; سنڌي شخصيتون: آفتاب احمد، سنڌي، نثر، خدمتون، ڊاڪٽر، پروين، موسيٰ، ميمڻ،
Showing posts with label آفتاب احمد، سنڌي، نثر، خدمتون، ڊاڪٽر، پروين، موسيٰ، ميمڻ،. Show all posts
Showing posts with label آفتاب احمد، سنڌي، نثر، خدمتون، ڊاڪٽر، پروين، موسيٰ، ميمڻ،. Show all posts

26 June, 2016

آفتاب احمد ميمڻ - ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ

آفتاب احمد ميمڻ
سنڌي نثر ۾ سندس خدمتون
ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ
ٿر جو وارياسو علائقو تهذيب، تمدن ۽ علم و ادب سان هڪ شاهوڪار علائقو رهيو آهي، جتي ڏيپلي تعلقي ۾ محمد عثمان ڏيپلائي جهڙي اهم ادبي شخصيت جنم ورتو، جنهن سنڌي ادب کي مختلف صنفن ۾ ڏيڍ سئو کان وڌيڪ ڪتاب ڏئي مالامال ڪيو. ساڳي ريت ٻين به ڪجهه شخصيتن ڏيپلي مان علم ۽ ادب ۾ ڪجهه نه ڪجهه حصو قائم رکيو آهي، پر خاص طور ڏيپلائي صاحب جي پاڙيسري قائمخاني خاندان مان آفتاب احمد ميمڻ ۽ سندس ڀيڻ ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ ڏيپلائي جي قومي خدمت ۽ قلمي روايت جي پاسباني ڪندي انيڪ ڪالم ۽ مضمون ته لکيا آهن، پر ڪيترا ئي ڪتاب پڻ تنصيف ڪيا آهن.
آفتاب احمد 19 جون 1950ع تي ڏيپلي شهر ۾ محمد موسيٰ ميمڻ جي گهر ۾ جنم ورتو هو، نئين ٽهي جي ليکڪن ۾ شمار ٿيندي پراڻي سٿ سان مضبوط ۽ مربوط نموني ڳنڍيل آهي جو سندس لکڻ جي سفر جو آغاز 12 سالن جي عمر ۾ ٿيو، کيس انگريزي، اردو ۽ سنڌي ٻولي تي عبور حاصل آهي ۽ ٽنهي ٻولين ۾ لکندڙ آهن، جنهن ۾ سنڌي ٻولي ۾ خاص طور خاڪا، ڪالم، مضمون، تاثر، سفرنامو ۽ آتم ڪهاڻي لکي اٿس، سنڌي نثر ۾ سندس ئي ڪتاب شايع ٿيل آهن ته ٻيو ڪيترو ئي مواد اڻ ڇپيل موجود آهي، شاعري سان شفف هوندي به هن اظهار جو ذريعو نثر کي بڻايو آهي.