو‘، ’امڙ مان نه ڪندس‘ جو ڪردار ننڍڙو رمون، ڪهاڻي ’ڪلاچي جي ڪن ۾‘ جو ڪردار موريو، ’ڪهاڻي هر دور جو ڪردار‘ عبدو ۽ ڪهاڻي ’ههڙا هاڃا ٿين‘ جا ڪردار موسو ۽ عيسو.
اياز حسين قادري پاڻ يتيم ٿي گهاريو هو انهيءَ ڪري کيس ان محروميءَ جو شدت سان احساس رهيو. ان احساس سندس اندر ۾ اهو ٻار هميشه زندهه رکيو جيڪو ٻين ٻارن کي پنهنجن پيئرن سان انگل ڪندو ڏسندو هو ته سندس دل پنهنجي والد کي ياد ڪري ڀرجي ويندي هئي ۽ هو اندر ۾ روئي ويهندو هو.
اياز حسين قادري جي ڪجهه افسانن تي اها تنقيد ڪئي وئي آهي ته اهي غير معياري آهن جنهن معيار جا بلو دادا، مان انسان آهيان، امڙ مان نه ڪندس، فرشتو، ڪفن چور ۽ هي ليڊر وغيره. پر ڏٺو وڃي ته اهي ڪردار ۽ افسانا به اياز قادري کي هن جيئري جاڳندي سماج مان مليا آهن. ضروري ته نه آهي ته زندگيءَ جي هر مسئلي ۽ مونجهاري کي درد واري نوع ۾ ئي لکجي. ڪجهه مسئلا هلڪا ڦلڪا هوندا آهن، جن کي ان انداز ۾ ئي بيان ڪري سگهجي ٿو. مثال طور ڀوڪ، بي شرم، قانون وغيره. ڪاليج ۽ يونيورسٽي واري عرصي دوران اياز حسين قادري سان اهڙا ڪيترا ئي ڪردار لهه وچڙ ۾ آيا هوندا ۽ بعد ۾ پوءِ اهي ڪردار اياز قادري جي افسانن جا ڪردار بنجي امر ٿي ويا.
اياز حسين قادري جي افسانا نويسي بابت ڪجهه نقادن اها راءِ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته اياز حسين قادري، سعادت حسين منٽو ۽ خواجه احمد عباس جي افسانن جي نقل يا پيروي ڪئي آهي، پر ان لاءِ ايترو چوڻ ڪافي آهي ته جڏهن ڪنهن ماڻهو جو مطالعو تمام گهڻو ۽ گهرو ٿي وڃي ٿو ته پوءِ ان تي ان ليکڪ جو اثر به پوي ٿو، جنهن کي هو گهڻي چاهه مان پڙهي ٿو، پر اياز قادري جا افسانا ٺيٺ سنڌي سماج جي عڪاسي ڪن ٿا.
افساني بلودادا بابت چيو وڃي ٿو ته اهو افسانو منشي پريم چند جي افساني ’ڪفن‘ جي ڪاپي آهي. ان بابت عبدالحليم جوش هڪ ملاقات ۾ ٻڌايو ته، “اياز حسين قادري جي افساني ’بلودادا‘ جو ڪردار منهنجو به ڏٺل وائٺل هو. مان ۽ اياز جڏهن به اسڪول کان موٽندا هئاسين يا ڪاڏي به ويندا هئاسين جهانگيان هوٽل ۾ ’بلاول بلوچ‘ ملندو هو ۽ هميشه اسان کي چوندو هو. سائين اچو منهنجي چانهه پيو. اياز قادري ۽ مان کيس چوندا هئاسين ته ها تنهنجي چانهه ضرور پيئنداسين. اياز قادري مون کي چوندو هو ته هي شخص مونکي تمام انسپائر ٿو ڪري ۽ نيٺ ان ڪردار کي اياز قادري پنهنجي افساني ’بلودادا‘ ۾ امر ڪري ڇڏيو.(۱۶)
اياز حسين قادري جي افسانا نويسي تي محمد علي پٺاڻ راءِ ڏيندي چوي ٿو ته، “۱۹۵۶ع ۾ هن ڪهاڻيون لکي جڏهن سنڌ جي مختلف ادبي رسالن ۽ ڪتابن ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو ۽ انهن جي پڙهندڙن وٽان کيس ڀرپور موٽ ملي ۽ ويجهن دوستن جي چوڻ تي اهي ’بلودادا‘ جي سري سان ڪتابي صورت ۾ سهيڙي ڇپائي ظاهر ڪيائين. جن کي ڏيهه توڙي پرڏيهه ۾ تمام گهڻي مقبوليت حاصل ٿي ۽ جتي ڪٿي هڪ وڏي ڪهاڻيڪار جي روپ ۾ هن جي نالي جي هاڪ ڦهلجي وئي.
’بلودادا‘ ۾ شامل ڪهاڻين جي تخليق کانپوءِ هن جي جيتوڻيڪ ٻن ڏهاڪن تائين ڪهاڻي جي ميدان ۾ گهڻو ڪري غير حاضري ۾ هن ڪهاڻي جي ميدان هڪ ڀيرو وري سگهاري انداز سان پير پاتو ۽ ’آئينو‘، ’ٻه دوست‘، ’اڻ پوري خواهش‘، ’ڪهاڻي هر دور جي‘، ’ڪلاچي جي ڪن ۾‘، ’ويڄن وڍي آهيان‘، ’ههڙا هاڃا ٿين‘ ’سوڍا تو ڳرساهه‘، ’قصو هڪ عشق باز جو‘، قبرن جي وچ ۾‘، ’ڪاري‘ جي عنوان سان ڪهاڻيون لکي هن پنهنجي ڪهاڻيءَ جي اڌ ۾ ڇڏيل  سفر کي عروج تائين پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي.”(۱۷)
اياز حسين قادري جي فن ۽ فڪر تي نظر وجهڻ سان اها چڱي ريت پروڙ پوي ٿي ته اياز قادري سنڌي ادب ۾ روشن خيال ۽ ترقي پسند فڪر جو نمائيندو اديب/ ليکڪ هو. جيڪو پنهنجي سماج جي فرسوده نظام کان بغاوت ڪندو نظر اچي ٿو. ڪهاڻيڪار پنهنجي ڪهاڻين ذريعي سماج کي آئينو ڏيکاري ٿو ۽ سماج جي نالي ماتر ٺيڪيدارن کي ٻڌائي ٿو  ته ڏسو اسان جي سماج ۽ معاشري ۾ ڪيترو گند پکڙجي ويو آهي. ڪٿي هو “علوءَ جا عشق” ڪهاڻي ۾ هڪ اوباش نوجوان جي عشقيه داستانن کي بظاهر پيش ڪري ٿو، پر اندروني طرح هو معاشري جي انهن ناسورن کي بي نقاب ڪري پيو جيڪي چادر ۽ چارديواري ۾ دفن آهن.
ڪهاڻي ’هي ليڊر‘ ۾ سياستدانن جي اصل چهري تان نقاب هٽائي ٿو، جيڪي پنهنجي سياسي ڪاميابي ماڻڻ لاءِ قول ۽ فعل ۾ بلڪل ابتڙ هجن ٿا. جيڪي نعرا هڻن ٿا ته، ’چادر ۽ چارديواري‘ جو احترام ڪيو وڃي. عصمت فروشي جا اڏا ختم ڪيا وڃن، پر پاڻ عصمت فروشي جي اڏن کي جنم ڏين ٿا. هن افساني ۾ اياز حسين قادري سياستدانن جي منافقاڻي رويي کي ظاهر ڪري ٿو ٻيو سنڌ جي عورت کي اهو سبق ڏيڻ گهري ٿو ته کوکلن وعدن ۽ ٺلهين ڳالهين تي پنهنجي ۽ پنهنجي خاندان جي عزت ۽ عصمت داؤ تي نه لڳائن. جي ائين ڪندؤ ته پنهنجا ٻئي جهان وڃائي ڇڏيندؤ. آخر ۾ وڃي ڪنهن عصمت فروشي جي اڏي جي زينت بڻجي ويندؤ.
هي اهي تلخ حقيقتون هيون جن تان اياز حسين قادريءَ ڪوڙ ۽ ڪٽ جا پردا لاٿا ۽ معاشري ۾ انهن ڪردارن کي بي نقاب ڪري بيهاريو ته جيئن سماج ۾ غلاظت ۽ گند نه وڌي. سندس ڪهاڻين مان سندس سوچ ۽ فڪر ظاهر ٿئي ٿو ته هو فرسوده فڪر جو حامي نه آهي، پر تمام پُرزور طريقي سان ان کي رد ڪري ٿو. اهڙي هر خيال جو سخت مخالف آهي جيڪو انسانيت جي پائمالي ڪري انسان جي تذليل ڪندو هجي. تنهنجي معنيٰ اياز حسين قادري هڪ روشن خيال، ترقي پسند ليکڪ ۽ انسان هو.
اياز حسين قادري ٻن ڏهاڪن جي ماٺار کانپوءِ جڏهن نوي واري ڏهاڪي ۾ وري ڪهاڻي جي دنيا ۾ پير پاتو ته ان وقت به سندس همدرديون سنڌي سماج جي ڏتڙيل طبقي سان ئي رهيون. هن دؤر ۾ بک، بيروزگاري، بدحالي غربت ۽ افلاس سنڌ جا اهم مسئلا هئا ۽ انهن پراڻن مسئلن سان گڏ هڪ نئين مسئلي جنم ورتو اهو مسئلو امن امان جو مسئلو هو. سنڌ ۾ دهشتگري عام ٿي وئي. ڪراچي جو شهر سنڌ واسين لاءِ بيروت بنجي ويو. اياز حسين قادري سهڻي رسالي لاءِ ڪهاڻي، ’ڪلاچي جي ڪن‘ لکي. هن ڪهاڻي ۾ اياز قادري ان دؤر جي حالتن جو ذڪر ڪيو آهي ۽ انهن حالتن جو ڪيئن هڪ سنڌ جو نوجوان شڪار بڻجي ٿو.
ڪهاڻي، ’ڪلاچي جي ڪن ۾‘ جو ڪردار موريو هڪ اهڙو غريب ۽ يتيم نوجوان آهي، جيڪو روزگار سانگي لاڙڪاڻي کان اچي ڪراچي ۾ اسڪول ماستر ٿئي ٿو. اياز حسين قادري سندس ڪراچي ۾ رهڻ تي کيس خوش به ڏيکاري ٿو ته غمزده به ٻڌائي ٿو، “ڪراچي ۾ نوڪري ڪرڻ تي هو ارهو به هو سرهو به هو. ارهو انڪري، جو هو پنهنجي ڳوٺ، پنهنجي امڙ، پنهنجي زال ۽ پنهنجي ڌيءَ کان پري هو. هن کي جڏهن پنهنجي ڌيءَ جا ٻاتڙا ٻول ياد ايندا هئا، هن کي جڏهن پنهنجي زال جون پيار ڀريون ڳالهيون ياد اينديون هيون، هن کي جڏهن پنهنجي امڙ جو شفقت ڀريو چهرو ياد ايندو هو، تڏهن چوندو هو، ’کوهه وڇوڙو، ٻن جدائي گرنهه گهٽ ڀر پرين وٽ‘ جڏهن چوندو هو ته هن کي ياد ايندو هو ته هن جي گهر جي گنديءَ ۾ گرنهه جيترا ان جا ڪڻا به ڪين هوندا.”(۱۸)
ڪراچي ۾ تن ڏينهن ۾ دهشتگردي بابت لکي ٿو ته، “بسون، وئگنون، ڪارون هر روز وانگر ڊوڙنديون ٿي ويون ۽ ماڻهو به پنهنجي هل هلان ۾ هئا، مگر ماڻهن جي منهن ۾ اها سرهائي نه هئي، جيڪا هر روز ڏسڻ ۾ ايندي هئي. ايتري ۾ هڪ اخبار وڪڻندڙ ڇوڪري رڙ ڪئي، ’ڪراچي ۾ دهشتگردن جو ڪاروايون، ڏهه ماڻهو موت جو شڪار‘ هن اخبار واري کان اخبار ورتي ۽ تڪڙو تڪڙو دهشتگردي جي خبر پڙهڻ لڳو. هڪ ڪاري رنگ جي ڪار بس اسٽاپ کان ٿورو پري اچي بيٺي. ڪار ۾ ڪجهه نوجوان ويٺا هئا. هنن مورئي کي مٿي کان وٺي پيرن تائين ڏٺو. هن جي مٿي تي سنڌي ٽوپي ڏسڻ سان پاڻ ۾ ڪجهه ڀڻڪيا. پوءِ هڪ مورئي جي اخبار ڏانهن اشارو ڪيو. ڪار ۾ ويٺل نوجوانن مان هڪ ڪار جو در کوليو. مورئي ڏانهن ڪلاشنڪوف سڌي ڪئي، برسٽ جو آواز آيو. هڪ گولي مورئي جي ڇاتي ۾ اچي لڳي. مورئي رڙ ڪئي، ’امان‘.”(۱۹)
اياز حسين قادري جي ڪهاڻين ۾ جيڪو ڏک ۽ پيڙا سٺ واري ڏهاڪي ۾ موجود هئا، اها ئي پيڙا ۽ اهوئي درد جو احساس نوي واري ڏهاڪي جي ڪهاڻي ۾ به رهيو ڇاڪاڻ جو هر دور ۾ تاريخ پنهنجو پاڻ کي ورجائي ٿي. غريب هر دور ۾ غريب ترين ٿيندو ويو آهي. امير هر دور ۾ امير ترين ٿيندو رهيو آهي. اها طبقاتي اڻبرابري صدين کان هلندي اچي ٿي. اياز حسين قادري غربت جو اڀياس ۽ مشاهدو تمام ويجهڙائي کان ڪيو. اياز حسين قادري شروعاتي دور ۾ لياريءَ واري علائقي ۾ رهيو، جيڪو ڪراچي شهر جو هڪ اهڙو علائقو آهي، جيڪو هميشه هر دور ۾ نظرنداز ٿيندو رهيو آهي. هن علائقي جو گهڻو حصو پٺتي پيل آهي، جتي بک بدحالي، غربت، تنگي جهڙيون حالتون گهر ڪري ويون آهن. هن علائقي جا ماڻهو گهڻو ڪري بنيادي شهري سهولتن کان وانجهيل آهن. پاڻي، بجلي هتان جا ٻه اهم مسئلا آهن. ان تي وري مزدور طبقو جڏهن مزدوري کان محروم ٿئي ٿو ته پوءِ ان لاءِ دنيا اوندهه ٿي وڃي ٿي.
اياز حسين قادري انهن حالتن جي ڀرپور ۽ مڪمل عڪاسي پنهنجي افساني، ’ڪهاڻي هر دور جي‘ ۾ ڪري ٿو. هن افساني جي ابتدا ۾ اياز قادري لکي ٿو ته، “هيءَ ڪهاڻي هن دور جي آهي، نه هيءَ ڪهاڻي اڳئين دور جي آهي، نه نه هي ڪهاڻي ان کان اڳئين دور جي آهي. ها! هيءَ ڪهاڻي هر دور جي آهي پر ڪهاڻي آهي سچي.”(۲۰)
اياز حسين قادري جا افسانا منظرنگاري جا پڻ بهترين نمونا آهن. جن ۾ هر منظر واضح ۽ چٽو ڏسڻ ۾ اچي ٿو. ائين محسوس ٿئي ٿو ته ڄڻ قادري اهي چِٽ برش سان چِٽيا هجن. اياز حسين قادري جي ڪهاڻين ۾ سماجي، ثقافتي، ڪرداري ۽ فطري منظرنگاري موجود آهي. “سانوڻ جا ڏينهن جولاءِ جو مهينو ڪراچي ۾ مينهوڳي جي موسم هئي. وڏي گاج ٿي، کنوڻ چمڪي ۽ هڪڙي وڏي ڦُڙي هن جي لوهي ڇت جا ٽين جي چادر سان بڻيل هئي اتي اچي ڪري. ڇت مان ائين آواز آيو ڄڻ چوندي هجي مون ۾ اهڙن ڌڪن برداشت ڪرڻ جي سگهه نه آهي.”(۲۱)
’ڪهاڻي هر دور جي‘ به لياري جي پس منظر ۾ لکيل آهي. هيءَ ڪهاڻي هڪڙي مزدور جي آهي، جنهن غربت، بک ۽ بدحاليءَ ۾ اک کولي، جيڪو بندر تي مزدوري ڪندو هو، ڇاڪاڻ جو سندس پيءُ ۽ ڏاڏو اتي ئي مزدوري ڪندا هئا. عبدو اوچتو ڪجهه ڏينهن کان بيمار ٿي پيو پوءِ جيڪو پئسو ڏوڪڙ هئس اهو دوا درمل تي خرچ ٿي ويو، هيڻائپ ۽ ڪمزوري کيس ورائي وئي. بک تي بيماري ۾ ڪمزوري نه ورائيندي ته ٻيو ڇا ٿيندو. بقول اياز حسين قادري جي ته “اڄ صبح کان هو لنگهڻ تي هو ۽ هن جو پيٽ هاڻي ڪنهن رشوتي آفيسر وانگر ڪجهه نه ڪجهه ملڻ جي تقاضا ڪري رهيو هو.”(۲۲)
مٿين لفظن ۾ معاشري ۽ سماج جي رشوت وٺندڙ عملدارن تي گهري طنز ڪيل آهي. ڇاڪاڻ جو انهن جو ڀِڀُ ڀرجڻ جوئي نه هوندو آهي. اياز حسين قادري هن افساني ۾ سماجي اڻ برابري جو اهڙو مثال پيش ڪيو آهي جيڪو پڙهندڙن کي ڇرڪائي وجهي ٿو. اياز حسين قادري ڪراچي جي شهر تي راءِ ڏيندي چئي ٿو ته، “هي ڪارن جو شهر آهي يا بيڪارن جو. ڪيڏو نه پيسو آهي هن شهر ۾. شهر جو هڪ حصو ڪاروارن جو آهي. شهر جو ٻيو حصو بيڪارن جو آهي. هڪڙن کي زندگي جون سڀ نعمتون آهن ۽ ٻين کي زندگي جون سڀ زحمتون. هي شهر سچ پچ ته ملڪ جي وڏي منڊي آهي، جتي هر قسم جي خريد ۽ فروخت ٿئي ٿي. سڀ کان وڏي خريد ۽ فروخت پئسي ۽ بک جي آهي.”(۲۳)
اياز حسين قادري جي خيال ۾ ملڪ جا والي ۽ اقتدار ڌڻي ٺلهيون تقريرون ڪن ٿا ته غربت جي بدحالي ۽ بک جو ملڪ مان خاتمو ٿي ويو آهي، پر حقيقت ۾ ائين نه آهي. بک پنهنجي خوفناڪ ۽ ڀوائتي شڪل ۾ اڄ تائين موجود آهي. اياز قادري انساني حقن جي ڀڃڪڙي ڏيکاريندي لکي ٿو ته، “هن ڏٺو ته هوٽل جا بيرا گراهڪن جو بچيل کاڌو هوٽل جي پوئين پاسي ۾ رکيل لوهه جي وڏي ڊرم ۾ اڇلائيندا ٿي ويا، تڪڙ ۾ اڇلايل ڪجهه کاڌو ڊرمن کان ٻاهر ڪري پيو.
کاڌو ڏسي هن جي پيٽ واڪو ڪيو ۽ هن جو هردو هرکڻ لڳو. هن جي دل ۾ خواهش جو اهڙو جذبو پيدا ٿيو، جنهن هن جي جسم جي نستي رڳن ۾ جوش آڻي ڇڏيو ۽ هن جو هٿ کاڌي ڏانهن وڌڻ لڳو ته هن کي ڊرم مان کٽي بانس آئي ۽ هن کي ڪراهت  محسوس ٿيڻ لڳي. هن جو وڌيل هٿ پوئتي موٽي ويو ۽ پير پٺتي کڄي ويو ۽ هو کاڌي کان هڪ ٻه وک پري ويهي رهيو. هن جي اندر ۾ اها جنگ جاري هئي هت هن ڏٺو ته (هڪ بيري تازو بچيل کاڌو اڇلايو) جو ڊرم کان ٻاهر ڪري پيو. کاڌي ۾ اڌ پليٽ برياني، اڌ نان، ٿورو ٻوڙ ۽ ٿورو سلاد هو.
هاڻي هن جي بک جنگ کٽي ورتي. هن پنهنجي ڀرسان پيل اخبار جو ٽڪر کنيو ۽ اڇلايل کاڌي مان نان، برياني، سلاد ۽ ڪجهه هڏا کڻي اخبار تي رکيا. بک جي شدت کان هن جو هٿ اخبار جي پني کان هن جي وات ڏانهن تڪڙو کڄڻ لڳا ۽ هن جون ڄاڙيون تڪڙيون تڪڙيون هلڻ لڳيون.
هو پني تي پيل سمورو کاڌو کائي ويو. هاڻي هن اخبار جي ٽڪر ڏي نهاريو. اخبار تي هڪ تصوير ڇپيل هئي. هن غور سان ڏٺو. هن سڃاتو ته اها صدر جي تصوير هئي. بچيل پني جي خبر جو ٿلهن اکرن م سرو هو، “ڪو به بکيو نه رهندو” صدر.
ڊنر تي صدر تقرير ڪندي فرمايو ته، “مان حڪومت طرفان خوشيءَ سان اعلان ٿو ڪريان ته اسان جي ملڪ ۾ نه بکيو رهندو ۽ نه بکيو سمهندو.” عبدوءَ کان رڙ نڪري ويئي، “ڪوڙو ڪوڙي جو پٽ.”(۲۴)
جنهن ملڪ ۾ ماڻهن کي بنيادي حقن کان وانجهيل رکيو وڃي انهن کي زندگيءَ جون بنيادي سهولتون ميسر نه هجن ته پوءِ اهي يا ته باغي ٿي وڃن ٿا يا وري اٻوجهن جيان زندگي گهارين ٿا.
برک ڏاهو ۽ اديب مسلم شميم، اياز حسين قادري جي فن تي راءِ ڏيندي لکي ٿو ته، ان کے افسانون مین ماورائیت اور تجریدیت کی بجا انسان، سماج شاعر زندگی کی تصویر کشی اور ترجمانی ملتی  ہے- اس کے ساتہہ فن کی معیار اجمال کو ان کی یہان خصوصی اہمیت حاصل  ہے جو فن پارے کو ادبی معیارات سے وابستہ رکہتا  ہے۔ وہ دل درد مند اور دیدہ بیدار رکہنے والی تخلیقکار تہے۔ ان کی تخلیقات مین اندرونی معاشرے میں موجودنا  ہمواری انسان کے درپیش مسائل ومصائب کا جمالیاتی اظہار بڑے توانا انداز میں ملتا ہے-(۲۵)
مجموعي طورتي اياز حسين قادري پنهنجي ڪهاڻين ۾ سماج جي گندي ۽ غليظ شڪل کي ظاهر ڪيو آهي، جتي انسان ۽ انسانيت جو قدر ڪونهي. انساني حقن جون ڀڃڪڙيون ٿين ٿيون.
اياز قادري جي اها ڪوشش رهي ته ماڻهن ۾ اهو احساس پيدا ڪري ته، “انسان اشرف المخلوقات آهي. انسان جي عظمت پنهنجي جاءِ تي موجود آهي. انهيءَ ڪري ظلم سهڻ به ايڏو ئي وڏو جرم آهي جيڏو ظلم ڪرڻ. اياز قادري پنهنجي پڙهندڙن کي اهو پيغام ڏيئي ٿو ته ڏاڍ، جبر، ڏهڪاءُ ۽ سماجي اڻبرابري خلاف گڏيل جاکوڙ ڪئي وڃي ۽ غريبن جا حق بحال ٿين.
حوالا
۱.              ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي، سنڌي ادب جي تاريخ، ڪاٺياواڙ اسٽور لاڙڪاڻو، ۱۹۹۳ع، ص ۴۰۶ ۽ ۴۰۷.
۲.              انور ابڙو، ۲۰ صدي جا اديب، عالم ۽ شاعر (ڪالم)، ڊاڪٽر اياز حسين قادري، عوامي آواز، ۲۰ ڊسمبر ۱۹۹۷ع.
۳.              خواجه غلام علي الانا، چونڊ سنڌي افسانا، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي ڄامشورو، ۱۹۷۴ع، ص ’ط‘.
۴.              شمس الدين عرساڻي، آزادي کانپوءِ سنڌي افسانوي ادب جي اوسر، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي سنڌ يونيورسٽي، ڄامشورو، ۱۹۸۲ع، ص ۲۳۸ .
۵.              ڊاڪٽر اياز حسين قادري، بلودادا (پيش لفظ) اسحاقيه پرنٽنگ پريس، ۱۹۵۷ع، ص ۲۰ .
۶.              ڊاڪٽر اياز حسين قادري، بلودادا (پيش لفظ) اسحاقيه پرنٽنگ پريس، ۱۹۵۷ع، ص ۲۰.
۷.              ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي، سنڌي ادب جي تاريخ، ڪاٺياواڙ اسٽور لاڙڪاڻو، ۱۹۹۳ع، ص ۴۱۱.
۸.              ولي رام ولڀ ۽ ظفر حسن، آرسي نمبر ۵، ۱۹۸۶ع، ص ۲۷۶.
۹.              قاضي خادم، بلودادا (هڪ جائزو)، ماهوار نئين زندگي، جون ۱۹۸۷ع، ص ۱۲.
۱۰.       تاج بلوچ، مرڪندڙ چهري وارو شخص، (خاڪو) ماهوار سوجهرو، سيپٽمبر ۱۹۹۹ع، ص ۴۸.
۱۱.       ڊاڪٽر غفور ميمڻ، سنڌي ادب جو فڪري پس منظر، لطيف چيئر ڪراچي يونيورسٽي، ۲۰۰۲ع، ص ۳۶۲ ۽ ۳۶۳.
۱۲.       ڊاڪٽر اياز حسين قادري، بلودادا، ديباچو: عبدالحليم جوش، مڪتبه اسحاقيه پرنٽنگ پريس، جون ۱۹۵۷ع، ص ۱۲، ۱۳ ۽ ۱۵.
۱۳.       عبدالحليم جوش (ديباچو) ڊاڪٽر اياز حسين قادري، بلودادا، مڪتبه اسحاقيه پرنٽنگ پريس، جون ۱۹۵۷ع، ص ۲۵ ۽ ۲۶.
۱۴.       ڊاڪٽر اياز حسين قادري، بلودادا، افسانو: مان انسان آهيان، مڪتبه اسحاقيه پرنٽنگ پريس، جون ۱۹۵۷ع، ص ۴۲.
۱۵.       ڊاڪٽر اياز حسين قادري، بلودادا. مڪتبه اسحاقيه پرنٽنگ پريس، ۱۹۵۷ع، ص ۲۰.
۱۶.       عبدالحيلم جوش کان هڪ انٽرويو، انٽرويو وٺندڙ: ناهيد نواز، تاريخ: ۲۹ سيپٽمبر ۲۰۰۲ع.
۱۷.       محمد علي پٺاڻ، موت کي مات، قادري خاندان جي ۲۰۰ سالا خدمتن کي ڀيٽا، سوونيئر: ايڊيٽر: ذوالفقار قادري، لاڙڪاڻو، ۲۰۰۱ع.
۱۸.       ڊاڪٽر اياز حسين قادري، ڪهاڻي هر دور جي، ماهوار سهڻي، آڪٽوبر ۱۹۹۰ع، ص ۴۶.
۱۹.       ڊاڪٽر اياز حسين قادري، ڪهاڻي هر دور جي، ماهوار سهڻي، آڪٽوبر ۱۹۹۰ع، ص ۴۶.
۲۰.       ڊاڪٽر اياز حسين قادري، ڪهاڻي هر دور جي، ماهوار سهڻي، ڊسمبر ۱۹۹۱ع، ص ۴۶.
۲۱.       ڊاڪٽر اياز حسين قادري، ڪهاڻي هر دور جي، ماهوار سهڻي، ڊسمبر ۱۹۹۱ع، ص ۴۶.
۲۲.       ڊاڪٽر اياز حسين قادري، ڪهاڻي هر دور جي، ماهوار سهڻي، ڊسمبر ۱۹۹۱ع، ص ۴۶.
۲۳.       ڊاڪٽر اياز حسين قادري، ڪهاڻي هر دور جي، ماهوار سهڻي، ڊسمبر ۱۹۹۱ع، ص ۴۶.
۲۴.       ڊاڪٽر اياز حسين قادري، ڪهاڻي هر دور جي، ماهوار سهڻي، ڊسمبر ۱۹۹۱ع، ص ۴۶.
۲۵.  مسلم شميم، جن سے ملکر زندگي عشق ہوجائے وه لوگ (ايک تاثر) قادري خاندان جي ۲۰۰ سالا خدمتن کي ڀيٽا، ايڊيٽر: ذوالفقار قادري، ۲۰۰۱ع، لاڙڪاڻو، ص ۳۹.


اياز حسين قادري
سنڌي ادب جو وهائو تارو
پروفيسر سليم ميمڻ
سنڌ ۾ قادري خاندان جون ست پيڙهيون گذريل ٻن صدين کان سنڌي علم ۽ ادب پر خاص طور تي شاعريءَ جي ميدان ۾ اڻ ملهيون خدمتون سرانجام ڏيئي رهيون آهن. سچل سرمست جي همعصر ۽ هم منصب ميان محمد صالح قادري، سچل سرمست جي ئي هدايت تي لاڙڪاڻي جي ميان جي پاڙي  ڳڙهي ۾ اچي ديرو ڄمايو ۽ قادري سلسلي جي فڪر ۽ فلسفي کي هٿي وٺرائي. قادري خاندان ۾ ٽي صاحب ديوان شاعر پڻ رهي چڪا آهن، جن جي شاعري پنهنجي دور جي همعصرن ۾ گهڻي نمايان حيثيت حاصل ڪئي.
ان ئي قادري خاندان ۾ ميان غلام سرور فقير جي گهر ۾ اياز حسين قادري ۱۹ جنوري ۱۹۲۷ع تي لاڙڪاڻي شهر جي پاڙي ميان جي ڳڙهي ۾ جنم ورتو. قسمت ساڻس ياوري نه ڪئي ۽ سندس والد ميان غلام سرور تڪڙو ئي وفات ڪري ويو. سندس سارسنڀال ۽ سرپرستي سندس مامي ميان غلام عباس ’جوش‘ ڪئي، جيڪو پاڻ پنهنجي دور جو برک شاعر ۽ صاحب ديوان هو، پر سندس پالنا ۾ سندس والده ماجده ”نواب خاتون“ جو ڪردار اهم هئو. هن ننڍڙي اياز کي پيءُ جو کوٽ محسوس ٿيڻ نه ڏني، پر اياز قادريءَ کي سڄي ڄمار اهو ملال رهيو ته سندس سِر تان پيءُ جي ڇپر ۽ ڇانوَ جلدي کسجي ويا. اڪثر ڳالهين ڳالهين ۾ پاڻ ان محروميءَ جو اظهار ڪندو رهندو هو.
اياز حسين قادري شروعاتي تعليم لاڙڪاڻي مان ئي حاصل ڪيائون، باقي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ ڪراچيءَ جو رخ ڪيائون ۽ اعليٰ ۾ اعليٰ ڊگري يعني پي ايڇ ڊي، علامه غلام مصطفيٰ قاسميءَ جي رهبريءَ ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان ۱۹۸۲ع ڌاري حاصل ڪيائون. ان کان اڳ ڪراچي يونيورسٽيءَ مان سنڌي ۽ فارسي ٻولين ۾ ايم اي ۽ ايل ايل بي جون ڊگريون حاصل ڪيائون.
قادري صاحب جيئن ته علمي ۽ ادبي گهراڻي ۾ اک کولي، جتي سندس وڏا شعر و شاعريءَ سان گهڻو شغف رکندا هئا، انهن جي سرپرستيءَ ۾ مشاعرن جون محفلون منعقد ٿينديون هيون، جن ۾ ننڍڙو اياز باقاعدگيءَ سان شرڪت ڪندو هو. پاڻ ۱۵ ورهين جي ڄمار ۾ پهريون غزل لکيائون، جيڪو فن، فڪر ۽ عروض جي معيار تي پورو لهندڙ هو. چاليهه ۽ پنجاهه جي ڏهاڪي ۾ پاڻ شاعري ڪندا رهيا، پر سندن شاعريءَ جو مجموعو شايع ٿي نه سگهيو. سندن شاعري ان دور جي رسالن ۾ باقاعدگيءَ سان شايع ٿيندي رهندي هئي.
۱۹۶۶ع ۾ جڏهن مان ايس ايم سائنس ڪاليج ۾ داخل ٿيس ته اسان جي سنڌي نصابي ڪتاب ۾ اياز حسين قادريءَ جي شاعري شامل هئي. کيس شاعراڻي ڏات ورثي ۾ مليل هئي، پر ان ميدان ۾ پنهنجو مٽ پاڻ هئا. ڪيترن ئي عالمي ڪانفرنسن ۽ مشاعرن ۾ نه فقط شرڪت ڪيائون بلڪ شاهه عبداللطيف ڀٽائي ڪلچرل سوسائٽيءَ جي انتظام هيٺ ڪيترن ئي مشاعرن جو اهتمام پڻ ڪيائون.
اياز قادري بنيادي طور تي هڪ شريف النفس انسان جو. صاف، سڌو، نرو ۽ کرو، قول ۽ فعل ۾ هڪ ڪرائي، جهڙو اندر ۾ تهڙو ئي ٻاهر، نه ڪنهن جي ڏيڻ ۾ نه وٺڻ ۾. پيشي جي لحاظ کان استاد هو، پر حقيقت ۾ عالم، فاضل، عامل ۽ ڪامل شخص هو، حسب نسب ۾ فقيري، عجز ۽ انڪساري.
سندس شاعريءَ جو مجموعو قادري قلم قبيلي جي سرواڻ ذوالفقار علي قادريءَ آگسٽ ۲۰۰۷ع ۾ ’زلف اياز‘ جي نالي سان شايع ڪرائي پڌرو ڪيو، جنهن ۾ حمد، نعت، سلام، غزل، نظم، دوها، بيت ۽ وايون شامل آهن. مجموعي ۾ شامل ڪافي غزل مختلف طرحن تي چيل آهن، جيڪي ان دور جي مشاعرن ۾ پيش ڪيا ويا. بنيادي طور تي اياز حسين قادري غزل جو شاعر هو، پر پاڻ نظمن جو به بادشاهه هو. سندس شاعريءَ جي مجموعي ۾ ۲۳ نظم ڏنل آهن. سندس هڪ ڊگهو نظم ”دل چوي ٿي“، جنهن جا ڪجهه بند هيٺ ڏجن ٿا.
دل چوي ٿي هتان مان اڏامي وڃان،
ويس ڪارا ڪري بادلن سان رهان،
ميگهه ملهار ٿي مان گهمان ۽ ڦران،
۽ هوا جي پرن جي مٿان مان اڏان،
آءٌ وڌندو وڃان آسمان آسمان،
چنڊ تارن کي پنهنجي هٿن سان ڇهان
سونهن تن جي وڃي آءُ ويجهي پسان،
سج جي منهن جي مٿان هلڪو پردو وجهان،
انکي جهولي ۾ پنهنجي ڇپائي ڇڏيان،
انڊلٺ سان هجان، ڪهڪشان سان رهان،
مان کنوڻ ساڻ کلندو ۽ ٽلندو وتان.
مٿين غزل جي رواني، تسلسل، خيالن جي گهرائي، لفظن جي چونڊ ۽ خواهش جي اظهار جي سادگي، پڙهندڙن ۽ ٻڌندڙن کي پاڻ ڏانهن نه فقط ڇڪي ٿي بلڪ انهن ۾ اهڙين خواهشن لاءِ اتساهه پيدا ڪري ٿي.
اياز قادري صاحب جو هڪ ٻيو نظم ”آرزو“ آهي. مٿين نظم وانگر هن نظم ۾ به خواهش جو اظهار ٿيل آهي، پر نظم جو گهاڙيٽو پهرئين نظم کان بنهه مختلف ۽ نرالو آهي.
مان چاهيان ٿو توساڻ مان گڏ هجان،
جيئن چنڊ سان آهه چانڊاڻ گڏ،
جيئن آ شفق ساڻ لالاڻ گڏ،
مان چاهيان ٿو توساڻ مان گڏ هُجان.
اياز قادريءَ جا تخليق ڪيل نظم، سٺ، ستر ۽ اسي  جي ڏهاڪن جا آهن، جيڪي ان دور جي سنڌي سماج، سياسي ۽ معاشي حالتن جي پسمنظر ۾ چيل آهن. مثال طور ”انڌي جي فرياد“، ”آيو بهار“، ”سنڌڙي منهنجو وطن“، ”خطاب به غداران وطن“، شاگردن سان خطاب ”عهد“، ون يونٽ ٽٽڻ تي ”شاگرد“، ”قومي ٻولي پنهنجي ٻولي.“
مٿيان سڀئي اهڙا موضوع آهن، جيڪي ون يونٽ ٺهڻ کان پوءِ سنڌ واسين، سنڌي سماج ۽ شاگرد تحريڪن جي حوالي سان آهن. پاڻ جيئن ته بنيادي طور هڪ پيشه ور استاد هئا ۽ پيشو هڪ پرائمري ماستر کان شروع ڪري يونيورسٽيءَ جي مٿانهين سطح تي پروفيسر جي حيثيت ماڻايائون. پاڻ هڪ نهايت ئي شفيق، خليق ۽ خليل استاد هئا، پنهنجن شاگردن کي تمام گهڻو ڀائيندا هئا، انهن سان دوستن جهڙو سلوڪ ڪندا هئا، ادبي ذوق رکندڙ شاگردن جي رهبري ۽ سرپرستي ڪندا هئا ۽ سندن تخليقي عمل ۾ انهن جي رهنمائي ۽ مدد ڪندا هئا. برک شاعر تاج بلوچ ۽ برک افسانه نگار نسيم کرل سندن ئي رهنمائيءَ ۾ ادبي ميدان ۾ نڪري نروار ٿيا. شاگردن سان پيار جو نتيجو آهي جو پاڻ ”شاگرد“ ۽ شاگردن سان خطاب جهڙا ڊگها نظم لکي نه فقط کين همٿائي ٿو بلڪ سندن ڪارنامن تي کين خراج به پيش ڪري ٿو. فرمائي ٿو:
اوهان سان ئي آهي سنڌ جي زندگي،
اوهان جوت ان جي اوهين روشني،
اوهان ساڻ غم انجو، انجي خوشي،
اوهان سنڌ جا سورهيه، اوهين سورما،
اوهان جو وهيل رت اجايو نه ويندو.
سندن شاعريءَ جي مجموعي ’زلف اياز‘ ۾ هڪ منظوم ناٽڪ به ڏنل آهي، جنهن جو عنوان آهي ’مومل راڻو‘، جيڪو ٻن منظرن تي ٻڌل ڊرامو آهي. سنڌي شاعرن جن شاعرن منظوم ناٽڪ لکيا آهن، تن ۾ شيخ اياز به شامل آهي. منظوم ناٽڪ لکڻ ڪو سوکو ڪم ڪونهي، توهان کي قصي يا ڪهاڻيءَ سان نڀائڻو به آهي ته لئه، وزن، بحر، قافيي ۽ رديف جو خيال به رکڻو آهي. اياز حسين قادريءَ ان ڏکئي ڪم ۾ به خوب نڀايو آهي.
اياز حسين قادري پنجاهه جي ڏهاڪي جي شروعات ۾ افسانن ڏانهن لاڙو رکيو. سندس افسانن جو پهريون مجموعو ’بلو دادا‘ جون ۱۹۵۷ع ۾ شايع ٿيو، جنهن جا پوءِ ڪيترائي ڇاپا آيا آهن. ان مجموعي ۾ اياز حسين قادري جا تيرنهن افسانا شامل آهن. ڪتاب جي مهاڳ ۾ سندس هڪ دوست عبدالحليم جوش لکيو آهي:
”اياز سان منهنجي واقفيت ۱۹۴۹ ۾ ٿي. ان وقت مون کي به شعر و شاعريءَ جو تمام گهڻو شوق هو ۽ اياز ته ادبي حلقن ۾ اڳ ئي متعارف هو تنهن ڪري اسان جي گفتگو ادب، شعر ۽ تنقيد جي مختلف پهلوئن تي ٿيندي هئي. ڪراچي جي علمي مجلس ۽ مشاعرن ۾ نهايت گرمجوشي سان شريڪ ٿيندا هئاسين. مون کي اياز ۾ پنهنجي دور جو هڪ عظيم شاعر نظر آيو جنهن جي ڪلام ۾ زندگيءَ جي جهلڪ نه پر خود زندگي جلوه فرما هئي. مون هن جي شخصيت جي آئيني ۾ حسن اخلاق جو عڪس ڏٺو آهي. مون کي اياز ۾ هڪ اهڙو حساس انسان نظر آيو جنهن جي طبع سماجي بي انصافين کان مضطرب ٿي ويندي هجي، جنهن جي دل ۾ مظلوم جي لاءِ همدردي هجي، جنهن جو دماغ تعميري ڳالهيون سوچيندو هجي ۽ جنهن جون نگاهون وقت ۽ ماحول جا اشارا سمجهنديون هجن. هن جڏهن افسانا لکڻ شروع ڪيا ته مون کيس افسانن ڏانهن مائل ٿيڻ کان جهليو. مون سمجهيو ٿي ته جيڪڏهن اياز افسانن ڏانهن رخ رکيو ته اسان جو شعري ادب هڪ باڪمال شاعر جي زندگي بخش ڪلام کان محروم رهجي ويندو. جيئن جيئن وقت گذرندو ويو، مون کي اياز جي افسانن ۾ فن ۽ زندگي جو امتزاج نظر اچڻ لڳو. مون هن جي افسانن جو مطالعو هن جي شخصيت جي پس منظر ۾ ڪيو آهي ۽ انهن کان هن ڪري به متاثر آهيان جو مون کي اياز جي قول ۽ فعل ۾، شخصي ڪردار ۽ ادبي حيثيت ۾ هڪ صحتمند يگانگت نظر آئي آهي. مون کي نه هن جي زندگي ۾ ڪڏهن تصنع ۽ بيجا تڪلف نظر آيو آهي ۽ نه هن جي افسانن ۾ انساني همدردي جو مصنوعي جذبو نظر آيو آهي.“
اها ته راءِ آهي حليم جوش صاحب جي، پر حقيقت ۾ ڏٺو وڃي ته ورهاڱي کان پوءِ جڏهن هندو اديب، شاعر، عالم ۽ ڏاها سنڌ مان لڏي ويا ته هتي وري هڪ وڏو خال پيدا ٿي پيو. ان خال کي ڀرڻ ۾ اياز حسين قادريءَ به پنهنجي وسان ڪين گهٽايو. ’بلو دادا‘ جهڙيون شاهڪار ڪهاڻيون لکي، هن سنڌي ادب ۾ رجحان ساز افساني نگار واري حيثيت ماڻي.
’بلو دادا‘ جو ڪردار هڪ سچو پچو حقيقي ڪردار هو، جنهن ”ماستر“ يعني اياز قادريءَ کي ايترو متاثر ڪيو جو هن ان ڪردار لاءِ هڪ ڪهاڻي تخليق ڪئي.
برک افساني نگار جمال ابڙو، جنهن کي جديد ڪهاڻيءَ جو ابو ڪوٺجي ٿو، تنهن پڻ هڪ هنڌ اهڙو اظهار ڪيو آهي ته، ”مون ’بلو دادا‘ کان متاثر ٿي ’پشو پاشا‘ افسانو لکيو. پشو پاشا افساني کي سنڌي ادب ۾ شاهڪار افساني جي حيثيت حاصل ٿي ۽ ان دور ۾ ٻين افساني نگارن به ڪرداري افسانا لکيا، جن ۾ غلام رباني آگري جو ”شيدو ڌاڙيل“ ۽ ع.ق. شيخ جو ”مڪو مست“ ذڪر جوڳا آهن. انهن افسانن مان پهريان ٽي افسانا ڏٺا وڃن ته انهن جي سورمن جي شخصي حيثيت ناڪاري ڏيکاري ويئي آهي، جيئن بلو يا بلاول هڪ داداگير آهي يا شيدو هڪ ڌاڙيل آهي، پر ناڪاري ڪردار هوندي به انهن جو عمل هاڪاري آهي، هُو پنهنجي اوڙي پاڙي ۽ سماج سان محبت ڪندڙ آهن ۽ ان سان سچا به آهن. اهڙن ڪرداري افسانن ٻين ليکڪن ۾ به اتساهه پيدا ڪيو.
اياز قادريءَ جو هڪ ٻيو افسانو ”مان انسان آهيان“، ورهاڱي جي غيرانساني فسادن بابت آهي، جنهن ۾ انسانيت سوز ظلم ٿيا. اهڙي ئي هڪ ظلم جو داستان هن افساني ۾ ڏنل آهي، ورهاڱي جي دکدائڪ موضوع تي اردو سنڌي ۽ ننڍي کنڊ جي ٻين ڪيترين ئي ٻولين ۾ دل ڏاريندڙ افسانا لکيا ويا آهن، پر سنڌي ادب ۾ اياز حسين قادريءَ جو هي افسانو هڪ بهترين شاهڪار افسانو آهي. افسانو بنيادي طور تي ان جي مرڪزي ڪردار هڪ فقير جي چوگرد گهمي ٿو، جيڪو مذهب ۽ تعصب ۽ ويڇن کان بي نياز انسانيت ۽ انساني عظمت جو قائل آهي.
افساني جي شروعات نهايت دلچسپ اثرائتي ۽ سواليه نشانن سان ڪئي آهي. ان کي فن ۽ لکت جي خوبي چئجي يا فن جي نزاڪت جو پڙهندڙ ان مرڪزي ڪردار جي عظمت کان افسانو پورو پڙهڻ کان اڳ ۾ ئي قائل ٿيو وڃي. ساڳي ريت افساني جي پڄاڻي به هڪ نهايت دردناڪ انداز ۾ ٿئي ٿي. فقير جو موت حقيقت ۾ انسانيت جو موت آهي. فقير جي وصيت، ڪٽرپڻي مذهبي تفرقي تي هڪ چماٽ آهي.
بلو دادا مجموعي کان پوءِ اياز قادريءَ جي لکڻين ۾ هڪ وڏي وٿي اچي ٿي وڃي، جنهن کان پوءِ اسي جي ڏهاڪي ۾ اياز قادري ٻيهر ڪهاڻين لکڻ جو سلسلو شروع ڪيو، جن مان ڪجهه ڪهاڻيون ان دور جي رسالن ”مهراڻ“، ”سهڻي“ ۽ ”نئين زندگي“ ۾ شايع ٿينديون رهيون، جڏهن ته ڪجهه اڻ ڇپيل آهن، جن کي قادري قلم قبيلي فيبروري ۲۰۰۸ع ۾ ’ڪهاڻي هر دور جي‘ جي نالي سان شايع ڪرايو آهي، جنهن ۾ بلو دادا جي مجموعي جي تيرهن ڪهاڻين سان گڏ پنڌرهن نيون ڪهاڻيون شامل ڪيون ويون آهن.
اياز قادريءَ جون نيون لکيل اهي ڪهاڻيون موضوع، مواد ۽ پيشڪش جي حوالي کان بنهه مختلف ۽ نراليون آهن. ظاهر آهي زندگيءَ جي تجربي قادري صاحب جي سوچ ۽ فڪر ۾ به تبديلي آندي هوندي، جنهن جو اظهار سندس انهن نين ڪهاڻين مان جهلڪندو نظر اچي ٿو. هونءَ به سٺ جي ڏهاڪي کان پوءِ سنڌي ڪهاڻيءَ فڪري حوالي سان هڪ وک اڳتي وڌائي ۽ اها وڌيل وک اياز قادريءَ جي افسانن ۾ به نظر اچي ٿي، اهوئي سبب آهي جو اياز قادريءَ جون ڪهاڻيون فقط هن دور نه بلڪ هر دور جون ڪهاڻيون آهن، جن جا عنوان ۽ موضُوع اڄ به تازه ۽ توانا نظر اچن ٿا. هن معاشري جي اڍنگي هلت تان پردو کنيو آهي ۽ سماجي برائين ۽ بڇڙائين کي کولي بيان ڪيو آهي.
غلام نبي مغل ’ڪهاڻي هر دور جي‘ جي مهاڳ ۽ اياز قادريءَ جي ڪهاڻين تي نهايت ئي مختصر تبصرو ڪندي لکيو آهي ته،”سائين اياز جي باري ۾ اسين چئون ته انقلابي ليکڪ نه هو ته به ترقي پسند ضرور هو ۽ پنهنجي زماني جي واقعن، ڪردارن ۽ مسئلن متعلق تمام سٺو لکيائين.“
حقيقت ۾ اياز حسين قادريءَ جي فڪري لاڙِي بابت ڪنهن دور ۾ آڱريون اٿنديون رهيون ته هو ساڄي ڌر جي سوچ سان سلهاڙِيل آهي، ڪن کيس جماعت اسلامي يا شيخ ابراهيم خليل جي لڏي سان ڳنڍيو، پر مون سائين اياز قادريءَ سان نهايت ويجهي تعلق ۾ ايڪٽيهه سال گذاريا، مون کيس ترقي پسند، جدت پسند ۽ انقلابين کان وڌيڪ انقلاب پسند محسوس ڪيو، بس هڪ ڳالهه هئي ته پاڻ خودپسند ڪونه هو، پاڻ وڻائڻ ۽ پڏرائڻ وارن مان ڪونه هو، فقير هو ۽ فقيريءَ کي ئي معراج سمجهندو هو، جنهن جي نتيجي ۾ کيس اهڙن القابن سان نوازڻ جي ڪوشش ڪئي وئي.
سائين جي نظمن کي ڏسجي ته هو نه فقط ترقي پسند بلڪ انقلابي شاعر محسوس ٿئي ٿو. اهوئي احساس سندس افسانن کي پڙهڻ سان به ٿئي ٿو. هو سرمائيداري سرشتي جي خلاف هو، جنهن جو اظهار هن ’بلو دادا‘ افساني ۾ به ڪيو آهي. روسي اديب مئڪسم گورڪي جي ناول ”ماءُ“ جو ترجمو ڪندڙ جيڪڏهن انقلابي ۽ ترقي پسند ناهي ته پوءِ اسان کي ترقي پسندي ۽ انقلابيت جي وصف کي بدلائڻو پوندو.
ڊاڪٽر اياز حسين قادري پيشي جي لحاظ کان استاد هو، پر سندس شخصيت گهڻ پاسائين هئي، ادبي دنيا ۾ افساني نگاري، شاعري، ۾ پنهنجي حيثيت مڃائڻ کان پوءِ پاڻ تحقيق جي دنيا ۾ پير پاتائين. علامه غلام مصطفيٰ قاسمي جي رهبري ۾ سنڌي غزل جي اوسر جي عنوان تي سنڌ يونيورسٽي مان جون ۱۹۸۲ع ۾ پي ايڇ ڊي جي ڊگري حاصل ڪيائين. سنڌي غزل جي اوسر انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي پاران ٻن جلدن جي صورت ۾ ترتيبوار نومبر ۱۹۸۳ع ۽ ڊسمبر ۱۹۹۴ع ۾ شايع ٿي. پنهنجي نوعيت جي اها منفرد تحقيق آهي، جيڪا ۱۰۴۰ صفحن جي ٻن ڊيمي سائيز ڪتابن وسيلي شايع ٿي پڌري ٿي.
سنڌي غزل جي شروعات کان ۱۹۸۰ع تائين جي اها هڪ مڪمل ۽ جامع تاريخ هئڻ سان گڏوگڏ غزل جي ميدان ۾ بنيادي ماخذ به آهي. ايندڙ وقت ۾ محقق ان کان گهڻو لاڀ پرائيندا.
غزل شاعريءَ جي وڻندڙ شوخ ۽ دلفريب صنف آهي. اياز قادريءَ جي اک غزل جي ماحول ۾ کُلي. سندس والد ميان غلام سرور فقير سندس ڏاڏو غلام محمد گدا، سندس نانون ميان علي محمد قادري ۽ سندس مامون ميان غلام عباس ’جوش‘ غزل جا پنهنجي دؤر جا برک شاعر هئا. جن مان ڪن جا ديوان به شايع ٿيل آهن. اهڙي ماحول ۾ اک کوليندڙ اياز حسين قادري جو لاڙو پاڻمرادو ادب جي دنيا سان ۽ خاص طور تي غزل جي صنف سان جُڙي ويو.
سندس اوطاق ۾ ۱۹۱۰ع کان باقاعده مشاعرا ٿيندا هئا، جن ۾ اياز حسين قادري پاڻ به شرڪت ڪندو هو، تڏهن سندس ڄمار ڏهن سال مس هئي. مشاعرن ۾ شرڪت، ۽ مختلف مشاعرن جي غزلن کي نهايت غور سان ٻڌڻ جي نتيجي ۾ اياز قادريءَ جو لاڙو به غزل ڏانهن ٿيو. غزليه شاعريءَ جي ڏس ۾ سندن استاد محترم حاجي محمود خادم هو، جيڪو پاڻ به پنهنجي دؤر جو برک غزل گو شاعر هو. ان دؤر ۾ غزليه شاعريءَ کي هٿي وٺرائڻ ۾ قادري خاندان جي هفتيوار اخبار، جنهن جو ايڊيٽر سندس والد ميان غلام سرور فقير هو ۽ ماهوار رسالي گلدسته سنڌ جنهن جو ايڊيٽر سندس نانو ميان علي محمد قادري هو، بنيادي ۽ اهم ڪردار ادا ڪيو.
ميان علي محمد قادري نه فقط بزم شاعر قائم ڪئي، پر پهرين مشاعره ڪانفرنس پڻ ڪوٺائي. اهڙيءَ ريت قادري خاندان هر سال ادبي ڪانفرنس ڪوٺائڻ جو به اهتمام ڪيو. لاڙڪاڻي ۾ ڪوٺايل ڇهين ادبي ڪانفرنس جيڪا ۱۹۴۲ع ۾ منعقد ٿي، تنهن ۾ اياز حسين قادري به شرڪت ڪئي. ان وقت سندن عمر سورنهن ورهيه هئي. ان کان پوءِ باقاعدگيءَ سان هر سال ادبي ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندو هو، ۽ هر ڪانفرنس ۾ پنهنجيون تخليقون به پيش ڪندو هو.
۱۹۵۴ع ۾ ڪراچي ۾ جيڪا چوڏهين ادبي ڪانفرنس ٿي، تنهن جو سيڪريٽري اياز حسين قادريءَ کي مقرر ڪيو ويو. پاڻ جڏهن ۱۹۴۴ع ۾ اعليٰ تعليم لاءِ لڏي آيو ته، ڪراچي ۾ به سمورن بزم مشاعرن سان سندس تعلق رهيو، ۽ ڪيترن ئي غزل گو شاعرن سان سندس تعلق پيدا ٿيو، نه فقط اهو بلڪه اهڙن بزرگ شاعرن سان سندس گڏجاڻيون ٿيون، جن کيس پنهنجي دؤر جي ۽ اڳين دؤرن جي بزمن ۽ مشاعرن بابت کيس احوال ڏنا، جنهن غزل ۽ غزل جي شاعرن سان سندس دلچسپي اڃان به وڌائي ڇڏي، ۽ ان دلچسپي اڳتي هلي، منجهس غزل جي اوسر جھڙي عنوان تي کوجنا ڪرڻ لاءِ اُتساهه پيدا ڪيو.
اياز قادري پنهنجي پي ايڇ ڊي جي موضوع تي جڏهن ويچاريو ته کيس غزل تي تحقيق گهڻو اُتساهيو. ان بابت پاڻ ’سنڌي غزل جي اوسر‘ جي مقدمي ۾ لکي ٿو:
”جڏهن پي ايڇ ڊي لاءِ مضمون تي ويچار ڪيم ته غزل پنهنجين سمورين رعنائين سان منهنجي اڳيان اچي بيٺو، مون سوچيو جيڪي بزم مشاعره مون ڏٺا، وڏن جي لئبرريءَ ۾ پراڻيون اخبارون ۽ رسالا پڙهيا، ادبي ڪانفرنسن ۾ شرڪت ڪئي ۽ تمام گهڻن شاعرن سان ملاقاتون ڪيون آهن، انهن سڀنيءَ جي اها تقاضا آهي ته مون کي سنڌي غزل ۽ ان جي تاريخ تي ئي ٿيسز لکڻ گهرجي. جڏهن پنهنجي مضمون جو ذڪر پنهنجي مهربان بزرگ مولوي غلام مصطفيٰ قاسميءَ سان ڪيم، هن کي ڏاڍي سرهائي ٿي ۽ اصرار ڪيائون ته مان ان ئي موضوع تي پي ايڇ ڊي ڪريان. سندن خواهش مطابق مون پنهنجي مضمون جو عنوان ’سنڌي غزل جي اوسر‘ چونڊيو.
سنڌي غزل جي اوسر شروع کان وٺي هن وقت تائين، اٿاهه ڪم هو، پر مولوي قاسميءَ جي همٿ افزائي، رهنمائي ۽ صلاح مشوره جي ترهي تي ان گهيڙ ۾ گهڙي پيس، جيڪي ڪجهه ڪٺو ڪيو اٿم اهو اوهان جي اڳيان آهي.“
سنڌي غزل جي اوسر مقالو چوڏهن بابن ۾ ورهايل آهي، جنهن ۾ هند ۽ سنڌ جي سڀني غزل گو شاعرن کي شامل ڪيو ويو آهي. خاص بابن ۾ پارسي شاعرن جو سنڌي غزل تي اثر آهي، گڏوگڏ سنڌ ۾ پارسي شاعري بابت به کوجنا ڪئي وئي آهي. ان باب ۾ ايران سان سنڌ جي ناتن، سنڌ ۾ پارسيءَ جو رواج، ان جي شروعات کان وٺي سنڌ جي تاريخ جي مختلف دؤرن ۾ پارسي ٻولي، غزليه شاعري، ان جو سنڌي غزليه شاعري  تي اثر جي حوالي سان نهايت گهرائي ۾ وڃي کوجنا ڪئي ويئي آهي، ۽ ادب جي خاص طور تي شاعري جي انهن حوالن کي اڏو آندو ويو آهي، جن جو ذڪر سنڌي ادب جي تاريخن ۾ ڪونه ٿو ملي. اها سنڌي ٻولي جي ۾ بدقسمتي آهي، جو ان جي ڪا مستند تاريخ مرتب نه ڪئي ويئي آهي، جن اديبن ۽ عالمن ادبي تاريخون لکيون يا مرتب ڪيون آهن، سي تذڪرا آهن ۽ تذڪراتي انداز ۾ لکيون ويون آهن. انهن ۾ تحقيقي پهلو کي قطعي نظرانداز ڪيو ويو آهي. ان حوالي سان ڏسجي ته اياز حسين قادري سنڌي غزل جي هڪ مستند تاريخ اسان کي جوڙي ڏني آهي.
ٻيو اهم باب دعوت غزل آهي. دعوت غزل جي وصف جيڪا اياز قادري صاحب بيان ڪئي آهي، سا نهايت ئي دلچسپ ۽ وڻندڙ آهي. دعوت غزل جي باب ۾ بيان ڪيو اٿس:
”جڏهن سنڌ ۾ اڃا مشاعرن جو رواج نه پيو هو، جتي شاعر گڏجي هڪ هنڌ ويهي پنهنجو ڪلام هڪ ٻئي کي ٻڌائين ۽ داد حاصل ڪن ۽ پنهنجن همعصر شاعرن کان برتري حاصل ڪرڻ لاءِ پنهنجن غزلن کي نازڪ خيالن، رنگين تشبيهن ۽ حسين استعارن سان سينگاري پيش ڪن. ان زماني ۾ دعوتِ غزل سنڌي غزل جي اوسر ۾ وڏو ڪم ڪيو، دعوتِ غزل مان مراد آهي ته، ڪنهن ٻئي شاعر جي غزل تي غزل چوڻ.
سنڌي غزل جي شروعاتي ترقي واري دؤر ۾ اڪثر ايئن ٿيندو هو ته ڪو شاعر غزل چئي پنهنجي ڪنهن همعصر دوست يا حريف شاعر کي ساڳي غزل تي غزل چوڻ جي دعوت ڏيندو يا فرمائش ڪندو هو. حريف شاعر اها دعوت يا چئلينج قبول ڪري غزل جي ساڳي زمين ۽ پنهنجي خيالن جي گهوڙي کي ڊوڙائي پهرين غزل چوندڙ شاعر کان اڳ ڪڍڻ جي ڪوشش ڪندو هو. ڪڏهن ڪڏهن ته هڪ جي بجاءِ ڪيترن شاعرن کي ساڳي غزل تي غزل لکي هڪ ٻئي کان داد حاصل ڪندا هئا. اهڙيءَ ريت شاعرن جو ننڍڙو مشاعرو بلڪ مقابلي جو ميدان تيار ٿي ويندو هو، هر ڪو شاعر پنهنجي غزل تي محنت ڪري ان کي صنايع ۽ بدايع سان سينگاري وڌ ۾ وڌ دلچسپ بنائي پيش ڪندو هو. ان جو نتيجو اهو نڪتو جو سنڌي غزل جي حسن ۽ نزاڪت ۾ وڌيڪ شوخي ۽ نفاست پيدا ٿي ۽ خيالن ۾ ان دؤر جي لحاظ کان نواڻ آئي.
اهڙيءَ ريت ٻين اهم بابن ۾ ’اخباري مشاعره‘ ۽ بزم ۾ مشاعره شامل آهن، جن ۾ اياز حسين قادري انهن اخبارن جا تفصيل ڏنا آهن، جن ۾ غزل ڇپيا هئا. اهي اخبارون ڪا طرز/يا طرح شاعرن کي ڏيندا هئا، جنهن جي زمين تي شاعر پنهنجا غزل تيار ڪري اخبارن کي موڪليندا هئا. ساڳي ريت بزم مشاعره ۾ انهن بزمن/ادارن جي فهرست ڏني اٿس، جيڪي مشاعره ڪرائيندا هئا. انهن مان گهڻو تڻو ادارا ورهاڱي کان اڳ جا به آهن، ته پوءِ جا به، جن جو انگ اٽڪل ۳۸ آهي. افسوس جو اڄ جڏهن اسان وٽ تعليم وڌي آهي، خواندگيءَ جي شرح وڌي آهي. سهولتون وڌيون آهن، ته اداري جو فقدان آهي. ڪڏهن ڪڏهن ٻڌڻ ۾ ايندو آهي ته، مشاعره منعقد ٿيا، پر ڪا به تنظيم يا ادارو ڪونهي، جيڪو ان ڏس ۾ ڌيان ڏيئي.
اياز حسين قادري، سنڌي غزل سان گڏوگڏ شاهه عبداللطيف ڀٽائي جو شيدائي به هو. ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ شاهه عبداللطيف ڀٽائي چيئر جو باني ڊائريڪٽر به هو. ان چيئر کي قائم ڪرائڻ ۾ سندس خدمتون ۽ جاکوڙ واکائڻ جوڳا آهن.
اياز حسين قادري، شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي ڪلام جو اردو ۾ نثري ترجمو ڪيو، جنهن ۾ ڊاڪٽر سيد وقار احمد رضوي، جيڪو ان وقت ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ اردو هندي جو استاد هيو، ان ڪم ۾ سندس ڀاڱي ڀائيوار هو. ان کان اڳ شيخ اياز شاهه جي رسالي جو اردو ۾ منظوم ترجمو ڪري چڪو هو. اياز قادريءَ جي ترجمي کي جيڪو چئن جلدن تي ٻڌل آهي، اڪيڊمي آف ليٽرس پاڪستان شايع ڪرايو آهي. ان ساڳئي دور ۾ آغا سليم به شاهه جي رسالي جو اردو ۾ منظوم ترجمو ڪري رهيو هو. نثري ترجمو هجڻ ڪري اياز حسين قادري وارو ترجمو شاهه جي ڪلام جي مفهوم معنيٰ، پيغام، فڪر ۽ فلسفي کي وڌيڪ ويجهو آهي.
شاهه جي ڪلام کي اردو ۾ ڪيترن ئي ٻين عالمن ۽ اديبن ترجمو ڪيو آهي، جن ۾ حفيظ هوشيارپوري، ابن انشاءَ، الياس عشقي، شان الحق حقي، آفاق صدقي ذڪر جوڳا آهن. نثر ۾ به شاهه لطيف تي ڪم ٿيو آهي، خاص طور تي مخدوم امير احمد جو ترجمو به ٿيل هو، پر انهن سڀني عالمن جي ترجمي جي ڀيٽ ۾ پروفيسر اياز حسين قادري ۽ پروفيسر وقار احمد رضويءَ جو ترجمو نهايت ئي سادو ۽ دلنشين نثري ترجمو آهي، جيڪو اردو ٻولي سمجهندڙن لاءِ شاهه جي شاعري جي فڪر ۽ فلسفي مان لاڀ پرائڻ جي بهترين ۽ مستند  ذريعو آهي.
مون کي چڱي ريت ياد آهي ته، اياز قادري صاحب ۽ پروفيسر وقار رضوي صاحب پنهنجن ڪلاسن وٺڻ کان پوءِ ڪلاڪن جا ڪلاڪ ويهي مختلف بيتن ۽ واين جو اردو ۾ ترجمو ڪندا ۽ ڪڏهن ڪڏهن ڪنهن لفظ بابت ڪلاڪن جا ڪلاڪ بحث مباحثو ڪندا هئا. ان وچ ۾ جيڪڏهن ٻيو ڪو استاد سندن ڪمري ۾ اچي ويو ته اهو به ان بحث سان گفتگو ۾ شامل ٿي ويندو هو. اڪثر مان ان گفتگو ۾ شامل ٿيندو هئس، هڪ ته شاهه جي ٻولي اڙانگي، ٻيو ان جو مفهوم وسيع، ان ڪم کي مڪمل ٿيڻ ۾ ڪيترائي مهينا لڳا، جڏهن اهي چار ئي جلد شايع ٿي ڊاڪٽر اياز حسين قادري صاحب جي هٿن ۾ پهتا ته سندن خوشي جو ڪاٿو لڳائڻ سولو ڪونه هو.
بهرحال اهو سندن هڪ عظيم ڪارنامو هو، جيڪو قادري خاندان پاران ادب ۽ شاعريءَ جي خدمتن جو تسلسل هو.
شاهه عبداللطيف ڀٽائي چيئر ۾ رهندي اياز حسين قادري صاحب شاهه سائين جي ڪلام جي مختلف رُخن تي تحقيق ڪئي، سندن کوجنائي مقالا ’مون مطالع سُپرين‘ جي عنوان سان شايع ٿيا، جنهن ۾ شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي ڪلام جو منفرد انداز ۾ اڀياس ڪيو ويو آهي، اهو ڪتاب شاهه عبداللطيف ڪلچرل سوسائٽي ڪراچي پاران اپريل ۱۹۹۵ع ۾ شايع ٿي پڌرو ٿيو.
هن ڪتاب ۾ اياز حسين قادري جي جا تيرنهن مضمون ۽ مقالا ڏنل آهن. سندس خيال هو ته شاهه سائين جي مجازي شاعري تي تمام گهٽ لکيو ويو آهي، ڇاڪاڻ ته اسان جا ڪجهه عالم مجاز جا قائل نه آهن، پر حقيقت اها آهي ته، شاهه لطيف پهريان عاشق هو ۽ پوءِ معرف. اهو مجاز ئي هو، جنهن جي نتيجي ۾ شاهه پنهنجا ڊيرا ڇڏي ورهين جا ورهيه سامين سان ويران وسندين ۽ واهڻن ۾ گهمندو ڦرندو رهيو. اهو مجاز ئي هو، جنهن کيس حق سان هڪ ڪري ڇڏيو. ڇاڪاڻ ته، المجاز قنطرت الحقيقت چيو ويو آهي. سندس مجازي ڪلام جي هُٻڪار اسان کي رسالي جي ذريعي گهٽ سڀني سرن ۾ نظر اچي ٿي.
اياز حسين قادري پنهنجي مقالن جي ان مجموعي ۾ شاهه جي مجاز ۽ عشق جي مختلف رخن کي نروار ڪيو آهي. سندس خيال آهي ته، شاهه سائين مجازي عشق جا اهي سڀئي مرحلا طئي ڪيا آهن ۽ وارداتن مان گذريو آهي،جن مان هڪ سچو عاشق گذرندو آهي.
ان ڪتاب ۾ ڏنل مقالن مان ڪجهه جا عنوان ۽ متن منفرد حيثيت رکندڙ آهن. مثال طور ’شاهه جو رقيب‘ ڇاڪاڻ ته مجازي عشق ۾ کيس رقيب کي به منهن ڏيڻو پيو. ٻين مقالن ۾ ’شاهه ۽ قسمت‘، ’متو آهين مڇ‘، ’کاهوڙي خبرون‘، ’جي ڀائين جوڳي ٿيان‘، ’شاهه جا پاراتا ۽ دعائون‘، شاهه جي ڊرامائي انداز ۾ نئين شرح لطيفي نهايت دلچسپ ۽ شاهه جي فن، فڪر ۽ فلسفي تي روشني وجھندڙ آهن.
ان ۾ هڪ اهم مقالو ’سارنگ جي سورمي‘ آهي. سُر سارنگ جي اها سورمي ’وانڍي‘ آهي، جيڪا ٿر جي اُها عورت آهي، جنهن جو پرين پرديس ويل آهي، ۽ هؤَ ٿر جي ٻين جدائي ۾ ماريل عورتن وانگر پنهنجي ور لاءِ واجهائيندي رهي ٿي. عام طور تي اديب عالم يا فنڪار شاهه جي سورمين جو جڏهن ذڪر ڪن ٿا ته فقط انهن ستن سورمين جو ذڪر اچي ٿو، جيڪي نيم تاريخي داستانن جون سورميون آهن، پر اياز قادري ’وانڍي‘ جي ڪردار تي هيءُ مقالو لکي اهو ثابت ڪيو آهي ته، ٻين سورمين جيان وانڍي به هڪ اهم سورمي آهي. شاهه سائين سُر سانگ ۾ سارنگ جي ساعت جي دلفريب ۽ ڀرپور منظرنگاري ڪئي آهي. اهي دلچسپ نظارا حقيقت ۾ ان وانڍيءَ جي جذبن جي وضاحت جي پسمنظر ۾ بيان ڪيل آهن، جنهن وسيلي سارنگ جي مختلف وقتن تي وانڍيءَ جي دل جي ڪيفيتن ۽ سندس اندر ۾ ڇا ٿي وهيو واپريو، تنهن جي ڀرپور نموني عڪاسي ڪئي آهي. شاهه پنهنجي ٻين سورمين جي ڪردارن کي اجاگر ڪرڻ لاءِ اهڙا پسمنظر پيش ڪيا آهن. جيئن سُر سهڻي ۾ سياري جون ٿڌيون راتيون، درياهه جي دهشت ۽ ڪُنن جا ڪڙڪا وغيره.
اياز حسين قادري صاحب افسانا نگاري، شاعري، لطيفيات ۽ تحقيق سان گڏوگڏ مختلف وقتن تي مختلف موضوعن تي کوجنائي مقالا ۽ مضمون به لکندو رهندو هو، جيڪو مختلف رسالن ۾ شايع ٿيندا رهندا هئا. قادري قلم قبيلي جي سرواڻ ذوالفقار علي قادري صاحب سندس يادگيرين، مضمونن ۽ مقالن کي سهيڙي ’مشعل اياز‘ نالي ڪتاب ۾ پيش ڪيو آهي. اهو ڪتاب آگسٽ ۲۰۰۷ع ۾ شايع ٿي پڌرو ٿيو آهي، ان ڏس ۾ سهيڙيندڙ لکيو آهي:
”هيءُ ڪتاب مصنف جي يادگيرين، مضمونن ۽ مقالن کي سهيڙي شايع ڪيو اٿئون ۽ ان کي اهڙي نموني ترتيب ڏنو ويو آهي ته، جيئن اهو اڌ صديءَ جي ادبي، علمي ۽ ثقافتي تاريخ جون سڪون لاهي. ان ڪري يادگيرين بعد ڪتاب جي پهرين حصّي ۾ اهي مضمون ۽ مقالا ڏنا ويا آهن، جن کي پڙهڻ سان سنڌ ۾ عروضي شاعريءَ جي اوسر جو بخوبي اندازو ڪري سگهجي ٿو. اهڙيءَ طرح ٻيون لکڻيون پڻ موضوع واري ترتيب ۾ رکيون ويون آهن ته، جيئن پڙهندڙ واسطيدار موضوع بابت گهڻ رُخي ڄاڻ حاصل ڪري سگهن. خاطري اٿئون ’مشعل اياز‘ جو سوجهرو جهڪو نه ٿيندو بلڪه لاٽ مان لاٽ جلندي رهندي. انشاءَالله.“
ان ڪتاب ۾ ڪل ايڪٽيهه مضمون ۽ مقالا شامل آهن، اڃان به ڪيترو ئي مواد مختلف رسالن ۾ ٽِڙيو پکڙيو پيو آهي، جنهن کي هيڪاندو ڪري شايع ڪرائڻ جي گهرج آهي.
مشعل اياز ۾ مختلف موضوعن تي نهايت دلچسپ ۽ معلوماتي ادبي مضمون شامل آهن.
مٽي لڌو مان به اياز حسين قادري جي هڪ بهترين تصنيف آهي، جيڪا شيخ عبدالله عبد جي شخصيت، علمي ۽ ادبي ڪارنامن تي ٻڌل ڪتاب آهي.
ورهاڱي کان پوءِ جڏهن سنڌي ادبي سنگت جو بنياد پيو ته، اياز حسين قادري صاحب ان جو پهريون سيڪريٽري مقرر ٿيو. پاڻ ساندهه  يارنهن سال ان حيثيت ۾ سنڌي علم ادب جي خدمت ڪندو رهيو. سندس جاءِ ۶ - ڌڻي رام بلڊنگ ۾ سنڌي ادبي سنگت جون ادبي ڪچهريون، ادبي ڪلاس ۽ سنگت جون انتظامي گڏجاڻيون ٿينديون رهنديون هيون. سنڌي ادبي سنگت جي باني سيڪريٽري جي حيثيت سندس خدمتون ساراه جوڳيون آهن.


ڊاڪٽر اياز قادري
هڪ ڪهاڻيءَ جي بهترين پڄاڻي
منظور ڪوهيار
هر انسان جي زندگي به ته هڪ ڪهاڻي آهي. ڪنهن جو منڍ ڇرڪائيندڙ ته ڪنهن جي پڇاڙي، ڪا معنى ته ڪا بي معنى، ڪا خوشي ۽ سرور جو سنگم ته ڪا پيڙا ۽ درد جو امتزاج.
اياز حسين  قادري به هڪ دؤر، هڪ شهر، هڪ خاندان ۽ هڪ شخص جي ڪهاڻي آهي. هن جو جنم ۱۹ جنوري ۱۹۲۷ع  ڌاري ميان جي ڳڙهي (قادري پاڙي) لاڙڪاڻي ۾ ٿيو. سندس والد غلام سرور ”فقير“ تعليم کاتي ۾ آفيسر هو. ساڍن پنجن ورهين جو ٿيو ته سندس والد بزرگوار راهه رباني ورتي. والده کيس يتيمي جو احساس نه ڏياريو. سندس چوڻ هو، ”هڪ ته ماءُ ايڏي شفقت ڏني جو، والد جي ڪمي محسوس ئي نه ٿي ۽ ٻيو ته فقيري اثر ڪري، مون ڪڏهن والد کي مئل نه سمجهيو. ڇو ته اسان وٽ هي جهان دارالفنا ۽ ايندڙ دارالبقا آهي.“
اياز قادري جڏهن به ننڍپڻ کي ساريندو هو ته لاڙڪاڻي جي منظر نگاري ڪجهه هن ريت ڪندو هو. ”اسان جڏهن ننڍا هياسي ته لاڙڪاڻي جو اولهائون پاسو بيڪر روڊ (هاڻوڪو قائد عوام روڊ) تائين. اوڀر ۾ قافلي سراءَ، اتر ۾ گهاڙ واهه ۽ ڏکڻ ۾ غريب مقام تائين هوندو هو، جتي هاڻي رهائشي ڪالوني ٺهي وئي آهي. سج لٿي کانپوءِ  ويندي به ماڻهن کي ڀئه پيو ٿيندو هو. عجيب و غريب قصا مشهور هوندا هئا. ان مقام جي باري ۾ .
لاڙڪاڻو شهر ان زماني ۾ باغن، پڌرن ۽ چونڪن جو شهر هو. امن ۽ محبت جو گهوارو، ادب ۽ علم جو مرڪز. لاڙڪاڻي کي ته ان زماني ۾ چوندا ئي شاعرن جو آکيرو هئا. شهر جي هندن ۽ مسلمانن کي صوفين ۽ سنتن، پيار ۽ محبت واري ڏور سان ٻڌي ڇڏيو هو. شهر جا اڳواڻ به خدا ترس ۽ هڏ ڏوکي هئا. نواب حاجي امير علي لاهوري ميونسپل ڪاميٽيءَ جو عوامي پريزيڊنٽ، جيسيتائين گهوڙي تي چڙهي سڄي شهر جو چڪر نه هڻي، تيسيتائين آرام نه اچيس. اسان جي اوطاق تي ته ضرور ايندو هو. ميان علي محمد قادري سان گهڻي هوندي هيس.
اسان جي ويڙهن وچ ۾ ميان محمد صالح قادريءَ جي قبي تي راڳ ٿيندو هو. هندو مسلمان گڏ ويٺا هوندا هئا. هڪٻئي جا حال ڀائي ۽ باخبر، جو ايتري به خبر هوندي هين ته ڪنهن جي گهر ۾ ڇا رڌو پڪو آهي. هڪ ٻئي ڏانهن ڀاڄي موڪلڻ ۽ سڏي کارائڻ جو رواج هو.“
سائين اياز قادري جون ڳالهيون ٻڌندا هئاسين ته ان زماني ۾ لاڙڪاڻي جي معاشي ۽ سماجي صورتحال سمجهه ۾ اچي ويندي هئي. لڳندو هو ته رڳو وچ ۾ گهرن کي ڀتيون هيون، باقي ته ماڻهن جو دليون ڳنڍيل هيون. سائين قادري صاحب جي ڪچهريءَ ۾، ويٺل سندس سؤٽ مظهر علي عرف مجن قادري وري لاڙڪاڻي ساهه سيباڻي جي تصوير ڪشي ڪجهه هيئن ڪندو هو:.
”سائين، لاڙڪاڻو معشوقن جو شهر... ننڍا هياسين ته، مائي سمل ڏٺي سين، اها مائي سمل هئي. جنهن تي مير ڪرم داد عاشق ٿيو. چيائينس ته هزار ايڪڙ ڏيندونمانءِ، مون سان ويهه، وراڻيائينس ته مير آهيان ته ڪڃري، ويهنديس ته سهي، پر ٻڌائي ڇڏيان ته منهنجي دل ٻئي هنڌ آهي. وري سائين منهنجي کي چوان، ميان محمد صالح قادري جي درگاهه تي مائي عنايتان جي سنڌي جهمر ڏٺي سين، وٺي جو ناٽ ڪري ته پٽڪا ڳچين ۾ ..... مائي عنايتان جهڙو چپن کي لڳل مساڳ اڄ تائين اسان نه ڏٺو. ڇا پُڄن اڄوڪيون سرخيون .... هيون ته نالي ۾ ڪڃريون، باقي رت خاندانن جو هو. لاڙڪاڻي جي وڏيرن ۽ نوابن تي ائين ڪاتي هلندي هئي. جيئن جمعو ڪاسائي پهرن (ٻاڪرو مال) کي سيران ڏئي. اسان پنهنجي جوانيءَ ۾ مائي تاج ۽ خورشيد کي ڏٺو. بڳيءَ تي چڙهي، شام جو شهر ۾ چڪر هڻي وڃن ته سڄي لاڙڪاڻي کي باهه لڳي وڃي. اسان پاڻ انهين جي باهين ۾ ڄرڪياسين!“
مجن خان چپ ٿي ويندو هيو ته سائين اياز قادري چوندو هو. ”هر ماڻهوءَ کي پنهنجو  ماضي سٺو لڳندو آهي. پر ان ۾ ڪو شڪ ڪونهي ته اڳي ماڻهن ۾ همدردي وڌيڪ هئي.  هيءَ جيڪا به  وٿي پئي، اها هندو مسلم سياست جي ڪري، جنهن سڄي برصغير کي اٿلائي پٿلائي ڇڏيو. جنهن ڪري حقيقي عشق وارا ۽ مزاجي عشق وارا ماڻهو پريشان ٿي ويا. اهي قدر جيڪي اسانجي سماج کي ٽيڪ ڏيون بيٺا هئا، سي ڪِري پٽ پيا. ان ڪري هر طرف خودغرضي ۽ نفسانفسيءَ جو ماحول ٿي ويو آهي.“
اياز قادريءَ جون اهڙيون ڪچهريون ته اسان کي ڇڪي سندس اوطاق تي وٺي اينديون هيون. جڏهن به خبر پوندي هئي ته سائين ڪراچي کان  لاڙڪاڻي پهتو آهي ته، بغير ڪنهن تڪلف جي اچي سندس دروازو کڙڪائيندا هئاسين. اهو پٽن کي چيل هيس ته جڏهن به ڪو اديب يا اهل علم ماڻهو پڇڻ اچي ته کيس ننڊ مان به اٿاريو وڃي ۽ ائين ٿيو. اسان کيس ننڊ مان اٿاري ڪچهريون ڪيون. هن ڪڏهن نرڙ تي گهنڊ نه وڌو. ڪچهري هلندي هئي. ”اپنشد“ جي ڪهاڻين جو اهو ”پرجاپتي“ وارو ڪردار ادا ڪندو هو، جيڪو ڪنهن کي به احساسِ ڪمتريءَ جو احساس نه ڏياريندو هو. باوجود انهيءَ جي ته اياز قادري علمي لياقتن جي حوالي سان بيجنتي مالا هو. ۱۹۴۴ع ۾ مئٽرڪ مدرسي هاءِ اسڪول لاڙڪاڻي مان، بي اي آنرس، ايس ايم آرٽس ڪاليج ڪراچي مان ڪيل هيس. ايم اي فارسي، سنڌي، ايل ايل بي ۽ پي ايڇ ڊي هئڻ جي باوجود به ڏک نه ڏيندو هو ۽ نه احساس ڏياريندو هو ته  ڪو اڪابرين منجهان آهي. احساس برتريءَ کان آجو، وڏائيءَ کان ڪوهين ڏور، بالڪل صاف دل صوفي، جنهن جي قول ۽ فعل ۾ تضاد ئي ڪو نه. ان جو ٻيو ڪهرو ثبوت ڏجي ته پاڻ اهلِ تشيعت جو، ۽ سندس وڏڙن جي مسجد ۾ مولوي اهلِ سنت جو رکيل، جنهن جي پٺيان نماز هٿ ڇوڙي پڙهندو هو. پڇندو هيومانس: ”اهو ڪيئن؟“
کلي چوندو هو: ”سجدو الله جو آهي.“
پڇندو هومانس: ”پوءِ اهو هٿ ڇوڙڻ ۽ ٻڌڻ جو فرق ڇو؟“
جواب ڏيندو هو: ”دلين ۾ فرق نه هجي، باقي اهي فرق ثانوي آهن.“
اياز قادري سنڌ جي انهن اعلى پايي جي ڪهاڻيڪارن منجهان هو، جن ڪهاڻيءَ کي، سماجي حقيقت نگاريءَ جي حوالي سان اهم موڙ ڏنو. سنڌي ٻوليءَ ۾ مقصدي ادب کي هٿي وٺائڻ ۾، لاشڪ ته اياز قادري هڪ اهم ۽ وڏو نانءُ آهي. ۱۹۵۷ع ۾ ڇپيل سندس ڪهاڻين جو مجموعو ”بلو دادا“ هڪ اهڙي وٿ آهي، جيڪا پئي پراڻي ناهي ٿيڻي، ٻوليءَ جي حوالي سان هو سلاست  ۽ بلاغت جو ڌڻي هو. ۱۱۳۲ صفحن تي پي اڇ ڊي لاءِ لکيل سندس تخليقي مقالو ”سنڌي غزل جي اؤسر“ پڻ هڪ اهڙو ڪارنامو آهي، جنهن تحقيق جي حوالي سان سندس نانءَ کي دائميت بخشي. ان ڪري سنڌ جي سڀني نقادن ۽ علمي شخصيتن سندس محنت جو اعتراف ڪيو آهي. هري دلگير درياڻي ۲۱ جنوري ۱۹۸۵ع ۾ کيس آديپور ”انڊيا“ مان لکيو.
”تو وٽان تنهنجو شاهڪار سنڌي غزل جي اؤسر پهتل آهي. سنڌي غزل تي تو جيڪا محنت ڪئي. ان لاءِ تو  اڳيان سر جهڪايان ٿو. بي شڪ تو لاثاني پورهيو ڪيو آهي.“
انهيءَ حوالي سان، سنڌي ادب جي ساڃاهه وند ڊاڪٽر موتي پرڪاش ۱۲ مارچ ۱۹۸۵ع ۾ کيس دبئيءَ کان لکيو ”ها اوهان جي ٿيسز جي ٻئي ڀاڱي جي هڪ ڪاپي مڪتبه اسحاقيه وارن موڪلي آهي. پڙهيم، ڏاڍي محنت ڪئي اٿـوَ، ڀارت ۾ سنڌي غزل جو اؤسر وارو ڀاڱو ته لاجواب آهي. خاص طور سنڌي ادب جي مسئلن ۽ ترقي تي جيڪا روشني وڌي اٿوَ. سو هڪ دستاويزي ڪم آهي. سنڌ ۾ سنڌي ادب جي پارکن کي، چاهي هند ۾، سڀني کي ڏاڍو پسند ايندو.“
ڊي ڪي منشاراڻي جي راءِ به ڏاڍي عقيدت ۽ احترام واري آهي:
”اوهان جي ٿيسز پڙهڻ کان پوءِ منهنجو رد عمل اهو آهي ته آءٌ هن دوريءَ کان ان هٿ کي چمان ٿو. جنهن اهڙي قلم ذريعي اهڙو تحقيقاتي شاهڪار پيش ڪيو آهي.“
سچ پچ ته سنڌ ۽ هند ۾ هر محقق ۽ اديب سندس ان ٿيسز کي مانائتو ۽ شانائتو قرار ڏنو. ۽ مڃتا طور تي ۱۹۸۵ع ۾ ”اڪادمي اديبات“ ان تحقيقي مقالي تي کيس ايوارڊ سان نوازيو. تحقيق جي حوالي سان سندس شاهه عبدالطيف ڀٽائيءَ تي لکيل مقالن ۽ مضمونن جو ڪتاب ”مون مطالع سپرين“ به هڪ اهم وٿ آهي. سچل شناسي ۾ ته سندس ڪو پيرمٽ نه هو. ان جو وڏو سبب ته سندن جد امجد فقير ميان محمد صالح، سچل سائين جو هم عصر ۽ خواجه عبدالحق جو مريد هو. اهو ئي سبب آهي جو درازا شريف جو موجوده گادي نشين ”سائين سخي قبول محمد فاروقي“ پنهنجي هڪ تقرير ۾  اهو برملا اظهار ڪيو ته ، ”شايد اوهان اڄ ان ڳالهه کي realize نه ڪيو. پر اها حقيقت آهي ته سڀاڻي ان شيءَ کي اوهان تاريخي پسمنظر ۾ ڏسندا ته درگاهه درازا جو گادي نشين وري قادريه خاندان جي گادي نشين جو شاگرد ٿي رهيو آهي. ڊاڪٽريٽ ڪرڻ واري عرصي ۾ آءٌ جڏهن به قادري  صاحب سان ملندو هيس ته هڪ استاد هجڻ جي حيثيت ۾ آءٌ کيس پيرين پئي ملڻ جي ڪوشش ڪندو هيس ۽ هو وري هڪ مريد هجڻ واري حيثيت ۾ مون کي پيرين  پئي ملڻ جي ڪوشش ڪندو هيو. اها هڪ دلچسپ صورت حال هئي.“
اياز قادري نه صرف محقق هو، پر اهڙن اٺن شاگردن جي پي ايڇ ڊي جي موضوعن جو نگران به رهيو. جن جو تحقيقي ڪم به قابل فخر آهي. اياز قادري  ترجمن کي به وڏي اهميت ڏيندو هو. سندس ان ڳالهه تي به زور هوندو هو ته هر اديب کي ڌاريءَ ٻوليءَ جو ادب سنڌيءَ ٻوليءَ ۾ ۽ سنڌي ٻوليءَ جو ادب وري ڌاري ٻولي ۾ ترجمو ڪرڻ کپي. ڇاڪاڻ ته  ان عمل سان ٻوليءَ کي وسعت ملي ٿي. ۽ ان جو پاڻ عملي مظاهرو ڪندي ڪيترائي ترجما ڪيائون.
جن ۾ ”گورڪيءَ جي آتم ڪهاڻي“ـــ ”آزاديءَ جا اڳواڻ“ ــ”جنن پرين جون ڪهاڻيون“ ــ ”خطرناڪ ڪهاڻيون“ ـــ ”پاڪستاني ڪلچر“ ــ ”ڪراچي يونيورسٽي جي تاريخ“ ۽ سنڌي ٻوليءَ مان شاهه جي رسالي کي اردو نثر ۾ ترجمو ڪري هڪ اهم ڪم سر انجام ڏنائين. جنهن جو اعتراف اردو ٻوليءَ جي نامياري شاعر افتخار عارف به ڪيو آهي. اياز قادري صاحب لاءِ لکي ٿو:
”اياز قادري جي ڪوشش ڪري اردو ٻوليءَ وارن لاءِ شاهه لطيف جي عارفاڻي پيغام کي  سمجهڻ جي راهه هموار ٿي.“
اهڙي طرح صحافت ۾ هفتيوار ”الحقيقت“ جو مدير، جڳ مشهور سه ماهي انگريزي رساليsindh quarterly  جو ٻانهن ٻيلي ۽ ايڊيٽر ٿي رهيو. شاعريءَ تي به کيس عبور حاصل هو. محترمه ڊاڪٽر فهميده حسين، اياز قادريءَ جي شاعري بابت لکي ٿي ”اياز قادري جو ادب، شاعري ۽ تحقيق ۾ وڏو حصو آهي. شاعريءَ تي کيس وڏو عبور حاصل هو.“
سچ ته اياز قادري هڪ همه گير شخصيت هو. جيڪڏهن سندس علمي ۽ ادبي عهدن تي نظر وجهجي ته هڪ ڊگهي لسٽ ڏيڻي پوندي. جيڪڏهن هتي مختصر انداز ۾ سندس علمي ۽ ادبي عهدن جو ذڪر ڪجي ته  به اندازو ڪري سگهجي ٿو ته هو هڪ وڏي علمي ادبي هڏ ڪاٺ وارو شخص هو.
۱۹۵۴ع ۾ جميعت الشعراءَ سنڌ جو جوائنٽ سيڪريٽري.
 ۱۹۵۵ع ۾ سنڌي ادبي سنگت سنڌ جو پهريون جنرل سيڪريٽري.
ميمبر سينيٽ ڪراچي يونيوريٽي
ميمبر سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو
ميمبر انسٽيوٽ آف سنڌ الاجي ڄامشورو
ميمبر سنڌي ادبي  سوسائٽي ڪراچي
چيئرمين شاهه لطيف چيئر ڪراچي يونيورسٽي
چيئر مين سنڌي ڊپارٽمينٽ ڪراچي يونيورسٽي
ميمبر اقبال اڪيڊمي لاهور
ميمبر ڊسٽرڪٽ هسٽاريڪل سوسائٽي لاڙڪاڻو
بنيادي ميمبر۱۳ مئي ۱۹۹۷ع ۾ رائيٽرس ڪلب لاڙڪاڻو.

مون ڪڏهن به نه ٻڌو ته ترقي پسنديءَ جي نانءَ تي هن ڪڏهن مذهب کي ننديو ۽ نه ئي ديندار جي ناتي ان کي هٿيار بڻايائين. هميشه نيرورتا واري حالت ۾ رهيو. اياز قادري پوري ڄمار ڪنهن به ڌر جي پليٽ فارم کي پنهنجي  ادبي قد بت کي وڌائڻ لاءِ استعمال نه ڪيو. اڃا ٻين کي همٿائيندو ۽ اتساهيندو رهيو. اهڙن ماڻهن منجهان مان به آهيان. ڪيئن وساري سگهندس اهي لفظ جيڪي هن منهنجي ڪهاڻين جي مجموعي ’سج لهڻ کان پوءِ به‘تي، ميسيج گروپ لاڙڪاڻي پاران ڪرايل گروپ ڊسڪشن ۾ چيا هئا.
”عيسائين ۾ هڪ رواج آهي ته جيڪڏهن ڪنهن کان گناهه سرزد ٿي ويندو آهي ته اهو فادر وٽ وڃي پنهنجي گناهه جو اعتراف ڪندو آهي، جيڪڏهن محبت ڪرڻ گناهه آهي ته آءٌ اعتراف ڪيان ٿو ته مان منظور ڪوهيار سان سندس ڪهاڻين جي ڪري محبت ڪيان ٿو.“
جي مان خوشفهمي جو شڪار نه ٿيان ته اهي لفظ هڪڙي قسم جو آشيرواد ها، هڪ اهڙي ڪهاڻيڪار لاءِ، جيڪو نو آموز هو. هونئن به اياز قادري ڪنهن جي کٽل ڳالهه کڻي وڃڻ وارو شخص هو. اڳلي جي ڪم علمي تي آڱر کڻڻ وارن مان نه هو. اياز قادري جي عمر جو گهڻو تڻو حصو ڪراچي ۾ گذريو.۱۹۴۹ع ۾ ايس ــ ايم لياري هاءِ اسڪول چاڪيواڙي ۾ ٽيچر جي حيثيت سان عملي زندگيءَ جو آغاز ڪيائين ۽ رٽائرمينٽ  ۱۹۸۷ع ۾ پروفيسر ۽ هيڊ آف دي سنڌي ڊپارٽمينٽ ڪراچي يونيورسٽي جي حيثيت سان ڪيائين. ان کان پوءِ شاهه عبداللطيف چيئر ڪراچي يونيورسٽي جو ڊائريڪٽر ايڊوائزر جي حيثيت سان خدمتون سر انجام ڏيندو رهيو.
حقيقت اها هئي ته سندس دل لاڙڪاڻي ۾ هوندي هئي. عيد برات، شادي يا غمي يا ڪمي ڪارين لاڙڪاڻي ايندو ته پنهنجي پراڻن نون دوستن کي ساريندو. ٽيلوفون يا نياپا ڪري پنهنجي جڳهه تي علمي ادبي ڪچهريون ڪرائيندو. انهن ڪچهرين ۾ سوڀو گيانچنداڻي، علي شير رونگهو، بشير احمد شاد، محمد علي پٺاڻ، رزاق مهر، سليم ڪورائي، ڊاڪٽر گل بليدي، افضل قادري ۽ واجد نظر ايندا هئا.
پوڙهي ٿيڻ کان پوءِ ماڻهو ڪانگ وانگر پيو لنوندو آهي.  پڇبو اٿس هڪ جي ته ڳالهه ٻي ڪندو آهي. پر اياز قادري جي عمر ۾ جيئن جيئن اضافو پئي ٿيو. تيئن سندس شخصيت تيجوان پئي ٿئي. ادبي محفل يا نجي ڪچهري هجي، ڳالهائيندو موضوع انوسار، مختصر  مگر جامع. اڄ به سندس تڪيل توريل لفظ  هيئين ۾ هرن ٿا. جيڪي هن هڪ ادبي ڪچهري ۾ ڪهاڻي بابت ڳالهائيندي چيا هئا. 
”جڏهن به اسان عام طرح ڪهاڻيءَ تي ڳالهائيندا آهيون ته رواجي طور تي اهو چوندا آهيون ته منجهس پلاٽ، ڪردار نگاري، ٻولي، ماحول اسلوب، ۽ مقصد هجڻ گهرجي وغيره. ڪي چون ٿا ته ڪهاڻي بنهه جڙتو هجي. ڪن جو خيال آهي ته زندگيءَ جو حصو هجي. منهنجي خيال ۾ ڪهاڻي اُها جيڪا پاڻ کنيون هلي ۽ آخر ۾ هڪ طاقتور اثر ڇڏي. جيڪڏهن ڪهاڻي پڙهندڙ کي ساڻ کنيون هلي ٿي ۽ اثر ڇڏي ٿي ته ڪهاڻيڪار ڪامياب، نه ته ناڪام. اوهان دنيا جي وڏن وڏن ڪهاڻيڪارن کي پڙهيو هوندو پر اهي ڪهاڻيون اوهان کي ياد هونديون، جن اوهان تي اثر ڇڏيو. سٺي ڪهاڻيءَ جي اها ڪسوٽي آهي ته ڀرپور تاثر ڏي ۽ حافظي ۾ رهي.“
موت ته اٽل آهي پر اياز قادري ۱۵ ڊسمبر ۱۹۹۷ع جو جهڙي ريت ساسين سکالو ٿيو. اهو به ڄڻ هڪ خوبصورت ڪهاڻيءَ جي پڄاڻيءَ جهڙو هيو. صبح جو سوير اٿيو. هميشه وانگر فجر جي نماز پڙهيائين. پوءِ يونيورسٽي وڃڻ جي تياري پئي ڪيائين. هن ڀيري اها تياري ڪا دارالبقا ڏانهن وڃڻ جي هئي. اڃا بوٽن جا تسمه پئي ٻڌائين ته اجل جو سڏ ٿيو، ”هارٽ اٽيڪ“ جي بهاني سان .... ان ڏينهن تي جڏهن سندس مڙه، ڪراچي کان اباڻي ڪکن ڏانهن لاڙڪاڻي پئي آيو ته ابر رحمت جون گهٽائون پئي وسيون. ۱۵ شعبان شب قدر واري سڳوري رات جو، ٻي وڳي يعني ۱۶ڊسمبر ۱۹۹۷ع تي خانداني قبرستان، درگاهه ميان محمد صالح قادري جي ويجهو کيس آخري آرامگاهه ۾ لاٿو پئي ويو.
هڪ اهڙو استاد جنهن کي هر وقت علم  کي عام  ڪرڻ جو اونو هو. سنڌي ادب جو اهڙو خوبصورت شاعر ۽ اڻ مٽ ڪهاڻيڪار جنهن جو مقصد، مقصدي ادب تخليق ڪرڻ هو. اهڙو محقق جنهن سنڌي غزل جي مستند تاريخ لکي. اهڙو صاف دل صوفي جنهن جي قول ۽ فعل ۾ ڪو تضاد نه هو. تنهن جي موڪلاڻيءَ جو منظر قابل ديد هو. آسمان تي هلڪا هلڪا بادل هڪٻئي پٺيان ڪنهن خوبصورت نظم جي بندن جيان روان دوان هئا. انهن جي وچ مان ستارن ۽ چنڊ به اسان جيان ليئا پائي پئي، آخري ديدار ورتو. جڏهن سندس مڙهه آهستي آهستي ساميءَ ۾ دعائن ۽ درودن سان لاٿو پئي ويو ته احبابن ۽ دوستن جون اکيون آبديده هيون. گهڻن جي ڳلن تان ڳوڙها وهي هليا. هر ڪنهن  جي ذهن ۾ سندس يادن جي سڳنڌ سمايل هئي. ۽ منهنجي ذهن ان وقت اهو ئي پئي سوچيو ته هن ڪهاڻيءَ جي پڄاڻي ڪيڏي نه شاندار آهي.
                                                                     ***


ڊاڪٽر اياز قادري
سنڌي ڪهاڻي جي هڪ صدي ناميارو ڪهاڻيڪار
مختيار سمون
اياز قادري صاحب کي ڏسڻ  ۽ ٻڌڻ جو مون کي صرف ڪو هڪ يا ٻه دفعا موقعو مليو هو ۽ اهو به لاڙڪاڻي جي ادبي ميڙاڪن ۾ ئي. ڇو ته پاڻ جڏهن نوڪري تان رٽائرمنٽ ڪري لاڙڪاڻي اچڻ ۽ رهڻ جو گهڻوسلسلو جوڙيو هيائون، تڏهن مان پڙهائي ۽ نوڪري جي سانگي لاڙڪاڻي کان ٻاهر رهندو هيس. مان ۱۹۹۱ع ۾ سنڌ زرعي يونيورسٽي مان بدلي ٿي لاڙڪاڻي ۾ آيس ۽ هتي ۱۹۹۲ع ۾ ناليج سينٽر قائم ڪيم ۽ ان ۾ انگريزي پڙهائڻ سان گڏ سنڌي علمي ادبي نشستن جو اهتمام به ڪرڻ لڳس ۽ ڪوشش ڪيم ته لاڙڪاڻي ڄايا نامور اديب ۽ دانشور به ناليج سينٽر ۾ اچي مون کي ۽ منهنجي شاگردن کي پنهنجي فيض سان نوازن . انهيءَ حوالي سان لاڙڪاڻي ۽ سنڌ جي ٻين شهرن سان تعلق رکندڙ ڪيترن ئي عالمن ۽ اديبن جو ناليج سينٽر ۾ اچڻ ٿيو پر منهنجي هڪ خواهش اڻپوري رهجي وئي، اها هيءَ ته مان ناليج سينٽر لاءِ ڊاڪٽر اياز قادري صاحب جن کان وقت وٺي نه سگهيس ۽ پاڻ ۱۹۹۷ع ۾ انتقال ڪري ويا. بحرحال ۱۹۹۹ع ۾ ناليج سينٽر اياز قادري صاحب جي ياد ۾ هڪ ميڙاڪو ڪرائي پنهنجي اڱڻ، ماحول ۽ درو ديوار کي قادري صاحب جي ذڪر سان واسيو ۽ روشناس ڪرايو هيو.
اياز قادري لاڙڪاڻي جي اهل علم، ادب، دانش، ۽ روحانيت واريون رمزون رکندڙ خاندان جو هڪ اهڙو فرد هيو جيڪو نه رڳو پنهنجي بزرگن جي نقشقدم تي هلي روحاني روايتن تي ڪاربند رهيو پر هو سنڌي ادب ۾ تحقيق ۽ تخليق واري عمل سان لاڳاپجي ايندڙ نسلن لاءِ لازوال ادبي شاهڪار به ڇڏي ويو، جن ۾ ڪهاڻيون به سندس هڪ خاص حوالو آهن.
ڊاڪٽر اياز قادري ۱۹ جولاءِ ۱۹۲۷ع ۾ لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو. بنيادي تعيلم لاڙڪاڻي ۾ حاصل ڪرڻ کان پوءِايس ايم لا ڪاليج مان پوسٽ گريجوئيشن جي ڊگري حاصل ڪيائين. انهيءَ سان گڏ ڪراچي يونيورسٽيءَ مان سنڌي سبجيڪٽ ۾ ماسٽرس جي ڊگري به ورتائين. ان کان پوءِ سنڌ يونيورسٽيءَ مان علامه غلام مصطفيٰ قاسميءَ جي رهنمائي ۾ سنڌي غزل جي اوسر جي موضوع تي ۱۹۸۲ع ۾ پي ايڇ ڊي جواعزاز حاصل ڪيائين. سندس پي ايڇ ڊي واري مقالي جي اهميت جي پيشِ نظر انسٽيوٽ آف سنڌ الاجي ان کي ڪتابي صورت ۾ “سنڌي غزل جي اوسر” جي عنوان سان ۱۹۸۲ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو.
ڊاڪٽر اياز قادري هڪ جاکوڙي، برجستو ۽ مستقل مزاج ماڻهو هيو. هن جي لاءِ زندگي، عمل ۽ جدوجهد جي ٻئي نالي جيان هئي، تنهنڪري هو ان جو هر لمحو ڪارج ڀريو بڻائڻ لاءِ هميشه مصروفِ عمل ئي رهندو هيو. پاڻ اڃا اعليٰ تعليم جي حاصل ڪرڻ وارن مرحلن ۾ ئي  هيو جو درس وتدريس جو پيشو اختيار ڪيائين. پڙهائڻ جو ڪم هو نه رڳو هڪ سرڪاري معلم جي حيثيت ۾ڪندو هو پر ذاتي طور تي به، علم جي ٻين ڏانهن منتقلي کي عبادت سمجهندو هيو. سندس نوڪري جي شروعات ۱۹۴۹ع کان ٿي جڏهن پاڻ سنڌ مدرسي لياري اسڪول ۾ استاد جي حيثيت سان مقرر ٿيو.اُن جي ڇهن سالن کان پوءِ سنڌ مسلم آرٽس ڪاليج ۾ ليڪچرر مقر ٿيو. جتي ٻارنهن سال پنهنجي علمي ۽ ادبي فيض کي عام ڪندو رهيو. ۱۹۷۲ع ۾ ڪراچي يونيورسٽي ۾ سنڌي ڊپارٽمنٽ جو باني اسسٽنٽ پروفيسر مقرر ٿيو جتي مسلسل سورنهن سال سنڌي علم ۽ ادب جي بي لوث خدمت ڪري ۱۹۸۷ع  ۾  پروفيسر ۽ سنڌي ڊپارٽمنٽ جي چيئرمين جي حيثيت ۾ رٽائرمنٽ ورتائين. قادري صاحب جي علمي لياقتن جي پيشِ نظر رٽائرمينٽ کان پوءِ ڪراچي يونيورسٽيءِ جي انتظاميا کيس  شاهه عبدالطيف ڀٽائي چيئر جو ڊائريڪٽر مقرر ٿيڻ جي آڇ ڪئي جيڪا پاڻ قبول ڪيائين ۽ پوءِ پنج سال يعني ۱۹۹۱ع تائين ان ئي منصب تي فائز رهيو.
لاڙڪاڻي ۾ قادري فيملي علم ادب ۽ سماج جي مختلف پهلوئن ۾ ناميان ڪردار ادار ڪرڻ واري حوالي سان هڪ خاص سڃاڻپ رکي ٿي. هن خاندان جا ڪي ئي فرد سٺا شاعر، ڪهاڻيڪار، استاد، قابل منتظم ۽ ڪامورا هجڻ سان گڏ وگڏ سنڌي صحافت جا پڻ پيش رو رهيا آهن. صحافت جو اهو سلسلو اياز قادري کان اڳ سندس بزرگن ۽ پوءِ سندس پوئيرن تائين به جاري رهيو. اياز قادري پاڻ پڻ  سنڌي ٻوليءَ جي مختلف رسالن ۽ هفتيوار اخبارن ۾ ايڊيٽر ۽ سب ايڊيٽر جي حيثيت ۾ ڪم ڪيو. سندس ادارت ۾ نڪرندڙ اهڙن رسالن ۽ اخبارن ۾ سنڌ مسلم مئگزين، سنڌ ڪوارٽرلي، هفتيوار نوجوان ڪراچي، هفتيوار ناخدا ۽ هفتيوار الحقيقت شامل آهن.
تعليم ۽ صحافت کان علاوه اياز قادري جي سڃاڻپ جوجيڪو وڏو حوالو آهي اهو آهي سنڌي ادب . سنڌي ادبي دنيا ۾ اياز قادري نه رڳو قلم جي ذريعي ئي ڪنٽريبيوٽ ڪيو آهي پر هو هڪ ادبي ڪارڪن ۽ ايڪٽوسٽ جي حيثيت سان پڻ ادبي تنظيمن ۾ بي لوث طريقي سان ڪم ڪندو رهيو هو. انهيءَ حوالي سان سندس نمايان شهرت ته  سنڌي ادبي سنگت سنڌ  جي پهرين سيڪريٽري واري آهي پر ان کان علاوه  پاڻ جميعت الشعراءَ جو جوائنٽ سيڪريٽري ۽  سنڌي ادبي سنگت ڪراچي شاخ جو باني سيڪريٽري به رهي چڪو هيو.
سندس تخليقي صلاحيتن، تحقيقي قابليت، بيان جي قوت ۽ قلم جي جنبش  جي نتيجي ۾ جيڪي سندس تصنيفون تيار ٿي، ڇپجي، ڪتابي صورت وٺي منظر عام تي آيون آهن انهن ۾ ڪهاڻين جو مجموعو “بلو دادا”، پرين جون ڪهاڻيون، عشقيه داستان، مٽيءَ لڌو مان، سنڌي غزل جي اوسر، پکين ۽ جانورن جون ڪهاڻيون، لائيف هسٽري آف سيد غلام مصطفيٰ شاهه شامل آهن. پاڻ انگريزي مان سنڌي ۽ سنڌيءَ مان اردو ٻولين ۾ ترجمي ڪرڻ  واري پڻ وڏي صلاحيت رکندو هيو. سندس ترجمو ٿيل ڪتابن ۾ ڊاڪٽر جِي الانا جو انگريزي وارو ڪتاب “فريڊم فائيٽرس”، مئڪسم گورڪي جا ڪتاب “ماءِ چائيلڊ هوڊ” ۽ ماءِ يونيورسٽيز، شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي رسالي جو اردو ترجمو ۽ ڪجهه اردو ڪهاڻين جو سنڌي ترجمو پڻ شامل آهن.
اياز قادري  شاعر يا افسانا نگار هجڻ واري سٽ کي سلجهائندي پنهنجي ڪهاڻين جي ڪتاب بلو دادا جي پيش لفظ ۾ لکي ٿو ته “آءٌ پهريان شاعر ۽ پوءِ افسانه نگار آهيان. مون جڏهن ڏٺو ته منهنجي سماج ۾ جيڪي وهي واپري ٿو، جيڪو منهنجي دل ۾ اٿل پٿل پيدا ڪري ٿو سو شاعري کان وڌيڪ افساني ۾ پيش ڪري سگهجي ٿو تڏهن مون شاعريءَ سان گڏ افسانا به لکڻ شروع ڪيا.”
ڊاڪٽر اياز قادري پنهنجي شاعراڻي پسمنظر بابت وڌيڪ پنهنجي ڪتاب “غزل جي اوسر” ۾ لکي ٿو ته “منهنجي اک غزل جي ماحول ۾ کلي. ناناڻي توڙي ڏاڏاڻي طرف غزل جا شاعر هئا، منهنجو پيءُ ميان غلام سرور فقير، منهنجو ڏاڏو ميان غلام محمد گدا، منهنجو نانو ميان علي محمدي قادري ۽ منهنجو مامو ميان غلام عباس جوش غزل جا شاعر هئا. اسان جي اوطاق ۾ ۱۹۱۵ع کان باقاعده بزمِ مشاعره ٿيندا هئا جن ۾ جڏهن آءٌ اٺن سالن جو هوندو هوس ته وڃي ويهندو هوس ۽ استاد شاعرن جا غزل نهايت غور سان ٻڌندو هوس.
ڊاڪٽر اياز قادري جيڪو اهڙي شاعراڻي ماحول ۾ نپنيو ۽ پليو ان لاءِ ڪو ڪامياب شاعر ٿيڻ ته مشڪل به ڪونه هيو پر ڪهاڻي واري صنف هن کي پاڻ ڏانهن ايترو ڇڪيو جو هن پنهنجي اظهار جو گهڻو تڻو ذريعو ڪهاڻيءَ واري صنف کي ئي بڻايو.
ڊاڪٽر اياز قادري جو هڪ ويجهو دوست شيخ عبدالحليم لکي ٿو ته “مون کي اياز ۾ پنهنجي دور جو هڪ عظيم شاعر نظر آيو جنهن جي ڪلام ۾ زندگيءَ جي  جهلڪ نه پر خود زندگي جلوه فرما هئي”. شيخ صاحب ڊاڪٽر اياز قادري صاحب لاءِ وڌيڪ لکي ٿو ته “هن جڏهن افسانا لکڻ شروع ڪيا ته مون کيس افسانن ڏانهن مائل ٿيڻ کان جهليو. مون سمجهيو ٿي ته جيڪڏهن اياز افسانن ڏانهن رخ رکيو ته اسانجو شعري ادب هڪ باڪمال شاعر جي زندگي بخش ڪلام کان محروم رهجي ويندو.”
انهن سڀني زورن ۽ بارن جي باوجود اياز قادري ڪهاڻي لکڻ سان منسلڪ رهيو ڇو ته هن جا جيڪي موضوع آهن خيالي نه هيا پر انهن سماج مان ئي جنم ورتو هيو جيڪي  صرف افسانن ۾ ئي چڱيءَ طرح اظهارجي ٿي سگهيا. ان بابت قادري صاحب خود لکي ٿو ته “منهنجي افسانن جا پلاٽ نه ڌاريا آهن نه خيالي هي اُهي تلخ حقيقتون آهن جنکي اسين پنهنجي زندگيءَ ۾ هر روز ڏسون ٿا. مون فقط ايترو ڪيو آهي جو انهن کي افسانوي رنگ ڏئي پيش ڪيو آهي.”
انهيءَ مٿين تناظر ۾ جيڪڏهن اياز قادريءَ جي صرف هڪ ئي ڪهاڻين جي مجموعي بلو دادا ۾ ڏنل ٻارنهن ڪهاڻين تي نظر ڦيرايون ٿا ته اسان کي ڪهاڻين جي هن ننڍڙي ڳُٽڪي ۾ اهڙيون ڪهاڻيون ملن ٿيون جيڪي تخليق ته ڪهاڻي جي ٽئين دور ۽ ورهاڱي کان پوءِ واري پهرين دور جي دوران ئي ٿيون آهن پر حقيقت ۾ قادري صاحب جون اِهي ڪهاڻيون، ڪهاڻيءَ جي سموري صديءَ واري دور تي ڇانيل نظر اچن ٿيون.
هنن ڪهاڻين جا پلاٽ، ٻولي ۽ پريزنٽيشن پنهنجي حوالي سان هڪ انفردايت رکن ٿا  جيڪي هنن ڪهاڻين کي هڪ الڳ سڃاڻپ  بخشين ٿا. جيڪا ڳالهه هنن ڪهاڻين جي تخليقڪار اياز قادري کي ڪهاڻي کيتر ۾ مٿاهين حيثيت بخشي ٿي.
جيتوڻيڪ اياز قادريءَ جي  “بلو دادا”  ٽائيٽل واري ڪهاڻيءَ ادبي دنيا ۾ وڏي شهريت ماڻي ورتي آهي پر هن جون ٻيون ڪهاڻيون جهڙوڪ “مان انسان آهيان”، ۽ “ ڪفن چور” به پڙهندڙ جي  وجود کي ڌوڏي وجهن ٿيون.
ساڳيءَ طرح هڪ ٻي ڪهاڻي “علوءَ جو عشق” پڻ سماج ۾ بي پهچ انسانن جي اڻپورين خواهشن تي هڪ احتجاجي نوحي مثل آهي.
مان پنهنجي مقالي جي وڌيڪ طوالت کان بچڻ لاءِ جيڪڏهن هن سموري بحث کي ويڙهي ۽ مجموعي طور تي اياز قادري جي ادبي ڪم خاص ڪري افسانه نگاري لاءِ ڪا راءِ قائم ڪيان ته پوءِ  منهنجي اها  راءِ به علامه غلام مصطفيٰ قاسمي واري ساڳي راءِ هوندي جيڪا هُن هن طرح رقم ڪئي آهي ته “ افسانوي فن ۾ اياز قادريءَ کي منفرد حيثيت حاصل آهي. ورهاڱي کان پوءِ جن افساني نگارن سنڌي ادب ۾ اهم مقام حاصل ڪيو تن ۾ سندس نالو به شامل آهي.”

(انيس انصاري اڪيڊمي پاران سنڌي ڪهاڻيءَ جي هڪ صديءَ جي تقريبن جي سلسلي ۾ ۱۰ آڪٽوبر ۲۰۱۴ع تي لاڙڪاڻو سيمينار ۾ پڙهيل)



پروفيسر ڊاڪٽر اياز قادري
قوم جو محسن 
مير نادر علي ابڙو
اياز قادري منهنجي والد صاحب ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جو انتهائي ويجهو دوست هو. ٻئي يار پرائمري کان وٺي ڪاليج تائين گڏ پڙهيا هئا، جڏهن کان مون هوش سنڀاليو آهي، ته مون گهر ۾ چاچا اياز قادري جو نالو ٻڌو آهي، اياز قادري اسان جي گهر جو فرد نه هو پر پوءِ به ڄڻ ته هو اسان مان هئو. بابا سائين جي وفات کان پوءِ اياز قادري سان منهنجون تڪڙيون تڪڙيون ملاقاتون ٿينديون هيون، مون کيس انسان جي روپ ۾ فرشتو ڄاتو. هونئن به قادري صاحب جو گهراڻو اوليا الله وارن جو گهراڻو آهي، لاڙڪاڻي شهر ۾ سندن وڏن جون درگاهون آهن. جتي سندن مريد زيارت لاءِ ايندا رهن ٿا. اهڙي گهراڻي سان تعلق هجڻ ڪري سندس گهر ۾ ننڍپڻ ۾ ئي درويشاڻي طرز تي تربيت ٿي هئي. بابا سائين جي وفات کان پوءِ پهرين عيد تي جڏهن مون کي اهو احساس ٿيڻ لڳو ته اڄ منهنجو ڪو وڏو نه آهي. اهو احساس عين انهيءَ لمحي ختم ٿيو، جڏهن ڏٺم ته قادري صاحب عيد نماز جي فورن بعد منهنجي در تي موجود هو ۽ وڏڙن جيان شفقت جو هٿ منهنجي چهري تي گهمائي عيد مبارڪ ڏنائين ۽ پوءِ اوطاق تي ويهي اسان ڀائرن کي عيد جي خرچي ڏنائين. اهو سلسلو آخري عيد تائين جاري رهيو، جيڪڏهن اتفاق سان ڪنهن ڪم سانگي لاءِ عيد ڪرڻ اچي ڪونه ٿي سگهيو ته پوءِ سندس هر عيد جيان عيد مبارڪ ڪارڊ ۾ ضرور ايندي هئي. بابا سائين سان هن جو انتها درجي جو پيار هو، اهو ئي سبب آهي جو اياز قادري ئي بابا سائين تي تاج محمد ابڙو يادگار ڪميٽي ٺاهي. جنهن ۾ ڪامريد سوڀو گيانچنداڻي، ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي، انيس انصاري، امان شيخ، ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ، ڊاڪٽر شاهنواز سوڍر، هدايت منگي ۽ خود پاڻ نه فقط شامل هئو پر ڪوشش ڪري يادگار ڪميٽي جي ميٽنگن ۾ شامل ٿيندو هو. کيس تمام گهڻو شوق هئو ته تاج محمد تي ڪتاب ڇپرايون ۽ لاڙڪاڻي شهر جي ڪنهن اهم روڊ جو نالو تاج محمد جي نالي سان منسوب ڪرايون.
جڏهن بابا سائين جو ذڪر ڪندو هو ته سندس اکيون ڳوڙهن سان ڀرجي اينديون هيون، هن ۾ محبت انسانيت، پيار، خلوص، مروت ۽ سچائي موجود هئي. سندس طبيعت حساس هئي. جيڪا قدرتي طرح هر شاعر ۾ هجڻ به گهرجي. هڪڙي دفعي چيائين نادر اسان جي سنڌ جي هڪ روايت آهي ته جيئرن سان جهيڙو ۽ مئلن تي ميلو ملهائيندا آهيون، اها روايت تاج محمد سان بنهه ابتڙ ٿي لاڳو ٿئي. ڇو جو هن جي حياتي ۾ سندس اوطاق تي وزيراعظم، صدر، وڏا وزير، گورنر، ڪامورا ۽ ملڪ جون وڏيون وڏيون شخصيتون حاضري ڀرينديون هيون، هاڻي سندس لاءِ ڪو لاڙڪاڻي ۾ روڊ نالي منسوب ڪرائڻ ته ٺهيو، مورڳو سندس قبرستان واري ڀت به حڪومت ڀڃرائڻ کان پوءِ ڪانه ٺهرائي آهي. جنهن سان سندس قبر جي بي حرمتي پئي ٿئي، اها ڳالهه چئي تمام وڏو ٿڌو ساهه ڀريندي چيائين ته سنڌي قوم پنهنجي محسنن کي مرڻ کان پوءِ وساريو ڇڏي، حالانڪه ٻاهرين ملڪ ۾ ائين نه آهي.
هن ۾ پيراڻي گهر جو هوندي به مذهبي ڪٽرپڻو ڪونه هئو، هو نماز به ان طريقي سان پڙهندو هو. هڪ دفعي سندس ڪراچي واري فليٽ تي ڪچهري پئي ڪئي سون ته مغرب جي نماز جو وقت ٿيو، مون کي حيرت لڳي ته نماز قادري صاحب سني طريقي سان ادا ڪيائين، منهنجي پڇڻ تي چيائين ته مقصد ته سجدي سان آهي، شيعي ۽ سني جي بحث ۾ اسان لکيا پڙهيا ماڻهو ڇو پئون. هڪ ٻئي دفعي مون کي جمال ابڙي جي فرزند جي شادي ۾ شرڪت لاءِ ڪراچي وڃڻو پيو ته مون کي اياز قادري زوري پاڻ وٽ رهايو. آرام باغ روڊ تي سندس هيٺ مٿي ٻه فليٽ آهن، مٿين فليٽن ۾ مون کي رهايائين، صبح جو ڏسان ته قادري صاحب هٿ ۾ ناشتو، ڏاڪڻ چڙهڻ کان هلاک پر زوري پاڻ کي مٿي پئي ڇڪيائين، مون کيس چيو ته “چاچا اوهان ڇو تڪليف ڪئي، اوهان ڪراڙا ماڻهو آهيو. مون کي سڏ ڪيو ها” چيائين، “بابا تون منهنجي ڀائرن جهڙي دوست جو پٽ آهين. توکي ڪهڙي خبر ته مون کي تنهنجي اچڻ تي ڪيڏي خوشي ۽ آسيس ٿي اچي.”
 بابا سائين ۱۹۷۰ع ۾ ڊسٽرڪٽ سيشن جج جي عهدي تي فائز ٿيو ۽ ۱۹۸۵ع ۾ رٽائر ڪيائين، انهي وچ ۾ ڪڏهن به اياز قادري بابا سائين وٽ غمي خوشي جي موقعي کان علاوه نه آيو، انهيءَ جو سبب پڇڻ تي مون کي ٻڌايائين ته “آفيسر ٿيڻ کان پوءِ خوشامدڙيا دوست اڳيان پويان هوندا آهن پر رٽائر ٿيڻ کان پوءِ اهي غائب ٿي ويندا آهن.” مون کي مخاطب ٿيندي چيائين ته “ڀلا هاڻي تون ئي ٻڌاءِ جيڪي تاج محمد جا گهاٽا دوست نوڪري دوران سندس اڳيان پويان گهمندا هئس، اهي هاڻي ڪاڏي ويا؟”
 اياز قادري کي ڀيٽا ڏيڻ لاءِ منهنجا هي ڪجهه جملا سندس جبل جيڏي وڏي شخصيت آڏو تمام ننڍڙا آهن پر پوءِ به هن جي ياد تازي ڪن ٿا.

(خبرون، جاڳو، برسات، عوامي آواز، سوڀ، تعمير سنڌ، سنڌ، مهراڻ، عوامي فورم، فيصلو، سُڪار، عبرت، سنڌو)


اياز حسين ”اياز“ قادري
[ولادت ــ ۱۹۲۴ع]
ميمڻ عبدالغفور سنڌي
قادري خاندان جو هي روشن چراغ، جناب اياز حسين ”اياز“ ولد فقير غلام سرور قادري، ۱۳۴۳ هه مطابق ۱۹ جنوري ۱۹۲۴ع تي ”ميان جي ڳڙهي“ محلي، لاڙڪاڻي شهر ۾ ڄائو. ابتدائي تعليم لاڙڪاڻي مان وٺي، ڪراچيءَ ڏانهن اعليٰ تعليم لاءِ ويو، جتان ايم اي ۽ ايل ايل بي جون ڊگريون حاصل ڪيائين. ملازمت دوران ايس ايم ڪاليج ڪراچيءَ ۾ ليڪچرار جي حيثيت سان آغاز ڪيائين. هن وقت ڪراچي يونيورسٽيءَ جي سنڌي شعبي ۾ پروفيسر آهي.
سنڌي علم ادب سان کيس والهانه محبت رهي آهي. خاص ڪري شاعري ته کيس ورثي ۾ ملي آهي. ”اياز“ تخلص سان پنهنجو شروعاتي شعر ”اديب سنڌ“[1] ۾ ڇپرائيندو رهيو. هينئر ته سندس شمار سنڌ جي تعليمي ماهرن، محققن، اعليٰ اديبن، بهترين شاعرن سٺن افسانه نگارن ۽ دانشورن ۾ ٿئي ٿو.
نظم کان علاوه نثر ۾ به قادري صاحب جا ڪافي ڪتاب قلمبند ٿيل آهن، خاص ڪري افسانا ۽ ڪهاڻيون، سنڌي زبان ۾ لافاني حيثيت رکن ٿيون. سندس ڇپيل ڪتابن ۾ بلو دادا، الحاج سيد غلام مصطفيٰ شاه، ساٿي، مٽيءَ لڌو مان ۽ مئڪسم گورڪيءَ جي آتم ڪهاڻي (ٽن جلدن ۾) آهن. پاڻ سنڌي ادبي بورڊ جو ميمبر به آهي اڄ ڪالهه پي ايڇ- ڊي لاءِ تحقيقي مقابلي لکڻ ۾ رڌل آهي. خداوند کيس خضري عمر عطا ڪري.


[1] ماهوار رسالو ”اديب سنڌ“، لاڙڪاڻي مان اپريل ۱۹۴۱ع کان ڊسمبر ۱۹۵۲ع تائين باقاعدگيءَ سان ”الحقيقت“ پريس مان ڇپجندو رهيو؛ جنهن جو روح روان مخدوم الشعراءُ حاجي محمود ”خادم“ مرحوم هو. رسالي جا جملي چار ايڊيٽر ٿي رهيا: ماستر جمع خان ”غريب“، عبدالفتاح ”عبد“ عاقلي، ميمڻ غلام محمد ”نظامي“ ۽ رئيس ضياءُ الدين- ايس بلبل



ڊاڪٽر اياز قادري

(تعارف)

پروفيسر ڊاڪٽر اياز قادري ناميارو شاعر، افسانه نگار، ڪهاڻيڪار ۽ ماهر تعليم هو. ۱۹ جنوري ۱۹۲۷ع تي لاڙڪاڻي جي مشهور قادري خاندان ۾ ڄائو. سندس پيءُ جو نالو فقير غلام سرور قادري هو. جيڪو پڻ غزل جو سٺو شاعر هو. هن صحافت جي ميدان ۾ ڪافي خدمتون سرانجام ڏنيون ۽ هفتيوار اخبار ”الحقيقت“ به ڪڍي هئائين. اياز قادريءَ لاڙڪاڻي مدرسه هاءِ اسڪول مان مئٽرڪ ڪرڻ بعد ڪراچيءَ مان بي. اي (آنرس)، ايم. اي (فارسي)، ايم. اي (سنڌي) ۽ ايل ايل بيءَ جون ڊگريون حاصل ڪيون. هن سنڌي غزل جي اوسر تي پي ايڇ ڊي جو مقالو علامه غلام مصطفيٰ قاسميءَ جي نگرانيءَ ۾ لکي، ڊاڪٽريءَ جي سَند حاصل ڪئي. اياز قادري ۱۹۵۰ع کان ۱۹۷۰ع تائين ايس. ايم. ڪاليج ڪراچيءَ ۾ ليڪچرر رهيو. ۱۹۷۱ع ۾ ڪراچي يونيورسٽيءَ جي سنڌي شعبي جو پهريون چيئرمئن مقرر ٿيو ۽ ڏهن سالن تائين انهيءَ عهدي تي فائز رهيو. پاڻ ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ ”شاهه لطيف چيئر“ جو باني ڊائريڪٽر پڻ رهيو. ان دوران سندس يادگار ڪارنامو، پروفيسر سيد وقار رضويءَ جي تعاون سان، شاهه لطيف رحه جي مڪمل ڪلام جو نثري اردو ترجمو آهي، جيڪو اڪادمي ادبيات پاڪستان طرفان چئن جلدن ۾ ڇپايل آهي. اردو، سنڌي ۽ فارسي زبانن جي ڀليءَ ڀت ڄاڻ هئس. ڊاڪٽرصاحب، پنهنجي شاعريءَ جو مجموعو مرتب ڪري رهيو هو، پر زندگيءَ سندس ساٿ نه ڏنو، جيڪو تازو سندس ڀاڻيجي ذوالفقار قادريءَ نئين سر ترتيب ڏئي ”زلف اياز“ جي نالي سان ۲۰۰۷ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو آهي. ڊاڪٽر اياز قادري ۱۹۵۰ع واري دور ۾، پنهنجي رهائشگاهه تي ’سنڌي ادبي سنگت‘ جون هفتيوار ادبي گڏجاڻيون ڪوٺائيندو رهيو. ’سنڌي ادبي سنگت‘ جي ورهاڱي کان پوءِ واري دور جو پهريون سيڪريٽري جنرل ٿيو، جنهن ۱۹۵۶ع ۾ سنڌي ادبي سنگت جي مرڪزي ڪنوينشن ۾ سنگت جي آئيني جوڙجڪ ۽ سڄي سنڌ ۾ تنظيمي ڍانچي کي پکيڙڻ ۾ ابتدائي ڪردار ادا ڪيو. ڊاڪٽر صاحب ’جمعيت الشعراءِ سنڌ‘ جو به باني ميمبر هو. پاڻ سنڌيءَ جي چوٽيءَ جي ڪهاڻيڪارن مان هو. سندس چونڊ افسانن جو مجموعو ”بِلو دادا“ جي عنوان سان ۱۹۵۶ع ۾ ڇپيو، جنهن جا بعد ۾ٻيا ڇاپا به پڌرا ٿي چڪا آهن. اياز قادريءَ ’مئڪسم گورڪيءَ‘ جي مشهور ناول ’آتم ڪهاڻيءَ‘ جا ٻه جلد پڻ سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيا، جيڪي سنڌي ادبي بورد طرفان ڇپرايا ويا. سندس تحقيقي مقالو ’سنڌي غزل جي اوسر‘ ٻن جلدن ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو آهي. سندس هيءَ ڪتاب سنڌي غزل جي نه صرف جامع تاريخ آهي، پر سنڌي شاعرن جو مستند تذڪرو پڻ آهي، جيڪو ٽن صدين تي مشتمل آهي. ان کان سواءِ پاڻ جي. الانا جي انگريزي ڪتاب جو سنڌيءَ ۾ ترجمو ’اسان جي آزاديءَ جا اڳواڻ‘ (۱۹۸۰ع) عنوان سان ڪيو، سندس ٻين ڪتابن ۾ ’مٽيءَ لڌو مانُ‘ (۱۹۷۰ع)، ’عشقيه داستان‘(۱۹۸۵ع) ۽ ’پرين جون ڪهاڻيون‘ (لوڪ ادب: ۱۹۸۱ع) به مثالي حيثيت رکن ٿا.

ڊاڪٽر اياز قادري ۱۵ ڊسمبر ۱۹۹۷ع تي وفات ڪئي ۽ کيس لاڙڪاڻي ۾ اباڻي ڳوٺ ۾ دفن ڪيو ويو.

 

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا

(حفيظ چانڊيو جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۱۵ ڊسمبر ۲۰۲۱ع تي کنيل)


ڊاڪٽر اياز قادري

جديد سنڌي افساني جي بانيڪارن ۾ شمار ڪيو ويندڙ

وسيم سيتائي لاڙڪاڻو

مرڻا اڳي جي مئا، سي مري ٿين نه مات،

ھوندا سي حيات، جيئڻا اڳي جي جيا. (شاھ)

(نوٽ: اڄ ١۵ ڊسمبر سنڌي افسانوي ادب جي جديد افسانه نويس، برجستي محقق ڊاڪٽر اياز حسين قادري جي چوويھين ورسيء جو ڏينهن ٿي گذريو... اڄ صبح جو قادري خاندان جي قبرستان ڏانهن وڃڻ ٿيو جتي قادري خاندان جي ڪن علمي ادبي فردن ميان محمد صالح قادري،الطاف حسين قادري، ميان غلام سرور قادري فقير،ميان علي محمد قادري ۽ ميان اياز حسين قادريء جي مزارن تي وڃي گل نڇاورڪرڻ کانپوء رسمي دعا گھريم...

ڊاڪٽر اياز قادري صاحب ۽ سندس قادري خاندان جي علمي ادبي خدمتن جي حوالي سان ھتي مختصر مختصر ڄاڻ ڏجي ٿي...

اياز قادري صاحب جو جنم جنم ۱۰ جون ۱۹۲۶ع ۾ لاڙڪاڻي ۾ ٿيو ۽ وفات ۱۵ ڊسمبر ۱۹۹۷ع ۾ ڪراچيء ۾ ٿيو...

ادبي دنيا ۾ جڏهن لاڙڪاڻي جي ادبي تاريخ جا ورق ورائي ڏسبا ته ھن قادري خاندان جون لازوال خدمتون پڙھڻ وٽان ملنديون...علم ادب، صحافت توڙي حڪمت ۾ ھن خاندان جي ھر ھڪ فرد خوب پاڻ ملھايو آھي...

سندن صوفي بزرگ ميان محمد صالح قادريء جا سنڌ جي صوفي شاعر سچل سرمست رح سان ويجھا تعلقات رھيا آھن...

ان کان سواء ھن خاندان ۾ ٽي صاحب ديوان پڻ ٿي گذريا آھن، جن ۾ "ديوان گدا"، "ديوان فقير" ۽ "ديوان قادري" ماضيء ۾ ھن قادري خاندان جي سربراھ ميان علي محمد قادري علم عروض جو وڏو عالم ٿي رھيو آھي ۽ کيس حڪمت تي به چڱو عبور حاصل ھو....ان کانسواء ۱۹۱۵ع ۾ بزم مشاعرھ جو بنياد پڻ ھن خاندان وڌو جنهن کانپوء سڄي سنڌ ۾ بزم مشاعره باقاعده ٿيندو رھيو، ان کانسواء ھن قادري خاندان جي ادبي خدمتن کي اجاگر ڪندي مختلف ادبي ڪانفرنسون منعقد ڪرايون جن ۾ ۱۹۲۱ع ۾ سنڌ ۾ پھرين ادبي ڪانفرنس ڪرائي وئي جنهن جي صدارت شمس العلماء مرزا قليچ بيگ ڪئي جيڪا جناح باغ لاڙڪاڻي ۾ ٿي گذري انکانپوء ٻيون مختلف ادبي ڪانفرنسون ڪرايون.... جيڪڏهن قادري خاندان جي ادبي علمي خدمتن تي غور ڪبو ته ھتي لکڻ کان تمام گھڻو مواد لکي سگھجي ٿو....ڇاڪا ڻ ته ادب شعبي مختلف صنفن ۾ قادري خاندان جي مختلف فردن جون الڳ الڳ خدمتون ڪيل معلوم ٿينديون... قادري خاندان جي علمي ادبي خدمتن کي مد نظر رکندي مختلف محققن قادري خاندان جون "علمي ادبي خدمتون" عنوان طور ڪجھ تحقيقي مقالا ح مضمون لکيا آھن ۽ تازو ئي ھن خاندان جي ادبي خدمتن تي پي ايڇ ڊي پڻ ڪئي وئي آھي ۽ ھن فقير(راقم الحروف) قادري خاندان سان جڙيل علمي چراغ  اياز قادريء تي افسانن تي ايم فل جو تحقيقي مقالو لکيو آھي.....مطلب ته قادري خاندان جون علمي خدمتون ايتريون ڪيل آھن جن تي اڃا ڪيترن ئي پھلوئن تي تحقيق ڪري لکي سگھجي ٿو ۽ لکبو.

اڄ خاص طور تي ۱۵ ڊسمبر جي حوالي سان ھيٺ مختصر طور تي اياز قادريء بابت لکيل پنهنجي مضمون ذريعي ڄاڻ پيش ڪجي ٿي. ...)

لاڙڪاڻو ساھت جي سنسار سان گذريل ڳچ عرصي کان وٺي سرشار رھيو آھي، لاڙڪاڻي ۾ ادب جي لاٽ ماضيء کان حال تائين جاري رھندي آئي آھي ۽ انھي لاٽ کي روشن ڪندڙ ھن ڀونء جي باوقار تخليقڪارن جو ڪردار رھيو آھي اھڙا تخليقڪار تاريخ ۾ پنھنجو ڳاڻيٽو چڱي طرح رکن ٿا ھونء به  ڪي قلمڪار پنھنجي قلم جي پورھئي سان ئي سڃاتا وڃن ٿا سندن تخليقي ۽ تحقيقي عمل جو معيار کين ادب  تاريخ ۾ زنده رکي ٿو تنھنڪري اسان کي ماضيء جي انھن سرجڻھارن کي ھر گز وسارڻ نه  گھرجي پر انھن  کي سارجي ،ادب جي اھڙن سرجڻھارن منجھان لاڙڪاڻي جي جتي ٻين علمي ادبي خاندانن جو ڪردار رھيو آھي جن ۾ انصاري خاندان، جعفري خاندان، قاضي خاندان ،عباسي خاندان ۽ ٻيا شامل آھن ته ساڳئي ريت اتي لاڙڪاڻي جي قادري خاندان جو به ماضيء کان ادبي تاريخ ۾ ھڪ منفرد ڪردار رھيو آھي جيڪو تاريخ ۾ ھڪ الڳ حيثيت رکي ٿو،  ھن قادري خاندان ادب جي مشعل کي روشن رکندي لاڙڪاڻي ۾ ۱۹۱۵ع ۾ "بزم مشاعره" جي شروعات ڪئي جنھن کان پوء سنڌ جي مختلف شھرن ۾ بزم مشاعرن جي ڪڙي جوڙي وئي، تنھن کان علاوه ھن قادري خاندان ادبي سرگرمين جي تحت ڪيتريون ئي وڏيون ادبي  ڪانفرنسون پڻ ڪرايون جن جي  شروعات ۱۹۲۱ع ۾ لاڙڪاڻي ۾ پھرين ادبي ڪانفرنس سان ڪرائي  جنهن جي صدارت شمس العلماء مرزا قليچ بيگ ڪئي تنھن کانپوء ٻيون ڪيتريون ئي ڪانفرنسون ڪرايون ويو جيڪي مختلف تاريخن تي منعقد ڪيون ويون، نه رڳو ايترو پر ھن خاندان علم ادب جي خدمت لاء صحافتي ڪردار به رھيو ۽ ادبي رسالا ، اخبارون پڻ شايع ڪيا جن ۾ ادبي رسالو "گلدسته سنڌ" ، ھفتيوار اخبار "الحقيقت" وغيره شامل آھن، انھيء زماني ۾  علم ادب جي لاء اھڙو مچ مچائيندڙن ۾  قادري خاندان جي اھم فردن ۾ ميان محمد صالح قادري جيڪو پڻ ھڪ عالم ۽ بزرگ ھيو ۽ اياز قادريء جو ڏاڏو ٿي رھيو ان کانسواء ميان علي محمد قادري ، فقير غلام سرور قادري،ميان غلام عباس قادري، الطاف حسين قادري جو ڪردار رھيو آھي مطلب ته  قادري خاندان جو تاريخ ۾ ھڪ الڳ علمي حوالو آھي جنھن لاء ڪن ليکڪن پنھنجا تحقيقي مقالا ۽ مضمون لکيا آھن ۽ اڃا وڌيڪ لکڻ جي ضرورت آھي اھڙي علمي ادبي  خاندان سان واسطو رکندڙ

 ھڪ منفرد ادبي شخصيت ڊاڪٽر اياز حسين قادريء جو به  ادب ۾ اھم ڪردار رھيو آھي خاص طور تي افسانوي ادب ۾ سندس نالو نمايان آھي. اڄ ۱۵ ڊسمبر جي ورسيء جي مناسبت سان سندس زندگيء جي ھڪ جھلڪ جو مختصر احوال ڏجي ٿو.

اياز قادريء جو اصل نالو اياز حسين قادري آھي ۽ ادب ۾ کيس "اياز قادري" چيو وڃي ٿو ، سندس جنم ۱۰ جون جنوري ۱۹۲۶ع ۾ ميان جي ڳڙھي قادري پاڙي لاڙڪاڻي ۾ ٿيو ، سندس والد جو نالو ميان غلام سرور قادري "فقير" ھو جيڪو غزل جو سٺو شاعر ۽ ڄاڻو ھو ـ اياز قادريء ابتدائي تعليم پڙھڻ کانپوء مدرسا ھاء اسڪول لاڙڪاڻي مان ميٽرڪ ۱۹۴۴ع ۾ ، گريجوئشن ايس ايم آرٽس ڪاليج ڪراچيء مان ، ايم اي سنڌي ۽ ايم اي فارسي  سنڌ مسلم  ڪاليج ڪراچي مان ، جڏھن ته  ايل ايل بي، ايس ايم لا ڪاليج ڪراچي ۽ پي ايڇ ڊي جي ڊگري سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو مان حاصل ڪئي ، سندس پي ايڇ ڊي مقالي جو عنوان "سنڌي غزل جي اوسر" ھو جيڪو ٻن جلدن ۾ انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجيء  جي طرفان ۱۹۸۲ع ۾ ڇپيل  آھي ۽  سندس تحقيقي رھنما پروفيسر غلام مصطفىٰ قاسمي رھيو. اياز قادريء  ايس ايم لياري ھاء اسڪول چاڪيواڙي ڪراچيء ۾ استاد جي حيثيت سان عملي زندگيء جي شروعات ڪندي ۱۹۴۹ع کان ۱۹۵۵ع تائين  ڪجھ عرصو گذاريو ۽ "۱۹۵۵ع کان ۱۹۷۲ع تائين سنڌ مسلم ڪاليج (جيڪو اصل ۾ سنڌ مدرسه ڪاليج ھو) ۾ ليڪچرر جي حيثيت سان ڪم ڪيائين" ، تنھن کانسواء ھو ۱۹۷۲ع کان ۱۹۸۷ع تائين ڪراچي يونيورسٽيء ۾ اسسٽنٽ پروفيسر ٿي رھيو ۽ سنڌي شعبي جو چيرمين ٿي رھيو، ان کان علاوه ساڳئي يونيورسٽي ۾  شاھ عبداللطيف ڀٽائي چيئر جو پھريون ڊائريڪٽر پڻ ٿي رھيو ۽ ايڊوائيزر جي حيثيت سان خدمتون سرانجام ڏيندو رھيو، اياز قادريء کي سنڌي ادبي سنگت سنڌ جو بانيڪار پڻ ليکيو وڃي ٿو، سندس صحافت ۾ به  اھم ڪردار رھيو آھي، ھو مختلف اخبارن جو ايڊيٽر طور ڪم ڪندو رھيو ،انکانسواء ، سندس تخليق ڪيل ڪجھ ڇپيل ڪتابن ۾ "مون مطالع سپرين" (لطيفيات) ، "مٽيء لڌو مان" (مضمون ۽ مقالا) ـ "آزاديء جا اڳواڻ"(ترجمو)،"ڪراچي يونيورسٽيء جي تاريخ"(۱۹۵۱ع کان ۱۹۸۳ع تائين) ، " Life History of Prof : Ghulam Mustafa Shah"،  "شاھ جو رسالو" (اردو ترجمو)،  "سنڌي غزل جي اوسر" (ٻن جلدن ۾ ـ پي ايڇ ڊي مقالو )ـ "مئڪسم گورڪيء جي آتم ڪٿا ڪتاب" (ترجمو) ـ "بلودادا" (افسانن جو مجموعو) ـ "ڪھاڻي ھر دور جي"("افسانن جو مجموعو) ـ "زلف اياز" ـ (شعري مجموعو) ـ "مشعل اياز" (مضمون مقالا۽ يادگيريون) ـ "عشقيا داستان" ـ "پرين جون ڪھاڻيون" (لوڪ ادب) ـ ڇپيل آھن ۽ ڪجھ اڻڇپيل مواد موجود آھي.

اياز قادريء کي ورھاڱي کانپوء جديد ڪھاڻيء جو بانيڪار چيو ويو آھي، سندس مشھور افسانو "بلودادا" آھي جنھن ھن کي تمام سٺي شھرت ارپي ۽ ساڳئي نالي سان سندس افسانن جو مجموعو "بلوادا" ۱۹۵۷ع ۾ ڇپيو ۽ ان کانپوء ۲۰۰۸ع ۾ "ڪھاڻي ھر دور جي" جي نالي سان محترم ذولفقار قادريء قادري قلم قبيلي طرفان ڇپرايو ويو آھي ھن مجموعي ۾ اياز قادريء جا مجموعا شامل آھن پھرئين حصي ۾ سندس اھي افسانا شامل ڪيا ويا آھن جيڪي اڳ ڪنھن ڪتابي صورت ۾ آيل ن ھيون جڏھن ته ھن ڪتاب جي ٻئي حصي ۾ وري "بلودادا" مجموعي کي شامل ڪيو ويو آھي ۽  افسانن جو تعداد ۲۸ آھي،  ان کان سواء سندس مشھور افسانن ۾ "ڪھاڻي ھر دور جي"، "مان انسان آھان" ، "ويڄن وڍي آھيان"،  "ھھڙا ھاڃا ٿين"،ڪاري " "ڪلاچيء جي ڪن ۾"، "ڪتا جو موت" "ڪفن چور" شامل آھن، سندس افسانن جي مطالعي ڪرڻ سان معلوم ٿئي ٿو ت اياز قادريء جي افسانن ۾ سماج جي  پيڙا، درد  ۽ مفلسي جي شڪار ۾ ورتل ماڻھن جي منظر ڪشي ٿيل آھي اھڙن افسانن منجھان سندس افسانو "ڪھاڻي ھر دور جي" پڙھڻ وٽان آھي ، جنھن ۾ سماج جي مفلسي ۽ بيوسيء کي اياز عبدو نالي ھڪ ڪردار جي نفسياتي طور  پرکي پيش ڪيو آھي ۽ پڙھڻ کانپوء پڪ سان اھو چئي سگھجي ٿو ته ھيء ڪھاڻي يقينن ھر دور جي ڪھاڻي آھي اياز قادريء جي اڪثر ڪھاڻين جا پلاٽ ۽ موضوع ۽ ڪردار ۾ سماج مان ئي چونڊيل آھن، ناميارو ڪھاڻيڪار ۽ مترجم جھانگير عباسي اياز جي ڪھاڻين بابت پنھنجي مقالي ۾ لکي ٿو ته   "اياز جي ڪھاڻين جا پلاٽ ،موضوع ۽ ڪردار پنھنجي ڌرتيء تي وسندڙ اھي ديس وارا آھن جيڪي غربت جي ڌٻڻ ۾ ڦاٿل نظر ايندي بک، بدحالي ۽ بيروز گاري ھٿان زندگين جي جائز ضرورتن کان وٺي احساس ۽ حسناڪين کان محروم بڻيل نظر اچن ٿا" اياز قادريء بنيادي طور تي شاعر ھيو اھڙو اظھار ھو پنھنجي ڪتاب "مشعل اياز" ۾ به ڪري ٿو جيڪو سندس يادگيرن تي مشتمل آھي ڇاڪاڻ ته  سندس جنم به ته  ھڪ اھڙي ئي  گھراڻي ۾ ٿيو جتي سندن اوطاق وٽ مشاعره ٿيندا رھيا سندس وڏا به وقت جا اھم شاعر ٿي رھيا آھن ۽ اياز قادري ب ننڍي ھوندي کان اھڙن مشاعرن ۾ شرڪت ڪندو رھيو ھن پھريون ڀيرو جڏھن شعر لکيو ھو ته  پنھنجي ناني ميان علي محمد قادريء  ڏيکاري کائنس اصلاح ورتي ھئي تنھن کانپوء اڳتي ھلي ھو ھڪ شاعر جي حيثيت ۾ اڀريو ۽ ان وقت مشاعرن ۾ طرحي شعرن جي روايت قائم ھئي جنھنجي ڪري اياز به ان ۾ پنھنجا شعر پيش ڪندو رھيو ۽ بعد ۾ ھن جو لاڙو افسانوي ادب ڏانھن ٿي ويو ۽ ھن افسانا لکڻ شروع ڪيا "بلودادا" افساني جي شھرت ملڻ کانپوء کيس افسانا لکڻ جو ھڪ اتساھ مليو ۽ ھن ٻيا ب افسانا لکڻ شروع ڪيا ۽ اھڙي ريت افسانوي ادب ۾ اياز قادري ھڪ افسانا نويس جي حيثيت سان مشھور ٿيو.ھن وقت تائين قادري خاندان جو واحد فرد جناب ذوالفقار علي قادري جيڪو خود ڪيترن ئي ڪتابن جو تخليقڪار آھي ادبي سرگرمين ۾ لاٽ ٻاريندو رھي ٿو ۽ اياز قادريء جا ڪجھ اڻڇپيل ڪتاب به  قادري قلم قبيلي طرفان ڇپائي چڪو آھي.

اياز قادريء ۷۰ سالن جي ڄمار ۾ ۱۵ ڊسمبر ۱۹۹۷ع ۾  ڪراچيء ۾ وفات ڪئي ۽ ۱۶ ڊسمبر تي کيس لاڙڪاڻي ۾ قادري خانداني قبرستان ۾ دفنايو ويو.

"زندگي رسوا ڪجي ڇالئه رڙي

ڇا ٿي دانھن مان ڪري حاصل نڙي.

زندگي آھي مٺي ماکيء کان وڌ ،

زندگي آ ٽوھ کان زياده ڪڙي".

(اياز قادري)

(وسيم سيتائي جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۱۶ ڊسمبر ۲۰۲۱ع تي کنيل)



ڊاڪٽر اياز قادري

جديد ڪهاڻيءَ جو باني

ثمر حسين قادري

سائين اياز قادري بڙ جي گھاٽي ڇانو وانگر علمي ادبي قد آور شخصيت جو مالڪ ھو۔ سندس وڇوڙي کي ھوند اڄ ۲۴ ورهيه گذري چڪا آھن پر سندس واس اڄ به محسوس ڪري سگهجي ٿو.

ڊاڪٽر اياز قادري سان ڪيترائي رشتا جوڙي سگھجن ٿا۔ رشتي جي حوالي سان ته اسانجو ڏاڏي پوٽي جو رشتو ھو۔ پر ان سان گڏوگڏ روحاني، ادبي ۽ علمي رشتن سان به جڙيل ھياسين. افسوس اھو رھيو ته سندس جلد وڇوڙي اسان کي علمي يتيم ڪري ڇڏيو۔ اسان ننڍا ئي هياسين ته سائين جن اسانکي الوداع چيو. سائين جن جي علمي پورھئي تي گھڻو لکيو، چيو ۽ ٻڌايو ويو آھي پر سندس ذاتي زندگي جو احوال جيڪي ناچيز کي ياد آھي سا پڙھندڙن سان ونڊ ڪجي ٿي.ڊاڪٽر اياز غير معمولي ڏاھپ ۽ سرت سان ڀريل ڪردار جا مالڪ هئا۔ اسان ننڍپڻ کان ئي ڊاڪٽر صاحب کي خاموش، سادگي سان ڀريل نماڻو ڏٺو۔ پاڻ ڪيترن ئي عھدن تي فائز رھيا پر سندس طبيعت اھائي فقيراڻي رھي۔ ڪراچي يونيورسٽي جي شعبي جو هيڊ ھئڻ ناتي ان ڪڏھن به آرامدہ گاڏي ۾ سواري جي خواھش نه ڪئي۔

ڊاڪٽر صاحب جي ننڍن ٻارن سان ايڏو ته پيار ھوندو ھو جو کين ھر وقت سندن مستقبل جو اونو ھوندو ھو۔ مونکي ياد آھي جڏھن مون سائين کي ڪراچي پڙھڻ لاءِ چيو ته چيائين ته “بابا جيڪڏھن پڙھڻو آھي ته ڪٿي به پڙھي سگھجي ٿو۔ علم سکڻ لاءِ جڳھه نه پر دل ۽ چاھه کپي۔ علم ڪٿي به سکي سگھجي ٿو.”

ڊاڪٽر صاحب جڏھن به ڪراچي کان لاڙڪاڻي ايندا ھيا ته پھريائين گھر جي ننڍڙن ٻارن کي گھرائيندو ھو ۽ انھن لاءِ آکاڻين، ناول ۽ معلوماتي ڪتاب آڻيندو ھو ۽ ويندي ويندي تاڪيد به ڪندو ھو ته “مان جڏھن وري موٽي اچان ته توھان کان ڪتاب بابت سوال ڪندس ۽ جيڪو گھڻو ٻڌائيندو ان کي انعام ملندو.” ايئن اسان سڀني ٻارن ۾ ڪتابن پڙھڻ جو شوق جاڳيو.

ڊاڪٽر صاحب نه فقط پنھنجن گھر وارن پر اوڙي پاڙي جي نوجوانن سان ڪچھريون پڻ ڪندو ھو۔ کين تعليم بابت ڏاڍو اتساهيندو ھو۔ ڏورانھن ڳوٺن کان نوجوان سندس اوطاق تي لڙي ايندا ھئا ۽ علم جو فيض وٺندا ھئا۔ سندس گھر ۾ ڪيترائي ڪتاب ھوندا ھئا ۽ ڪيترا ئي نوجوان ڪتاب پڙھڻ لاءِ وٺي ويندا ھيا بنا ڪنھن معاوضي جي۔

بنا ڪنھن مبالغه آرائيءَ جي آءُ پاڻ کي انھن خوشنصيب ماڻھن ۾ ڳڻيان ٿو جن ڊاڪٽر صاحب کي ڏٺو ۽ گونان گون تجربن ۽ مشاھدن مان پرائڻ ۽ سمجھڻ جو موقعو مليو۔

ڊاڪٽر صاحب جي سڃاڻپ جديد ڪهاڻين جي بانيڪارن ۾ ٿئي ٿي. ڊاڪٽر صاحب اعليٰ تعليم يافته استاد، اديب ۽ شاعر هيو. سائين ۱۹ جنوري ۱۹۲۸ع تي لاڙڪاڻي شهر جي قادري محله ۾ ميان غلام سرور قادري جي گهر ۾ پيدا ٿيا. پاڻ سچل جي فڪر منجھان فيضياب ٿيل فقير ميان محمد صالح قادري جي درگاهه جو گادي نشين به هو، پر ترقي يافته سوچ هئڻ ڪري فقيري تائين محدود نه رهيو ۽ اڳتي فڪر جي گهرائي ۾ وڃڻ جي ڪوشش ڪيائين. اياز قادري صاحب جڏهن سورنهن سالن جو هو ته لاڙڪاڻي ۾ ڪوٺايل ڇهين ادبي ڪانفرنس ۾ شريڪ ٿيو. ۱۹۵۴ع ۾ اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ ڪراچي ويو جتان هن فارسيءَ ۽ سنڌي ۾ ماسٽرز جون ڊگريون حاصل ڪيون. ۱۹۵۴ع ۾ ڪراچي ۾ جيڪا چوڏهين ادبي ڪانفرنس منعقد ٿي هئي تنهن جو پاڻ سيڪريٽري هو. ڊاڪٽر صاحب ننڍپڻ کان ئي لک پڙهه ۾ مشغول هوندو هو. تنهن ڪري وڪالت جي بجاءِ پڙهڻ ۽ پڙهائڻ واري شعبي کي ترجيح ڏنائين. جنهن جو ثبوت ڪراچي جي سيڪنڊري اسڪول ۾ استاد جي حيثيت سان فائز ٿيڻ آهي. ان کانپوءِ ۱۹۵۵ع ۾ SM Law ڪاليج ۾ سنڌي ليڪچرار مقرر ٿيو.

ڊاڪٽر اياز قادري “سنڌي غزل جي اوسر” جي مضمون تي ڪراچي يونيورسٽيءَ مان پي.ايڇ.ڊي ڪئي. ان ٿيسز ۾ سنڌي غزل کي مختلف دورن ۾ ورهايو ويو آهي. جنهن ۾ مختلف شاعرن کي مرڪزي حيثيت حاصل آهي. ٿيسز ٻن حصن ۾ ورهايل آهي. شاعري جي حوالي سان اهڙو تاريخي ۽ تحقيقي ڪم ڪنهن ٻئي اديب جو نظر نه آيو آهي. ۱۹۷۱ع ۾ جڏهن ڪراچي يونيورسٽي ۾ سنڌي شعبو کليو ته پاڻ پهريون باني ۽ چيئرمين مقرر ٿيو. اتي ڪيترن ئي شاگردن کي پڙهايائين ۽ پي.ايڇ.ڊي حاصل ڪرڻ ۾ ڪيترن ئي شاگردن جي مدد ڪيائين. ۱۹۸۶ع دوران ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ ضياءُ الحق جڏهن “سيرت چيئر” جي افتتاح لاءِ آيو ته اياز قادري به ان موقعي جو فائدو ورتو ۽ “لطيف چيئر” جي قيام ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيو. جنهن جو بعد ۾ ڊائريڪٽر ۽ ڇهن سالن تائين ايڊوائيزر پروفيسر رهيو. ڪراچي يونيورسٽي ۾ شاگردن کي سائين شاهه لطيف جي شاعري تي ئي ليڪچر ڏيندو هو. شاهه عبداللطيف ڀٽائي جو وڏو پارکو هو. “مون مطالع سپرين” نالي شاهه جي شاعريءَ تي تحقيقي مقالن جو ڪتاب لکيو.اياز قادري صاحب جي سڃاڻپ جديد ڪهاڻيءَ جي بانيڪار ليکڪن ۾ ٿئي ٿي. افسانه نگار جي حوالي سان قادري صاحب آخري ڏينهن تائين ڪم ڪندو رهيو. سنڌي ٻولي جو، هندستان جو ناميارو ڪهاڻيڪار موهن ڪلپنا پنهنجي مضمون “سنڌ جي سنڌي ڪهاڻي” ۾ لکي ٿو: “منهنجي اڀياس موجب ورهاڱي کانپوءِ سنڌ ۾ نئين ڪهاڻيءَ جو باني اياز قادري آهي.” ورهاڱي کان پوءِ جيڪو افساني ۾ خال ٿي پيو اهو خال ڊاڪٽر اياز قادري جي ڪوشش ۽ تخليق سان پر ٿي ويو. سنڌي افساني پنهنجي ساخت پختي ڪرڻ لاءِ اهم ۽ بنيادي مسئلا اٿاريا جنهن ۾، ٻهراڙيءَ جا مسئلا، تعليم جو واڌارو، قومي جذبو، ڪمزور سان ڏاڍائي، ناانصافي، مذهبي آڙ ۾ ٿيل زيادتي وغيره آهن. ان ئي ڏس ۾ اياز قادري جي “بلو دادا” ڪمزور ماڻهو تي ٿيل ڏاڍائي خلاف آواز اٿاري ٿي. “بلو دادا” ڪهاڻين جو مجموعو ۱۹۵۷ع ڌاري ڇپيو. ڪردار نگاري افساني جي جان هوندي آهي. ڪنهن ڪردار کي امڪاني حدن اندر عروج تي پهچائڻ افسانه نگار جي لياقت ۽ ڏاهپ جو ثبوت هوندو آهي. هن مجموعي جي پهرين ڪهاڻي بلو دادا آهي. هي ڪهاڻي تنگ گهٽيءَ ۾ رهندڙ ويڪريءَ ڇاتيءَ واري سورهه جي ڪردار تي مشتمل آهي. بلو دادا ظاهري طرح هڪ غنڊو آهي. پر سندس هر فعل پويان سندس نيڪ جذبو آهي. هن ڪهاڻيءَ ۾ هڪ پاسي گهٽيل ۽ ٻوساٽيل ماحول ۾ رهندڙ غريب ۽ پيٽ بکايل شهرين جي ترجماني آهي، ته ٻئي پاسي ڏاڍي جي ڏاڍاين ۽ ارڏاين تي به روشني وڌي وئي آهي ۽ بلو دادا کي اهڙين قوتن سان مهاڏو اٽڪائيندي ڏيکاريو ويو آهي. سندن نثر کان علاوه شاعري ۾ به ساڳيو ئي آواز گونجندو نظر اچي ٿو. جنهن جو مثال هيٺ واڍوڙيا نظم ۾ ڏي ٿو.

واڍوڙيا، تو وڍ گهڻا، ته به ٿو ماٺ رهين،

صبر شڪر سان ويٺو سور سهين،

ايئن ڇو نه ڪرين، جيئن ڪنڌ مٿي ٿي ڪاڪ جو.

واڍوڙيا وڍن وارا ٻيا به هن گهڻا،

پوندو ملي، پاڻ ۾ هيڪر ٻه ٽي چڻا،

ڪٺا ٿيندا ڪڻا، ته مچي پوندو مامرو.

ٻين ڪهاڻين ۾ “ڪتي جو موت”، “مان انسان آهيان”، “قانون”، “فرشتو”، “امڙ مان ڪانه ڪندس”، “ڀوڪ”، “بي شرم”، “هاجران”، “جوابدار ڪير؟” ان کان علاوه ڪئي ڪتاب ترجمو ڪري سنڌي ادب ۾ نمايان واڌارو آندائين. “گورڪي جي آتم ڪهاڻي”، “ڪراچي يونيورسٽي جي مختصر تاريخ”، “آزادي جا اڳواڻ _ فريڊم فائيٽرس” “شاهه جي رسالي جو نثري اردو ترجمو” ۽ مقالن جو مجموعو “مشعلِ اياز”، “مٽي لڌو مان” ۽ ٻارڙن لاءِ يادگار ڪهاڻيون “پرين جون ڪهاڻيون”، جھڙا شاهڪار ڪتاب شامل آهن.

مرحوم اياز قادريءَ جون هونئن ته ڪيتريون ئي ڪهاڻيون ۽ شاعري مختلف رسالن ۽ اخبارن ۾ شايع ٿي چڪيون آهن، نظم ۾ من موهيندڙ “دل چوي ٿي هتان مان اڏامي وڃان” جا ڪجھه مصرع هيٺ پيش ڪجن ٿا.

دل چوي ٿي، هتان مان اڏامي وڃان،

ويس ڪارا ڪري بادلن سان رهان،

ميگهه ملهار ٿي مان گهمان ۽ ڦران،

۽ هوا جي پرن تي چڙهي مان اڏان،

آءُ وڌندو وڃان آسمان آسمان،

چنڊ تارن کي پنهنجي هٿن سان ڇهان،

دل چوي ٿي هتان مان اڏامي وڃان.

پنهنجي ايڏي علمي پورهئي باعث ڪيترن ئي علمي ادارن جو ميمبر رهيو. جنهن ۾ “ميمبر اڪيڊمڪ ڪائونسل يونيورسٽي ڪراچي”، “ميمبر اڪيڊمڪ ڪائونسل يونيورسٽي آف سنڌ”، “ميمبر سنڌي ادبي بورڊ”، “ميمبر انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي ڄامشورو” “سيڪريٽري شاهه عبداللطيف ڪلچرل سوسائٽي ڪراچي” ۽ ٻيون ڪيتريون ئي جايون والاريائين.

۱۵ ڊسمبر ۱۹۹۷ع تي سائين جن وفات ڪري ويا جيڪو سنڌي ادب لاءِ وڏو سانحو ۽ صدمو آهي. زندگي ۾ ڏينهن رات جي اڻٿڪ محنت، روزمره جي ڪشمڪش ۽ هڪ مسافر وانگر زندگي جي خواهش جي پيڙا ۾ سفر گهارڻ، ڪڏهن ته سڀ ڪجھه ملندي به نه خوش رهڻ، ڪڏهن ته ڪجھه به نه ملندي به اطمينان ٿيڻ، انهن سڀنن ڪيفيتن کي ڏسندي سائين اياز قادري صاحبجو چيل شعر ياد اچي ٿو:

زندگي جي قرار لاءِ “اياز”

ڏس تو مان ڪيڏو بي قرار آهيون.

 

(ڏھاڙي پنھنجي اخبار ڪراچيءَ ۾ ۱۵ ڊسمبر ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)

No comments:

راءِ ڏيندا