حسن درس
هي حسن آواره گرد آدمي
اعجاز منگي
هيءَ انهن ڏينهن جي ڳالهه آهي، جڏهن
ڪراچيءَ جي آخري اڻ وڍيل وڻن تي اهي ڪويلون ڪوڪينديون هيون!
جن سان مخاطب ٿيندي ڀٽائيءَ جي باغي
مريد لکيو هو ته:
“اي ڪويل! ڪوڪ ايترو ڪوڪ جو تنهنجو
هيانءُ ڦاٽي پوي ۽ تون پنهنجي رت ڳاڙيندڙ چهنب لاڙي هميشه لاءِ سمهي پوين.
اي ڪويل! چپ چڱي نه هوندي آهي. چپ
جو فائدو وٺي چور گهرن ۾ گهڙندا آهن ۽ ڀاڳيا ڀينگ ٿي ويندا آهن!!”
هيءَ انهن ڏينهن جي ڳالهه آهي، جڏهن
روسي ڪميونسٽ “گلاسنوسٽ” جي “گلوٽين“ تي ڪنڌ رکي چڪا هئا!
توڙي جو طارق روڊ جي ڀرواري “فرينڊ
شپ هائوس” تي شولوخوف جي ناولن تي ٺهيل روسي فلمون انقلابي آگ جي آخري شعلن وانگر ڀڙڪنديون
رهنديون هيون ۽ روس جي رياستي پاليسيءَ ۾ ايندڙ اتار چڙهاوَ ڏسيندڙ سستا رسالا ۽ ڪتاب
ان شخص جي ميز تي تحفن جي صورت ڪٺا ٿيندا ويندا هئا، جيڪو دل جي تڪليف سبب پيئڻ جي
ڪسر به پڙهڻ مان پوري ڪندو هو!
هيءَ انهن ڏينهن جي ڳالهه آهي، جڏهن
عشق مقتل جو پتو پڇندو هو!
هيءَ انهن ڏينهن جي ڳالهه آهي، جڏهن
سنڌ جا قدم جوانيءَ جي آخري سرحد تي هئا!
هيءَ انهن ڏينهن جي ڳالهه آهي جڏهن
وقت واريءَ جي طوفان وانگر هلندو هو!
ها! انهن ڏينهن ۾ سنڌ جي ناراض نسل
کي پرچائڻ جي لاءِ هڪ چالاڪ چانڊئي اياز کي ان ڳالهه تي راضي ڪري ورتو هو ته هو “ڏيئا
ڏيئا لاٽ اسان” نالي ڪتاب جو پرمغز مهاڳ لکي.
ان ڪتاب جي دفتر ۾ ان شاعر داخل
نه ٿيڻ چاهيو هو، جنهن جي ڪالهه ورسي هئي.
ان دور ۾ حسن درس ڇا هو؟
سائين مرنا جي ساز واري تار هو!
هو جيڪو حيدرآباد جي مڌ ماتي هوائن
۾ گندرف واري تيليءَ سان سگريٽ دکائيندي، ماچيس کي ٽيبل تي هڪ ادا سان اڇلي پنهنجو
اهو شعر بڻجي ويندو هو ته:
“اي اياز! شاعري
شراب جي دوڪان تي
ڏينهن رات رش آ
جو به جام جان جهلي
ٿو کڻي پنو پڙهي
سو نشي ۾ غش آ!!”
ها! هو اهوئي شاعر هو، جنهن “وطن
۾ جلاوطن” ٿي ويل شاعر جي منظرعام تي اچڻ جي آجيان انهن لفظن سان ڪئي هئي ته:
“اي سنڌ جا سرمد
آئون تنهنجو اڀيچند
آهيان!!!”
اها آمريت سان اٽڪيل صوفي صدا هئي
يا هڪ نئين جڳ جو پوري سگهه سان وڄندڙ سنک!!
ان تي آخري راءِ صرف اهو حسن مجتبيٰ
ڏئي سگهي ٿو، جنهن کي حسن درس منظوم خط لکندو هو!!!
اهي عظيم تحريرون هيون، جن جا پنا
تاريخ جي طوفان ۾ اڏامي ويا ۽ اڄ جڏهن نيويارڪ جي نماڻي پهر ۾ حسن مجتبيٰ حسن درس کي
ياد ڪندو آهي، تڏهن شاعريءَ جي ساز تي اهي سر وڄڻ لڳندا آهن ته:
“مين تجهي پهر ڍونڍتا هون اروشي
مين ڪه وڪرم بهي هون ڪاليداس بهي”
اهو درد صرف ان دل کي معلوم آهي،
جنهن کي“سمجهوتي” لفظ کان سخت نفرت آهي.
ڪڏهن ڪڏهن مان پراڻي شرب جهڙي دوست
تي اهو سوچي ڪيترو نه ڪاوڙجي ويندو آهيان ته هو ڪيترن ئي ناولن جو قرض آخر ڇو نه ٿو
ادا ڪري؟؟
هو ان قرض جي پهرين قسط “هي حسن
آواره گرد آدمي” جي نالي سان پنهنجو پهريون ناول ته لکي سگهي ٿو.
هن کي ته معلوم آهي، ان دور جي حقيقت
جڏهن حسن درس پنهنجي دور جي ٻين شاعرن سان گڏ اياز جي درٻار ۾ داخل ٿيڻ کان انڪار ڪيو
هو. هن کي هميشه وانگر دوستن مجبور ڪري وڌو پر “ڏيئا ڏيئا لاٽ اسان” پنهنجي ٽهيءَ جي
ٻين شاعرن سان گڏجي بيهڻ کان حسن انڪار ان لاءِ نه ڪيو هو ته اهو هن جي لاءِ ڪو انا
جو سوال هو. هن جي ان انڪار جو انداز ٽئگور جي گهٽ مشهور پر لاجواب نظم “مالهي” جهڙو
هو. ڏات جو ڏيئو ٻاري هن اياز سان اڪيلي ملاقات ڪرڻ ٿي چاهي. هن کي اياز سان ڪيتري
الفت هئي؟ ان جو پتو انهن سڀني کي آهي، جيڪي هن سان گڏ هوندا هئا. هو اياز جي سلسلي
۾ تمام گهڻو جذباتي به ٿي ويندو هو. ڇو ته هڪ حقيقي شاعر هجڻ سبب هو پنهنجي دور جي
آرٽسٽڪ ديوتا جي قد ڪاٺ ۽ هن جي لڪل توڙي ظاهر ڪيل سمورين شڪتين کان آگاهه هو. ان ڪري
ئي هن اياز تي ڪوئي طويل مقالو لکڻ بدران اهي شعر لکيا هئا، جن جي ابتدا ۾ هو بار بار
اياز سان مخاطب ٿي رهيو هو ۽ کيس چئي رهيو هو ته:
“اي اياز! شاعري
ڪنهن اصيل نانگ جي
ڦوڪ وانگيان لڳي
يا ڪنهن ڪويل جي
ڪوڪ وانگيان لڳي”
اياز کي اهڙي مڌر ڀيٽا ڏيڻ واري
شاعر کي معلوم به هو ته هن جي زندگيءَ ۾ هڪ رات اهڙي به ايندي، جنهن جو ڪوئي صبح نه
ٿيندو ۽ هن جي وڇوڙي سبب هڪ اهڙي ئي رات سنڌي ادب جي مقدر تي سرد موسم جي آسمان تي
ڪنهن اداس ستاري وانگر ڄمي ويندي. اها رات اڃان به جاري آهي. توڙي جو ان رات جي خنڪ
خاموشي گهٽائڻ جي لاءِ سنڌي ٻوليءَ جا ڪيترائي شاعر آر وانگر ڪنهن نه ڪنهن تنوار جي
تار وڄائي به رهيا آهن پر اهو شاعر ڪٿان اچي؟ ڪٿان اچي ان جو من ڀاوڪ انداز! هن جو
اهو سگريٽ دکائڻ ۽ جدائي جي رنگ جهڙو سرمئي دونهون هوا ۾ ڦهلائڻ ۽ پيشانيءَ تي هر هر
لڙڪي آيل وارن کي هٿ سان هٽائڻ وارو هن جو انداز ۽ سڀ کان وڌيڪ پرڪشش ۽ دل ۾ پيهي ويندڙ
هن جي انهن شعرن جو انداز جن ۾ صرف انوکي لئه ۽ ترنم نه هو پر انهن ۾ خيال به خانه
بدوش حسينائن وانگر ڪنهن خوبصورت پار جو پتو ڏيندا هئا.
هاڻي اهڙا شعر ڪير لکندو؟ اسان کي
ڪير ٻڌائيندو ته “چتر جي گهٽيءَ ۾ مصور ڪئين مئو؟” اسان کي ان اڻ ڏٺل قوت جي باري
۾ ڪير ڏسيندو، جيڪا رات جو جوڙون جوڙيندي آهي. جيڪا هوا ۾ ميخون کوڙيندي آهي! هاڻي
اسان ڪجهه به ڪريون پر اسان کي بادلن جي رٿ تي بيٺل اهو شخص نظر نه ايندو، جيڪو سڀني
سهڻين ڇوڪرين جي انڪل ٿيڻ کان اڳ ان دنيا مان هليو ويو، جنهن دنيا سان هن کي تمام گهڻو
پيار هو. هو جيڪو سدائين حسرت سان سوچيندو هو انهن مختلف ذائقن واري شراب جي باري
۾جن جا پيگ هن جي چپن تائين نه آيا. هو هميشه افسوس ڀريون تريون مهٽيندو رهندو هو انهن
خوبصورت منظرن جهڙين نارين جي باري ۾ گفتگو ڪندي جيڪي پوپٽن وانگر هن جي هٿن تي پنهنجي
پيار جا رنگين آٽوگراف نه رکي ويون.
هو جنهن کي صرف اهي شعر لکڻ لاءِ
دنيا ۾ نه آيو هو، جن ۾ هڪ ڇوڪرو هڪ ڇوڪريءَ کي سمجهائي رهيو هو ته “اسان ٻيئي ٻار
آهيون ۽ اسان جا پيار کل جهڙا آهن” هو صرف انهن سرن کي وکيرڻ لاءِ وصالن جي واديءَ
۾ داخل نه ٿيو هو، جن سرن ۾ هو سرائڪي شاعريءَ جهڙي ڇوڪريءَ جي جدائي جو قصو بيان ڪندي
پنهنجي سڪ ڏسيندو هو، ان سمنڊ جي لاءِ جيڪو هن جي نظر ۾ ڪراڙو ٿي چڪو هو. بلاشڪ اهي
زبردست شعر هئا. اهي شعر جن ۾ “ساري سنڌ پرينءَ جو پاڇو” بڻجي ويندي هئي. اهي شعر جن
۾ لاڙ جي انهن ڪولهين جا قصا واڪا ڪندا وتندا هئا، جيڪي سنجها سمي پيالن تي پهچي پنهنجي
ڳچيءَ مان غلاميءَ جا ڳٽ لاهي اڇلائيندا هئا. اهو ڪانڊيرو جنهن هن جي شعر ۾ موت کان
پوءِ ٻيهر مسڪرايو هو، سو ڄڻ ته ٻيهر مري ويو آهي ۽ محبت جي گيتن جون سوڙهيون گهٽيون
هاڻي ڪنهن لاءِ به پنهنجن آنچلن کي پرچمن وانگر نه لهرائينديون. هاڻي ڪير ڪنهن کي اهو
رومانوي راز نه ٻڌائيندو ته “اها عورت اها ناهي، اها جا تو هئي سمجهي!!”
اهي شعر ته هن صرف پنهنجي ڏات جو
ڳلو صاف ڪرڻ يا پنهنجي فن جا ساز ملائڻ لاءِ تخليق ڪيا هئا. هن جي حقيقي شاعري ته هن
جي ڪويل ڪنٺ مان چاندني راتين مٿان چڙهائي ڪرڻ لاءِ اچڻي هئي. هن کي پوري تاريخ سرن
۾ سمائڻي به هئي ۽ وقت جي واريءَ تي وري نئين جوار ڀاٽا وارئڻي به هئي ۽ هن کي اهو
ڪجهه بيان ڪرڻو هو. جيڪو اياز کان رهجي ويو هو. سنڌ جي خانابدوش قبيلن جا گيت ۽ مختلف
موسمن جو ادائون ۽ اهي نريون فضائون جيڪي صبح جي سرخي ڏسڻ جي لاءِ سڪنديون رهيون.
هو هليو ويو ۽ هن سان گڏ اهي سفر
پنهنجي پوري سڪ سوڌا ڪنهن عجيب ڇڪ ۾ اچي ختم ٿي ويا. هو جنهن جا پير ديس جي درد جي
هر واٽ کان واقف هئا. هو جنهن کي صرف نثر پسند ڇوڪرا ۽ شاعري پسند ڇوڪريون ئي نه پر
اهي ڳوٺ به سڃاڻيندا هئا، جن ڳلين مان ڳئون گذرنديون هيون ۽ جن جي وڻن تي ڪانگ ويٺل
هوندا هئا ۽ صرف اهي ڳوٺ ئي نه پر بيوفا عورتن جهڙا اهي شهر به هن شخص کي پهرين نظر
مان سڃاڻي وٺندا هئا، جيڪو دل ڦرڻ ۽ دل ڦرائڻ جي لاءِ ايندو هو.
هو هليو ويو ۽ ڇا صرف هو هليو ويو؟
هن سان گڏ ڄڻ ته پورو دور هليو ويون. ان دور جون اميدون، ان دور جا انديشا، ان دور
جون ڪچهريون ۽ ان دور جون خاموشيون، ان دور جا ٽهڪ ۽ ان دور جا گونگا ڳوڙها، ان دور
جا درد ۽ ان دور جا دهمان، ان دور جون خوشيون ۽ ان دور جون خواهشون! سڀ ويون!!
اهي دوستيون به هن سان گڏ دفن ٿي
ويون، جن ۾ ڪا به دغا نه هئي!
اهي ڪردار ڄڻ ته سستي سگريٽ جي ڦلن
وانگر عمر جي آڱرين مان ڪري اڏامي ويا، جيڪي هڪ دور جي سهڻي سڃاڻ هئا.
هاڻي هن دور جي خالي دامن ۾ ڇا رکيو
آهي؟
سواءِ ڪجهه اهڙين بيڪار حسرتن جي
جن کي ڪٻاڙ وارو به پنهنجي تارازيءَ ۾ تورڻ کان انڪار ڪري ڇڏيندو!!
اسان هن جي ورسيءَ تي صرف هڪ فرد
لاءِ نه پر هڪ پوري دور جي لاءِ اداس آهيون، جيڪو دور هن جيان هن سان گڏ هن جي ڀر
۾ خاموشيءَ سان دفن ٿي ويو.
هاڻي فضيلت ۾ڦاٿل هن دور ۾ اسان
اهو انسان ڪٿان آڻيون؟ جيڪو بهار جي جهوٽي وانگر آوارگيءَ تائين آزاد هو.
اهو “آواره گرد” جيڪو هاڻي مشائخ
هوتيءَ هي هنج ۾ ستو پيو آهي، تنهن جي ابدي ننڊ واري تصوير هن ديس کي ڪيترو نه دلگير
ڪري رهي آهي!!!؟
حسن درس
جيڪو يادگيرين ۾ محفوظ آهي
رکيل مورائي
حسن هاڻ اسان وٽ نه رهيو آهي سچ ته اهو آهي ته هو نهايت تيزيءَ سان آيو، ۽ تيزيءَ
سان سنڌي شاعريءَ ۾ پنهنجو نجو مرتبو ماڻيائين ۽ تيزيءَ سان اسان کان جدا ٿي ويو.
جيتوڻيڪ سندس وڃڻ جو وقت نه هئو،
جنهن سبب هڪ پاسي هن پنهنجا يادگار نظم پويان ڇڏيا ته ٻئي پاسي سندس اڻ مندائتي موت
جو حادثو، ڏکائيندڙ يادگيريون اسان سڀني جي دلين ۾ ڇڏي ويو، جنهن ڪري هڪ پاسي هو سنڌي
شاعراڻي ادب ۾ سدائين ياد رکيو ويندو ته ٻئي پاسي، هُو دوستن جي دلين ۾ سدائين ياد
رهندو.
سنڌ جي سياسي تاريخ توڻي ادبي تاريخ
۾ گذريل صديءَ جو نائون ڏهاڪو ڪيترن ئي حوالن سان ياد رکيو ويندو، جن سڀني مان هت فقط
اهو حوالو کڻڻ جي گنجائش آهي، جنهن جو محرڪ حسن درس آهي.
اسيءَ واري ڏهاڪي ۾ نوجوان شاعرن
جو هڪ چڱو چوکو انگ، سنڌي شاعريءَ جي آڪاس تي جرڪڻ لڳو هئو. ڇاڪاڻ ته هن ڏهاڪي جون
حالتون سنڌ لاءِ جنگي حالتون هيون، ان ڪري انهن جي شاعريءَ ۾ مزاحمت جو اچڻ لازمي هئو.
اها ڳالهه الڳ آهي ته ان دور جي شاعرن مان ڪن وٽ فقط مزاحمت رهجي وئي، ڪن وٽ شاعريءَ
جو علم رهجي ويو ۽ ڪن وٽ ڪجهه شاعري رهجي وئي، جيڪا به اڳتي هلي کانئن پري ٿي وئي!
اهڙين حالتن ۾ حسن اهڙو شاعر هئو، جنهن وٽ پنهنجي دور جي مزاحمت به هئي ته تخليق به
هئي. ساڳئي وقت اظهار جو انوکو ڏانءُ به هُئو،
جنهن ڪري هو پنهنجي همعمر توڻي همعصرن کان الڳ ڏسڻ ۾ آيو.
حسن درس ۾ اڻ ڳڻيون تخليقي صلاحيتون
هيون، جن سڀني کي استعمال ڪرڻ جو کيس وقت گهٽ مليو. ساڳئي وقت اها ڳالهه به ممڪن آهي
ته هن پنهنجي تخليقي صلاحيت ڏانهن جوڳو ڌيان به گهٽ ڏنو.ان جي باوجود هو پنهنجي طبيعت
۾ مڪمل شاعر هُئو، اهڙو شاعر جنهن وٽ ڪمال جي بيسا ختگي هوندي آهي. حسن جي شاعريءَ
۾ هٿرادو ٺاهه ٺوهه جو عمل بنهه گهٽ/نه جهڙو ملندو.هُو پنهنجي فطرت ۾ شاعر هُئو، سچ
ته اهو آهي ته هُو شاعري نه ڪري ها ته پاڻ شاعري هُجي ها!
سنڌي شاعريءَ ۾ اسيءَ واري ڏهاڪي
۾ حسن اهڙو شاعر ٿي اڀريو، جنهن سنڌي نظم کي خوشگوار موضوعاتي ڪشادگي ڏني. ان حوالي
۾ سندس شاعريءَ مان ڪيترائي حوالا کڻي سگهجن ٿا. خاص طور سندس خانم گوگوش جي باري
۾ لکيل نظم، سنڌي نظم جي تاريخ ۾ هڪ بيحد تخليقي ۽ منفرد نظم آهي. ائين سندس ٻيا ڪيترائي
نظم ۽ غزلن جابند حوالي ۾ آڻي سگهجن ٿا. جن ۾ اٿاهُه حُسن آهي، حسين ٻولي آهي. اظهار
جو انوکو استعمال آهي ۽ اهي سڀ شاعراڻا ڳڻ کيس سنڌ جو منفرد شاعر ڪري بيهارن ٿا. ۽
چوڻ جو ٻيو پاسو اهو آهي ته، حسن پنهنجي طبيعت موجب فقط ڪجهه چوڻ ئي بهتر ڄاتو. جيڪڏهن
هُو پنهنجي لکيل ڪنهن به نظم/غزل تي هڪڙو ڀيرو وري ويچاري ها ته سندس اهي نظم ۽ غزل
وڌيڪ حسين ٿي وڃن ها!
اڄ جڏهن هُو نه رهيو آهي ۽ سندس
ڪو به نظم پڙهجي ٿو ته اهو سڄي جو سڄو قبولڻ ۾ ڏکيائي محسوس ٿئي ٿي، ان جا ڪي حصا اڀياس
طور ڪو به اڀياسي کڻي سگهندو.
حسن جي نظمن جا اهي حصا ڪنهن بيمثال
شاعريءَ ۾ ڳڻائڻ جهڙا آهن ۽ پنهنجي دور جي سموري شاعريءَ کان الڳ آهن ڇو الڳ آهن اهو
مٿي ڄاڻايل آهي. هونئن حسن، ”جن تي“ شاعري ڪئي، انهن کي جيترو وقت ڏنو، اوترو هن پنهنجي
شاعريءَ کي ترتيب ڏيڻ لاءِ نه ڏنو ۽ سندس هلئي وڃڻ کاپوءِ سندس مرتبن سندس شاعريءَ
جي جيڪا ترتيب ڏني آهي، حسن پاڻ اهڙي طرح ڪنهن به صورت ۾ نه ڪري ها!
بهرحال حسن سنڌي ٻوليءَ جو نرالو
شاعر آهي. هُن جي سنڌي شاعريءَ ۾ جيڪا جڳهه جڙي آهي، ٺيڪ نه آهي. اها مخصوص آهي ۽ پڪ
سان جڏهن سندس شاعريءَ جو سنجيدگي سان اڀياس ڪيو ويندو ۽ مٿس فني طور ڪجهه لکيو ويندو،
ته اهو ٻيو هوندو. ڇاڪاڻ ته ان ۾ هُن جو شاعر هوندو، هُن جو شخص نه! ۽ شخص ڪڏهن نه
ڪڏهن مٽي ٿي وڃڻو آهي، تخليق ئي زندهه رهڻي آهي. نالن کي تخليق زندهه رکندي آهي ۽ اها
تخليق جيڪڏهن حسن درس جهڙي تخليقڪار جي آهي ته اها اوس امر رهڻي آهي.
شخصي طور حسن پنهنجي ذات ۾ انساني
چڱايون توڻي مٺايون رکندڙ شخص هُئو،هُو يارن جو يار هُئو ۽ جنهن سان نه پوندي هُئس
ان کان پري رهڻ وارو هُئو. خوبصورت چهري ۽ حسين مرڪ وارو بيمثال شاعر حسن درس اڄ اسان
کي وري پنهنجي ياد ڏياري رهيو آهي. ياد جيڪا دل ۽ سدائين ڪنهن ڏيئي جيان ٻرندي رهندي
آهي.
اڄ شايد سنڌي اديبن ۽ شاعرن کان
حسن درس جي شاعري اها گُهر پڻ ڪري رهي آهي ته ان تي ادبي طور ۽ فني توڻي فڪري حوالي
۾ ڪي سنجيده اڀياس لکڻ گهرجن. ها! انهن ۾ علم، ادب، اڀياس ۽ تنقيد جا سڀ طريقا ستعمال
ڪيا وڃن، عقيدن ۽ همدردين کان الڳ، ڇاڪاڻ ته انهن جي موجودگي هُن سان انصاف نه ڪري
سگهندي ۽ هُو تخليقي طور ٻئي طرف هليو ويندو. هُن کي هڪ شاعر طور سامهون آڻڻ جي جستجو
سنڌي ادب لاءِ اهم سمجهڻ کپي. کيس همدردين جي غلاف ۾ ويڙهڻ کان بچايو وڃي. هي سٽون
کيس ياد ڪرڻ لاءِ آهن، ڪنهن به اڀياس جو حصو نه آهن. هُن جي ياد جيڪا هڪ حادثي جي صورت
۾ اسانجون اکيون آليون ڪري وئي ۽ حادثو جيڪو سنڌي شاعريءَ کان هڪ انمول شاعر کسي ويو.
هڪ نفيس شاعره کان پنهنجو محبوب گهوٽ کسي ويو. ڀائرن کان هڪ دادلو ڀاءُ الڳ ڪري ويو،
۽ دوستن کان هڪ دلبر دوست کسي ويو ۽ بس!
حسن درس جي ياد ۾!
آچر خاصخيلي
صوفي وسند فقير ۽ فقير سائل ڪوري
جي دادلي محمد حسن درس کي وڇڙئي پنج سال ٿي ويا آهن. هُن ٽنڊي آدم ڀرسان تعلقي جهنڊي
مري جي تاريخي ڳوٺ مشائخ هوٿي ۾ فقير گھراڻي حاجي غلام رسول درس جي گھر ۾ جنم ورتو
6 يا 7 سالن جي عمر ۾ هن کي راڳ ٻڌڻ جو شوق پيدا ٿيو. ان جو اندازو تڏهن ٿيو، جڏهن
کيس سائل ڪوري هن کي ڪلهن تي کڻي مشائخ هوٿي ڀرسان اوطاقي ڪچهري جي ڪوڏيي ۽ صوفي فنڪار
سلام الله عرف سلامون فقير جي اوطاق تي کڻي ايندو هو، جتي هو راتين جون راتيون ويهي
راڳ ٻڌندو هو، اتي ويٺل مامون اڪ، سبحان علي، ليمون فقير، سائل ڪوري ۽ ٻين سڄاڻ عقلمند
ڏاهن تڏهن ئي سمجهي ورتو هو ته هن نينگر ۾ ڪي ضرور ڪڻا، جنهن بعد سلامون فقير جي فرزند
۽ صوفي راڳي وسند فقير صوفياڻي راڳ جي چوياري ۾ ويهاري هن کي راڳ ٻڌائيندو هو.
حسن درس جي اندر ۾ سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ
۾ رهندڙ ۽ پٺتي پيل علائقن جي ماڻهن لاءِ محبت سمايل هئي. ٺٽو هجي يا بدين، ٽنڊوآدم
هجي کڻي ٿر يا ڪوهستان پر سڄي سنڌ هن لاءِ پنهنجي پرينءَ جو پاڇو هئي. هن سنڌ کي مڇيءَ
جي اک مان به ويٺي ڏٺو. مطلب ته سڄي سنڌ هن جي محبت جو محور هئي، جنهن جي هن عڪاسي
پڻ ڪئي.
جڏهن به حسن درس پنهنجي ڳوٺ مشائخ
هوٿي ڏانهن ايندي ٽنڊي آدم مان لانگهائو ٿيندو هو، اُن کان اڳ پريس ڪلب ۾ مون سان يا
امداد راهيءَ سان ضرور ملندو هو يا آئون به ان سان گڏ ڳوٺ ويندو هوس. ڪڏهن ڪڏهن منهنجي
ڳوٺ اچي چوندو هو ته اڄ تنهنجي ڳوٺ جي ڪولهين جي ڀڳتي راڳ ۽ ڀڄن ٻڌڻا آهن پوءِ اتي
مرحوم ڀڳت جھمون، پونون ڪولهي، پوپٽ ڪولهي اچي ڀڳتي ۽ ڀڄن ٻڌائيندا هئا، جتي سڄو ڳوٺ
حسن درس کي ڏسڻ ايندو هو.
اسڪول جي تعليم کان پوءِ هُن جو
گهڻو وقت حيدرآباد ۾ گُذرندو هو، ان ڪري ڳوٺ گھٽ اچڻ ٿيندو هوس. ڪڏهن ڪڏهن بخشڻ به ايندو هو ته ان جي
مزاحيه ڪچهري به ٻڌڻ لاءِ ڳوٺ جا ماڻهو ايندا هئا، اتي ڪچهري جو ڪجهه حصو وري سڀ گڏجي
چرچن ۽ ڀوڳن لاءِ ڪڍندا هئا، جتي بخشڻ گھڻي مزاحيه ڪچهري ڪندو هو. هڪ ڏينهن حسن منهنجي
مامي شوڪت کي چيو ته بخشڻ توهان سڀني کي تمام گھڻا چرچا ٿو هڻي، توهان مان ڪير جواب
نه ٿو ڏئي. تنهن تي ڳوٺاڻن چيو ته سائين مهمان آهي، وڏو آهي چڙي پوندو، ان ڪري جواب
ڪونه ٿا ڏيون ته حسن چيو بخشڻ سٺو، سهڻو دوست ۽ اوطاقي ڪچهرين جو ڪوڏيو اٿوَ، چڙندو
نه. هن اهو چئي ڳوٺاڻن جو حجاب ٽوڙيو بس ڳوٺاڻن کي ڪليئرنس ملي ويو. هنن پاڻ ۾ صلاح
ڪئي ته هاڻ بخشڻ چرچو هڻي ڪير به نه کلي، باقي ٻيو ڪير چرچو هڻي ته ڪچهري ۾ ويٺل سڀ
وڏا وڏا ٽهڪ ڏجو. پوءِ ٿيو به ائين، بخشڻ چرچو هڻي ته سڀئي خاموش، ڄڻ ماڪ پئجيو وڃي،
ڪو ٻيو ڳالهائي ته حسن سميت ٽهڪن جا ڪوڪريا ٿيو وڃن. جيڪا ڳالهه بخشڻ کي ڏاڍي ڏُکي
لڳي. پوءِ حسن ئي وضاحت ڪئي ته اِها سِٽ مون سَٽي هُئي، جنهن تي بخشڻ جي ناراضگي ختم
ٿي.
هو آخري ڏينهن ۾ وري ٽنڊي آدم جي
شهيد محمد علي کوسو لائبرري ۾ ويهي معظم کوسي سميت اسان سڀني سان ڪچهري ڪري پوءِ ڳوٺ
يا حيدرآباد نڪري ويندو هو. هن ان وقت ايف ايم ٽنڊوآدم تي به پروگرام ڪيو ۽ هن ريڊيو
تي ويهي پنهنجي شاعري ذريعي آئي ڊي ٺاهي علائقي کي ڀيٽا ڏني،
اول نانءُ الله جو جنهن آھي جوڙيو
جڳ،
مرسل مير مهابي آهي ساٿ سلامت سڳ،
ٻيراڻيءَ جي ٻانهن تي آهي ويڙهيچن
جو وڳ،
ٽنڊوآدم ٽانڪبو روح اسان جي رڳ،
ڳوٺ مشائخ هوٿي آهي لال لطيف جي
لڳ،
”درس حسن“ جو دائرو آهي دونهين پاسي
دڳ،
عشق ڏٺو جنهن اڳ، آب ڏٺائين اڃ
۾،
ڪڏهن به حسن کان ڪو سوال نه ڪيم
نه ئي همت هوندي هئي. هن مون کي صحافت ۾ آندو. اولاد وانگر پيار ڪندو هو. هو منهنجو
محسن هو پر آخري ڏينهن ۾ هن جي طبيعت خراب هئي، اسان لائبرري تان نڪتاسون ته اڳيان
هلي ٿوري پنڌ تي بيٺو، شوڪارو هڻي استاد منظور علي خان جي گهر سامهون بهي چيائين هيءُ
گھر سنڌ اٿئي.
سامهون استاد منظور علي خان جو ڀائيٽيو
بيٺو هو، جنهن جڏهن مون سان ڳالهايو ته حسن هن جو آواز ٻُڌي چيو، منظور علي جي خاندان
مان ٿو لڳين؟ چيومانس ته ڀائٽيو اٿس، نادر شيخ پوءِ هن سان فقيراڻي انداز ۾ مليو. اتي
به هن جي طبيعت ڪجھه ناساز پئي لڳي.
حسن هڪ تمام وڏو شاعر، درد رکندڙ
انسان، سچو دوست، ڪچهرين جو ڪوڏيو هو. اِهو هُن جي شخصيت جو ئي ڪمال هو جو جيڪو به
ساڻس هڪ ڀيرو ملندو هو، اُهو سندس دوستيءَ جي سڳي ۾ پروئجي ويندو هو. اِئين سنڌ ۾ هزارين
ماڻهو هوندا، جيڪي سندس دوستيءَ جو دم ڀريندا هوندا. هُو من جو اُجرو ماڻهو هو، شهر
۾ رهندي به ڳوٺ سندس مَن ۾ سمايل هو، جنهن جو عڪس اسين سندس شاعريءَ مان پسي سگهون
ٿا.
رستا سوڙها ۽ ٻيا وڻ
واهڻ پوڙها ۽ ٻيا وڻ
بن ۾ مون سان بيٺا آهن
منهنجا ڳوڙها ۽ ٻيا وڻ
ڌرتي ڪيئن جهُڪن هي تنهنجا
ارڏا گهوڙا ۽ ٻيا وڻ
تو سان گڏ حسن هي پنڇي
جوڙا جوڙا ۽ ٻيا وڻ
حسن جڏهن اسان ۾ موجود هو، تڏهن
به هُو محبتن جو محور هوندو هو، سندس وڇوڙي تي دوست جهڙيءَ ريت رُنا يا پوءِ سنڌي اردو
اخبارن کان علاوه بي بي سيءَ تي جيترو مٿس لکيو ويو، سو گهٽ ئي ماڻهن کي نصيب ٿيو آهي.
تمام بهترين
ReplyDelete