; سنڌي شخصيتون: ڊاڪٽر عابده طاهراڻي - واحد پارس هيسباڻي

25 June, 2016

ڊاڪٽر عابده طاهراڻي - واحد پارس هيسباڻي

ڊاڪٽر عابده طاهراڻي
اڙي موت ميار ايڏو ساڙ سڳنڌ سان!
واحد پارس هيسباڻي
هن دنيا جي گولي تي روزانو ڪيترائي ماڻهو ڄمن ٿا ۽ ڪيترا ئي مري وڃن ٿا، ڪائنات جو هي چرخو صدين کان ان ئي انداز ۾ هلندڙ آهي. چون ٿا ته ڪنهن جي مري وڃڻ سان وقت نه ٿو رڪجي، پر مان ائين چوندو آهيان ته ڪي ڪي شخصيتون اهڙيون هونديون آهن، جن جي وڇوڙي جي خبر وڄ جيان ڪرندي محسوس ٿيندي آهي ۽ ائين لڳندو آهي ڄڻ وقت بيهي ويو هجي، ڪائنات جا رنگ ڌيما ڌيما ٿي ويا هجن، پنهنجي آس پاس ۾ هڪ وڏي کوٽ، هڪ وڏو خال محسوس ٿيڻ لڳندو آهي، دل جي ڪيفيت بلڪل ئي عجيب ٿي ويندي آهي.


بلڪل اهڙي ئي ڪيفيت منهنجي به ٿي، جنهن وقت سنڌ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر عابده طاهراڻي جي وفات جي خبر ٻڌم، بلڪه اها ڪيفيت هر ان ماڻهو جي ٿي هوندي جنهن ڪنهن نه حوالي سان سنڌ يونيورسٽي سان تعلق آهي يا رهيو آهي يا وري اهو ڊاڪٽر طاهراڻي جي شخصيت ۽ قابليت کان واقف آهي. مون پنهنجي زندگي ۾ اهڙا تمام گهٽ ماڻهو ڏٺا آهن، جن سان ملڻ کانپوءِ توهان کي ائين محسوس ٿئي ته توهان ڪنهن پنهنجي ماڻهو سان مليا آهيو، ڊاڪٽر طاهراڻي جي ملڻ جو انداز بلڪل ئي ائين هو جيئن ماءُ پنهنجي اولاد سان ملندي آهي، هن جي چهري ۾ ماءُ جي شفقت جو نور سمايل هو، ”ٺيڪ آهيو ٻچا...“ منهنجي ڪنن ۾ سندس اهو ٻاجهارو جملو هينئر به ٻُري رهيو آهي ۽ اکيون وسي رهيون آهن، ڀٽائي چيو آهي ته:
ماڻهو سڀ نه سهڻا، پکي سڀ نه هنجهه،
ڪنهن ڪنهن ماڻهوءَ منجهه، اچي بوءِ بهار جي.
هي بيت ڊاڪٽر طاهراڻي تي بلڪل ئي ٺهڪي اچي ٿو هو به انهن ماڻهن مان هئي جن مان بهار جي خوشبوءِ ايندي آهي، اڄ جيتوڻيڪ هوءَ اسان جي وچ ۾ نه رهي آهي پر هن پنهنجي محنت ذريعي، پنهنجي سچائي ذريعي، پنهنجي شفقت ذريعي جيڪا ڪردار جي خوشبوءِ ڇڏي آهي، ان کي ڪو به موت ماري نه ٿو سگهي. سنڌ يونيورسٽي کيس صدين تائين ياد ڪندي. هڪڙا اهي ماڻهو هوندا آهن جيڪي رڳو پنهنجي ذات لاءِ جيئندا آهن انهن جي ڪل ڪائنات بس پنهنجي ذات ئي هوندي آهي ۽ ان جي دائري تائين محدود هوندا آهن ۽ ٻيا اهي ماڻهو هوندا آهن، جيڪي ٻين لاءِ جيئندا آهن، انهن جي جياپي جو مقصد ٻين لاءِ ڪجهه ڪرڻ هوندو آهي. جيڪي ماڻهو پنهنجي لاءِ جيئندا آهن، اهي بس ايستائين ئي جِي سگهندا آهن، جيستائين انهن جي سرير ۾ ساهه هوندو آهي ۽ جيڪي ٻين جي لاءِ جيئندا آهن اهي سرير مان ساهه نڪري وڃڻ کانپوءِ به جيئندا آهن ۽ هميشه لاءِ جيئندا آهن، انهن جو پورهيو، انهن جي نيڪ نيتي انهن جي سچائي انهن جي ايمانداري نسل در نسل ياد رکي ويندي آهي ۽ انهن جو جتي به ذڪر ٿيندو آهي ذڪر ڪندڙن توڙي ٻڌندڙن جون اکيون احترام وچان جهڪي وينديون آهن، ڊاڪٽر عابده طاهراڻي به انهن شخصيتن مان هڪ هئي جيڪي ٻين لاءِ جيئنديون آهن، سندس هڪ استاد وارو سمورو ڪيريئر هجي يا هاڻوڪي ويجهڙ واري تاريخ جو سنڌ يونيورسٽي جي وائيس چانسيلر وارو دور هجي، هن پاڻ مڃائي ۽ پاڻ ملهائي ڏيکاريو. هن کي جيڪي به ذميواريون مليون هن انهن کي سچائي، ايمانداري ۽ بهادري سان ملهائي به ڏيکاريو، هوءَ بهترين استاد، بهترين انتظامي سربراهه ته هئي پر ان سان گڏوگڏ هوءَ بهترين انسان به هئي، جيڪي خاصيتون هڪ ئي وقت هر ڪنهن ۾ نه ٿيون ٿي سگهن. ڪنهن کي عزت ڪيئن ڏجي ان جو کيس ڀرپور ڏانءُ هو، مون کي اها خبر ته ناهي ته مئڊم لاءِ دشمني ڪنهن ڪنهن پنهنجي دل ۾ پالي پر اها خبر ضرور اٿم ته هن جي دل ۾ دشمنيءَ وارو تصور به ڪو نه هو، هن سان جيڪو به مليو اهو پنهنجائپ جي گلن جا جهول ڀري واپس وريو، جيتوڻيڪ کيس سنڌ يونيورسٽي جي سربراهي جو موقعو تمام گهٽ مليو ۽ زندگي ساڻس وفا نه ڪئي پر هي جيترو وقت به ان عهدي تي رهي، هن پاڻ ملهائي ڏيکاريو، يونيورسٽي جو تعليمي معيار هجي، ملازمن جي جائز مفادن وارا معاملا هجن هر معاملي ۾ هن جون ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن. سنڌ يونيورسٽي هڪ ايماندار انتظامي سربراهه طور کيس سدائين ياد ڪندي رهندي.
هن ڪينسر جهڙي خطرناڪ بيماري سان جهڙي بهادري سان جهيڙيو ۽ ڪڏهن به ان کي پنهنجي حوصلي مٿان حاوي ٿيڻ نه ڏنو، اها سچ پچ وڏي ڳالهه آهي، جيڪو ڪجهه هر ڪنهن جي وس جي ڳالهه ناهي. مون ڪالهه به هڪڙي دوست سان ان ڳالهه جو ذڪر ڪيو پئي ته مون پنهنجي زندگي ۾ اهڙا بهادر ماڻهو تمام گهٽ ڏٺا آهن، جيڪي اهڙي خطرناڪ بيماريءَ جي اثرن کان واقف هجڻ جي باوجود ان انداز ۾ پرسڪون هجن ۽ اهڙي تڪليف جي باوجود ڪنهن کي به محسوس ٿيڻ نه ڏيندا هجن ۽ پنهنجي ڌرتي جي مستقبل جي معمارن  لاءِ اڃا وڌيڪ  ڪجهه ڪرڻ چاهيندا هجن، انهن جي اندر ۾ پنهنجي فرض سان ايتري ڪمٽمينٽ هجي، مون جڏهن به ڊاڪٽر طاهراڻي کي ڏٺو مرڪندي ڏٺو ۽ جڏهن به ڳالهائيندي ٻڌو حوصلي ۽ همت سان ڀرپور لفظن سان ٻڌو.
رکتي هين جو اورون ڪي ليئي پيار ڪا جذبه
وه لوگ ڪڀي ٽوٽ ڪي بکرا نهين ڪرتي..
لڳ ڀڳ ٻه اڍائي مهينا اڳ سنڌ الاجي ۾ ٿيل انٽرنيشنل چلڊرنس فلم فيسٽيول ۾ مئڊم طاهراڻي جا زندگي سان ڀرپور اهي ٽهڪ اڃا تائين منهنجي ڪنن ۾ ٻُري رهيا آهن، جيڪي هوءَ هڪ مزاحيه فلم ڏسڻ دوران ڏئي رهي هئي ۽ تقريب ۾ سندس اهو جملو ته ”دل تو بچه هي ...“ ڪيڏو نه معصوم ۽ زندگي سان ڀرپور هو...  اهو ته ڪنهن جي وهم گمان ۾ به نه هو ته ٻارن جهڙي معصوم ۽ ماءُ جهڙي شفيق دل رکندڙ اسان جي مهربان وائيس چانسلر ائين اوچتو ئي اوچتو وڇڙي ويندي. علاج کانپوءِ جهڙي نموني سندس صحت ۾ بهتري اچي وئي هئي ۽ هن جهڙي انداز ۾ روز معمول جي سرگرمين ۾ حصو وٺڻ شروع ڪيو هو، ان کي ڏسي اسين سڀ خوش هئاسون ۽ مطمئن ٿي ويا هئاسون ته هاڻي مئڊم بلڪل ٺيڪ ٿي وئي آهي پر اوچتو سندس وڇوڙي جي خبر سچ ته اسان سڀني جي مٿان وڄ بڻجي ڪري آهي.
اڙي موت ميار ايڏو ساڙ سڳنڌ سان...
ڊاڪٽر عابده طاهراڻي جون سنڌ يونيورسٽي لاءِ ڪيل خدمتون تاريخ جو هڪ روشن باب آهن، هزارن جي تعداد ۾ شاگرد هوندا جن جي ذهنن جي هن آبياري ڪئي، جن کي علم جي روشني سان نوازيو. اهي شاگرد جتي جتي به هوندا، ڊاڪٽر طاهراڻي طرفان مليل علم جي لاٽ کي اڳتي وڌائيندا رهندا ۽ ڊاڪٽر طاهراڻي جو هڪ پڙهيل لکيل ۽ باشعور سماج وارو خواب ساڀيان ماڻيندو رهندو. اصل ۾ هي ماڻهو جيڪي پنهنجي ذات کي نظرانداز ڪري ٻين لاءِ جيئندا آهن، ٻين جي ڀلي جو سوچيندا آهن، ٻين جي ڪاميابي ۾ خوش ٿيندا آهن، اهي ڀلي دنيا ۾ نه به رهن، پر انهن جي سوچ زنده رهندي آهي، انهن جو پيغام زنده رهندو آهي، انهن جي ٻاريل لاٽ سدائين ٻرندي رهندي آهي.
مرڻا اڳي جي مئا، سي مري ٿين نه مات،
هوندا سي حيات، جيڻا اڳي جي جيا.
سنڌ يونيورسٽي ۾ ڊاڪٽر عابده طاهراڻي جو هڪ استاد وارو دور هجي يا انتظامي سربراهه وارو دور هجي، اهي ٻئي دور مثالي دور آهن، جن کي هميشه ياد رکيو ويندو. سچ پچ رڳو سنڌ يونيورسٽي ئي پر پوري سنڌ هڪ ساڃاهه وند شخصيت جي وڇوڙي تي سوڳوار آهي.
ڪون ڪهتا هي ڪي موت آئيگي تو مر جائونگا
مين تو دريا هون سمندر مين اتر جائونگا.....


No comments:

راءِ ڏيندا