; سنڌي شخصيتون: آفتاب احمد ميمڻ - ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ

26 June, 2016

آفتاب احمد ميمڻ - ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ

آفتاب احمد ميمڻ
سنڌي نثر ۾ سندس خدمتون
ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ
ٿر جو وارياسو علائقو تهذيب، تمدن ۽ علم و ادب سان هڪ شاهوڪار علائقو رهيو آهي، جتي ڏيپلي تعلقي ۾ محمد عثمان ڏيپلائي جهڙي اهم ادبي شخصيت جنم ورتو، جنهن سنڌي ادب کي مختلف صنفن ۾ ڏيڍ سئو کان وڌيڪ ڪتاب ڏئي مالامال ڪيو. ساڳي ريت ٻين به ڪجهه شخصيتن ڏيپلي مان علم ۽ ادب ۾ ڪجهه نه ڪجهه حصو قائم رکيو آهي، پر خاص طور ڏيپلائي صاحب جي پاڙيسري قائمخاني خاندان مان آفتاب احمد ميمڻ ۽ سندس ڀيڻ ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ ڏيپلائي جي قومي خدمت ۽ قلمي روايت جي پاسباني ڪندي انيڪ ڪالم ۽ مضمون ته لکيا آهن، پر ڪيترا ئي ڪتاب پڻ تنصيف ڪيا آهن.
آفتاب احمد 19 جون 1950ع تي ڏيپلي شهر ۾ محمد موسيٰ ميمڻ جي گهر ۾ جنم ورتو هو، نئين ٽهي جي ليکڪن ۾ شمار ٿيندي پراڻي سٿ سان مضبوط ۽ مربوط نموني ڳنڍيل آهي جو سندس لکڻ جي سفر جو آغاز 12 سالن جي عمر ۾ ٿيو، کيس انگريزي، اردو ۽ سنڌي ٻولي تي عبور حاصل آهي ۽ ٽنهي ٻولين ۾ لکندڙ آهن، جنهن ۾ سنڌي ٻولي ۾ خاص طور خاڪا، ڪالم، مضمون، تاثر، سفرنامو ۽ آتم ڪهاڻي لکي اٿس، سنڌي نثر ۾ سندس ئي ڪتاب شايع ٿيل آهن ته ٻيو ڪيترو ئي مواد اڻ ڇپيل موجود آهي، شاعري سان شفف هوندي به هن اظهار جو ذريعو نثر کي بڻايو آهي.


جيئن ته نثر اظهار جو تفصيلي بيان آهي، جنهن ۾ چٽائي، روزاني بياني وقت، ٻولي جو سهڻو استعمال ۽ ٻيون گهڻيون خوبيون ملي اثر انگيزي پيدا ڪن ٿيون، انهي ڪري هر سٺي نثر نگار جي اها اولين ڪوشش هوندي آهي ته هو پنهنجي تجربن ۽ مشاهدن کي جاندار لفظن، سهڻن اصطلاحن، استعارن جي صفت سان امر ڪري پنهنجي پڙهندڙن جي اڳيان پيش ڪري ۽ آفتاب ميمڻ انهي ڪوشش لاءِ کيرون لهڻي، هن جيڪي به نثري تحريرون سنڌي ادب کي ڏنيون آهن، انهي ۾ هڪ ڪامياب نثر نگار جيان ٻولي جي سهڻي استعمال ۽ اثرائتن لفظن جي چونڊ ۽ جملن جي شانائتي بيهڪ کي اولين اهميت ڏني آهي ته لفظن جي جدت کي پڻ برقرار رکيو آهي، جنهن سان سندس تخليقي ڪاوشن ۾ هميشه لاءِ تازگي ۽ مهڪ قائم هجي.
آفتاب ميمڻ جو پهريون ڪتاب سندس 1980ع کان لکيل ڪالمن جو مجموعو آهي، جيڪو 2010ع ۾ سنڌيڪا اڪيڊمي شايع ڪيو، ”هر پل صليب تي“ جي عنوان سان لکيل هن ڪتاب ۾ ڪل 55 ڪالم سياسي، سماجي، ادبي، علمي موضوعن تي آهن، جيڪي ڪنهن مخصوص دور جو پيغام نه پر سنڌ جي هر دور ۾ قومي سڃاڻپ ۽ ساجهه جو پيغام ڏين ٿا، جن جا عنوان ”راڪاس ۽ پريون“ شهربانو، زاهد مخدوم، لالڻ سائين، آئون ته گولي غلام تنهنجي در جي، سور رهايان سرتيون جي ورهايا وڃن“ ٻڌيئه نه ٻوڙا، پوءِ به پريان جو پنڌ ڀلو ۽ ٻيا آهن، جن ۾ ڪيترن ئي قومي مسئلن تي ويچار ونڊيل آهن. 2011ع ۾ سندس ٻيو ڪتاب ”نيل ندي ڪناري“ پڻ سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچي شايع ڪيو، جنهن ۾ يوسف شاهين، الطاف شيخ ۽ عمر قاضي ڪتاب جي باري ۾ لکيو آهي. هن سفر نامي کي سنڌي لئنگيج اٿارٽي پاران 2011ع جي بهترين سفر نامي جو ايوارڊ ڏنو ويو، خوبصورت ٻولي ۽ شاندار ڊڪشن وارو هي سفر نامو 19 بابن تي مشتمل آهي جو مصر جي پراسراريت ۽ سهڻي سفر جي بيان سان گڏ تاريخ جي وڏي ڄاڻ ڏئي ٿو. هي سفر نامو ادب ۾ مروج سفر نامن کان هڪ مختلف ۽ نئين نڪور شڪل کڻي نمودار ٿيو آهي، جنهن ۾ ليکڪ قاري کي پاڻ سان گڏ کڻي ائين هليو آهي جو پڙهندڙ هر وقت ۽ هر دم ڄڻ ساڻس سفر ۾ پاڻ سان گڏ محسوس ڪري ٿو، پروفيسر ٿوبيه ڪرن هن سفر نامي تي راءِ ڏيندي لکيو آهي ته:
هي سفرنامو انهيءَ لحاظ کان منفرد محسوس ٿيو آهي جو هن ۾ بيان جي سادگي سان گڏ صاف گوئي کان ڪم ورتل آهي، ليکڪ جو ڪهاڻي ٻڌائيندڙ انداز ۽ ذاتي ڪيفيتون جيڪي ڪنهن حد تائين سندس رومانوي مزاج جي به عڪاسي ڪن ٿيون، سندس تحرير ۾ چار چنڊ لڳائي ڇڏيا آهن، حقيقت نگاري سان گڏ رضانوي انداز بيان جي ميلاپ هن سفر نامي کي هڪ دلچسپ ۽ انوکي تحرير بڻائي ڇڏيو آهي، تاريخي واقعا، حوالا ۽ ڪردار هن سفر نامي جا خزانا آهن.
”نيٺ ته ڊهندي....“ جي عنوان سان ليکڪ جو ٽيون ڪتاب 2012ع ۾ نئون نياپو اڪيڊمي شايع ڪيو، جنهن ۾ 30 ڪالم مضمون ۽ خاڪا آهن ۽ مهاڳ ڊاڪٽر سليمان شيخ جو لکيل آهي. هن ڪتاب جو نثر پڻ سندس پهرين ڪتابن جو تسلسل آهي، جنهن ۾ سهڻن سهڻن لفظن ۽ جملن جون گلڪاريون آهن، هڪ هنڌ ليکڪ لکي ٿو ته:
”منهنجي ديس ۾ لُڪ لڳل آهي، مينهوڳي مند ۾ پڻ ڪڪر سُنڍ ٿي پيا آهن، رڳو منهنجن ڪاراڻ ڪڪوريل آهي. هنن لُڪن تي اڪ ته ٺهيو پر سڄي ڌرتي ٽامي جيان تتل آهي نه آهن ته صرف ديش واسي تتل نه آهن. بي حسي، خود غرضي، سياڻپ، فريب ۽ دوکي جي اهڙي ڄار ۾ ڦاٿل آهن، جنهن کان ڇوٽڪارو نصيب ٿيڻ ڏکيو آهي.

آفتاب احمد ميمڻ جا في الوقت سنڌي ۾ 3 ڪتاب ڇپيل (قابل رحم قوم اردو ٻولي ۾ تازو فڪشن هائوس لاهور شايع ڪيو آهي) آهن، پر انهي جو مڪمل جائزو اها ڄاڻ ڏئي ٿو ته سندس ايندڙ ڪتاب پڻ پهرين نثري تصنيفن جيان سنڌي ادب ۾ اهم حيثيت ماڻيندا ۽ سنڌي نثر جي سرسبز گلستان کي سجائيندا ۽ سيراب ڪندا.

No comments:

راءِ ڏيندا